Thursday, November 1, 2012

Bald man's suggestions to get job


ٺوڙهي جون روزگار لاءِ ڏنل صلاحون
====================
منهنجو ٺوڙهو دانشور دوست اڄڪلهه ڪمائيءَ جي چڪر ۾ آهي، تمام گهڻو ڪمائي ٿو، پوءِ به هن جي حالت اهڙي جهڙي فٽ پاٿ تي گداگر جي، هڪ ٺوڙهو ٻيو شيو به نه ڪري.

پڇيومانس: ”ايڏو ٿو ڪمائين ڪرين ڪاڏي ٿو؟!“

چيائين: ”نمائش ڪيان ڇا، هونئن به ڪجهه بچي ئي نٿو

چيومانس: ”سچ ته ٻڌائيندي ڪونه، ان ڳالهه کي ڇڏ، مونکي ٻڌاءِ ته مان ڪيئن ڪمايان، ڪو طريقو ٻڌاءِ، صفا حال پورا ٿي ويا آهن

چيائين: ”وينا ملڪ ٿي وڃ، پئسا ئي پئسا، پر يار تون ته مرد آهين!“

وري چيائين: ”تون صحافي ڇو نٿو ٿيئن، واهه جو ڪمائيندين، پر اتي وري ٻيو مسئلو آهي، تو کي ان طريقي سان لکڻ ڪونه ٿو اچي، جيئن ڪمائو صحافي لکندا آهن، انکي به ڇڏ

وري چيائين: ”هڪ ٻي صلاح آهي،اها ٿوري ڏکي آهي، ڇو ته ايتري تنهنجي حيثيت به ناهي..!“

چيومانس: ”ٻڌاءِ ته صحيح، ٻڌائڻ ۾ ڇاهي؟

چيائين: ”تون سياستدان ٿي وڃ، ٿورو وقت لڳندو، هروڀرو جو ڪجهه ڏينهن جيل ڪاٽي اچ، نعرا هڻ، خوشامد ڪر، جيوي جيوي ڪر، اميد ته سياستدان ٿي ويندين، ڪوشش ڪري، ٽي ٽاڪ شوز ۾ خوشامد ڪري به اچ، ناماچاري ٿيندءِ، ۽ ان جي ضرورت به گهڻي آهي. رڳو بس مخالف پارٽين جا ترا ڪڍڻا آهن، اهو ڪو ڏکيو ڪم ناهي، تو ۾ ڳالهائڻ جا ٿورا گهڻا گر به آهن!“

مون اهو سڀ ٻڌي کيس چيو:

لڳي ٿو اڄ مزاح جي موڊ ۾ آهيو، آخري صلاح کان ته بهتر آهي، گداگري ڪيان، ڇو ته اسان واري ڪرپٽ سياستدانن کي هڪڙي شريف ماڻهوءَ سائين اصغر خان اهڙو سوگهو ڪيو آهي، جو وڃي ٿيا خير. ڪيس ٿا هلن سپريم ڪورٽ ۾ ۽ تون وري اسان غريبن کي ڦاساءِ

اوهان جي صلاح تي لڳان، جي ڪامياب به ٿي وڃان ۽ ڪو اصغر خان ڪڍ لڳي ته پوءِ هاءِ به وڃي ۽ هوءِ به.

نه سائين مان اهڙو ڪو ڪم نه ڪندس، اوهان موڊ ۾ اچو اوهان وٽ ٻيهر ايندس ڪا چڱي صلاح ڏجو، في الحال عزت جي بيروزگاري ڀلي آهي

حسام ميمڻ
1/11/2012

No comments:

Post a Comment