Friday, November 16, 2012

To sit astride


To sit astride
===========
 ويهڻ جا به ڪيترائي طريقا آهن، ڪنهن به شيءِ تي ٽنگون ڦهلائي ڪري لڙڪائڻ يعني هڪ ٽنگ هيڏي هڪ هوڏي ڪري ويهجي ته ان کي انگريزيءَ ۾ to sit astride چئبو آهي. پر ان جي ٻي معنيٰ اها به آهي ته هڪ شيءِ جي ٻن شاخن ۾ ڦهليل هجي يا والاري ته ان لاءِ به اهو ئي فريز استعمال ٿيندو آهي جيڪو ٽنگون هيڏي هوڏي ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ تصوير کي ڏسو ته ڪيٽي پرائيس گهوڙي تي جنهن انداز ۾ ويٺي آهي، هڪ ٽنگ هيڏي ۽ هڪ ٽنگ هوڏي ڪري لڙڪائي ويٺي آهي، اهو انداز to sit astride  آهي

اوهان انگريزيءَ ۾ چئي سگهو ٿا 

Katie Price sat astride on the horse
ڪيٽي پرائيس گهوڙي تي ٽنگهو ڦهلائي يا لڙڪائي ويٺي

ٻيو استعمال جملي ۾ هئين ٿيندو

Mazar e Sharif sits astride the ancient trade route between Central Asia and India
مزار شريف افغانستان ۾ هڪ مزار آهي، جنهن ڪري علائقو ئي مزار شريف سڏجي ٿو، مزار شريف ٻن حصن ۾ ڦهليل آهي، هڪڙو پاسو قديم ڪاروباري رستي ڏي وچ ايشيا ڏانهن وڃي ٿو ته ٻيو حصو وري ڀارت ڏانهن
 ____________
نوٽ:
هي انگريزي لفظ، جملا يا استعمال جيڪي مان هتي ڏئي رهيو آهيان، ڪوشش اها ڪيان پيو ته اهڙيون شيون ڏجن، جيڪي اسانجي انگريزيءَ کي روزاني زندگيءَ سان ڳنڍجي سگهجي، تنهنڪري، هن انگريزيءَ کي اسين practical English چئي سگهون ٿا، دوستن کي گهرجي ته اهي به اهڙيون شيون ونڊين ۽ ڪجهه ڪرن، خاموشيءَ کان بهتر آهي ته ڪجهه ونڊيو دوستو
  
حسام ميمڻ
17/11/2012


No comments:

Post a Comment