Sunday, November 4, 2012

Dust of your feet O Mother (Sindhi)



امان مان تنهنجي پيرن جي خاڪ آهيان
=========================

ٻالاپڻ ڪٿي وسريو آهي،
اهي ڏينهن ياد آهن. 
اسين اٺ ٿي وياسين ته ڇا ٿيو، 
پر امان جي اڳيان ته اهي ئي آهيون
ننڍڙا، بابو، ٻالڪڙا
او امان
مان تنهنجي پيرن جي خاڪ آهيان
تون چاڪ ناهين
اڄ جيڪڏهن اهو ٿي پوي
ته منهنجي حياتي توکي لڳي
سچ ته مان ويرم ئي نه ڪيان
پر ڪائنات جي جبري نظام ۾
اهو ممڪن ناهي
ڪآش منهنجي سڄي حياتي
توکي ملي پئي
پرائمريءَ ۾ پڙهيل سٽون،
زماني جي گردش ۾ مونکان وسري ويون آهن
پر پوءِ به دل تي هرن پيون
ڪنهن کڻي ٿي ڇاتيءَ لاتم
منهنجي امڙ
امڙ تنهنجا احسان 
اٺ ڪتابن جا پڙهي نٿا لاهي سگهجن
تنهنجي شفقت ۽ پيار
جي نه ڪا حد آهي
نه حساب
تون بي مثال
نه مٽ تنهنجي ڪوئي
تون بي مثل آهين
تنهنجي ڏنل لولي
تنهنجي ڏنل ٻولي
ڪڏهن نه وسرندا
مان خدا نه ڏٺو آهي
مان توکي ڏٺو آهي
توئي ئي مونکي پاليو ۽ تاتيو
جڏهن پر آيا
ته مان به پکيءَ جيئن 
تو کي ڇڏي ويس
مان ڪوتاهه نظر آهيان
مان عيبدار آهيان
مون ۾ اپار عيب آهن
پر تون ڀرجهلي آهين
منهنجي نيڻن ۾ لڙڪ آهن
مان بيوس آهيان
مون وٽ ڪجهه ناهي سواءِ 
توکي دعائون ڏيڻ جي
ڪاش توکي منهنجي 
سموري حياتي ملي پئي
تون چاڪ ٿي پئين
امان!
مان تنهنجي پيرن جي خاڪ آهيان!
__________________
حسام ميمڻ
5/11/2012

No comments:

Post a Comment