Friday, November 16, 2012

Crap


Crap
عجيب قسم جو لفظ آهي crap هن جو ڪيتريون ئي معنائون ڪڍي سگهجن ٿيون، جيڪي انگريزي موويز ڏسڻ جا شوقين آهن، انهن هي لفظ بار بار ٻڌو هوندو، خاص طور تي ڀوائتي فلمن ۾ جن کي horror movies چيو ويندو آهي، ڇو ته اهڙين فلمن ۾ اڪثر عجيب ۽ غريب ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ ۽ بڪواس قسم جون شيون ۽ واقعا گهڻا هوندا آهن، ڪريپ لفظ جون مختلف معنائون آهن، جهڙوڪ
بڪواس،
 واهيات شيءِ،
منحوس شيءِ،
 ڪرڀ آميز شيٰ
بنهه اڻوندڙ شيءِ
پيٽ ۾ وڪڙ جهڙو احساس ٿيڻ
پائخانو اچڻ
گند
گونهن جهڙي شيءِ
گونهن
مٽ وهڻ
مٽ جهڙو
مطلب ته هي هي لفظ ناقابلِ قبو شيءِ جي موٽ ۾ کيس گاريون ڏيڻ يا واهيات گيري ڪرڻ جي برابر آهي

هن جا هم معنيٰ لفظ يعني Synonyms هيٺيان آهن:
Feces
Shit
Obscene
Stool
Defecate
Movement in Bowels
Garbage
Take a shit
Piddle
Piss
Take a leak
Pee
Make water

جملن ۾ استعمال:

A lot of weird crap is happening on face book
فيس بوڪ تي عجيب ۽ غريب قسم جون ٿي رهيون آهن
The conservatives are crap, get them out
ڪنزويٽوز گند جهڙا آهن، انهن کي ٻاهر ڪڍو

___________
حسام ميمڻ
15 نومبر 2012

No comments:

Post a Comment