Thursday, January 17, 2013

109th birth Anniversary of G.M Sayed

G.M Sayed
Today is the birth day of veteran political figure from Sindh, who made it possible to pass the bill to make Pakistan as a separate Muslim State in 1947. Simply, it is fact he was one of the founding heroes, who made it sure to let Pakistan come into existence but ironical it is, he was kept arrested half of his age in jail and home and rumours were made that is so and so, but we are seeing so many persons have talked and they have analyzed the Pakistan will be broken into pieces, if the rights are not rendered to the provinces as it was pledged.

Actually, G.M Sayed was deliberately avoided discriminately, but it is now time to understand the political thoughts and ideals of Sayed to look into the history, how provinces especially Sindh (the founding province of Pakistan) deprived of rights and the movement was begun to fight for the rights and “Jeay Sindh” (long live Sindh) was echoed.

All international charters give right to fight for the right thing but here the scene is upside down in Pakistan, when Sindhi person wants his right, he is subdued and repressed, while others who had graffiti on the walls to break Sindh (to break Sindh, meant to break Pakistan) are welcomed by media and other parties support that futile voice.

Sindh is actually victimized and suppressed, G.M Sayed felt this highhandedness in the early years after Pakistan came into being; he raised voice for the rights. Today is the birth day of the great leader of Sindhi nation; we remember this leader with love and adoration

Hisam Memon
Jan 17, 2013
~~~~~~~~~~~~~~~
Simple profile of G.M Sayed

He is the son of late Syed Mohammad Shah Kazmi and the descendant of a famous saint of Sindh. Syed Haider Shah Kazmi, of whose mausoleum he is the Sajjada-nashin. He was born at village of Sann in Dadu district of Sindh, on january 17, 1904.
 His father passed away when hewas only sixteen months old.

He had no schooling at all. Whatever he learnt, that was self-tutored. However, by dint of hard work, he attained mastery over Sindhi and English languages. Similarly, he is in full command of the Urdu language which, though not his mother tongue, has often been a vehicle of the expression of his ideas.

Mr. Syed is also conversant with Arabic and Persian languages. He has also been closely attached with history, philosophy and political science. Short statured and slender in figure, Mr. Syed wields the greatest weight of his personality.

At an early age of fourteen years, he started his career as a politician. In 1919, he became the President of Local Board of his own Tehsil. Subsequently, he was elected Vice President of
Karachi District Local Board. In 1929, he became the President of Karachi District Local Board.

In 1930, he organized the Hari Conference and became its Secretary.
In 1937, he was for the first time elected a member of Sindh Legislative Assembly.

In 1938, he joined the All-India Muslim League.
In 1940, he became the Minister of Education in Sindh.
In 1941, he became one of the members of the Muslim League.
In 1943, he became the President of Sindh Muslim League.
In 1944, he played the pivotal role and got the resolution passed in the Sindh Assembly in favour of Pakistan. It was the pioneer resolution of its kind in the whole length and breadth of undivided India.

In 1946, condition compelled him to disassociate from the Muslim League.He created a new party named Progressive Muslim League. The same year he was elected as leader to the Coalition Party in
Sindh Assembly.

In 1954, he acted as the Chairman of Sindhi Adabi Board.
In 1955, he played an active part in the formation of Pakistan National Party.

In 1966, he founded the Soofis’ Society in Sindh.
In 1969, he formed Sindh United Front. But after being disappointed from national politics in 1971; he founded the "Jeay Sindh" Movement which is known as a movement to achieve "Sindhu Desh".

Mr. Syed is the author of more than sixty books. His books are on numerous subjects, ranging from literature to politics, religion and culture etc.

He a mystic, Mr. Syed has a lot of love and regards for the mystics. It is but for their services that Islam thrived.

In addition to Soofi is, he has always held in high esteem the learned men, the literacy and the poets.

Besides being a man of immense learning, Mr.Syed possesses a personality which is graceful and poised. He is highly cultured and refined in his manners. Hospitality and geniality are the glaring tracks of his personage.

Wit and humour are the key-notes of his personality.

He loves and respects even those who look at things from a different angle or through different glasses.

For decades, Sindh has been the centre where the whole of his love and energy are concentrated.

For a long time, his ambition has been to secure a rightful place for Sindh.

Mr. G.M. Syed is father of "JEAY SINDH" Movement which is known as a movement to achieve SINDHU DESH.

For the bold assertion of his ideas, after the creation of Pakistan, he has been kept either in jail or in solitary confinement for the period of more than 30 years.

* Sain GM Syed died in 25th April 1995.

Friday, January 4, 2013

I will not bow before Inam Shaikh


مان انعام شيخ کي سجدو نه ڪندس
سائين انعام شيخ جي هڪ تصوير جي حوالي سان
Mr.Inam Shaikh
نوٽ:
سائين انعام پنهنجي فيس بوڪ واري ٽائيم لائين تي پنهنجي هڪ خوبصورت تصوير رکي، جنهن کي 276 ماڻهن پسند يعني لائيڪ ڪيو ، ٽي ماڻهن ان تصوير کي پنهنجي ٽائيم تي کڻي ويا ۽ اتي ونڊ ڪيائون ۽ ڪل 108 ڪمينٽس آيل آهن ان تصوير تي، مطلب جيڪڏهن لائيڪ، ڪمينٽس ۽ شيئر کي جوڙ ڪجي ته ڪل 387 ماڻهو ٿين ٿا ۽ مان سمجهان ٿو اها هڪ سٺي موٽ آهي، پر سهيل چانڊيو هيٺ جيڪي ڪمينٽس ڪيا، اهي به غور سان پڙهيا وڃن ته هو ڇا پيو چوي ۽ ڇا پيو چاهي، جيڪڏهن دوستن ڪمينٽس نه ڪيو سائين انعام جي تصوير تي ته سڄي قوم ڄٽ ٿي وئي، جاهلي ٿي وئي، ڇا سوشل ميڊيا يا فيس بوڪ اهو ڪٿي چيو آهي يا ڪو اهڙو فارمولو دنيا ۾ آهي ڪٿي ته جيڪڏهن ڪير ڪنهن جي تصوير تي ڪمينٽ نه ڪري ته انهن ڪجهه فيس بوڪي دوستن جي ڪمينٽ نه ڪرڻ جي ڪري پوري قوم ڄٽ ۽ جاهل ٿي ويندي.

 ڇا اها ڏاهپ آهي، ڇا اها دانشمندي آهي، ڇا اهو ڪو هاڪاري جائزو يا سوچ آهي، سچ ته مونکي افسوس ٿيو، تنهنڪري، مان تفصيلي ڪمينٽ ڪيا، مونکي سائين انعام سان ڪا شڪايت ناهي، پر مان ان ٻڏ تر ۾ آهيان ته ڇا سائين انعام به اهڙن ڪمنيٽس کي پسند ڪيو آهي يا نه؟!

 ڇو ته سائين انعام جا رڳو ايترا ڪمينٽس آيا آهن ته ”جيترن پسند ڪيو آهي، اها به غنيمت آهي“ ، ان کان پوءِ سهيل چانڊيو جيڪي ڪمينٽس ڪيا آهن، اهي حيران ڪندڙ آهن، مان اهي ٻئي ڪمنيٽس هتي ڏيان ٿو ڪاپي ڪري ته جيئن ماڻهو پڙهن ۽ سهيل صاحب واري ڳالهه تي غور ڪن، ظاهر آهي مان اهڙي قسم جي ڪمينٽس سان اختلاف ئي رکي سگهان ٿو، تنهنڪري، مون کيس تفصيلي جواب ڏنو آهي، پر هتي ان ڪري ونڊيان پيو ته جيئن ٻيا دوست به پڙهن ته ماڻهو ڇا پيا چاهن ۽ انهن جي ذهنن ۾ ڇا آهي؟

حسام ميمڻ
5 جنوري 2013

سهيل چانڊيو جا ٻه ڪمينٽس
Suhail Chandio هي فوٽو سال کان مٿي هت فيس بڪ تي آهي.....سنڌ جو هڪ مڃيل ذهن...هڪ دانشور ماڻهو .....پر صرف 250 ماڻهن پسند ڪيو آهي.....هت ڪا ڇوڪري هجي ها ته سڀ پوپٽ جيان ان گل تي ڦيرا ڏيون ها ته من اهو فوٽو ٻاهر نڪري اچي ۽  ساڻس ڪچهري ڪيون....اسين سنڌي هڪ نه سڌرندڙ قوم آهيون جنهن کي فنا ٿيڻو آهي

Suhail Chandio سنڌي قوم آهي ئي ڪونه.....ماڻهن جو انبوه آهي.....جاهل ۽ ڄٽ قوم آهي. ڌاريا صحيح چوندا آهن....هنن کي سڌرڻو ئي ڪونهي.....هنن کي بينظير سان محبت ڪا نه هئي پر هوءَ هنن کي وڻندي هئي. هو هن مان جنسي لذت وٺندا هئا.... هن جي مڱڻيءَ تي ڪيئي ماڻهو پ پ پ ڇڏي ويا هئا...مخدوم خليق زمان وغيره.....هنن کي ڀٽو نه پر بينظير وڻندي هئي وري جو هوءَ مري پئي ته پوءِ وري وڌيڪ همدرد ٿي پيا......اهو هڪ ڪڙو سچ آهي

سهيل کي جواب
سهيل مون کي عجيب لڳو جڏهن قوم لفظ لکي اوهان جيڪو محترمه جي حوالي سان ڇيد ڪيو آهي، اهو سچ ۾ عجيب آهي ۽ اهو اوهان جي موضوعي دنيا سان واسطو رکندڙ خيال آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سائين انعام جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو سٺو آهي، ماڻهن کيس ان جي موٽ به ڏني آهي، پر ڪاڪي ڀيرو مل جي آڏو انعام سائينءَ جو ڪم ڇا آهي، يا شيخ اياز جي اڳيان انعام سائينءَ جو ڪم ڇا آهي، انعام سائين هڪ سٺو ليکڪ آهي، مان هن جي لکڻين کي بي حد پسند ڪندو آهيان، پر مان رڳو ايترو ٿو چوڻ چاهيان ته هميشهه جنهن به ماڻهوءَ کي ڪٿي ڪنهن سان برميچجي ته گهٽ ۾ گهٽ ان جي ليول جا ماڻهو اڳيان رکڻ گهرجن، انهن جو دور، انهن جا هم عصر وغيره، مان پيپلز پارٽيءَ جو ناهيان، پر ڪاڏي محترمه، ڪاڏي انعام سائين ۽ ڪاڏي سهيل چانڊيو، مان ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڇا چوان؟!

مان ٻن ماڻهن جا مثال ڏنا آهن (شيخ اياز ۽ ڪاڪو ڀيرو مل) جي ٻه ٽي ماڻهو ٻيا لکان ته اوهان وڌيڪ سوچي سگهو ٿا، هڪ مثال ا ايم ايڇ پنهوار صاحب آهي، هن پنهنجي جيئري ئي پنهنجي ويب سائيٽ تي ڪم ڪيو هيو ۽ زبردست ڪم، اهڙو ڪم جنهن تي ان کان اڳ ڪنهن ماڻهو نيٽ جي دنيا ۾ ڪنهن به سنڌي ماڻهوءَ نه ڪيو هيو، پنهوار صاحب کان پوءِ هن جي پٽ پنهوار صاحب جي ان ويب واري ڪم کي ٿورو گهڻو اڳتي وڌايو آهي. پنهوار صاحب پنهنجي ويب تي علمي، تاريخي ۽ پنهنجا معلوماتي آرٽيڪل ۽ تحقيقي پيپرز ته رکيا هيا، پر سنڌي جي حوالي سان گهٽ ۾ گهت 350 اڻلڀ ڪتابن جا مسودا به اسڪين ڪري رکيا، جيڪا روايت اڄ به اسان وٽ ناهي، خود سرڪاري طور تي ڪم ڪندڙ ادارا بري طرح ناڪام آهن، جن ۾ ادبي بورڊ جي ويب ڏسو، يا ٻين ڪيترن ئي ادارن جي

مان سچ ۾ اهو پڇڻ گهران ٿو ته پنهوار صاحب کي ڪيترن ماڻهن پڙهيو آهي، يقينن گهٽ ماڻهن پڙهيو آهي، ادبي لڏي مان ٿو پڇان ته ڪيترن کيس پڙهيو آهي، هاڻي جڏهن اياز، ڀيرو مل ۽ پنهوار صاحب تي ڪم ناهي ٿيو ، ته انعام شيخ تي ظاهر آهي ايترو ڪم نه ٿيندو، هلو سائين ڀيرو مل صاحب، شيخ اياز صاحب يا ڪيترن ئي ٻين ماڻهن جي دور ۾ ڪميوٽر ايترو عام نه ٿيو هيو ۽ اهي ماڻهو به ڪمپيوٽر جا ماهر نه هيا، تنهنڪري، اهي رهجي ويا، پرپوين ڇا ڪيو آهي، هاڻي دل تي هٿ رکي پاڻ ٻڌائجي ته  ان ۾عام ماڻهوءَ جو ڪهڙو ڏوهه آهي، محترمه جو قصو ڪٿان آيو ۽ ان جي حوالي سان اها گهٽيا سوچ ڪٿان آئي جو اوهان اهڙا ڪمينٽس ڪيا آهن يا جنهن خيال کي اوهان قوم ڪري استعمال ڪيو آهي، ڇا اوهان وٽ ڪو دليل آهي ته قوم جي وصف اها آهي، جيڪا اوهان ڪئي آهي؟

چلو سائين ماڻهن سائين انعام تي ڪمينٽس نه ڪيا، ته ان جو ڇا مطلب آهي، ڇا سائينءَ کي ماڻهو سجدو ڪن، جيڪڏهن ائين آهي ته مان انعام شيخ کي سجدو نه ڪندس، نه وري ٻين کي ائين ڪرڻ لاءِ چوندس، باقي اها ڳالهه ٻين سٺن لفظن ۾ به ڪري پئي سگهجي ته سائين اسان وٽ اسان جي ڀلن ماڻهن کي موٽ نٿي ڏني وڃي، مطلب ڪنهن به طرح اها ساڳي ئي ڳالهه شاندار لفظن ۾ ڪري سگهجي ٿي، ايترو اڳتي وڃڻ ۽ انتهائن کي ڇهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي ۽ اهڙيون ڳالهيون به تڏهن ڪيون وڃن جو اوهان کي بيهڻ لاءِ بالٽي به نه هجي، سچ ته مان سهيل چانڊيو جو نالو ئي پهريون دفعو سائين انعام جي تصوير جي انهن ڪمينٽس ۾ پڙهيو آهي، مون کي خبر ناهي ته سائين ڪير آهي، ڇا ڪيو اٿس، ڪهڙي معرڪا سر انجام ڏنا اٿس، ڪهڙو ماڻهن کي روزي روٽي ڏني اٿائين، يا ادب جي دنيا ۾ ڪهڙا ڪارناما آهن، مان سائين ءَ کي سچ ته نه سڃاڻا، اوهان ضرور هوشيار هوندا، دانشور هوندا، پر اوهان جي سوچ ۾ جهول اچي ويو آهي سائين!

منهنجي ڳالهه تي قرب ڪري ناراض نه ٿجو، جيئن اوهان هڪ راءِ ڏني آهي، مان به پنهنجي راءِ ڏني آهي ته اميد ته نه اوهان ناراض ٿيندا نه انعام سائينءَ جن ڪجهه دل ۾ ڪندا ۽ سچ ته انعام سائينءَ لاءِ مون وٽ عزت ۽ مان ان ڪري به گهڻو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ هو نوجوانن جو قدردان آهي، مان هن جي ڪم کان علاوه ان لاڙي جي ڪري به  سندن عزت  ڪندو آهيان، اهو رويو هڪ بهترين رويو آهي ۽ سنڌ جي نوجوان کي سپورٽ جي ضرورت آهي، سهڪار جي ضرورت آهي، سينئر ماڻهن جو فرض به آهي ته هو نوجوان کي سمجهائن، انهن سان پيار ڪن ۽ باڪس مان نڪري ڪري حقيقتن جي دنيا ۾ اچن، ڪلاس روم مان نڪرن، ڊرائينگ روم مان نڪرن ۽ ڏسن ته ٻاهرين دنيا ۾ مسڪينن وٽ به سوچ ، سمجهه ۽ قابليت آهي

ٻيو اها به خيال آرائي آهي ته سنڏي قوم آهي ئي نه ۽ ماڻهن جو انبوه آهي، مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته سائين ڇا ٿو چوڻ گهري پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڪا به قوم ماڻهن جي انبوه کان سوا ٺهي به نه سگهندي آهي، قوم ۽ قبيلي ۾ فرق آهي، قوم ۾ انبوهه هوندو آهي پر قبيلي ۾ ان شيءِ جي ضرورت ناهي هوندي، اهو ڪجهه ماڻهن تي به هلي ويندو آهي، پر عمراني حوالي سان به ڏاڍي غير مهذب راءِ آهي، جيڪا اوهان ڏني آهي سهيل سائين!

پر جنهن انداز ۽ ٽيڪنيڪ ۾ اوهان چيو آهي ته سنڌي قوم انبوهه آهي اها ڳالهه به سمجهه ۾ اچي ٿي، ها، ماڻهن ورهايل آهن، ڪنهن هڪ پليٽ فارم تي ناهن، نجات جو ڪو گڏيل پروپوزل ۽ اينجنڊا ناهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجا پنهنجا هٽ کوليا آهن، پر اهو ته پوري دنيا ۾ آهي، آفريڪا جا ماڻهو هڪ ئي نسل جا آهن يعني نيگرائيڊ (ڪارو نسل) پر اهي قبيلي جي بنياد تي ورهايل آهن ۽ هڻي هڪٻئي جا لاهه ڪڍي ڇڏيا اٿائون قبائلي نسلي تفاوت جي ڪري، هٽسي ۽ ٽوٽو قبيلن جا حال جديد دنيا جي اتهاس ۾ اوهان جي اڳيان آهن ۽ ساڳيو ڪم اسان وٽ به سالن کان ٿيندو رهيو آهي.

ٻيو اهو به ٻڌائيندو هلان ته سنڌ جي ڏاهن به سنڌ سان گهٽايو ناهي ادا، ظلم ڪيا اٿائون، هڪ هٽي، ڊراما بازي، ڪنهن کي اڳتي اچڻ جي اجازت نه ڏيڻ، بيو اهو ته هو سمجهن ٿا جيڪو هنن لکيو آهي، اهو ئي ٺيڪ ناهي،(سڀ هڪجهڙا به ناهن، ڪجهه آهن پر آهن ته صحيح نه) سالن کان هڪ ئي قسم جو رباب وڄائي رهيا آهن، جيڪي ڪجهه چئو ته اهي به انتهاپسند ٿي وڃن ٿا، اهي سڀ ڳالهيون به ذهن ۾ رکڻ گهرجن.

ڪرپشن قوم جا حال پورا ڪيا آهن، مفاد پرستي، ذات پرستي، پنهجا پرستي ۽ پاڻ پرستي، هڪ قسم جي نرگسي لاڙي ۾ ورتل آهن ماڻهو، انهن شين تي به ڌيان ڌرڻ جي ضرورت آهي

رهي ڳالهه انعام سائينءَ جي ته انعام سائينءَ جي عزت آهي ۽ رهندي، پر اسين کيس ڀليڪار ڪنداسين جيڪڏهن سائينءَ جن به ان حوالي سان ڪو تجزياتي ڪم ڪن ۽ ان جي ضرورت به آهي ۽ سائينءَ جن وٽ قابليت به آهي

ڪيترا ماڻهو هڪٻئي جي اڳ پٺ وٺي اسانجي سنڌ ۾ دانشور ٿي ويا آهن، تنهنڪري، انهن جا ور لاهڻ گهرجن، انهن شين جو جائزو وٺڻ به دانشورن جو ڪم آهي ته چوڻ جو مطلب دانشورن کي به گهرجي ته پاڻ تي ۽ سماج تي نظر ڦيرن ۽ سوچن ته ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙي اينگل رهيل آهي، جنهن تي ڪم ناهي ٿيو ۽ ڪم ڪيئن ڪبو آهي، ان حوالي سان به ڪجهه دنيا کي ڏسن وائسن.

ڪجهه دانشورن کي انهن جي رويي جي ڪري موٽ نه ملي آهي، ڪجهه دانشور رڳو پنهنجي لاءِ ئي سوچن ٿا، تنهنڪري، بند ٿيل دٻي مان نڪرڻ جي ضرورت آهي، مان اهو جنرلي چوان پيو، ڪوهڪ ماڻهو ٽارگيٽ ناهي.

گهڻيون ڳالهيون آهن، مان ننڍڙو ۽ عيبدار ماڻهو آهيان، مان سڀني کي پڙهندر آهيان، انهن ماڻهن جي عزت ڪندو آهيان، جيڪي ڪم ڪندا آهن، سو انعام سائينءَ سٺو ڪم ڪيو آهي، تنهنڪري، هن سائينءَ کي عزت جي نگاهه سان ڏسڻ اسانجو فرض آهي

مونکي خبر ناهي ته لکبو ڪيئن آهي، مون کي سچ ته خبر ناهي، بس، دل ۾ جيڪي ڳالهيون آيون سي لکيون آهن، هونئن ته ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيون آهن پر ڪيترن ماڻهن کان شايد هضم نه ٿين، تنهڪري، مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ ٿا ڪيون.

ڪنهن به دوست کي رنج ٿيو هجي ته معذرت پر ڪيترائي پاسا آهن، جن تي اسان جي ڏاهن سوچيو ئي ناهي، ۽ جيڪڏهن انهن کي عوام موٽ نٿو ڏئي ته ان عنصر تي به سوچڻ گهرجي ته ڪٿي ڏاهن جو پنهجو ڏوهه ته ناهي

رهي ڳالهه محترم جي ته، محترمه بينظير ڀٽو (شهيد) جي حوالي سان هتي ائين ڪمينٽس ڪرڻ جيئن سهيل چانڊيو ڪيو آهي اهو نه رڳو عجيب پر معيوب به آهي، ڇو ته پوري سنڌي قوم پيپلز پارٽي ناهي، اها تجزيا نگارن جي غلط فهمي آهي ۽ اها به ذاتي خيال تي مبني سووچ آهي ته محترمه کي ماڻهو جنسي حوالي سان موٽ ڏيندا هيا. پر لکين ماڻهو هن کي ڀيڻ سمجهن ٿا، ڌيءَ سمجهن ٿا، جڏهن هن جي شهادت ٿي هئي ته سنڌي ڇا پر پاڪستان جي ڪيترن گهرن ۾ ماڻهن ڏکي م ماني نه کاڌي هئي، اها موٽ ڪا اجائي موٽ نه هئي، پر هن عورت گهڻو ڪجهه ڪيو هيو، اهو ٻي ڳالهه آهي ته هن کي ڪجهه ماڻهو ٿي سگهي ٿو ائين ڏسندا به هجن، جيئن  سهيل لکيو آهي، پر جيڪڏهن ائين آهي ته اهي به لعنتي آهن ، اڪثريت محترمه جي دل سان عزت ڪندي آهي ۽ مان به.

اهو به ٻڌائندو هلان ته مان انعام سائينءَ کي يا سهيل اوهان کي اهو چوان ته فلاڻو وڏيرو مون سان ظلم ڪري ٿو يا مون سان يا منهنجي ماڻهن سان هئين ڪري ٿو ۽ اوهان کي هڪ اي ميل ڪيان ته اوهان ان جو جواب به نه ڏيندا پر محترم دبئيءَ مان ويهي ڪري ڪيترائي مسئلا حل ڪرايا، ڪيترن هارين کي قرضن مان آجو ڪيو ۽ متان سمجهو ته ڪوڙ پر مان هن سان ذاتي طور اي ميل معرفت رابطي ۾ هوس، هن کي رڳو هڪ اي ميل ڪري ڇڏيندو هوس ۽ هن اهي سمورا ڪم ڪيا، جڏهن ته ان وقت انگريزي جي هڪ سٽي به شايد مان درست لکي نه سگهندو هوس.

دوستو هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيان ٿو ته مان مسڪين ماڻهو آهيان، اوهان جي ليول ڪا وڏي ئي هوندي پر ظلم نه ڪيو ادا، سنڌي قوم ۾ اوهان وٽ اهڙي ليڊر ڪيترن سالن ۾ پيدا ٿيندي آهي، جنهن لاءِ ائين ڳالهائي وڃو ٿا، اوهان وٽ ڪهڙا رول ماڊل آهن ۽ محترمه جو ليول جو سياستدان ڇا اوهان جي پاڪستان ۾ آهي،

مان رڳو ايترو چوندس ته هوءَ سنڌ جي نياڻي هئي، اختلاف هڪ دفعو ڇا لک دفعو ڪيو پر لوئيءَ جي لڄ رکو ادا سڀ ليڪا نه لتاڙيو، اسان کي خبر آهي اوهان ڏاها آهيو ۽ اوهان جيڪا ڏاهپ ڏيکاريو ٿا ان جو اسان کي اندازو آهي، خدا کي مڃو پاڻ ته به رحم ڪيو

دعاگو
حسام ميمڻ
4 جنوري 2013
تصوير تي بحث ۽ ڪمينٽس ڪرڻ يا ڏيڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو

  • Shamsher Seelro حسام سائين مون توهان جو پورو نوٽ پڙهيو آهي.مان سهيل صاحب کان ڪجهه سوال پڇندس سائين ڇا فيس بوڪ تي ڪنهن جي تصوير يا ڪنهن پوسٽ کي لائيڪ ڪرڻ ڪنهن جي مهانتا جو پيمانو آهي؟ جي ها ته پوءِ توهان فيس بوڪ تي هزارين بڪواس، فصول ۽ غير علمي شيون ڏسندئو جن کي هزارين ماڻهن پسند ڪيو هوندو ۽ سوين ماڻهن شيئر به ڪيو هوندو.ته پوءِ ڇا ائين چئجي ته ان فوٽو واري شخصيت عظيم آهي.ٻي ڳالهه ته انعام صاحب جي تصوير کي پسند نه ڪرڻ تي توهان جو هلڪڙو ۽ ٽرڙائپ وارو رويو سمجهه کان ٻاهر آهي.انعام جي تصوير کي توهان جي توقع جي مطابق لائيڪ نه ڪرڻ جي ڪري سڄي قوم جاهل ۽ ڄٽ ٿي وئي.جي خشونت سنگهه جي تصوير کان وڌيڪ قطرينا جي تصوير کي هندوستان جا ماڻهولائيڪ ڪن ته ڇا سڄو انڊيا جاهل ٿي پوندو؟؟ جي نوم چومسڪي جي تصوير کي رڳو ويهارو کن آمريڪي پسند ڪن ته ڇا سڄو آمريڪا ڄٽ ٿي پئي ها.
    توهان لکيو آهي ته(ماڻهن) کي بينظير سان محبت ڪا نه هئي پر هوءَ هنن کي وڻندي هئي. هو هن مان جنسي لذت وٺندا هئا.ادا سڌي سئين ڳالهه آهي توهان جي اندر ۾ ڪا جنسي محرومي آهي جيڪا اٻڙڪا ڏيئي ٻاهر نڪري آئي آهي ۽ توهان ان جنسي محروميءَ کي سڄي قوم سان منصوب ڪري پنهنجي اندر جي محروميءَ کي تسڪين پيا ڏيو.
    سهيل چانڊيا صاحب توهان پنهنجي فرسٽريشن جو علاج ڪنهن سٺي نفسيات دان کان ڪرايو ته بهتر ٿيندو.
  • Hisam Memon جيڪڏهن هن ليک کي سهڻي طريقي سان پڙهڻ گهرو ته هن بلاگ تي به اهو موجود آهي

    http://memonhisam.blogspot.com/2013/01/good-picture-unfair-comments-pic-of.html
  • Amanat Ali Shah Sach Paya Chaoawha Suhail Chandio Sahb khe Lafdzan jee choond karan ghurje haa. Gaalh Faqat etri aahe :Hek Chawni Aahe, Har Shakhs Paan khe Sabh Khan Wadheek Suhno ,Siyano samjhando Aahe...
  • Hisam Memon امانت! ڪمينٽس انعام شيخ نه پر سهيل چانڊيو ڪيا آهن، پر ڳالهه اوهان جي درست آهي
  • Kazi Ayaz Mahesar Shocking!!! I can not say anything more than what Hisam has already said... Just one thing, people have right to make their idols, but this should not be at the cost of breaking other people's idols. Mr. Chandio has, indeed, behaved very irresponsibly! Should he not be brought to the justice of our collective conscience?
  • Hisam Memon شمشير سائين جيڪي سوال اوهان ڪيا آهن، خدا ڪري، سهيل جهڙا ماڻهو ائين سوچن ٿه اهي اهڙا گهٽيا رايا ڪڏهن نه ڏين، پر هتي اسان واري ذاتي ۽ موضوعي دلچسپي ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن کي ذهني بيمار ڪري ڇڏي ٿي، ساڳي فرسٽريشن تي اوهان ڳالهه ڪري ويا آهن
  • Hisam Memon Respected Kazi Ayaz Sahib I really was shocked to read comments made by Suahil, that is why, I took my sword (pen) and used timely to cut the head of non sense thing how fools are vomiting. Hope, he won't repeat such blunder again, if he goes through these detailed comments and real voice of people and learned persons
  • Kazi Ayaz Mahesar Dear Hisam, you have taken the right stance, this is our collective stand against anyone who behaves so irrational
  • Hisam Memon Thanks Kazi Sahib, you are right and I love that lady not because of being lady, but she was kind, empathetic, loving lady and great leader, I cordially think her as my sister and I'm proud, so what if many oppose me.
  • Shamsher Seelro مون انعام شيخ جي تصوير تي ٿيل سڄو بحث پڙهيو.مونکي ته سڀ کان وڌيڪ حيراني انعام شيخ تي پئي ٿئي.هن سهيل چانڊئي جي سنڌي قوم ۽ بينظير جي باري ۾ چيل غليظ لفظن تي ڪو به ري ايڪشن ڪونه ڏيکاريو پر ان جي بدران سهيل چانڊئي ڏنل پهرين ڪمينٽس تي (جنهن ۾ هن انعام جي تعريف ۾ کيس مڃيل ذهن چيو آ) سرهائيءَ جو اظهار ڪيو آهي
  • Hisam Memon I'm also confused due to this attitude to be silent, but he might have not read other comments, I don't know, why......what can I say Shamsher, I'm also confused, why he kept mum if he has gone through such comments
  • Shamsher Seelro پر حسام ڪمينٽس جو وقت ڏسو سڀ ڪمينٽس گڏ آيا آهن.هڪ ٻن منٽن جي وقفي سان
  • Hisam Memon ها پر شمشير مونکي خبر ناهي انعام خاموش ڇو رهيو آهي، اهو ته انعام ئي ڄاڻو ٿو، پر يار همراه ڪيو قهر آهي (سهيل چانڊيو) خبر ناهي اهو فيڪ آءِ ڊي آهي يا سچو، جي سچو آهي آءِ ڊي آهي ته هن اخلاقي ليڪا ته لتاڙيا پر هن ک سماج جو اهو ڀئه به نه ٿيو ته متان ڪير دف ڪري يا موچڙا هڻي... يا ته هو واقعي چريو آهي
  • Kazi Ayaz Mahesar I wonder why the people like Mr. Sohail Chandio are not able to think beyond gender!!!! Benazir Bhutto is clearly out of context here.. there cannot be any comparison what Mr. Chandio has made.. and that only on liking or not liking the picture!!! This is truly wiered and out of any sense by presuming that people loved BB because she was a woman! People loved her becuase she was more than a woman.. and more than a man, she played as the lone warrior against the forces of darkness and defeated them single-handedly!
  • Hisam Memon Agreed Kazi Sahib
  • Shamsher Seelro هي سهيل چانڊيو جي وال تان کنيل آهي:

    Suhail Chandio shared Inamullah Sheikh's photo.

    هڪ دانشور مرد کي صرف اڍائي سئو ماڻهو پسند ڪن ٿا ڇو جو هو هڪ )مرد آهي .....هتي اگر ڪنهن مائيءَ جو فوٽو هجي ها ته ” ڪتن جيان ماڻهو هن کي سونگهي سونگهي پهچن ها ۽ پنهنجي جنسي لذت جو مزو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ” لائيڪ “ جو بٽڻ دٻائين ها !.....اسين سنڌي موجوده دور جا ” هڪ ڪميڻي ۽ ڪريل ذهن جا انبوه “ آهيون.....پاڻ سوچو ۽ هن حقيقت کي تسليم ڪريو)
  • Kazi Ayaz Mahesar This reflects nothing but his own psyche, his own pathetic and sick liking of women!
  • Hisam Memon .
    شمشير سائين! ها ادا مان پڙهيو، هن تي ڇا لکان، ڪهڙي راءِ ڏيان؟!

    شمشير مان اوهان کي هڪ واقعو ٻڌايان، هڪڙو ماڻهو آهي ان جو نالو لياقت ٿهيم آهي، جنهن کي مان ڪراچيءَ کان وٺي سڃاڻا، سالن کان مون هن کي ڏٺو پئي، ڪجهه ڪتاب به پڙهيا اٿس ۽ سمجهندو آهي انگريزي 
    به هن جي سٺي آهي، ڪم خير سان ڪنهن جي به هن مهل تائين ناهي آيو، ڪجهه به هجي، مان شڪارپور جي حوالي سان پنهنجي ٽائيم لائين تي هڪ پوسٽ رکي هئي، جنهن ۾ مان ڪنهن حوالي سان اهو پڇيو هيو ته ڇا ڪنهن به دوست کي اها خبر آهي ته ڪنهن دور ۾ شڪارپور شهر ۾ سوئرن جي واڙي هئي، اها ڳالهه مون کي شڪارپور ۾ هڪ عمر رسيدهه ماڻهوءَ چاچي قلندر بخش پيرزادو ٻڌائي هئي

    ان ڳالهه تي لياقت ٿهيم ڪمينٽ ڪيو هيو ته ”شڪارپور جا سمورا ماڻهو سوئر آهن“ ان ڳالهه تي مون کي اچرج ٿيو ته هي ڪهڙي قسم جي پڙهائي لکائي ۽ دانشوري آهي، جو ڪجهه ماڻهن عيوض اوهان سڀني کي ويٺا گاريون ڏيو ۽ پاڻ کي اعليٰ ۽ بالا سمجهو

    سهيل چانڊيو لياقت کان ٻه قدم اڳتي نڪري ويو آهي، ٻيو ڪجهه به ناهي ادا!
  • Shamsher Seelro اهڙن ماڻهن کي جيترو وائکو ڪجي جيترو نندجي اوترو گهٽ آ.اسان ڪاغذ قلم وارا ماڻهو آهيو اسان رڳو قلم جي مار ڏئي سگهون ٿا ۽ حسام اهڙن ماڻهن جي خلاف لکندا ڪيو يار
  • Hisam Memon بس يار، ماڻهن جا سچ ۾ ڍڍر ڍرا ٿي ويندا جي ائين ڪيو، مان ذاتي طور سوچيندو آهيان ته دوستن کي ڇڏجي، احساس ٿيندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن بلٽ ڦري ٿو وڃي، ڇا ڪجي يار، ڪي ڪي ڳالهيون سچ ۾ برداشت نه ٿيون ٿين، الائي ڇا ڇا ذاتي طور تي کڻي برداشت ڪندو آهيان، پر اهڙين شين جي لاءِ ڪير ائين ڳالهائي دل چوندي آهي ته ڦيرائي ڏجيس.

    اسان واري optimistic ۽ empathy واري سوچ هر دفعي روڪيندي آهي، ڇڏ يار، ننڊو هوندو هيس، اسان جي ڏاڏي اسان کي ڪافي ڳالهيون ٻڌائيندي هئي، جيڪي ڪجهه ياد رهجي ويون آهن، باقي ته هڙئي وسريو ويون، اسانکي چوندي هئي ” ابا ڪک کي به ڪا تڪليف نه ڏجي، ڪڏهن موقعو مليس ته اڏري اک ۾ پوندو“ وري جو هي حال ڏسون ته ته ڪک واري ڳالهه وسري ٿي وڃي
  • Shamsher Seelro plz tag me this note Hisam Memon
  • Hisam Memon قاض صاحب هي سمجهه ۾ نه آيو ”ڪ“ ڇا آهي، پليز
  • Kazi Ayaz Mahesar ڪک پيو ته ڇا ٿيو پيارا حسام! اها اک ئي ڪهڙي جا ڪک کان ڊڄي وڃي!
  • Hisam Memon قاضي صاحب! چئو ته ٺيڪ ٿا، ڪک جو خيال ڪجي ها ته هي لکجي به نه ها، پر ڪجهه شيون اهڙيون آهن، جن تي لکڻ چاهيان ٿو، پر وري خيال ٿو ٿئي. گهڻيون شيون دل ۾ دفن ٿي وڃن ٿيون يا ڪجن ٿيون، پرده پوشي ته سٺي شيءِ آهي، پر الله ماڻهن کي به عقل ڏي ته ائين نه ڪن
  • Kazi Ayaz Mahesar Parda Poshi gar maqsad thihra, dhae hein hum per roz-e qayamat kyun! - Ayaz
  • Kazi Ayaz Mahesar Desperately waiting for Inam's comments!!
  • Hisam Memon He may be sleeping sir, everyone is not like us, the wanderers of the night
  • Hisam Memon ننڊ تي مونکي شيخ اياز جو هڪ ٽيڙو ٿو ياد اچي:

    گذري رات وئي،
    ڪئن آ مندرَ گهنڊَ تي
    پوپٽ ننڊ ڪئي!
  • Kazi Ayaz Mahesar We made it till morning- see- shama her rang mein jalti hey, sehar honey tak!!! Per asan ji sehar.. lagey tho anjan parey aahey!
  • Hisam Memon اياز صاحب جو هڪ ٻيو ٽيڙو آهي

    وڄ هڻن ٿا مون
    هن اونداهيءَ رات ۾
    سارو وقت مِرون
  • Hisam Memon قاضي صاحب
    شمشير، اوهان ۽ مون،
    اسان پنهنجي ڳالهه ڪري چڪا آهيون،
    ۽ غلط ڳالهه کي نندي چڪا آهيون
    ست ٿيڻ جو انتظار آهي
    ...See More
  • Kazi Ayaz Mahesar مان ئي ساريءَ رات ۾
    اڙي جهوڪ ڪٺو ڪير
    مان ئي ڪاريءَ رات ۾
    اياز مهيسر
  • Hisam Memon شيخ اياز:

    جيسين سِجَ اڀار
    آڌيءَ جو خوفائتا
    ڪيڏا هيٺ اُتار
  • Amanat Ali Shah Hisam Bha Milan jo Wadheek Intzar aa Ya Parathan jo ???
  • Hisam Memon امانت پراٺا پ سان آهن، انڪري ،اهي پوءِ ، پهريان دوست جو درشن
  • Kazi Ayaz Mahesar اڀران نه اڀرن
    لهندا ائين لهي ويا
    ڪيچان ڪو نه لڀن!
  • Hisam Memon .
    ڇو تون ويڳاڻو؟
    ٻيا سڀ ساٿي اڄ جا
    تنهنجو سڀاڻو

    شيخ اياز
  • Kazi Ayaz Mahesar مان نه ويڳاڻو
    تنهنجا ساٿي اڄ جا
    مان تنهجنو سڀاڻو!
  • Ayaz Ghous Memon Hisam sain afsos aa per khamoshi b aqrar jo byo naalo aa wadheek paan syana aahyo
  • Manzoor Thaheem dear Hisam Memon can u share me liaquat thaeem comments please,
  • Hisam Memon Manzoor sahib I am trying to find the image, it must be on my timeline
  • Mithal Jiskani حسام سائين، آئون ڪهڙي راءَ ڏيان!؟
    گند سان گند نه ڌوپبو...
    انعام وڏو نالو آهي، منهنجي خيال ۾ ان کي ڪو اهڙو طريقو ڳولڻ گهربو هو ته جيئن سهيل جو رايو پڙهي، ان جي تربيت ڪري ها ۽ ٻين کي به حيرت ۾ پوڻ کان بچائي ها.
    سهيل ڪير آهي، ڇا آهي، اصل يا نقل آهي، سوال اهو نه آهي پر سوال هي آهي ته سهيل جي جملن جو ردعمل ڪهڙو آيو آهي، ان جي روشني ۾ انعام جيڪو جواب لکيو آهي، اهو وڌيڪ تعجب جهڙو آهي!
    Hisam Memon
    9 hours ago · Unlike · 2
  • Hisam Memon مٺل صاحب اوهان جي راءِ جي مهرباني، راءِ نه ڏيندي به پنهنجي راءِ ڏئي ويا آهيو. جيڪو اوهان بهتر سمجهيو اهو اسان اڳيان رکيو. ڳالهه سمجهه جي آهي، ۽ هي جيڪو ڊاڪيومينٽ تيار ٿئي پيو، مون لاءِ به نئون آهي ۽ ايندڙ نسل لاءِ به ته اسان جا ماڻهو چوندا ڇا آهن ۽ ڪندا ڇا آهن. 

    ڳالهائڻ لاءِ ته گهڻو ڪجهه آهي، پر ايڏي ڳالهه کان پوءِ به جيڪڏهن ڪنهن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ۽ ڪير بضد رهي ۽ چار ماڻهو ڪٺا ٿي ڪري حقيقت کان پرده پوشي ڪري ڳالهه کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏين ته اهو رويو اسان وٽ ائين ئي آهي جيئن سنڌيءَ ۾ چئبو آهي ”ڪانوَ کي لڙ ۾ مزو“

    سچ ته هاڻ اها ڳالهه منهنجي وس کان ٻاهر آهي، ان جو فيصلو وقت ڪندو، پر پاڻ جيڪو چيو سو غلط نه هيو ته اسان جا ماڻهو سڀ ليڪا لتاڙي ٿا وڃن ۽ ان عمل کي جيڪڏهن ڪي دانشور سٺو سمجهن ٿا ته اهو به اوهان جي اڳيان آهي ۽ جنهن ڳالهه کي مان فوڪس ڪيو اها ڳالهه به سڀني جي اڳيان آهي.

    هاڻي محترمه بينظير جي ليول ماڻهن وڃي اتي بيهاري آهي ته سڀ ماڻهو هن کي جنسي طرح چاهيندا هيا ۽ سنڌي قوم آهي ئي نه، هاڻي جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو ان ڳالهه کي ويهي سپورٽ ڪن يا پسند ڪن ۽ ان ڳالهه کي مذاق ۾ دٻائڻ چاهن ٿا ته انهن جي مرضي. پاڻ ڇا ٿا ڪري سگهون

    مان ته ايترو چوندس ته اخلاقيات به ڪا شيءِ هوندي آهي، مان ڪنهن پارٽيءَ ۾ ناهيان، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو سائين جي ايم سيد لاءِ ڪو ڳٿو لفظ ڳالهائي ته مون کان برداشت نه ٿيندو ، ائين ئي جيڪڏهن ڪو ماڻهو محترمه لاءِ ائين ڪري ته اهو به ناقابلءِ برداشت آهي،پر ڪنهن به ماڻهوءِ سان ناجائزي يا بد اخلاقي ٿئي ته غلط آهي ۽ اهڙي رويي کي نندڻ گهرجي

    خدا سڀني کي خوش رکي، پر بيڪار ۽ واهيات شين ۾ ڪنهن کي به سپورٽ ڪرڻ بيڪار عمل آهي.
    6 hours ago · Like · 1
  • Mithal Jiskani ” بيڪار ۽ واهيات شين ۾ ڪنهن کي به سپورٽ ڪرڻ بيڪار عمل آهي.“...
    4 hours ago · Unlike · 3

    • Inamullah Sheikh yar husam monkhay taajub tho thay t hik i.d jeka koori aa un khay edo serious cho tha watho ain panhnjo time kanh suthay kam bajae hin bekar bahas men cho tha winjayo.... maan t ketra comments haftan khan po parhando aahya....byo t twhan khay kanh b inam khay sajdo karan lae n chayo aa. kanh b insan khay sajdo karan insanyat jee toheen aa
      16 hours ago · Like · 1
    • Inamullah Sheikh monkhay ijazat dyo t sabh comments delete kayan dosto
    • Nadeem Hussain munkhe th herat thee thiay ta hk loosi maanhun qom khe gaariyoon tho kadhe ain chawe tho ta asaan unsudhrial ahiyoon per uho loosi iho chawe tho ta inam shaikh hk manjial zihn ... hik danishwer ahe. jay sindhi qom ahri jahil ahe ta poe cha inam sindhi nahe cha. jay inam shaikh danishwer ahe th bia sindhi bh thee saghan tha, per inam shiakh in tay khush tho thiay tho ain suhail khe chawe ta pyara iha b ghaneemat ahe. hethyan suhail ja comments ahin

      Suhail Chandio هي فوٽو سال کان مٿي هت فيس بڪ تي آهي.....سنڌ جو هڪ مڃيل ذهن...هڪ دانشور ماڻهو .....پر صرف 250 ماڻهن پسند ڪيو آهي.....هت ڪا ڇوڪري هجي ها ته سڀ پوپٽ جيان ان گل تي ڦيرا ڏيون ها ته من اهو فوٽو ٻاهر نڪري اچي ۽ ساڻس ڪچهري 
      ڪيون....اسين سنڌي هڪ نه سڌرندڙ قوم آهيون جنهن کي فنا ٿيڻو آهي

      inhan comments je hethan inam shaikh paan jawab likhio ahe ain chawe tho

      Inamullah Sheikh hahaha......pyara suhail iho b ghaneemat samjh!

      in khan poe wari suhail likhe tho ta

      Suhail Chandio سنڌي قوم آهي ئي ڪونه.....ماڻهن جو انبوه آهي.....جاهل ۽ ڄٽ قوم آهي. ڌاريا صحيح چوندا آهن....هنن کي سڌرڻو ئي ڪونهي.....هنن کي بينظير سان محبت ڪا نه هئي پر هوءَ هنن کي وڻندي هئي. هو هن مان جنسي لذت وٺندا هئا.... هن جي مڱڻيءَ تي ڪيئي ماڻهو پ پ پ ڇڏي ويا هئا...مخدوم خليق زمان وغيره.....هنن کي ڀٽو نه پر بينظير وڻندي هئي وري جو هوءَ مري پئي ته پوءِ وري وڌيڪ همدرد ٿي پيا......اهو هڪ ڪڙو سچ آهي
      Friday at 7:41pm · Like

      in khan poe inam khamosh ahe ain poe aidan manhun men hik hisam ahe jahin hinan danishwaran khe yaad diario ta suhail poori qom khe gariyoon tho de, iha qomi gherat kahin khe na aai ta ahra wahiyaat comments delete kajan, inam shaikh jeko ghaneemat men khush thio au khe b yaad na aayo ta suhail chandio cha tho chawe. wah saeen wah awhan jee danishwari, awhan jahra danshwar jeke drawing rooman men wehi kahin khe b gaariyoon diyan ain diyaarin ain jekadahin awhan khe ker sahi tho chawe ta uho awhan khe kontho wane. wah danishwer sahib wah. ghor kare hee comments parho, 

      Suhail Chandio سنڌي قوم آهي ئي ڪونه.....ماڻهن جو انبوه آهي.....جاهل ۽ ڄٽ قوم آهي. ڌاريا صحيح چوندا آهن....هنن کي سڌرڻو ئي ڪونهي.....هنن کي بينظير سان محبت ڪا نه هئي پر هوءَ هنن کي وڻندي هئي. هو هن مان جنسي لذت وٺندا هئا

      diso ta awhan jay yaar cha chayo ahe, laanat ahe un tay, aida ghatia comments jekadahin awhan inhan khe buro samjho haa th delete kare chadio ha, awhan in zalil manhun je comments khe pahryaan ee delete kyo ha, je danishwar huja haa. unkhan poe wari bia danshiwer b medan tay lahan thaa in tha tha kare halia wanjan thaa. wari inam shaikh ache tho jeko chwe tho hn wat wqt ee nahe. wah sain wa. jeke b lekhak sahib ahin, uhe panhja comments parhan ain kahin b iho zihan men na ayo ta he ker ahe cho pyo gaariyoon kadhe, per ache kare iho chawan th wat nahe, bio ko kam kayo. hik manhun ache tawhan jee danishwari khe aaieeno dekhare tho wari awhan hun khe chau tha ta bio ko kam kare, anjab hin kam khan bio kam kahro. bus ada man cha chawan monkhe sharam tho ache ta awhan danishwer ahyo. sindh khe ahri danishwaran ee tabah kayo ahe,
    • Nadeem Hussain ain ha jadahin awhan suhail khe jawab dino ain chayo ghaneemat samjh ta awhan khe yad na ayo ta iho id kooro ahe per hane chao tha kooro ahe. wah wah
    • Hisam Memon انعام سائين اوهان کي اجازت آهي، اوهان مالڪ آهيو ته ڀلي پنهنجي فوٽو تان ڪمينٽ ڊليت ڪيو ، اوهان کي ڪنهن کان پڇڻ جي ضرورت ناهي. مان اوهان سان اتفاق ڪيان ٿو ۽ هاڻي ان فضول شيءِ تي وقت ڇو وڃايان ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪم آهن، هن فضول شيءِ اڳ ئي قيميتي وقت وڃائيو آهي. مهرباني
    • Inamullah Sheikh thas gd. hisam i ve deleted all including 3 of mine. now close it for good.....regards
    • Hisam Memon Inam saeen you did the best, though some are still lurking there in the prospect of prior comments you deleted

      anyway......regards
    • Inamullah Sheikh ok continue dear til the point u like.