Wednesday, April 11, 2012

Of Saeen Bashir Qureshi


حسام ميمڻ

7 اپريل 2012

سياست جي برموڊا ٽرائنگل مان اڀري ايندڙ بشير قريشي ۽ سندس لاڏاڻو

سائين بشير قريشيءَ جو لاڏاڻو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي، هن جي جاءِ ڀرڻ وڏي عرصي تائين انتهائي ڏکيو مرحلو آهي. سنڌ جي هر ماڻهوءَ ان غير وقتي لاڏاڻي جو درد محسوس ڪيو آهي ۽ هر اک آلي آهي.سڄي سنڌ پنهنجو پاڻ دڪان بند ڪري ڇڏيا، ڪن کوليا ته بعد ۾ شرمنده ٿي پاڻ ئي بند ڪري ڇڏيائون.، پر اها ڳالهه قابلِ داد آهي ته جسقم وارن ڪنهنکي دڪان کولڻ يا بند ڪرڻ لاءِ نه چيو، ڪنهن به ڪا به غنڊا گردي يا دادا گيري نه ڪئي ۽ نه ئي اهڙي ڪا شيءِ رپورٽ ٿي ته اهو اعتماد سان چئي سگهجي ٿو ته ايڏي وڏي سانحي تي ڪو جاني يا مالي نقصان نه ٿيو ته اهڙو باوقار مثال اڄ جي سياست ۾ هڪ فضليت ڀريو قدم آهي ۽ اهي سڀ سنڌي آهن ۽ سنڌي هڪ مهذب قوم آهي، اها ته ڪراچي آهي جو سوڳ ۾ به سوين بي گناهه جانيون وتيون وينديون آهن ۽ روڊن کي رت هاڻو بڻايو ويندو آهي ۽ پوءِ سائرن جا آواز هوندا آهن ۽ ميڊيا جي چرب زباني. بشير قريشيءَ جي لاڏاڻي تي، ڪراچيءَ جا به ڪجهه علائقا بند رهيا، خاص طور تي اهي علائقا بند رهيا، جتي سنڌي ماڻهن جي اڪثريت آهي،

ان رات مان ٿڪل هوس، هونئن نه ته سڄي رات ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ ڪجهه عرصي کان رڌل رهان ٿو، بتي بند ڪري ستس مس، ته موبائيل جي گهنٽي وڳي هڪ ايس ايم ايس آيو ته جيئي سنڌ قومي محاذ جو اڳواڻ بشير قريشي دل جي دوري ڪري لاڏاڻو ڪري ويو، ان وقت ٽي وي هلائي، انٽرنيٽ تي ويٺس، ان سانحي جي پڪ ٿي، پوءِ گهڻن دوستن ڏي ايس ايم ايس ڪيا، ائين رات گذري وئي، سوچيندو رهيس، ته اوچتو اهو سڀ ڪيئن ٿيو، جو هن کي موقعو ئي نه مليو ته ڪجهه بچاءُ ٿي سگهي، وري ان ئي وقت آصف بالاديءَ جي هڪ نجي چئنل تي اها ڳالهه ته هن کي ڪڏهن به دل جي تڪليف نه رهي ۽ ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، ڪي ڳالهيون ٻيون به ٻڌڻ ۾ آيون ته هن کي slow poison ڏنو ويو آهي. ماڻهو پهريان ئي پريشان هيا، ان ڳالهه وڌيڪ حيران ٿي ڪيو. هاڻي سنڌ جو محبوب قوم پرست ۽ جسقم جو اڳواڻ پنهنجي جنم هنڌ رتو ديرو ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي ۽ هن جو پوسٽ مارٽم به ڪيو ويو آهي ، جنهن جي رپورٽ ۾ 5 ڏينهن کن ٻيا لڳندا، اهو انتهائي ضروري به هيو ته هن جو پوسٽ مارٽم ڪرائجي، اهو پارٽي ۽ خاندان جي مرضيءَ مطابق ٿيو آهي، سڄي سنڌ کي ان رپورٽ جو انتظار آهي ۽ هوندو به ڇو نه، هي ڪو معمولي واقعوته نه آهي،

بشير قريشي ان مظلوم سنڌي قوم جو قومي ليڊر هيو، جنهن قوم ۾ جڏهن به ليڊر پيدا ٿيو آهي ته ان کي يا ته گوليون لڳرائي قتل ڪيو ويندو آهي، يا زهر ڏنو ويندو آهي ، يا ڦاهيءَ چاڙهيو ويندو آهي يا وري سالن جا سال نظر بند ڪري ڪيو ويندو آهي، يا وري غداريءَ جو الزام هڻي ڪردار کي داغدار ۽ متضاد بڻائي اهڙي قسم جي پروپگنڊا ڪئي ويندي آهي ان ئي پس منظر ۾ انگريزيءَ جو هي محاورو مجسم ٿي سامهون ايندو آهي ته

Give one a bad name and hang him

يعني پهريان ڪنهن کي بدنام ڪيو ۽ پوءِ کيس ڦاهيءَ چاڙهيو وڃي

اهو سڀ انڪري ڪيو ويندو آهي ته جيئن مظلوم قومن جي اندروني ۽ تخليقي سوچ کي دٻايو وڃي ته جيئن ڪير مهاڏو نه اٽڪائي ۽ چور جي ڀاءُ گنڍي ڇوڙ وارو چلتو به هلندو رهي ۽ اڀرندڙ ليڊرشپ کي دبايو وڃي. اهي سڀ حربا رڳو پاڪستان ۾ نه پر دنيا جي ڪيترين ئي رياستن ۾ نظر اچن ٿا، جتي رياستون به ائين ڪنديون رهيو ن آهي، ۽ رياستن جون چاپلوس پارٽيون به ڪنديون رهيون آهن.

پاڪستان جي رياست قومپرستن کان انڪري نفرت ڪندي آهي، جو اهي پنهجا حق گهرندا آهن ۽ جنهن رياست ۾ حق گهرڻ پاپ هجي ته اتي قومپرست سياست لاءِ ڪهڙا موقعا هوندا يا انهن جي راهه ڪيتري روشن هوندي ان ڳالهه کي سمجهڻ ڪو ايترو ڏکيو ڪونهي. ڳالهه رڳو بشير قريشيءَ جي لاڏاڻي تي ڇيهه نٿي ڪري، ڳالهه ته پوري سنڌ جي تاريخ، ثقافت، وسائلن ، روزگار، غربت ، سنڌ جي شهرن جي مالڪي ۽ ٻين ڪيترن ئي مامرن جي آهي، اهي سڀ اهي شيون آهن، جن جي پاسداري ته اقوام متحدهه جو چارٽر به ڪري ٿو، ڳالهه ته ان سنڌ جي آهي، جيڪا اڄ کان ساڍا ٽي ارب سال اڳ سمنڊ کان اڀري رهي هئي ۽ نگر پارڪر ٽڪرين جي جڙت پئي ٿي، ان وقت سينور ۽ ۽ ڪائي يا ڪل کان سوا زندگيءَ جو ڪو آثار نه هيو، ڳالهه ته سن، مانجهند ۽ ٻڍاپور جي آهي، جن جي سامهون ئي رني ڪوٽ جڙي رهيو هيو، جتي پنڊ پاهڻ ٿيل وڻ fossilized trees مليا آهن، زندگي جي ان ابتدا وقت به هيءَ ڌرتي سنڌ هئي ۽ ان کي سنڌ جي نالي سان تاريخ ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ آثارن جا ماهر ان کي سنڌ چون ٿا ۽ اهو به چون ٿا ته سنڌ جا نشان ته ملتان تائين آهن، جنهن کي Indus valley civilization چيو وڃي ٿو، موهن جو دڙو ۽ هڙاپا ته بعد جا سلسلا آهن پر ان کان اڳ به ته سنڌ هئي، جتي کنبي ڦٽي پئي، مختلف قسمن جا سينور هيا، کجيءَ جهڙي پن وارا ڦڙهي ٻوٽا (بنا کوپي ٻج وارا) اڄ وانگر ئي موجود هيا، ان وقت ٿڻن وارا جانور پوري طرح سرجيل هجن واري ڏاڪي تي ئي نه پهتا هيا، ماڻهو ته هن ڀونءَ تي پيدا ئي نه ٿيو هيو، پر اها ان وقت به سنڌ ئي هئي، ڇو ته اها ڳالهه مان نه پر پراڻي آثارن جا ماهر چون ٿا.

راما پٿيڪس (rampithecus) ، جيڪو باندر نما انسان آهي، اهو ته نگر پارڪر پهاڙي سلسلي کان گهڻو پوءِ لڳ ڀڳ 14 ملين سال اڳ جو آهي، جنهن مان چون ٿا ته هاڻوڪو انسان آهي. بعد م مهن جو دڙو، چانهونءَ جو دڙو، ڪوٽ ڏجي ثقافت، روهڙي ثقافت ۽ الائي ڇا ڇا آهي، پوي سنڌ هڪ کليل ڪتاب وانگر ڦهليل آهي، هن سنڌ جو ڪاٿو 1947 واري پاڪستان کان ڪروڙين ۽ لکين سال اڳ جو آهي، جڏهن سنڌ ايڏي وڏي هجي ، جڏهن سنڌ ايڏي تاريخي ۽ قديم هجي ته پوءِ سنڌي ماڻهو جيڪڏهن انهن جي حقن جي ڳالهه ڪرن ٿا ته ڏوهي ۽ سزاوار ۽ جيڪي ڪجهه نه ڪرن، جن وٽ سنڌ جهڙي ڪا شيءِ نه هجي ۽ اها شيءِ هلي ئي سنڌ تي ۽ مٿان ويهي داداگير ي اها ته پاڻي بند، وسائلن جي آمدنيءَ جو وڏو حصو پنجاب کنيو وڃي ۽ مٿان وري ڌارين جي وڌنڌر لوڌ ، سنڌ ۾ آباد ڪئي وڃي، سنڌ ۾ انهن کي ڪارڊ ٺهي ملن ۽ سنڌ جي شهرن تي قبضا ڪيا وڃن ۽ ڌارين کي آباد ڪرڻ جي رٿون ٺاهيون وڃن ۽ مالي غنيمت سمجهي سنڌ کي ٻنهي هٿن سان لٽيو ۽ ڦريو وڃي ۽ جيڪڏهن ان تي ڪو آواز اٿاري ته سزا، غداريءَ جو الزام، حڪومتن جا داٻا، نظربنديون، ڪوڙا، جيل، ٿاڻي، ڪچهريون، ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا، سنڌ کي سڪڙائي سڪڙائي ايترو ڪيو اٿائون ، جيتري نقشي ۾نظر اچي ٿي، پر هاڻي وري جيڪي سنڌ کي ورهائڻ ۽ ڪراچي الڳ ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا ، ان جو مطلب اهو آهي ته سنڌ جي نقشي ۾ ڦير ڦار، سنڌ جي وسائلن تي ڌاڙو، سنڌ سان ورهاڱي کان پوءِ وري هڪ ٻيو ورهاڱو، جنهن سان هڪ نه کٽندڙ خانه جنگي شروع ٿيڻ جا وڏا آثار موجود آهن، ڪراچي شهر جيڪو اصل ۾ ڪلاچي يا ڪلاچ آهي، جيڪڏهن سنڌ جا ماڻهو اها تحريڪ هلائن ته ڪراچيءَ جو اصل نالو بحال ڪيو وڃي ته ڇا ان تي به سنڌين کي ماريو ويندو يا مارايو ويندو، توڙي جو سرحد مان ڦيرائي ڪري ان کي پختونخواه ڪيو ويو آهي، جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ يادگار ۽ هڪ وڏو مثال (precedent) آهي.

سنڌ صدين کان سنڌ آهي، اها رهندي، ۽ ان سان زيادتي ٿي رهي آهي، ان جي حقن کي کاڌو پيو وڃي ، حقن لاءِ وڙهبو يا جدوجهد ڪبي، اهو ئي پيغامِ سيد هيو جنهن کي اڪثر نظر بنديءَ ۾ رکيو ۽ ايمنيسٽي انٽرنيشنل جي ايم سيد کي “ضمير جو قيدي” قرار ڏنو، جنهن جو مطلب آهي ته جيڪڏهن ڪير پنهنجي نظريي ۽ پيغام جي ڪري ڀوڳي، اهو ضمير جو قيدي هوندو آهي ۽ ان ئي پيغام کي کڻي بشير قريشيءَ سياست جي برمونڊا ٽرائنگل ۾گهڙي پيو، جتي هونئن ته وڏيون وڏيون مڇيون گم ٿي وينديون آهن پر سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي کان پوءِ صحيح طرح ايمانداري ۽ سچائيءَ سان لوور مڊل ڪلاس خاندان سان تعلق رکندڙ بشير خان سيد جي ان پيغام کي سنڌ جي جهر جهنگ کان شهر شهر ۽ پوءِ ويندي ويندي 23 مارچ تي ڪراچيءَ ۾ لکين سنڌي ماڻهن کي ڪٺو ڪيو ۽ 1940 واري قراداد کي رد ڏنو ۽ اها گونج آمريڪا جي ايوانن تائين ٻڌي وئي ۽ آمريڪين چيو ته هو freedom march کي پان monitor ڪري رهيا آهن.

بشير قريشي پاڪستان جي رياست ۾ هيٺين وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ سيد جو اهو سپاهي هيو، جنهن سنڌ جي حقن لاءِ ويڙهه ڪئي ۽ ڪيترائي ڪم سر انجام ڏنا، هن جيل کاڌا، تڪليفون سٺيون، هن تي ڪيترائي ڀيرا حملا ٿيا، هن دوستن جون بيوفائيون برداشت ڪيون، هن سڀني کي گڏجي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ته اها ڪوشش به ڀرپور ڪئي ته متحده سان ان ڳالهه تي ٺاهه ڪيائين ته هو هاڻي گڏجي سنڌي ۽ مهاجرن جي حقن جي ڳالهه ڪندا، پر ڪنهنجي من ۾ ڇا هي، اهو ته وقت ئي نروار ڪري ڇڏيندو آهي، اهو سياسي جوڙ هلي انڪري نه سگهيو جو متحده مشرف سان گڏٿي ويئي ۽ ائين هوءَ اڀرندر سج جي پويان لڳي ۽ هي سيد جو سپاهي پنهنجي جاءِ تي اٽل آدمي ٿي بيٺو، مشرف جيڪو هڪ غاصب ٿي آيو ۽ جنهن جي جي دور ۾ نواب اڪبر بگٽيءَ کي بي درديءَ سان شهيد ڪيو ويو، محترمه بي نظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، ان جي لاءِ پاڪستان جون ڪورٽس انتظار ۾ آهن، هر ماڻهوءَ جي خواهش آهي ته هو اچي ۽ هن کي به ٺاهوڪي سزا ملي ته جيئن وري ڪو اهڙو اگرو ڪم ڪرڻ جي جرئت نه ڪري، پر هي پاڪستان آهي، ڪنهن جو ڪانٽو ڪڏهن ۽ ڪٿي به ڦري سگهي ٿو، ڀلا مهراڻ اسڪينڊل ماڻهن وساري ڇڏيو ڇا، جنهن جي گنگا مان گهڻن ئي شنان ڪيو.

ڳالهائڻ لاءِ ته گهڻو ڪجهه آهي، پر 23 مارچ 2012 واري ڪيل آزادي مارچ گهڻن جا دونهان ڪڍيا، ڪيترن ئي اهو اندازو لڳايو ته سنڌي جيڪڏهن هڪ دفعو بيهجي ويا ته پوءِ پنهنجي حقن وٺڻ کان پوئتي ڪڏهن نه هٽندا، انڪري، گهڻا ئي وڦلڻ لڳا آهن، هاڻي مسئلو اهو آهي ته بشير خان جي لاڏاڻي کان پوءِ ڪير ٿو اچي ساڳي عهدي تي ۽ ڪير ٿو سرواڻي ڪري ۽ سنڌي جي حقن جي ڳالهه ڪري، اهو ته پارٽيءَ جو اندرون مسئلو آهي، پر بشير قريشيءَ جيڪي ڪم جتي ڇڏيا آهن، جيڪي سنڌ جي عوام کي فائدو ڏيندا، انهن کي جاري رکڻ قوم سان ڀلائي هوندي ۽ اهو به گمان آهي ته شايد قومپرست پارٽيون ڪنهن هڪ ئي پليٽ فارم تي کڙيون ٿي ڪو گڏيل ايجنڊا تي ڪم ڪن، جي ائين ٿيو ته اها شيءِ سنڌ جي سياست کي هڪ نئون موڙ ڏيندي ۽ بيٺل پاڻيءَ ۾ لهرون ٺاهڻ برابر هوندو، لهر يا موشن زندگي آهي. بشير قريشي هر وقت ايڪشن ۾ رهيو، هر وقت متحرڪ هيو، پوري سنڌ پيو گهمندو هيو، ماڻهن سان ملندو هيو، ماڻهن جي مالڪي ڪري رهيو هيو ۽ ايستائين جو هن سنڌ ۾ ٿيندڙ خوني تڪرارن کي به به منٿ ميڙ قافلن جي روپ ۾ ختم ڪرائڻ چاهيو، هن ماڻهوءَ جي مسلسل جدوجهد کي ڏسي لطيف سائينءَ جو هڪ بيت ٿو ياد اچي ته:

جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي

وڃي ڀون پيٺي، ساريندي کي سڄڻين!

_________________________

memonhisam@yahoo.co.uk

This article was published in Daily Ibrat Hyderabad on 10 April 2012