Friday, January 27, 2012

Prison and Resistance of Sindh for Freedom

حسام ميمڻ

27 جنوري 2012

قيد ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ مزاحمت

انگريزيءَ ۾ قيد لاءِ Prison لفظ استعمال ٿيندو آهي، جيڪو 12 صديءَ ڌاري پراڻي فرانسيسي لفظ prisoun مان ورتل آهي، 11 صديءَ ۾ قيد لاءِ لفظ prisoun استعمال ۾ هيو. پر بعد ۾ تبديل ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته pris معنيٰ جهلڻ يا وٺڻ ، هي لفظ پنهنجي وڏي جاءِ ٺاهي ويو. پر اهو به چيو وڃي ٿو ته هي لفظ لاطيني ٻوليءَ جي لفظ prensionem مان ورتو ويو، جيڪو ننڍي شڪل preson ۾ استعمال ٿيندو رهيو، جنهن جي معني به جهلڻ يا قيد ڪرڻ ئي آهي.

لفظ قيديءَ جو مادو به ساڳيو آهي 14 صديءَ جي اڌ کان جيڪي ماڻهو جنگين دوران پڪڙيا يا جهليا ويندا هيا، انهن کي قيدي يا prisoners چيو ويندو هيو. ۽ اڄ جيڪو مشهور اصطلاح آهي، جنهنکي پاڻ پيا ٻڌندا رهندا آهيون prisoner of war ، اهو اصطلاح 1670 کان استعمال ۾ آهي ۽ هڪ ٻيو اصطلاح prisoner’s dilemma يعني قيديءَ جو مونجهارو/اڻ تڻ 1957 کان استعمال ۾ آهي. پر قيد ۽ قيديءَ جي تاريخ prisoner لفظ کان تمام آڳاٽي آهي، دنيا جون مختلف تهذيبن جا پنهنجا قانون ۽ روايتون هيون ۽ انهن وٽ پنهجا پنهنجا codes هيا، جن تحت سزائون ڏيندا هيا.

اسان وٽ عمر سومرو مارئيءَ کي کنڀي کڻي ويو هيو، ۽ پنهنجي ڪوٽ ۾ هن کي رکيو هيائين، جتي عمر مارئيءَ کي سون، زيور ، کاڌا پيتا ۽ الائي ڇا ڇا کيس اڇي رهيو هيو، پر اهو ڪوٽ مارئيءَ جي لاءِ قيد هيو، معنيٰ اوهان ڪنهن کي زور سان هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ تي کڻي وڃو، ته اهو خوبصورت محل ۽ جاءِ به اوهان لاءِ قيد ئي ٿيندو.

شاهه سائين، سر مارئيءَ ۾ قيدياڻي، قيد، بندياڻي ۽ اهڙا ٻيا استعمال ڪري، قيد جي صورتحال تي مارئيءَ کان ڳالهرايو آهي ۽ ان سر ۾ اوهان چڱيءَ طرح سمجهي سگهو ٿا ته Prisoner’s dilemma يعني قيدي ڪهڙي اڻ تڻ ۾ هوندو آهي. شاهه سائينءَ جي ڪجهه بيتن جاهتي مثال ڏجن ٿا:

1. قسمت قيد ڪئي، نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾

2. قسمت قيد ٿيم، هتي اڙانگي گهاريان

3. قيدالماءِ ڪنهنجو، سو مون پاند پيو

4. هي هنڌ ڀيڻيون هاڻ، ساڙيان سڀ ڏيهن ري

5. ڀري پنهنجي ڀاڻ، پسان ملڪ ملير جو

6. ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾، لوئي هڏ م لاهه

7. جو ڏينهان ڏاڏاڻي آئيو، پيرين تنهن پوان

8. مينڍا ڌوِ نه مارئي، نه کلي، نه کاءِ

9. محلين ماندي مارئي، سدا منهن ملور

10. ڪريو منهن مهاڙ ڏي، روءِ اڀي ۽ چوءِ

11. آءُ سوڙين سمهان، مون وَرگهاري وِلهه

12. سونهن وڃايم سومرا! ميرو منهن ٿيوم

13. جهڙي آيس جيئن، تهڙي وڃان تن ڏي

14. عمر ٻَنِ جيو، کُوه منهنجوسومورا

15. مَ سپني مارئي، مئي مَ ڄائي

16. الا ائينءَ مَ هوِ، جيئن آءُ مران بند ۾

17. بالله آهيان بند ۾، ڌئان تان نه ڌَٻَر

18. جي ڪر لڌائون ، ته بنديءَ بند نه ساريو

19. واجهايو وطن کي، ساريو ساهه ڏيان

20. آءُ ڪيئن ڇڏيان سومرا! پنهوارن پچار

21. چڪي چيم چاڪ، ونهين ويڙهيچن جا

22. مون من مارو جو، ماروءَ جو منهنجو

لطيف سائينءَ جو سر مارئي، قيد جي پوري ڪيفيت، حالت، ذهني ڇڪتاڻ، پرين ۽ پنهوارن / مائٽن جي ياد، ديس جو حب، آزادي، خوشي، هر شيءِ کي بيان ڪري ٿو، ائين کڻي چئجي ته لطيف سائين اهو پهريون اڪيلو شاعر آهي، جنهن دنيا ۾ قيد ته اهڙي جامع انداز ۾ لکيو آهي، هي پهريون فيلسوف آهي، جنهن آزاديءَ جي پرزور پاسداري ڪئي ڪي آزاديءَ جو ڏس ڏنو.

لطيف سائينءَ قيد جي عقوبتن ۽ عذابن تي جيترو تفصيلي لکيو آهي، اهڙو ڪنهن ٻئي شاعر نه لکيو آهي، ۽ سنڌ کي ان شيءِ تي فخي هئڻ گهرجي اسان جا هيرا آزاديءَ جا قائل آهن ۽ قوم کي آزاديءَ جو سبق ئي ڏيندا رهيا آهن.

ون يونٽ به اسان وٽ هڪ قيد هيو، ان دور ۾ جيڪو لٽريچر سنڌيءَ ۾ لکيو ويو، اهو سمورو اهڙين پابندين کي رد ڪري ٿو، سنڌ ۾ رڳو شاعر نه پر صحافي، عام ماڻهو، دانشور، سنڌ دوست، قومپرست، سنڌي ماڻهو، اديب، شاعر ۽ سياسي روح، سڀ اهڙي هٿرادو قسم جي قيد تي ڦٽ لعنت ڪن پيا ۽ نيٺ انهن ماڻهن جو منهن ڀيلو ٿيو، جن اڪاين ملڪ کي ٺاهيو يعني پاڪستان کي ٺاهيندڙ يونٽ سوا پنجاب جي باقي ٽيئي ان ڳالهه کي رد ڪري چڪا ته اسان کي پاڪستان ۾ قيد نه ڪيو، اسان کي اوهان جو ڪجهه نٿو گهرجي، اسان وٽ جيڪو پنهجو آهي، اهو ئي اکين تي آهي، هاڻي به جيڪي پاڪستان جي ڪوڙڪيءَ ڦاٿل آهن، اهي اڄ به آزاديءَ جي ڳالهه ڪن ٿا، آزادي فقط آهي ناهي ته صوبا ڌار ٿين، پر اصل آزادي اها آهي، ته هن ملڪ تي فوج قبضو نه ڪري، پنجاب بالادستي ختم ٿيڻ گهرجي، لساني گروهه جيڪي مختلف قسم جي اشوز کي وڌائي وڻ ڪن ٿا، انهن کي زد و ڪوب ڪرڻ گهرجي، هر صوبي کي پنهنجي پنهنجي 1940 جي ٺاهراهط پٽاندڙ آزادي هئڻ گهرجي، پنجاب ڪنهن به ننڍي صوبي تي رعب تاب نه ڪري، جي اهئي ٿي پيو ته سمجهو پاڻ آزاد آهيون.

اسان وٽ قيد، قيديءَ وارو داستان پراڻو آهي، انڪري اسان جي سنڌ جي شاعرن ۾ جيل ، قيد، بند، بنديخانو، ۽ اهڙا ٻيا لفظ استعمال ٿيندا رهن ٿا. اسان وٽ سنڌ جا ليکڪ ۽ شاعر قيد ٿيندا رهيا آهن ، انهن جيل ڊائريون لکيون آهي، انهن شاعري ڪئي آهي، انهن يادگيريون لکيون آهين، انهن آتم ڪٿائون لکيون آهين ته جيئن هن قوم کي پتو پئي ته اسان سان ڇو ڇا ۽ ڪيئن ٿي رهيو آهي ۽ ڪير ڪري رهيو آهي. سنڌي قوم هر قسم جي بنديخاني جي خلاف آواز اٿاريو آهي ۽ اهڙي قسم جي هت ٺوڪين قيدن جي مخالفت ۾ سنڌ سڀني کان اڳڀري آهي ۽ اسان جي قوم جي ان حوالي سان هڪ وڏي روشن تاريخ آهي، رڳو سنڌي شاعريءَ کي اٿلائبو ۽ پٿلائبو ته پتو پوندو ته شاعر ڪيئن مختلف قسم جي قيدن کي رد ڪندا آيا آهن. شڪارپور ڄائي شيخ اياز به قيد ڪاٽيو ، فقط سچ لکڻ تي، حق لکڻ تي، ان ئي پاداش ۾ هن جيل هڪ دفعو نه پر ڪيترائي دفعا جهليو ويو، اهڙي طريقي سان کوڙ سارا شاعر ، اديب ، انقلاب، قوم پرست ۽ سنڌ دوست اسٽيبلشمينٽ ۽ آرميءَ هٿاسن سوگها ٿيندا رهيا آهن. شيخ اياز پنهجي جڳ مشهور ڪتاب “ڪَپر ٿو ڪُن ڪَري” جي آخر ۾ هڪ نظم ڏنو هيو، جيڪو قيديءَ ۽ جيلر جي وچ ۾ ڳالهه ٻولي آهي، ٿورڙو مزو اوهان ان نظم جو وٺو ته قيد جيلر کي ڇا ٿو چوي:

ڇا لاءِ ڏئين ٿو، ائين تَڙيِ

مون اڳ ئي لاٿي آهي گهڙي

ها صاحب! وقت بيهاري ڇڏ

تون ان جي چاٻي کاري ڇڏ

عبد الحڪيم ارشد جو هڪ چوسٽو ، جيڪو گهڻو ڪري هن ون يونٽ جي دور ۾ لکيو هيو ته:

زبانن تي تالا، تخيل تي پهري

لکڻ کان به وياسي، ڪڇڻ کان به وياسين

مليو جيڪڏهن ڪوئي همدم اسان سان

پري کان ئي گونگا اشارا ڪياسين

خاڪي جويو به هڪ ڊگهو نظم لکيو هيو تهۡ

پاڪستان جو مطلب ڇا

ڦاهيون، ڦٽڪا، مارشلا

هي ليک لکڻ جو مطلب اهو آهي ته سنڌي قوم هڪ باشعور قوم آهي، جيڪا پنهجي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي آهي نه ڪندي، اسان وٽ جيڪو مزاحمتي ادب سرجيو ويو، ڪهڙين حالتن ۾ لکيو ويو، ماڻهن سان ڇا ٿيو، اهي ڪير هيا، ڪٿان جا هيا، ڪهڙيون سياسي ۽ سماجي حالتون هيون ، ان حواسي اسان وٽ ڪو خاص ڪتاب يا مقالو اڃا تائين موجود ناهي، مونکي خبر ناهي ته هي ننڍڙو ليک ماڻهن کي ان ڳالهه لاءِ آماده ڪري سگهندو الائي نه، پر ايترو ضرور آهي، ته اسان جي تاريخ ٽڙيل پکڙيل آهي، اسان کي کوڙ سان ايم ايڇ پنهوار گهرجن ٿا، جيڪي ويهي تاريخ کي ڦلهوڙن ۽ بين الااقوامي ليول تي اسان جي تاريخ کي روشناس ڪرائين.

ٽيل پيس:

اهڙي مزاحمت رڳو سنڌ نه پر سموري دنيا ۾ هلي رهي آهي، فلسطين ، عراق، ڀارت، مصر، شام، ۽ ٻيا ڪيترائي ملي، کوڙ سارا دنيا جا ملڪ پنهنجي مدي خاري نظام کي لاڳو ڪيو ويٺا آهن ۽ هڪ وڏو فرق ڪري ويٺا آهن، بادشاهن لاءِ قانون گهر جي لونڊيءَ وانگر آهي ۽ ٻين لاءِ قانون هڪ ڪوڙڪي آهي. اهڙن روين کي رد ڪرڻ گهرجي، ۽ برابريءَ جي ڳالهه ڪجي ۽ دنيا ۾ هڪ اهڙي نظام جي ڳالهه ڪجي جيڪا سموري انسانيت تي لاڳو ٿئي ، سڀ برابر هجن ۽ سڀئي ئي ماڻهو پنهجي حقن جو ائين مزو ماڻين جيئن بادشاهه اڄ يا صدين کان ماڻيدا آهن، پنهجي سماج ۾ڪوڙهه جهڙا جيڪي مراعات يافته طبقا آهن جن کي Elite class چيو وڃي ٿو ، انهن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، جمهوريت برابريءَ واري هئڻ گهرجي.

memonhsiam@yahoo.co.uk

Thursday, January 26, 2012

My Poetry

حسام ميمڻ

جنوري 26، 2012

منهنجي شاعري

اوجاڳا اکين ۾ ڏس ته جذبو سرد ڪونهي ڪو

چوين ٿو تون اڃا مونکي ته ڪوئي درد ڪونهي ڪو

شهر جي ڪيئي ماڻهن ۾، هڪڙو عارضو ٿيو آ

تماشا ۽ رڳو تاڙيون، ڄڻ ڪو مرد ڪونهي ڪو

جيترو غزل ياد آيو، مان هتي لکيو آهي، هن جا ٻيا مصرع ياد نٿا اچن، هي غزل مون اڄ کان 10 سال اڳ شڪارپور ۾ رچيو هو. مان پنهنجي شاعريءَ کي گهٽ محفوظ ڪيو آهي، ۽ شايع به گهٽ ڪرائيندو آهيان، شڪارپور جو دوست نسيم شاهه اڃا تائين مونکي فون ڪري چوندو آهي ته مان کيس پنهنجي شاعري ڏيان، پر سستيءَ ۽ سڀ شيون وکريل هئڻ ڪري ، مان سائينءَ کي پنهنجي شاعري موڪلي نه سگهيو آهيان. اڄ کان 6 سال اڳ شڪارپور جي پسمنظر ۾ تڏهن بيت لکيا هيا، جڏهن مان شڪارپور ڇڏي ڪراچيءَ اچي مقيم ٿيس، ان سموري رجسٽر ۾ شڪارپور جي حوالي سان شاعري ڪئي هئي، اهو رجسٽر ڪوئي چورائي ويو، مونکي پتو ئي نه پيو.

ائين ئي اڄ کان 4 سال اڳ سائين عنايت الله ميمڻ، جيڪو شڪارپور ۾ ٽي وي ٺاهڻ جو نالي وارو ڪاريگر هيو، ان فون ڪئي ۽ چيو ته فلاڻو رجسٽر مون وٽ پيو آهي، مجاهد (سندس پٽ) ڀل ۾ مون وارو رجسٽر کڻي ويو هيو، جنهن ۾ ڊائري به لکيل آهي ۽ ڪجهه شاعري به آهي، پر سستيءَ جي ڪري، اڄ تائين هن کان وٺي نه سگهيو آهيان.

جن رسالن ۾، مان شاعري ڪئي، اهي ڪٿي آهن، ڪا خبر ناهي، ڪجهه شاعري، جڏهن مان حيدرآباد ۾ رهندو هوس، نعمت کهڙو،منهنجي شاعري ساڃاهه رسالي ۾ ڇپرائي هئي، هڪ نظم مونکي ياد آهي ته شيخ اياز جي مرتئي تي لکيو هيو.

ڪجهه شاعري، الله بخش راٺوڙ ورتي هئي، جيڪا هن سچ اخبار ۾ ڇپرائي هئي، جيڪا پڻ هن وقت مون وٽ ناهي، ڪجهه شاعري، مونکي ياد آهي، شڪارپور ۾ نسيم شاهه سمبارا اخبار لاءِ ورتي هئي، اهابه مون وٽ ناهي، ڪجهه شاعري ته ضرور مون وٽ آهي، ڪجهه شاعري مان، فيس بوڪ تي پنهنجي نوٽس ۾ محفوظ ڪئي، جيڪا شاعري ڪراچيءُ ۾ 2005 کان پوءِ ڪئي، پر ڪافي شاعري، لکي ويس رکندو، پوءِ اهو به ڏٺو ته ٻار ان جا جهاز ٺاهي پيا اڏارن، انهن کان ورتي ۽ پراڻين شين سان رکي ڇڏي، ڪجهه شاعري، مون وٽ آهي، ڪافي وڃائجي وئي. مونکي ياد آهي، جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ English ۾ ماسٽرس پئي ڪئي، تڏهن هڪ ڪافي گهڻا بيت لکيا هيا، ڪي يونورسٽيءَ جي پسمنظر ۾ هيا پر هڪ الڳ سر لکيو هيو، جنهن جو نالو مان “سر مارئي” رکيو هيو، اهي حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي دوستن کي ٻڌايا هيا ۽ انهن کي وڻيا هيا ۽ ان ۾ پهريون دفعو مون ٿورو گهڻو مزاح کان به ڪم ورتو هيو، هڪ بيت ياد آهي، سڄو سر، گم ٿي ويو ڪٿي، هن وقت بنهه ياد ناهي:

مارئيءَ جي گيٽ تي، بيٺو سپاهي

سوچي پيو ڀل نه ملي، ٽَڪو يا پائي

چڱو ٿيو آئي، ڊيوٽي منهنجي گيٽ تي

مونکي ياد اچي ٿو، شڪارپور جي ادبي سنگت ۾ پهريون پهريون سنگيت ناٽڪ “Opera” مان ئي پڙهيو هيو، ان کان اڳ ڪنهن به ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ سنگيت ناٽڪ نه پڙهيو هيو. جڏهن کان سنڌي ادبي سنگت شڪارپور ۾ هلي پئي، ممڪن آهي ته شيخ اياز سنگت شڪارپور ۾ سنگيت ناٽڪ پڙهيو هجي، پر لڳي نٿو، ڇو ته شيخ اياز ٽي سنگيت ناٽڪ لکيا آهن (دودي سومري جو موت، ڀڳت سنگهه کي ڦاسي ۽ رني ڪوٽ جا ڌاڙيل)، اها خبر سائين بيدل مسرور کي هوندي، ڇو ته هو ئي سنڌي ادبي سنگت شڪارپور کي، شڪارپور ۾ سرگرم ڪندڙ هيو ۽ هن ئي سنگت جو بنياد وڌو هيو. شيخ اياز کان پوءِ سنڌ ۾ جيتري مونکي ڄاڻ آهي ته اعجاز منگيءَ به هڪ سنگيت ناٽڪ لکيو هيو، هن اهو پنهنجي دور ۾ سنڌي ادبي سنگت ۾ پڙهيو هيو يا نه مونکي پتو ناهي، پر، مان پنهنجي دور جي ڳالهه ٿو ڪيان ته ڪنهن به اهڙي شيءَ مون واري دور ۾ نه لکي هئي. دوستن خوب ساراهيو هيو. مون وارو اهو سنگيت ناٽڪ نه رڳو، سنڌي ادبي سنگت شڪارپور وارن دوستن کي وڻيو هيو، پر ٻين به دوستن کي وڻيو هيو، ان کي نويد شيخ جرمنيءَ ۾ جڏهن پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هيو، ته هن پنهنجي آواز ۾ پڙهيو هيو، ائين کڻي چئجي ته نويد صداڪاري ڪئي هئي. پر اهو فائيل ڪمپوٽر جي هارڊ ڊسڪ سڙي وئي ته اها به هلي وئي، ۽ ان ئي سنگيت ناٽڪ کي ظهور سومرو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو هيو، ترجمي جا ڪجهه حصا هن فيس بوڪ تي شيئر به ڪيا هيا، ترجمو به دوستن کي وڻيو هيو، پر خبر ناهي، هن پورو ترجمو ڪيو الائي نه، پر هي يادگيريون دل چيو ته لکان ته جيئن منهنجي ڪجهه پيارن دوستن کي خبر پئي ته ڪنهن دور ۾ شاعري به ڪئي.

مونکي ياد آهي شڪارپور جي جيم خانه ۾ آغا سليم آيو هيو، سنڌي ادبي سنگت جا دوست به هيا، ۽ ٻيا به، سڀني شاعري پڙهي هئي، پر جڏهن دوستن چيو ته مان به ڪجهه پڙهان ته آغا سليم چيو هيو : “هي ته ڪالم لکندو آهي، شاعري به ڪندو آهي ڇا” مونکي کيس چيو هيو: “سائين، ڪڏهن ڪڏهن ڪندو آهيان”، پوءِ مون پنهنجو هڪ نظم پڙهيو هيو:

دل چوي ٿي ائين

مان به فاسٽس جيان

روح پنهجو اگر

ڪنهن حوالي ڪيان

يادِ رفته سڏيان

وقت موٽي اچي

ڪنهن گهٽيءَ ۾ وري

ناچڻي ڪا نچي

هي مهن جودڙو

سارو جاڳي پئي

سوم رس آهي ڇا

روح جهاڳي پئي

هيا ڀڪشو ڪئين

ڪيئن مهاتم هيو

گيان ۽ ڌيان ۾

ڪيئن گوتم هيو

ڊيلفيءَ ۾ وڃي

سوال هڪڙو ڪيان

ڪاٿي آهي خدا”

حال هڪڙو ڪيان

هت ته شيطان ڇا

ڪوئي انسان ڀي

وس ۾ ڪونه آ

ڪوئي نادان ڀي

روح پنهنجو پرين!

ڪنهن حوالي ڪيان

دل چوي ٿي ائين

مڌ ايڏي پيئان

(جامِ جَم ٿي وڃان)

سڀ وسري وڃي

ڪهڙو اسرار آه

موت ۽ زندگي

سوچ بيڪار آه

آغا سليم هي غزل ٻڌي پنهجي سيٽ تان اٿيو، مونڏي آيو، ڀاڪر پاتو ۽ چمي ڏني ۽ چيو: “حسام! تون ته ڪمال جو شاعر آهين”

جي پنهنجي شاعري سنڀاريان ها ته ٻٽي ڪتاب ٿي وڃن ها، شڪارپور جي ادبي سنگت ۾ جيڪا شاعري پڙهندو رهيس، تقريبن 1995 کان 2005 تائين، مان ان جو رڪارڊ به پاڻ وٽ مڪمل طور سنڀالي سگهيس ڪجهه شاعري، مون وٽ مختلف ڊائريز ۽ رجسٽرن ۾ موجود آهي، ڪجهه فيس بوڪ تي، ڪجهه ذهن ۾ آهي.

مونکي ياد آهي چڱيءَ طرح ، منهنجي هڪ وائي هئي، جيڪا رحمت ميرالي ۽ عبدالسلام منگيءَ ڳائي به هئي، اها وائي هن طرح هئي ته:

جنهن سان نينهن لڳي وڃي

پوءِ چاهيو، تنهنکي چاهي!

هي من ڀي الائي ڇاهي

اها وئي دوستن ۾ ڄڻ ته منهنجي سڃاڻپ ٿي وئي هئي، ۽ انور سومرو ٻڌائيندو هيو، ته هو جڏهن سنڌيءَ جو سبجيڪٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيندو آهي ته هو ان وائيءَ جا حوالا به شاگردن کي ڏيندو آهي

مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي، ته شڪارپور ۾ جڏهن مان پهريون دفعو گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو هوس ته هڪ غزل پڙهيو هيو:

ملي جي پئين تون امر ٿي وڃان

انڌيارن منجهان به سحر تي وچان

دوستن پهرين آمد کان وٺي ساراهيو هيو، پر مان به محبت ۽ محنت کي ملائي، سنگت ۾ وڃي شاعري پڙهندو هوس، پر هاڻي اهي ڏينهن ويا، حالتون تبديل ٿي ويون، نه مان اهو رهيو، نه ذهن اهو، نه دوست اهي، نه شهر اهو، بس، هڪ ياد آهي، جيڪا سنڀاري سگهجي ٿي!

مان شاعريءَ ۾ وزن ۽ بحر کان وڌيڪ مقصد تي ڌيان ڏيندو هوس، ميوزڪ جو خيال رکندو هوس ۽ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندو هوس، ڪا سوچ ڏيڻ چاهيندو هوس. توڙي جو مان هاڻي، شاعري ان رفتار کان سان شاعري نٿو ڪيان، هاڻي هڪ وڏو اسپيس آهي، اوليتون (priorities) مٽجي ويون آهن، پر پوءِ به، سٺي شاعري پڙهندو رهندو آهيان، شاعري پڙهڻ نه ڇڏي آهي، ۽ شاعريءَ لاءِ ڪيٽس جو هي جملو مونکي جهڙوڪ حقيقت لڳندو آهي:

A thing of beauty, joy for ever

ساراهه به ٻڌي، تنقيد به ٻڌي، پر پڙهڻ نه ڇڏيو، پڙهائي جهڙوڪ پالش آهي، جي پڙهبو نه ته پتو ڪيئن پوندو ، انڪري سٺي شاعر لاءِ مطالعو ائين آهي، جيئن بيمار کي دوا يا اڃايل کي پاڻي!

__________________________

Saturday, January 21, 2012

Sad News of Nazar Soomro's Death in UK


حسام ميمڻ


23 جنوري 2012

نظر! توکي الائي ڪنهنجي نظر لڳي وئي!؟

(شڪارپور ڄائو ڊاڪٽر نظر حسين سومرو پي ايڇ ڊي سائڪولاجي برطانيا، برطانيا ۾ گذاري ويو)



(born: 1 jan 1975-died: 21-jan 2012

شڪارپور ڄائو نظر سومرو گذاري ويو، هو ۽ مان هڪ ئي پاڙي ۾ رهندا هياسين، اسانجي گهر جي ڀت به هڪ ئي هئي، هن جو والد صاحب چاچو عبد ريڙهيءَ تي صوف ۽ ڏوڪا وڪڻدو هيو، انتهائي غريب فيملي هئي، مونکي ياد آهي، نظر سومرو ڊاڪٽر اظهر سومرو وٽ اول شاهه پڌر ۾ ڊسپينسر به هيو، اسين رات جو پاڙي ۾ويهندا هياسين، اونهارو هجي يا سيارو، ڪچهريون ڪندا هياسون.اڄ وري سيارو آهي، ڪراچيءَ ۾ هن وقت ٺيڪ ٺاڪ ٿڌ آهي، پر فهد جوڻيجو حيدرآباد مان فون ڪري جڏهن نظر جي خبر ٻڌائي ته من ۾ مچ ٻري ويو، ٻاهريون سيءُ ختم ۽ اندر جي آنڌ مانڌ وڌي ويئي. اها خبر ته هئي ته هو ڪافي بيمار ٿي پيو آهي، ايستائين جوهو هلڻ کان به لاچار ٿي پيو هيو، فيصل سان به نظر جي طبيعت جي حوالي سان ڳالهه ٿيندي رهي، فاروق سومرو ڪجهه ڏينهن اڳ فون ڪري ٻڌايو ته هاڻي نظر جي طبيعت ٺيڪ ٿيندي پئي وڃي، مان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي شيراز شيخ کي فون ڪري نظر جي ننڍي ڀاءُ جو نمبر گهريو، پر هو اڃا تائين ڏئي نه سگهيو، ساڳيو ئي نمبر مان فاروق کان به گهريو ... پر مان رهجي ويس، نظر سان ڳالهه ٻولهه ٿي نه سگهي ۽ اڄ هن جي وڇوڙي جي خبر آئي، يقين ئي نه ٿي آيو، يارن جا وڇوڙا ائين ٿي وڃن ٿا، ڪيڏا درد ڏيندڙ لمحا آهن!

نظرحسين جي بايو ڊيٽا

1 جنوري 1975 شڪارپور ۾ ڄائو

پرائمريءَ جا پنج درجا شيدڪي کوهي اسڪول مان 1985 ۾ پاس ڪيا

قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ 1990 ۾ ڪئي

سنڌ يونيورسٽيءَ مان سائڪولاجي ۾ 1997 ۾ گريجوئيشن ڪئي، فيڪلٽي به ٽاپ ۽ يونيورسٽي به ٽاپ

1998 ۾ سنڌي يونيورسٽيءَ جي نفسيات جي شعبي ۾ ريسرچ ايسوسيئٽ ٿيو

2001 ۾ ساڳئي شعبي ۾ ليڪچرر ٿيو

2008 ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو

پڙهائي جي ۽ ڪورسز جي حوالي سان پولينڊ ، آمريڪا ۽ برطانيه ويو ، هن ڪيترائي مڪاني ۽ بين الااقوامي ورڪشاپ ۽ ٽرينگس ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو

21 جنوري 2012 ۾ برين ٽيومر جي ڪري برطانيه ۾ گذاري ويو.

هن جي جنازي نماز 26 جنوري 2012 ۾ ڄامشورو ۾ پڙهائي وئي ۽ اتي ئي دفنايو يو


هن جي Dead Body اڃا يو ڪي/برطانيه ۾ آهي. ڇو ته هو اتي PH.D ڪري رهيو هيو. مون سوچيو ئي نه هيو ته ائين ٿيندو، پر ٿي ويو، هر ماڻهوءَ کي هي جهان ڇڏڻو آهي، ڪوئي هتي رهڻو ناهي، موت ئي آخري منزل آهي، پر هن جي عمر نه هئي ته هو هاڻ وڃي، پر هو هلي ويو، هن جي ناوَ سال کن کان تيار ٿي چڪي هئي، هو ان پار وڃڻو هيو، هو هليو ويو. هن جي وڇوڙي جي خبر هر ماڻهوءَ کي صدمو رسايو آهي، هر اک آلي، جنهن به نظر کي ڏٺو هيو، يا جيڪو به هن سان مليو هيو، انهن تي به ڏک جا ڪڪر ڇانيل آهن، هو ماڻهو ئي اهڙو هيو. پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو، ڪڏهن ڪنهن جي مين مين يا تون تون ۾ نه آيو، ڪڏهن مونکي نظر نه آيو ته ڪنهن سان هن منهن ڀيلو ڪيو هجي، هو پنهنجي تعليم، ڪيريئر ۽ بهتر شين ڏانهن ڌيان ڏيندو هيو..

اسانجون ڪچهريون ٿينديون هيون، مون کي به psychology سان چاهه هوندو هيو، مان به سگمنڊ فرائيڊ، الفريڊ ايڊلر، ڪيلي، ابراهم ماسلو، ۽ ٻيا نفسيات جا ماهر پڙهندو هيس، انڪري نفسيات جي علم جي لغت يا ڏکيا لفظ مون لاءَ نوان نه هيا ۽ ڪڏهن به نظر ۽ منهنجي وچ ۾ اهڙي شيءِ جي Gap نه آئي جو نظر اهو محسوس ڪري ته حسام کي هن لفظ جي تشريح يا سمجهه نٿي آئي.پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نظر جو سبجيڪٽ ئي علم نفسيات هيو، ضرور هو مونکان وڌ ئي ڄاڻي پيو. مونکي ياد آهي، هڪ ڏينهن پاڻ آتم هتيا/خودڪشي تي ڳالهايون پيا ته اها ڇو ٿئي ٿي، ان جا ڪهڙا ڪارڻ ۽ قسم آهن، ماڻهوءَ جي نفسيات ۾ ايڏو وڏو U trun ڪيئن ٿو اچي. ڳالهائيندي ڳالهائيندي، هڪ ڳالهه نظر اهڙي ڪئي، جو مونکي عجب جهڙي لڳي، مون نظر کي چيو ته اهو ڪيئن پئي ٿي سگهيو ته ماڻهو پاڻ مان جنسي مزو وٺي وٺي، پوءِ جڏهن Discharge ٿئي ته هن جو موت واقع ٿي وڃي، (پاڻ مان جنسي مزو وٺڻ کي Auto-eroticism چئبو آهي، ان جي مک قسمن منجهان Masturbation هڪ قسم آهي، عورتون ۽ مرد ٻيئي جنسي اڀار دوران اهو ڪم ڪندا آهن) پوءِ هي گهر ويو ، ڪتاب کڻي آيو ۽ مونکي اها تصوير ڏيکاريائين. مان حيران ٿي ويو هوس، ته ماڻهو واقعي وڏو ظالم ۽ جاهل آهي. اڄ ماڻهو جي بربريت ڏسي، هن جو criminal behavior ڏسي مونکي شيخ اياز جي هن بيت جي سٽ ياد ايندي آهي ته:

ماڻهوءَ منجهه مرون، ڏند ڇپائي ٿو رکي،

جيڏو هن سان وڙ، ڪندين توکي گرکندو

نظر هميشه پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏنو، هن علم نفسيات کي پنهجي زندگيءَ جو حصو بڻايو، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وڃي نالو ڪمايو ،ڊپارٽميٽ جي هيڊ ان وقت خيرالنسا جعفري هئي، جنهن جي ويجهو هئڻ ڪري نظر کي اڃا رنگ لڳو، هو پالش ٿيو ۽ سنڌ يونورسٽيءَ جي ماحول ۾ نه رڳو پاڻ کيسٺي طرح ايڊجست ڪيو، پر پاڻ به مڃايو. نظر سان يونورسٽيءَ ۾ به ملاقاتون ٿينديون هيو، پر زماني ۾ هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي خفي ۾ ٿئي ٿو، پوءِ يونورسٽيءَ ۾ هوندي به ملاقاتن ۾ ناغو ايندو ويو، مان ڊگري فائينل ۾ ڇڏي ڏني، دل نه پئي چاهيو ته هاڻي يونيورسٽيءَ ۾ پير رکجي، رهجي ويل منظر ٿي ويس، گم ٿي ويس، ڪاڏي هليو ويس، پاڻ کي ئي پتو نه هيو، بقول غالب جي:

ہم تو وہاں ہیں جہاں سے ہم کو بھی ہماری خبر نہیں آتی

جيئن رٻڙ ڇڪبو آهي ۽ وري جڏهن ان کي ڇڏبوآهي ته هو پنهنجي جاءِ تي ايندو آهي، اهڙي طرح مان وري پنهنجي جاءِ تي اچي ويس، حالتن جي عتاب مان مس وڃي جان ڇٽي، پاڻ سنڀاليو ، هوش ۾آيس ، وري دوستن سان ميل ملاقات ٿيڻ لڳي، ڪچهريون، ادبي گڏجاڻيون، کل، کيڪر، مطالعو ڄڻ ڪجهه هيو ئي نه، ماڻهو جي پاڻ سنڀالي ته زندگيءَ ۾ وري رونق اچي وڃي ٿي. منهنجي گم ٿيڻ کان پوءِ نظر اڳتي نڪري چڪو هيو، خبر پئي، دوستن ٻڌايو ته نظر ٻاهر ويو آهي، رات جو نيٽ تي ويٺس ته ياهو تي نظر به آن لائين ٿيو، يڪدم هن جو ميسيج آيو:

پيارا! ڇا حال آهي؟ نظر پڇيو

“مان ٺيڪ آهيان جاني! تون ٻڌاءِ!” مون کائنس پڇيو

“ڪٿي آهين” مان وري کائنس پڇيو

“پولينڊ” هن ٻڌايو

نظر، ان وقت Cross Cultural Studies ۾ وارسا يونيورسٽيءَ پولينڊ ۾ ڪورس ڪري رهيو هيو ۽ اهو سال 2001 هيو. پوءِ پاڻ جهٽ کن شڪارپور تي ڳالهايو هيو، پولينڊ تي ڪچهري ڪئي هئي ۽ مان اتي ئي نظر کي چيو هيو ته هن کي هڪ ٻن ڏينهن ۾ شڪارپور جي ويب سائيٽ لاءِ انٽرويو ڏيڻو آهي، جيڪو مونکي جلد کان جلد ان ويب تي ڏيڻو آهي ، جيڪا مان شڪارپور جي لاءِ ٺاهي آهي. مونکي جيترو ياد اچي ٿو ته هي ئي اهو پهريون شخص هيو ، جنهنجو مان پاڻ واري ويب لاءِ انٽرويو ڪيو هيو، نظر نه رڳو انٽرويو ڏنو هيو، پر پنهنجي تفصيلي سي وي به مون ڏانهن موڪلي هئي، جيڪا مان سهڻي طريقي سان ڊزائين ڪري ويب سائيٽ تي هلائي هئي، مونکي ياد آهي ته هڪ ٻيو همراهه هيو، ڊاڪٽر گل آغا ، جنهن جوپڻ مون انٽرويو ڪيو، ۽ هن شخص پنهجي پي ايڇ ڊيءَ جو Theses به آمريڪا مان مون ڏي موڪليو هيو. پر افسوس اهو آهي ته اهي ٻئي شيون تڏهن گم ٿي ويون، جڏهن Geocities وارن پنهجي free web hosting واري سروس بند ڪري ڇڏي، ڇو ته مان web hosting جيئو سٽيز جي مفت واري ويب سائيٽ تان ڪئي، اهي فري اسپيس ڏيندا هيا. اهي شيون هجن ها ته اڄ هن ئي لکت سان گڏ شايع ڪيان ها. (پر مون وٽ ڊاڪٽر گل آغا جو Theses آهي)


ڏيڍ سال کان مٿي ٿي ويو، مونکي ياد آهي، نظر ائين ئي اوچتو وري به ياهو ميسينجر تان اچي پيغام اماڻيو:

”پيارا! ڇا حال آهي”

“ مان ٺيڪ آهيان ۽ ڪراچيءَ ۾آهيان مٺا! ٻيو ڪاڏي

وينداسين” مون کيس جواب ڏنو

“تون ڪٿي آهين” مان کائنس پڇيو

UK ”. هن چيو

“زبردست، واهه جا ملڪ پيو گهمين، its great yar توکي ائين اڳتي ويندو ڏسي خوشي ٿيندي آهي، ائين لڳندو آهي، ڄڻ مان پاڻ اتي هجان، پر رکي رکي توسان ريس به ٿيندي آهي.” مون کيس چيو

“پي ايڇ ڊي ڪري رهيو رهيان” هن چيو

پوءِ نظر سان ڪچهريون ٿينديون رهيون، پهريان ته رات جو روز، پوءِ ناغو پئجي ويو، پوءِ بس هو گم ٿي وي، مان وچ ۾ ڏاڍو نهاريو ته متان هو آن لائين ٿئي، پر طارق به ته يو ڪي ۾ آهي، هو، نظر ، مان ۽ ٻيا ڪيترائي دوست روز اسان پاڙي ۾ ويهي ڪچهري ڪندا هياسين، پر جڏهن کان هيڏي هوڏي هرڪو مصروف ٿيو ته جهڙوڪ ملڻ جلڻ،ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهٽبو ويو، طارق به ڪڏهن روز ياهو تي مونسان راتيون ڪچهريون ڪندو هيو يوڪي مان، پر هو به غائب ٿي ويو، وڏو عرصو، اڄ هو My Shikarpur تي نظر سومرو جي تصويرسان هيٺين پيغام سان ظاهر ٿيو آهي، جهٽ اڳ، منهنجي لکڻ دوران، طارق لکيو آهي ته:

I don't like to type late but unfortunately it is realit

Today, my dilbar Dr. Nazar Hussain Soomro is No more with us.

He lost his battle with illness that he developed suddenly from nowhere after he finished his PhD degree.

He was in ICU for several months in York Hospital. Adm
itted due to a stroke, paralysis and then went on to Brain Tumour.

His janaza namaz will be in York, UK, on TUE (24th Jan), Body will be taken via PIA on WED, from London. Please do make a DUA (recit Surah Fateha, when you read this).

طارق جو هي پيغام اچڻ کانپوءِ، مان طارق کي جواب ڏنو ته:

Dear Tarik this news has jolted us here, Fahad Jun

ejo called and told from Hyd this evening that Nazar is no more. I am writing about Nazar and will post my write up in a while. We cannot forget our beloved friend. We laughed and enjoyed together at shikarpur, we all used to sit at our door and converse for the hours. It is really heart piercing news. He was thoroughly a gentleman and got his great position due to his constant efforts for his career building. He is a model for the whole Shikarpur and the youth must follow him how to build the career in this era of nepotism.


وري طارق جواب ڏنو؛

Yes Hisam i cant find words to comment, even though imagine that he is no more with us... My mind totaly went off since i heard this news ...
My silence speaks louder then my words...

وري مون کيس جواب ڏنو:

Dear Tarik, everyone has to die, but it was not the age, he passed away!

نظر! خبر ناهي توکي ڪنهنجي جي نظر لڳي وئي!

طارق پوءِ نظر جون ٻه تصويرون ٻيون (منهنجي شڪارپور) My Shikarpur تي شئير ڪيون:

مونکي ياد آهي، نظر سان آخري جيڪي ڪچهريون ٿيون، هي يوڪي جي Yorkshire۾ هيو ۽ هن ڪمال جي ڳالهه ٻڌائي ته يارڪ شاير شهر هوبهو شڪارپور وانگر آهي ۽ هن کي به دروازا آهن ۽ پنهنجي قدامت ۾ زبردست آهي، پر هن شهر جو گهڻو خيال ڪيو ويو آهي، هن جي بلڊنگس ۽ ٻين شين جي حفاظت ڪئي وئي آهي، انتهائي خوبصورت ۽ سڀاويڪ آهي.

مون ٽالڪين جي ناول تي فلمايل مووي The lord of the ring ڪيترائي ڀيرا ڏٺي آهي، مونکي ڏاڍي وڻندي آهي، فلم جو مک ڪردار Mr.Frudo ڇوڪرو آهي، هو به جنهن ڳوٺ ۾ رهندو آهي، ان جو نالو به Shire آهي، ڏاڍو خوبصورت ڳوٺ آهي، هڪ مثالي ڳوٺ، الائي ڇو، جڏهن به Shire جي نالي وارا شهر ٻڌندو يا ڏسندو آهيان ته مونکي پنهنجو شهر شڪارپور ياد ايندو آهي، شڪارپور ، جنهنجي کي نظر سومرو Yorkshire ۾ به وساري نه سگهيو، مهنجي شڪارپرو جو “ش” ۽ يارڪ شاير ۽ ٽالڪين مووي جو شاير جو “ش” مونکي وري وري پنهنجي شهر سان ملائيندو آهي، بامبي کاڌل تل شڪڙيءَ جيئن شيخ اياز کي شڪارپور سان ملايو هيو، پر شڪارپور جي شهر کي ته انگريز ملڪ لکندا رهيا آهن، خوبصورت ، ڪشادو، مالا مال، ذهين ۽ ڌنڌوڙي ماڻهن جو شهر، بئنڪن ۽ پئسن جي ڏيتي ليتيءَ جو شهر، شڪارپور ۾ سڪا به پنهنجا ٺاهيا ويا، شڪارپور ۾ ضرب خانو به پنهنجو هيو، ضربخاني ۾ سڪا ٺهندا آهن، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Mint چئبو آهي، پر اوهان پنهنجي ذهن ۾ متان Mint جي معنيٰ رڳو ڦودنو ڪڍو. شاير ڳوٺ کي ڏسي هميشه شڪارپور جو اهو ڳوٺ ياد ايندو آهي، جيڪو سنڌ واهه جي ڪپ تي ٻڌل آهي، جنهن کي شڪارپور“ڳوٺ مريد سيٺارجا ” يا مختصر لفظن ۾ “سيٺارجا” به چوندا آهن ؛ ڇو ته اتان سنڌو دريا جو پاڻي سنڌ واهه وسيلي هلي ٿو ۽ زمينون آباد ڪندو ويندو آهي، ڀلي سال ۾ اهو واهه رڳو 3 مهينا مس وهندو آهي، (اها ڳالهه رام ڄيٺملاڻي صاحب ورهاڱي کان به اڳ جي وارتا ٻڌائيندو چئي آهي) پر ان ڳوٺ جي خوبصورتيءَ جو وڏي ۾ وڏو راز ، اهو سنڌ واهه ئي آهي،اتي جي زمين سون آهي، مڇين جي کڏ تي مون پرديسي پکي ڏٺا آه، ڪوڪڙاٽن جون قطارون، سَرن تي ويهندي رنگارنگي پکي ، اوڀڙ ئي اوڀڙ، قدرت ئي قدرت، وڏي ڇڪ آهي ڳوٺن ۾، انڪري ئي مون ڳوٺ مريد سيٺارجا کي به فيس بوڪ تي آن پيج ٺاهي رکيو آهي. وڏو ميسيج آهي، The lord of the Ring ۾، هن پوري مووي يا ناول ۾ ڪٿي به Industrialization جو دهو نه پيو آهي، ڪٿي به مشينون نه ڏيکاريون ويون آهن، اها ئي اها شيءِ آهي، جنهن روسو کي سائنس خلاف کڙو ڪيو هيو، ۽ هن back to nature جو نعرو بلند ڪيو هيو، اسان کي پنهنجي ڳوٺن ڏانهن واپس ورڻ گهرجي، قدرتي نظارن ڏانهن موٽ کائڻ گهرجي، اسان جا شهر قدرتي آهن، نظر جيڪو يارڪ شاير جو ذڪر ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته هتي شين جو خيال ڪيو ويو آهي ته ان جو مطلب اهو ئي آهي ته اتان جي ماڻهن ۽ حڪمرانن ۾ civic sense آهي، نظر اها ڳالهه ڪري، ڄڻ اهو پيغام ڏنو هجي، ته “اي شڪارپور واسي! پنهنجي شهر جو خيال ڪيو!”

نظر شڪارپور جو هيو، هن محنت ڪئي، هن دنيا ڏٺي، هو هليو ويو، زندگيءَ هن سان بيوفائي ڪئي، هن جو روشن ڪيريئر شڪارپور ۽ سنڌ جي نوجوانن لاءِ هڪ وڏو پيغام آهي، پر جنهن عمر ۾ هو گذاري ويو، اها هن جي وڃڻ جي وستا نه هئي، هو سڀني کي روئڻهارڪو ڪري ويو آهي، پر ڏسڻو اهو آهي ته هو ڇڏي ڇا ويو آهي، هو کلڻو ماڻهو سڀن لاءِ هڪ ئي پيغام ڇڏي ويو آهي، ته پنهنجي ڪيريئر تي ڌيان ڏيو، پاڻ کي سڃاڻو، اوهان سڀني ۾ صلاحيتون آهن، انهن کي اجاڳر ڪيو، هو يونيورسٽي آف سنڌ جي ايلسا قاضي ڪيمپس جي Department of Testing, Guidance & Research جي شعبي ۾ اسسٽنت پروفيسر هيو، هن جگر جي جاءِ ڪو ڀري نه سگهندو، نظر، جو سمورو ڪيريئر ڪاميابين سان ڀريل آهي، هن جي ڪاميابي هن جي محبت ۽ محبت جي ڪري هئي، هن جا ڀاڳ ويا کلندا، هن کي رستا ويا ملندا، پر خبر ناهي، هن کي ننڍي وهيءَ ۾ڪنهنجي جي نظر لڳي ۽ اسان سڀني کي وڇوڙي جو ڌڪ هڻي هميشه لاءِ هليو ويو.

memonhisam@yahoo.co.uk

___________________________

هي آرٽيڪل 3 فيبروري2012 تي روزاني عبرت اخبار ۾ شايع ٿيو، هيٺين لنڪ آهي:

www.dailyibrat.com/Article_Columns/friday5.html