Wednesday, August 22, 2012


حسام ميمڻ
22آگسٽ 2012
محترمه جون مهربانيون 

اتر سنڌ جي شهرن جي سردي ته عروج تي هوندي آهي، پر گرمي به ڏسڻ وٽان هوندي آهي، انهن ڏينهن ۾شڪارپور جي  گرمي به اهڙي هئي جو ڪانوَ جي اک پئي نڪتي، مان ٽاڪ منجهند جو عرشيءَ واري ڪيفي تي ويٺو هوندو هيس، اڃا انٽرنيت کي آئي شهر ۾ مس مس ٻه ٽي سال ٿيا هيا، اسان جي ايم اي انگريزيءَ جو پاسنگ سال به 2000 هيو، اها به فائينل ۾ ڇڏي هئي، هيو ڪو ڳاراڻو، جنهن ڳڻتي ءَ ۾ اها به اڻپوري ڇڏي، توڙي جو شوق ۾ داخلا ورتي هئي ، پر جنهن Godot جو انتظار هيو، اهو ملي نه سگهيو، ائين پئي لڳو مان به ڄڻ waiting for Godot جو ڪردار هجان، جنهن جنت جي ڪڍ پيس، اها به inferno ثابت ٿي، امداد سومرو سان به انهن ئي ڏينهن ۾ ملاقات ٿي هئي، شڪارپور ۾ ڪنهن هندو ناريءَ تي اسٽوري ڪرڻ آيو هيو، زاهد نون معرفت ديوان جي هوٽل ٿي مليو هيو، هو ڪجهه پڇڻ آيو هيو، جيڪو مان هن کي ٻڌائي نه سگهيو هوس، يا هو مونکان پڇي نه سگهيو هيو، ائين زندگيءَ جا داستان رهجي ويندا آهن، ڳالهيون ڪرڻ به چاهي پر ماڻهو ڪري ناهي سگهندو، اهي ئي ڏينهن هيا، جڏهن طارق قريشي حيدرآباد ۾ چوندو هيو ته هو مون تي ناول لکي رهيو آهي، زمانا لنگهي ويا، وقت جو ولوڙو آيو، سڀ ڪک پن ٿي ويو، طارق خود ناول بڻجي اخبارن جي زينت ٿيڻ لڳو،  امداد سکر ڇڏي حيدرآباد وسائي، ، مان الائي ڪٿي اچي ويس، ڳالهيون وڌي وڻ ٿيون، وري اهي وڻ ڇڻجي، سڪجي به ويا،  ، لکڻ لاءِ ڪافي اسٽوريز، انٽرويو ۽ آرٽيڪل عبرت جي زينت بڻبا هيا، هڪ کان هڪ نئين موضوع تي لکڻ جي ڪوشش هوندي هئي، ان ڪري اسٽوريزي جي ڳولها به گهڻي هوندي هئي، انهن ڏينهن ۾ مونکي ياد آهي، امداد سومرو سکر ۾ عبرت جو بيورو چيف هوندو هيو، عبرت پيج  اي جي چانڊيو سنڀاليندو هيو، ۽ انچارج ايڊيٽر جامي چانڊيو ٿيو هيو،

مان شڪارپور ۾ هوندو هيس، مشرف جي حڪومت هئي، شوڪت عزيز ٿي سگهي ٿو ماڻهن کان هاڻي وسري به ويو هجي، پر اهو ان وقت گهڻو ڪري پاڪستان جو وزير اعظم هيو، ميري عزيز هم وطنو  جي جمهوري آمريت هئي، ۽ محترمه بي نظير ڀٽو ان وقت دبئيءَ ۾ پاڻ مرادو جلاوطنيءَ ۾ هئي، انهن ئي ڏينهن ۾ مان سوچيو هيو ته شڪارپور جي سياستدانن تي ڪتاب لکندس، ان ئي پس منظر ۾ مان ڊان جي ڪهنه مشق رائيٽر ڪائوسجيءَ سان ٿورو گهڻو رابطي ۾ آيو هوس، ۽ هن جا آرٽيڪل پڙهندو هيس ۽ کيس ان جو فيڊ بيڪ ڏيندو هوس ۽ هو به وقت سر جواب ڏيندو هيو، ڪائوسجيءَ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو هيو ته جيڪڏهن شڪارپور جي سياستدانن جي باري ۾ ڪتاب لکڻ چاهيان ٿو ته 1988 کان وٺي اخباري آرٽيڪل ۽ سياسي اسٽيٽمينٽ ڏسي وٺان، هن جي نظر ۾ ان وقت ڪا خاص شيءِ نه هئي سواءِ اخبارن جي پر هن ته اهو ئي چيو هيو ته شڪارپور جي سياست 1988 کان شروع ٿئي ٿي، ان ڪري 1988 کي بنياد بڻايان ۽ مان به هن جي راءِ سان متفق ٿيو هوس.پر وري ڪجهه خفن ۾ ڦاسي پيس، ڪتاب واري ڳالهه اڌ ۾ رهجي وئي ته بس رهجي ئي وئي، جيڪا اڃا تائين پوري ڪري نه سگهيو آهيان، وقت سان گڏ خيال به مٽجن ٿا، هر شيءِ تبدلي ٿئي ٿي، ڪيفي تي ويهڻ معمول هوندو هيو، اخبارون پڙهڻ، انٽرنيٽ واري آواراگردي (surfing) ۽ لکيدر تي دوستن سان ڪچهريون ڪرڻ ، ڪتاب پڙهڻ، اسٽوريزي ڪرڻ، نيون شيون تلاش ڪرڻ، گهمڻ گهتڻ ۽ بحث مباحثا، نوجوانن کي ايڪٽو ڪرڻ جا رستا ڳولهڻ، انساني حقن ۽ ايمنيسٽي جي اشوز تي گهري نظر رکڻ، مطلب ته اهڙا ئي خيال هوندا هيا ۽ مان هوندو هيس، نيون شيون تلاش ڪندي ڪندي، مونکي محترمه بينظير ڀٽو جي ذاتي اي ميل هٿ لڳي، جنهن وقت مان محترمه سان پهريون ڪانٽيڪٽ ڪيو هيو، ان وقت مون واري انگريزي به اهڙي ڀڳل ٽٽل هئي، جيئن غزل جي ڀيٽ ۾ نثري نظم، ڀلي ماڻهو ان کي ڪيترو به ڇرڪائيندڙ چون پر ان ۾ اهو ردم نه هيو، ان جو مونکي پورو پورو احساس هيو. بلڪه نثري نظم کان به چٽ هئي، مون واري انگريزي، ڪاڏي محترمه ۽ ڪاڏي مان، ڪو کوڙو ئي نه پيو لڳي ته مان کيس اي ميل ڪندس  ۽ هوءَ ڪو جواب ڏيندي، پهريان ته مونکي ائين لڳو ته جيڪا اي ميل هٿ لڳي آهي، اها هوندي ئي نه،  مان به اي ميل ڪري وساري ڇڏيو ته ڪو جواب ايندو، پر جڏهن جواب آيو ته سچ ۾ خوشي ٿي ۽ اهو احساس ٿيو ته هروڀرو به ڪنهن مان آسرو نه لاهي ويهجي، شيون پنهنجي وقت تي ئي ٿينديون آهن، ڪيئن ٿينديون آهن، ان جو پتو نه هوندو آهي، توڙي جو قسمت جهڙي شيءِ مونکي ڏندڪٿائي قصي جهڙي لڳندي آهي، پر اڄ امان ان شيءِ  کي قسمت کان سوا ٻيو ڪجهه چئي به نٿو سگهان، بلڪل اهڙي قسمت جهڙوڪ يوناني ڏندڪٿا جهڙي هجي، مان هن کي اهو لکيو هيو ته منهنجو والد صاحب ڀٽي صاحب کان وٺي پيپلزپارٽيءَ کي ووٽ ڏيندو اچي ٿو، پر هن ڪڏهن به ميراڻي صاحب جي بنگلي تي حاضري ناهي ڀري، نه ئي ميراڻي صاحب کيس سڃاڻي ته هي به ڪو منهنجو ووٽر آهي، مان محترمه کي چيو هيو مان هڪ اهڙي پيءُ جو پٽ آهيان، جيڪو فقط ۽ فقط جيئن ڀٽو ۾ يقين رکي ٿو ۽ هن لاءِ ٻي ڪا به پارٽي معنيٰ نٿي رکي، مان به کيس اهو چيو هيو ته مان به الائي ڇو ڪنهن به بنگلي تي وڃڻ کان لنوائيندو آهيان، الائي ڇو دل ٻڏي ويندي آهي، هيءَ اي ميل فقط انڪري، ڪري رهيو آهيان ته جيئن اوهان کي اهو پتو پوي ته پيپلز پارٽيءَ جا اصل ڪارڪن ڪهڙا آهن ۽ جيڪي ظاهر آهن ، اهي ڪهڙا آهن، اسان جو شهر تباهه ٿي رهيو آهي، ماڻهن جا مسئلا عروج تي آهن ۽ نمائندا نظر ئي نٿا اچن، گندگي، افراتفري، امن امان، ڪارو ڪاري، مطلب ته کوڙ سارن مسئلا لکيا هيا، جنهن ۾ روين تي به لکيو هيو، ۽ کيس چيو هيو ته  جي اهي حال رهيا ته پوءِ هن عوام جو ۽ عام ووٽر جا مسئلا ڪير حل ڪندو ، اوهان اهڙن مامرن تي نظر رکو ۽ اسان جي شهر تي ٿورڙو غور فرمايو ۽ اهي نمائندا جيڪي هتان چونڊبا آيا آهن انهن کي هدايتون جاري ڪيو ته اهي پنهنجي پنهنجي تڪ جي مسلئن تي غور ڪن. مون ڏي پهريان هڪ آٽوميٽيڊ جواب آيو ته اوهان جو ميسيج ملي ويو آهي ، اوهان جي مهرباني. هڪ ٻه ڏينهن رکي ، هڪ ذاتي اي ميل آئي، جنهن ۾ محترمه مونکي “مسٽر ميمڻ ” ٿي ڪري مخاطلب ٿي ۽ مان پريشان ٿي ويس، پنهنجي آڱر ۾ چڪ به پائي ڏٺو هيو ته ڪٿي خواب ته نٿو ڏسان، پر اها حقيقت هئي، هن چيو ته جيڪي به مسئلا کيس مون ٻڌايا آهن، انهن تي غور ڪيو ويندو ۽ واسطيدار ماڻهن کي هدايتون به جاري ڪبيون ته جيئن مسئلن جو حل نڪري سگهي.

مان موٽ ۾ کيس مهرباني لکي ۽ پوءِ مان اي ميل جو هڪ سلسلو شروع ڪيو، اي ميلز ڪندو رهيس، جواب ايندا رهيا، اڳتي هلي مان هڪ اڌ دوست سان ڳالهه ڪئي، پر انهن مذاق سمجهي يا ڊاڙ سمجهي ڪَن نه ڌريو، مان اها ڳالهه اقبال ڏيٿو سان به ڪئي، جيڪو ان وقت ايمنيسٽي انٽرنيشنل جو پاڪستان لاءِ سيڪريٽري جنرل هيو، هن صاحب پهريان پهريان چيو ته “واه”، ٻئي ڏينهن تي مونکي چيائين ته کيس اي ميل ايڊريس ڏيان، پوءِ مون کيس اي ميل ڏئي ڇڏي، هن به محترمه سان رابطو ڪيو، هن جو ڪم هيو انساني حق هن وري ان ڌنڌي کي ورتو ۽ محترمه ڏي اهو لکندو رهيو ته محترم آصف علي زرداريءَ کي ضمير جو قيدي قرار ڏينداسين ۽ اهي ڪوششون هلي رهيون آهن، مان پنهجو سلسلو جاري رکيو، هن پنهجو، هن کي ڇا ڪرڻو هيو، مونکي پتو نه هيو، پر ايترو پتو ضرور هيو ، جيئن لطيف سائينءَ جو بيت آهي ته:

سڀئي سهاڳڻيون، سڀني ڳچيءَ هارَ،
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، سهسين ڪن سينگار،
ڍولو تنهين جي ڍار، هيٺايون هلن جي!


هڪ ڏينهن اوچتو مهنجا ترا لڳي ويا، جڏهن شام جو گهر پهتس ته گهر وارا وڪوڙي ويا ۽ پڇڻ لڳا ته مان ڇا ڪيو آهي، مان محترمه بينظير کي ڇا لکيو آهي، مان هنن کي چيو ته مان ڪجهه به غلط نه ڪيو آهي اوهان پريشان نه  ٿيو، هنن کي اهو ڊپ ورائي ويو ته هاڻي خبر ناهي ته منهجو ڇا ٿيندو، مان الائي ڪهڙو غلط ڪم ڪيو آهي،  هنن کي بس ڦڦڙي هئي، مان گهر وارن کان پڇيو ته ٿيو ڇا آهي،  اوهان کي  ڪنهن ٻڌايو ته مان محترمه کي ڇا لکيو آهي، هنن جواب ڏنو ته ڪجهه مائٽ آيا هيا، جيڪي پيپلزپارٽيءَ ۾ آهن ۽ چئي ويا آهن ته هو وري رات جو ايندا ۽ مونسان ملندا، هنن کي ڪجهه ڳالهائڻو آهي، پوءِ وري اهي آيا، ملاقات ٿي، حال احوال ٿيا، مان حيران ان ڳالهه تي هيس ته هي جيڪي اڳ ڪڏهن به اسان ڏي نه آيا آهن، آخر هي ڪيئن آيا، پوءِ مائٽن ٻڌايو ته “ميراڻي صاحب مونکي ياد ڪري رهيو آهي، هو ملڻ ٿو چاهي، مونکي کائنس پڇيو ته هو ڇو ٿو ملڻ چاهي، خير ته آهي، هنن ٻڌايو ته محترمه هنن کي چيو آهي ته هو مون سان ملن، مون مائٽن کي چيو ته ٺيڪ آهي، اوهان ڀلي وڃو سائين، دلجاءِ ڪيو ، مان پاڻ ئي ميراڻي صاحب جن وٽ حاضري ڀريندس، مائٽن چيو ته مان هنن سان گڏ وڃان، پر مان هنن سان وڃي نه سگهيس، وري ٻٽن ڏينهن کان پوءِ  پريل مري (ان وقت صحافي هيو ۽ پيپلز پارٽيءَ جو ڪارڪن به هاڻي اين جي او جي دنيا جو ماڻهو آهي، ۽ تازي جيڪا ملاقات ٿي هئي ڪراچيءَ ۾ ان ملاقات ۾ لڳو ته پريل جي دنيا به تبديل ٿي چڪي هئي، هو ووٽ ته کڻي پارٽيءَ ئي ڪري پر هاڻي پريل اهو پريل نه هيو) آيو گهر ۽ چيائين ته مونکي ميراڻي صاحب جن مونکي ياد ڪري رهيا آهن، پوءِ مان هن سان گڏجي هن جي بنگلي تي ويس، اهو پهريون ڀيرو هيو جو مان ميراڻي صاحب جي بنگلي تي ويو هوس، اتي تر جا بيون سياسي شخصيتون به موجود هيون، جيئن اتي پهتس ته پريل ميراڻي صاحب جن کي ٻڌايو ته مان حسام آهيان، پوءِ ميراڻي صاحب جن مونسان نويڪلائيءَ ۾ حال احوال ڪيا، دعا سلام کان پوءِ چيائون ته هنن کي محترمه فون ڪري مون لاءِ ٻڌايو آهي ته مسٽر ميمڻ سان ملان، ميراڻي صاحب مونکان پڇيو ته ڪير آهيان، ڪهڙن ميمڻن مان آهيان، مون کيس پنهنجو نالو ٻڌايو ۽ والد صاحب جو، نه مونکي پيو سڃاڻي ۽ نه منهنجي والد صاحب کي، ظاهر آهي، هڪ ليڊر کي هر ڪوسڃاڻي پر ليڊر ڪٿي ايترن ماڻهن يا ووٽرن کي سڃاڻي، بيو ته سڃاڻپ تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن ڪو ميل ميلاپ هجي، اهڙي ڪا صورتحال هئي ڪونه، پر ميراڻي صاحب جن مونکي گهرايو، نويڪلائيءَ ۾ حال احوال ڪيو، ان سڀني شين لاءِ مان محترمه جو شڪر گذار هيس، نه ته ميراڻي صاحب جن پنهنجي مصروفيتن مان ايترو وقت شايد ڏئي نه سگهن ها.

ميراڻي صاحب جن ٻه ٽي هدايتون مونکي به ڪيون ته مان بجاءِ محترمه ڏي اي ميل ڪرڻ جي سندن اچي ملان يا رابطو ڪيان، ٻي ڳالهه هو اها به پڇندا رهيا ته مان اي ميل ڪٿان آندي، استاد بخاريءَ جي گيت مثل ته“ جيڪو ٿيو سو خوب ٿيو، ياد ماضي دل نه ڪر جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو”، مان انتهائي خوش ٿيس، ميراڻي صاحب جن چيو ته آئنده مان هنن سان رابطي ۾ رهان، ۽ جڏهن هنن جو وقت آيو ته هر ممڪن ڪوشش ڪبي ته مسئلا حل ڪجن ، off the record ۽ on the record کي بيان ڪرڻ جي ضرورت گهٽ آهي، محترمه سان منهنجو ڪانٽيڪٽ ڪجهه عرصي تائين رهيو، پر وري پنهنجو پاڻ ۾ ٽٻي هنئين ته گم ٿي ويس، رابطا بي ربط ٿي ويا، شڪارپور ڇڏي ڪراچيءَ پهتس، هر شيءِ وسري وئي،  تان جو محترمه پاڪستان اچي پهتي، جڏهن هوءَ پاڪستان پهتي ته دل کي جهڙوڪ هڪ آٿت مليو ته هاڻي سنڌ سنوربي، هاڻي ڪجهه نج ڪجهه اسان جا ماڻهو وري ساهه کڻندا، گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو ماحول گهڻي حد تائين ڪنٽرول هيٺ ايندو، پر اها ڪنهن کي خبر ته محترمه هن دفعي اچي ئي شهادت ماڻڻ ٿي، 18 آڪٽوبر وارو واقعو سنڌ ته ڇا پوري پاڪستان لاءِ پاڪستان ته ڇا پر پوري برصغير ۽ دنيا لاءِ هڪ ڪارو باب رقم ڪندو، ڪنهن سوچيو به نه هيو ته هن سان اهڙو ظلم ٿيندو، پر محترمه کي پتو هيو ته هن جي پويان ڪهڙا ماڻهو هٿ ڌوئي ڪڍ پيا آهن، اڄ دل ڀرجي آئي آهي، اسان اهو ٻڌو هيو ته جڏهن ڀٽي صاحب کي شهيد ڪيو ويو هيو ماڻهن جي گهرن ۾ تڏا هيا، اسان اهو ٻڌندا آيا هياسين پر ساڳيا منظر پنهنجي گهر کان وٺي ٻين جي گهرن تائين ائين نيڻ اشڪبار رهيا، منهنجي خواهش هئي ته  مان هن جو انٽريو ڪندس، پر محترمه مونکي چيو ته جيئن ته هوءَ دبئيءَ ۾ آهي، انڪري، انٽرويو ممڪن نه هيو، يا ته هوءَ پاڪستان اچي يا مان دبئيءَ وڃان، هوءَ پاڪستان آئي ته پتو نه پيو ته ايڏو وڏو سانحو ڪيئن ٿي ويو، خواب دٻجي ويا، هر شيءِ جهڙوڪ ڪک پن ٿي وئي، مونکي اهو سڀ ائين لڳندو آهي جهڙوڪ هوءَ يونان جي ڪا ديوي هئي ۽ هن جي ڪردار ۽ ليڊرشپ جا چرچا تاريخ تي وڏي عرصي تائين پنهنجي ڇاپ قائم رکندا ۽ هيءَ جيڪا حڪومت اڄ برسرِ اقتدار آهي، اها سموري محترمه جي مرهونِ منت آهي، پر مان اها ڳالهه وثوق سان ڪري سگهان ٿو ته محترمه جهڙو ليڊر شايد صدين تائين پي پي جي نصيب ۾ اچي نه سگهي، هن جو خال ڀرڻ ناممڪن آهي، اها محترمه هئي، جيڪا هر ماڻهوءَ جو قدر ڪندي هئي، هوءَ سمورن ماڻهن کي جواب ڏيندي هئي، سڀني سان رابطو رکندي هئي، انهن جو خيال ڪندي هئي ۽ پريان ويهي به ماڻهن جا مسئلا حل ڪندي هئي، هوءَ اکيون بند ڪري ويهڻ واري خاتون يا ليڊر نه هئي، هوءَ بي نظير هئي، تڏهن ئي ته هن مونکي چيو هيو ته جيئن ته هن جو انٽرويو مان شڪارپور مان ويهي ڪري نٿو سگهان، هن مونکي هڪ ايم ميل ۾ دبئي اچڻ جي دعوت به ڏني هئي ، پر اهو مون لاءِ ممڪن نه هيو، تنهنڪري، هن مونکي چيو ته في الحال مان فوزيا وهاب جو انٽرويو ڪيان، پوءِ مان فوزيا وهاب جو انٽريو ڪيو هيو، جيڪو عبرت جي ڪلر ايڊيشن جي زينت بڻيو هيو ۽ فوزيا وهاب جي گهر مونکي فاروق سومرو وٺي ويو هيو.
هي يادگيرون لکڻ جو مطلب اهو آهي ته ليڊر اهو جيڪو طمع نه رکي، ليڊر اهو جيڪو عام ۽ خاص کي ٻڌي ۽ انهن جي مفادن  لاءِ جدوجهد ڪري، ليڊر اهو، جيڪو قدردان هجي، ليڊر اهو جيڪو nepotism جو شڪار نه هجي ته رڳو پنهنجن کي ورسائڻو آهي ، ليڊر اهو جيڪو حت الامڪان ڪوشس ڪري ته ڪنهن کي به نقصان نه رسي، ليڊر اهو جيڪو بدلو نه وٺي، محترمه جا لفظ محترمه جي پٽ بلاول بيان ڪيا هيا، جيڪي هاڻي ميڊيا تي مذاح ۽ طنز ۾ تبديل ڪيا ويا آهن ته Democracy is the best revenge انهن لفظ جي معنيٰ کي عملي روپ ڌارائڻ جي ضرورت آهي، پر اها شيءِ ذاتي مفاد ۽ ڪرسيءَ جي musical chair کان گهڻي مٿي ۽ ماورا آهي،  ليڊر اهو جيو واقعي ليڊ ڪري، ليڊرشپ جي بحراني دور ۾ محترمه جهڙن ليڊرن جو ياد اچڻ سڀاويڪ آهي !

memonhisam@yahoo.co.uk