Saturday, December 31, 2011

ڪاوسجي، ڪراچي ۽ جمهوري صحافت

حسام ميمڻ

31 ڊسمبر 2011

ڪاوسجي، ڪراچي ۽ جمهوري صحافت

عبرت ۾ امداد سومرو جو آرٽيڪل پڙهيو، جيڪو هن اردشير ڪاوسجي جي ان ڳالهه تي لکيو آهي ته هن صحافت تان رٽائر ڪيو آهي ۽ Merry Christmas جي ڏهاڙي تي ڪاوسجي ڊان ۾ موڪلاڻي يا صحافت کان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي، مان چاهيان ٿو ته امداد سومرو جا ڪجهه احساس جيڪي هن ڪاوسجي لاءِ بيان ڪيا آهن، اهي هيٺ ڏيان ته جيئن ڳالهه ٿوري وڌيڪ واضح ٿئي:

1. هو اپر ڪلاس جي مفادن جو ڀرجهلو پڻ ٿي بيهندو هو ان ڪري هو جيڪڏهن ڪنهن ڊڪٽيٽر جو ظاهري طرح حامي نه به رهيو ته مخالف به نه رهيو

2. هو ذوالفقار علي ڀٽو جي ادارن کي نيشنلائيز ڪرڻ واري پاليسيءَ کان جيئن مخالف ٿي بيٺو ته ويندي ضياءَ الحق جو به جي حامي نه ته مخالف به نه رهيو

3. هو پيپلزپارٽيءَ جو ڪٽر مخالف آهي ۽ ايستائين جو محترمه جي شهادت تي به هن جو ڪالم ”محتاط پسندي“ وارو هو. بيگم نصرت ڀٽو جي حوالي کان پڻ هو بهترين ڪالم لکي سگهيو ٿي پر هن جي موت تي پڻ هن ٻه اکر نه لکيا

4. پر ڪائوسجي ڪراچيءَ جي اشرفيه سوسائٽي جو ماڻهو هو

5. هن جا جيڪي ٿورا سنڌي دوست آهن انهن ۾ الاهي بخش سومرو پڻ آهي جنهن کي هو ’آلو‘ سڏيندو آهي

6. اردشير ڪائوسجيءَ لاءِ ڪراچي پاڪستان آهي. هو سيڪيولر ۽ لبرل ۽ جناح جو پرستار آهي

7. ڄام صادق علي هجي يا ايم ڪيو ايم هو سڀني جي خلاف لکندو رهيو. پر هن جي قلم جيڪڏهن ڪنهن ڊڪٽيٽر کي رعايت ڏني ته اهو جنرل رٽائرڊ مشرف هو

8. ڪائوسجي ڪراچي جي جهنگ ۾ ان حد تائين گهيريل رائيٽر آهي جنهن مشڪل سان حيدرآباد ۽ سکر ڏٺي هوندي. ان ڪري هو سنڌ جي وسيع لينڊ اسڪيپ، ماڻهن، حالتن ۽ اشوز وغيره کان بي خبر جي نه ته اکين ڏٺو اڪائونٽ لکڻ کان قاصر رهيو آهي پر ڪراچي هن جي لاءِ ٽراءِ واري جنگ جيان رهي

9. ڪائوسجي کي پيپلزپارٽيءَ جهڙي عوامي پارٽي سان ڪا به همدردي نه رهي آهي. اصل ۾ هو ارسٽوڪريٽ آهي ۽ جناح صاحب جي ارسٽوڪريٽ سياست کان متاثر رهيو آهي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي عوامي سياست کي هو پسند نه ڪندو آهي

10.ملڪ جي لڳاتار ابتر حالتن کان مايوسيءَ جو اظهار ڪندي اردشير ڪائوسجي 25 ڊسمبر آچر واري ڪالم کي موڪلاڻي وارو ڪالم قرار ڏيندي پڙهندڙن جو ڏاڍو سڪ سان اظهار ڪيو آهي

امداد سائينءَ جي سموري آرٽيڪل جو تت مٿي بيان ڪيل ڏهه نڪتن ۾ انڪري ورجايو ويو ته جيئن اندازو ڪري سگهجي ته ڪاوسجي صاحب ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي ۽ هن ڪهڙي قسم جي صحافت پئي ڪئي. امداد هڪ گهڻ پڙهائو ، ڪهنه مشق ۽ سٺو صحافي آهي ۽ ڪاوسجي جي حوالي سان هن جو تجزيو ڪافي حد تائين ٺيڪ آهي. بس مان ڪجهه ڳالهڙيون ڪندس جيڪي صحافت جي ساڳي سلسلي ۾ ڪم جون آهن. سڀ کان پهريان ڪراچي جي ترقيءَ ۽ واڌ ويجهه جو مختصر بيان ڪجي ته جيئن خبر پوي ته ڪراچيءَ ۾ ڪاروبار ڪئين اڳتي وڌيو ۽ ايران کان آيل پارسين ڪيئن پنهنجي ڪاروبار ۽philanthropy کي گڏوگڏ هلايو. ڪراچي مڇيرن جي هڪ ننڍڙي آبادي هئي، جيڪا ڪلاچيءَ جي ڪن تي آباد هئ، جنهن کي مائي ڪولاچي چيو پئي ويو، سمنڊ جي ڪناري تي اڏيل ان ڳوٺ کان ئي مسقط ۽ بحرين تائين ڪاروبار شروع ڪيو ويو،

بنيادي طور ڪراچيءَ تي سنڌ جي ڪلهوڙن جي حڪمراني هئي، پوءِ اها شيءِ خان آف قلات جي ڪنٽرول هيٺ آئي ان وقت سامونڊي ڪاروبار کي هڪ ننڍي پورٽ ۾ تبديل ڪيو ويو.1795 ۾ ٽالپرن ڪلهوڙن کي معذول ڪيو ۽ ان ڳوٺڙي تي هاڻي مڪمل طور ٽالپرن جو ڌاڪو هيو.ٽالپرن منهوڙي وٽ ڳوٺ جي ڀرسان هڪ قلعو به اڏرايو جتي مسقط مان ڪجهه توبون به گهرايون ويون ۽ قلعي ٻاهران رکيون ويون. پهرين فيبروري 1839 هڪ برٽش شپ Wellesleyمنهوڙي جي ٻيٽ ڀرسان Anchor off ٿيو ۽ 3 فيبروري تي بنا گولي هلائڻ جي ٽالپرن هٿيار ڦٽا ڪيا، مڇيرن جي زندگي۽ مائي ڪولاچيءَ جي قسمت تبديل ٿي چڪي هئي، ۽ ٺيڪ 3 سالن کانپوءِ سنڌ کي برٽش شهنشاهيت جو حصو بڻايو ويو.

سنڌ کي اهڙي طرح هٿ ڪرڻ کان پوءِ چارلس نيپئر تڏهوڪي گورنر جنرل آف انڊيا ڏي هڪ پيغام اماڻيو جنهن ۾ هن اهوبه لکيو ته I have sinned” يعني مان گناهه جو ڪم ڪيو آهي.ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ برطانيه جي آرميءَ جون ڇانوڻيون ٺاهيون ويون. 1847 ۾ نيپئر جون بئرڪس قائم ڪيون ويون ۽ منهوڙي ۾ به اهڙين بئرڪس جو بنياد وڌو ويو.ميونسپل جون حدون 74 اسڪائر ميلن تائين وڌايون ويون، جڏهن ته شهر جي پکيڙ 4 اسڪائر ميلن تائين هئي.

اهڙي حالت ۾ ڪاروبار جي حالت ڇا هئي يا هوندي کي پرکڻ آسان آهي، ظاهر آهي، انتهائي ڏکيو ڪم هيو ۽ برطانيا جو راڄ هيو ۽ ان وقت سنڌ برٽس راڄ جي هڪ ڪالونيءَ کان سوا ٻيو ڪجهه نه هو ، پر اهڙي حالت ۾ به ڪي ماڻهو هيا، جن جوکم کڻي ڪاروبار ڪيو ۽ انهن جوکم کڻرندڙن (Risk Takers) ۾ هي ماڻهو شامل هيا:

1. حاجي ڊوسل اينڊ سنس ڪو، هن ڪمپنيءَ جنرل مرڪنڊائزنگ، فينسي شين ۽ بارود جو ڪاروبار ڪيو

2. محمد علي عليڀائي ۽ سنس، هن ڪمپنيءَ ملٽريءَ جي ٺيڪيداريءَ جو ڪيو

3. محمد علي علي ڀائي ڪريم جي ۽ سنس، هن ڪمپنيءَ هارڊويئر ، سپلاءِ ۽ ٽرانسپورٽ جو ڪم ڪيو

4. ٽي.ڪوسر ۽ ڪو، هن ڪمپنيءَ وري انجنيئرنگ ورڪس ۽ گودامن جو ڪم پئي ڪيو

5.

1861 ۾، ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين ريلوي جي پٽڙين جو پهريون ڄار وڇايو ويو، هن ئي سال ڪراچيءَ کان 10000 هزار ڪلو ميٽر پري American Civil War ٿي هلي، ان شهري جنگ دوران ئي انڊين ڪپهه جي تمام گهڻي گهر ٿي ۽ اها ئي گهر يعني demand ڪراچيءَ جي ڪاروبار لاءِ هڪ boom (اڀار/لهر) ٿي اڀري، ان دوران ڪراچي پورٽ جو ڪل ڪاروباري ملهه/قدر جنهن کي Total Trade value چئجي ، وڌي ڪري 6.6 ڪروڙ تائين پهتو جڏهن ته ٻاهر موڪليل cotton جو ملهه يعني export value هيو 80 لک روپيا. ياد رهي ته آمريڪن سول وار، جنهن کي تاريخ ۾ United States Civil War يا War between the States به چيو وڃي ٿو. اها 1861 کان شروع ٿي ۽ 1865 تائين هلي ، اها جنگ اتر ۽ ڏکڻ رياستن جي وچ ۾ ٿي هلي.

1864 ۾ پهريون دفعو ڪراچيءِ ۾ Direct Telegraph جي سروس جو افتتاح به ٿيو، هن سهولتڪاريءَ ۾ اضافو ڪيو ۽ هاڻي ڪراچي لنڊن سان ڊائريڪٽ واسطي ۾ اچي وئي. 1869 ۾ Suez Canal جي کلڻ سان ڪراچيءَ جي outreach (ٻاهر تائين رسائي) اڃا وڌي وئي، اهڙي طرح ڪراچيءَ جو قدر وڌي ٻيڻوٿي ويو ۽ هاڻي ڪراچي پورٽ هڪ Full-fledged Seaport ٿي ويو.

1873 ۾ ڪراچيءَ جو harbor هڪ فضيلت ڀريو ۽ ڪاروباري لياقتن سان ڀريل ٿي سامهون آيو. هاڻي شهر تيزيءَ سان وڌڻ ۽ ويجهڻ لڳو ۽ وسيع ٿيندو ويو. وري 1878 ۾ ريلوي لائين جيڪا پهريان ڪوٽڙيءَ تائين هئي ان کي پنجاب دهلي ريلوي لائين سان ملائڻ لاءِ ريلوي پٽڙين کي ملتان تائين ڇڪيو ويو، جيئن برٽش انڊيا جي پوري ريلوائي نظام سان ڪراچيءَ کي ڳنڍيو وڃي. محمد رفيع پنهنجي هڪ انگريزي مضمون Karachi Early History ۾ لکي ٿو ته انگريزين جي موجودگي ههڙي طرح هئي:

· چارٽرڊ بئنڪ آف انڊيا (1835)

· فريئر هال، جيڪو سر بارٽل فريئر جي ياد ۾ اڏايو ويو (1865)

· دي سنڌ ڪلب 1871

· سينٽ پيٽرڪس ڪيٿيڊرل (1881)

· ڪراچي جيم خانا (1886)

· سنڌ آرٽس ڪاليج (1897)

· وڪٽوريا ميوزيم (1887)

· انڊين لائيف انشورنس (1892)

· ليڊي ڊفرن اسپتال (1894)

· دي هائيڊن ڪمپني جيڪا فقظ انڊيا ۾ هئي ۽ پيانو ٺاهيندي هئي (1905)

· لوئس ڊريفس ۽ ڪو، جيڪا اناج جو ڪاروبار ڪندي هئي (1907)

· The Merewether Pier هي ڪاٺ جو ٿلو (pier ) جيڪو تڏهوڪي سنڌ جي ڪمشنر ميري ويدر جي نالي پٺيان سڏجي ٿو، جيڪو منهوڙي ۾ جوڙايو ويو، ته جيئن منهوڙي تي مسافرن کي سهولتڪاري ٿي سگهي

· ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ، جنهکي سولي طرح ڪي پي ٽي چيو ويندو آهي، اهو 1886 ۾ قائم ڪيو ويو ۽ East Wharf تي ڪم 1888 ۾ شروع ڪيو ويو

· بولٽن مارڪيٽ 1883 ۾ ٺاهي وئي ۽ 1890 ۾ Empress Market ٺاهي وئي.

هاڻي ڪراچي باقائده هڪ ميٽروپولٽن شهر جو ڏيک ڏيڻ لڳي، حقيقت اها آهي ته سنڌ سان لڳندڙ سمنڊ ئي ڪراچيءَ جي ستل قسمت جاڳائي ۽ هوءِ هڪ ڳوٺڙي يعني مائي ڪولاچيءَ مان ڪراچي ٿي وئي ۽ دنيا جي Mega cities ۾ شامل ٿي وئي، ڪنهن هن شهر کي عروس البلاد (شهرن جي ڪنوار) جا لقب ڏنا ته ڪنهن هن کي هن کي روشنين جو شهر چيو. هاڻي هن شهر جي آبادي وڌندي، نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته هن شهر ۾، هن شهر جي اصلوڪي شهرين ۽ سنڌي لوڪن جي آبادي ايتري ڪونه وڌي، هٿي الائي ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو آيا ۽ آباد ٿيندا ويا، جن ۾، ايراني/پارسي، يوروپيئن، گئا جا ماڻهو، ايستائين جو يهودي به رهندا هيا، ايستائين جو هن ڪراچي شهر ۾ يهودين جا عبادت خانا جن کي synagogue چيووڃي ٿو، اهي به هيا. جڏهن ڪراچيءَ جو پورٽ مظبوط ٿيو، انفرا اسٽرڪچر بهتر ٿيو ته ڪاروبار به وڌيو ۽ جن وٽ پئسا پائي هيا، اهي اچي هتي لڳائين پيا ۽ ڪمائن پيا، اهڙي طرح، هي شهر جهڙوڪ گلوبل شهر ٿي ويو ۽ اهو هڪ شاندار اصول آهي ته جتي ڪاروباري طبقو هجي، ته اتي دهشتگردي، ائين نه هوندي آهي، جهڙوڪ، ٻورين بند لاش ملن، گولين سان پروڻ جسم ملن، بم ڌماڪن ۾ انسانن جي جسمن جا ٽڪر هٿ اچن ۽ لاش کي ڳولهي نه سگهي، ڪاروباري ڪميونٽي ڪڏهن اهڙي واهيات قسم جي قتل عام جو ساٿ نه ڏيندي آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪاروباري ماڻهو ۽ ڪميونٽي ۾ پئس جي چوس هوندي آهي ۽ هو گهڻو ڪمائڻ جي ڪري مزدورن جو استحصال ڪندا آهن، اهو ته ورهاڱي کان اڳ به هوندو هيو ۽ جڏهن ڪراچي پر امن هئي، ڪا دهشتگري يا انتها پنسدي نه هئي تڏهن به مزدورن جو استحصال موجود هيو، اهو ڪم ڪراچيءَ ۾ زورن تي هيو، پر هڪ ٻي ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آهي ته ان وقت روپيو ڊالر جي ڀيٽ ۾ ايترو حقير نه هيو، جڏهن پاڪستان ٺهيو هيو ته ان وقت 3 روپين ۾ ڊالر ملندو هيو ۽ اڃ ڊالر 90 روپين ۾ ٿو ملي يا ان ۾ هيٺ مٿانئين اچي ٿي. سادي طرح اهو چئون ته اڃا ماڻهن ۽ حڪمرانن ۾ ڪجهه ايمانداري هئي، ۽ ڪساد بازاري ايتري عروج تي نه هئي، جنهن عروج تي اڄ آهي. ان وقت Inflation rate گهٽ هيو ته ماڻهو آرام سان ٽي ويلا کائي وٺندا هيا، پر پئسي واري ۽ غريب ۾ ان وقت به ڏينهن رات جو فرق هيو ۽ اڄ به آهي.سڀ خرابيون 1990جي ڏهاڪي کان پوءِ وڌيون آهن ۽ هاڻي ته هڪ غير يقينيت واري صورتحال آهي، خرابيون وڌي وڻ ٿي چڪيون آهن.

هونئن ته جيئن ئي پورٽ قائم ٿيو ۽ مضبوط ٿيو ته پارسي ڪاروبار ۾ رڌل رهيا پر 1882 کان هنن باقائده پنهنجي ڪاروبار ۽ ڪم جو ڌاڪو ويهاريو ۽ ڪراچيءَ کي ٺاهڻ ۾ هنن گهڻو ڪم ڪيو ۽ ڪيترائي ادارا قائم ڪيا، جهڙوڪ:

ايدل جي ڊنشا ڊسپينسري (1882)

ڪاوسجي ايند سنس ڪوئلي جي ڪاروبار ۽بنڪرنگ جا ٺيڪيدار

رستم جي بلڊنگ

ڪاوسجي ميولز مينشن بلڊنگ (1900)

بائي وربائيجي ورنيڪيولر اسڪول (1906)

ڪترڪ پارسي سئمنگ باٿ (1906)

برسٽل هوٽل، جيڪو ڊاسابائي بيرامجي منوالا 1907 ۾ ٺاهرايو

ماما مينشن جيڪو اردشير هورمسجي ماما 1914 ۾ ٺاهرايو

وربائي ڪترڪ ميٽرنٽي ونگ (ليڊي دفرن هاسپيٽل) 1916

ماما پارسي گرلز هاءِ اسڪول، جنهن لاءِ جمشيد نصروانجي مهتا ڊونيشن ڏني (1918)

رستم جي بلڊنگ 1928

ميشرز ڪترڪ اينڊ ڪو. جنهن جنرل اسٽور، شراب ۽ عرقيات import جو ڪم ڪيو، ان کان علاوه گولبائي ميٽرنٽي هوم، نصروانجي اينڊ ڪو ۽ پارسي جيم خانو وغيرهه.

هي اهي سڀ شيون آهن، جن شين تي ڊان ۾ 22 سالن تائين لکندڙ، مزدڪ جي پوئواري ڪندڙ، زرتشتي مذهب جي ماڻهو، سيڪيولر، لبرل ۽ انگريزي دان صحافي ارد شير ڪاوسجي ناز آهي، ناز ڇو نه هجي، هن وٽ ٻه اهڙيون شيون آهن، جيڪي زندگيءَ ۾ ماڻهن کي گهٽ پلئه پونديون آهن. هڪ پئسو ٻيو علم.

جن شين تي ڪاوسجيءَ قلم هلايو، انهن تي سنجيدگيءَ سان لکيو، هي پنهنجي لکڻ ۾ وڏي ڪاٽ رکي ٿو، هن جي لفظن ۾ مضبوطي آهي، هو هڪ satirist آهي. هن جا پنهنجا خيال آهن، آزادي پسند آهي، نقاد آهي، دليل جو قائل آهي،سٺو مشاهدو رکندڙ آهي، هن جي يادگيري به سٺي آهي، هو پنهنجي مڃائيندو آهي، ڇو ته هن وٽ مڃائڻ لاءِ انگريزي ٻوليءَ جو لفظ لفظ ساٿ ڏئي ٿو، ائين لڳندو آهي، هو پارسي ته آهي، پر پارسيءَ کان وڌيڪ سندس انگريزيءَ تي عبور آهي، ائين لڳندو آهي، هو سوچيندو ئي انگريزيءَ ۾، شايد خواب به انگريزيءَ ۾ ڏسندو آهي، هو جيڪو چوڻ چاهيندو آهي، چئي ويندو آهي. ڇو ته هو پڙهيل ڳڙهيل آهي، مونکي ياد آهي، اسٽينلي ولپرٽ جيڪو ذوالفقار علي ڀٽو تي ڪتاب لکيو هيو Zulfi Bhutto of Pakistan ان ڪتاب جي انتساب ۾ ڪاوسجيءَ جو نالو به لکيو هيائين، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ڪيترو وڏو ماڻهو آهي، جو ولپرٽ به ان ڳالهه ۾ خوش آهي ته هو ڪاوسجيءَ جو نالو لکي، هو پنهنجو ڪتاب هن جي نالي ڪري، نه ته ماڻهو وڏن ماڻهن سان تصويرون ڪڍائڻ لاءِ جتن ڪندا آهن. سڀکان وڏي ته ڪاوسجي انتهائي پئسي وارو ماڻهو آهي، هن کي ورثي ۾ جيڪا شيءِ ملي، اهڙي شيءِ ڪجهه ماڻهن کي ئي ملندي آهي، جڏهن اها ملندي آهي ته جهڙوڪ سڀ ڪجهه ملي ويندو آهي.شرط فقط اهو آهي ته ماڻهو پاڻ ٿورو گهڻو سمجهدار آهي، ڪاوسجي وڏو سمجهو ماڻهو آهي.

مونکي ياد آهي ته علي احمي رند هن سان مليو هيو، هن جو انٽرويو ڪيو هيو، اها اٺ يا ڏهه سال اڳ جي ڳالهه آهي، يا شايد ان کان به پراڻي. ڪاوسجيءَ سان ڪتو گڏ هيو، ۽ عليءَ کائنس پڇيو هيو ته ڪتو ساڻس ايڏو ويجهو ۽ پيارو ڇو آهي. ڪاوسجيءَ جواب ڏنو هيو ته انڪري جو هي ماڻهو کان وڌيڪ وفادار آهي، ان کي satire نه چئجي ته ٻيو ڇا آهي.

ڪاوسجيءَ جي هڪ ٻي خوبي اها به آهي ته هو پنهنجي آرٽيڪل جي هيٺان پنهنجي اي ميل جي ايڊريس ڏيندو هيو، ڪوئي هن سان ڪانٽيڪٽ ڪري ته کيس وقت سر جواب ڏيندو هيو، اهڙو ئي رابطو مان به هن سان ڪيو هيو، مون کيس اهو چيو هيو ته اوهان رڳو ڪراچيءَ جي اشوز تي لکو ٿا، پر سنڌ جا شهر اوهان وساري ڇڏيا آهن، اوهان اسان جي تر جي سياستدانن تي به لکو، انهن تي به قلم کڻو ڇو ته انهن کي به ماڻهن ووٽ ڏنو آهي، پر اهي ڪم جا ناهن، ڊان ۾ لکندا ته انهن جي به ناماچاري ٿيندي. چيو هيائين ان تر جا سياستدان ، جي انهن کي سمجهڻ چاهين ٿو ته 1988 کان وٺي اخبارون اٿلاءِ پٿلاءِ سڀ خبر پئجي ويندءِ ۽ پوءِ تون پاڻ ويهي انهن تي ڪتاب لک. هن جي ڳالهه ۾ وزن هيو ۽ بيڪ گرائونڊ ۾ ميسيج. خير اهي ته ٿيون پراڻيون ڳالهيون، پر نئين ڳالهه اها آهي ته امداد سائينءَ لکيو آهي ته ڪاوسجي ڊڪٽيٽر جي مخالفت نه ڪندو هيو ته حمايت به نه ڪندو هيو، پر انجو مطلب ڇا هيو، ڇا ان لاءِ شيخ اياز جو هي نظم ڪوٽ ڪجي ته

مون ته چيو هو توکي بابا

ڇو ٿو اهڙا گيت لکين

جو توتي زنجير وجهن ٿا

۽ هو در تي ٺڪ ٺڪ ڪن ٿا

ڇا ڪاوسجي اهڙي دور ۾ بلڪل اهڙي خاموشي اختيار ڪرڻ پئي گهري، جيئن انگريز دور جا poet laureate ، يا برِصغير مان جهڙو مثال غالب جو آهي، پر ڪاوسجيءَ لاءِ معاش جو مسئلو ته نه هيو، هن کي ناماچاريءَ جي لالچ به نه هئي، هو ته وڏي پئسي وارو آهي، هن وٽ لکڻ جو آرٽ به هيو ته دليل به ۽ هو دل وارو ماڻهو به آهي، ڇو ته هن ايم ڪيو ايم تي به ديده دليريءَ سان پئي لکيو، پوءِ ڇو، اهو سوال پنهنجي جاءِ تي اهم آهي، انڪري، مونکي فقير محمد لاشاري ياد اچي ٿو، ايستائين جو سنڌ جا هي سڀ بهادر ماڻهو ياد اچن ٿا، جن ڦٽڪا پئي کاڌا، جيل پئي ويا ۽ پنهنجي ۽ عوام جي حقن لاءِ وڙهيا پئي. ڇا جڏهن اهي مري ويا، شهيد ٿي ويا، يا زماني جي ظلم کان تنگ ٿي خاموش ٿي ويا، ته ڇا ان هنڌ تي اسانکي اهو ياد نه آيو ته اهي پنهنجي چپ ٿي ويا ته سنڌ جي ڪاز جا مورچا ڄڻ خالي ٿي ويا، ڇو ته امداد سائين لکيو آهي، هن جي قلم کان پوءِ صحافت جو ڄڻ مورچو بند ٿي ويو.

مونکي ياد آهي، امداد سومرو هڪ آرٽيڪل لکيو هيو جنهن ۾ هن لکيو هيو ته سائين جي ايم سيد ضيا کي ، هڪ ڊڪٽيٽر کي ڀليڪار ڪيو هيو، ته پوءِ مان فقط اهو ٿو چوان ته ڪاوسجيتي امداد ڳالهائي ته اٿو، صحافتي انداز ۾ تنقيد به ڪري ٿو، پر پوءِ به امداد پنهنجي لکڻ ۾ شانت آهي، هن دفعي مونکي الائي ڇو اها شعلا بياني نظر نه آئي. جڏهن ته ڪاوسجي ريگيلر لکڻ کان هٿ کڻي ويو آهي، عمر رسيده آهي، يڪو لکي لکي به ماڻهو هچ ٿي پوي ٿو، هونئن به ڪڏهن ڪڏهن شاعرن ۽ لکڪن جي لکڻ ۾ Writer’s Block ايندو آهي، شيخ اياز 1976 کان 1980 تائين وي سي رهيو ته اياز کان شاعري ئي وسري وئي، 4 سالن ۾ فقط هڪ ننڍڙو ڪتابڙو “لڙيو سج لڪن ۾” ڏنو، جنهن مان ائين پئي لڳو ته اياز تي فقط pessimism يعني مايوسي طاري آهي، سوا مايوسي جي ٻيو ڪجهه ناهي. پر وري اياز لکيو، الائي ڇو مان سمجهان ٿو ڪاوسجي لکندو، هو پنهنجي اندر جي ڳالهه کي ضرور سليندو، پر مان امداد جي استعمال ڪيل لفظ Aristocrat تي سوچيندو رهيو آهيان، الائي ڇو مونکي هي لفظ نه پئي آئڙيو، ٽيڪنيڪالي ٿي سگهي ٿو ٺيڪ به هجي پر منهنجي دل چوي ٿي، هو ايرسٽوڪريٽ گهٽ ۽ ڊيموڪريٽ وڏو آهي، هن ڊيموڪريسيءَ تي لکيو آهي، باقي مشرف ته هن تنقيد نه پئي ڪئي، ضيا تي به لکيو، پر جڏهن لکيائين ڀٽو جي خلاف، محترمه تي به هن قلم نه کنيو، جيئن کڻڻ گرجي ها. جيڪڏهن رڳو پئس هئڻ ڪري هي ايرسٽوڪريٽ آهي، ته پوءِ مان چوندس ته هن کي ايسٽوڪريٽ جي بدران Affluent چئجي ته بهتر. جي هي ايرسٽوڪريٽ آهي ته پوءِ بل گيٽس دنيا جو نمبر ون ايرسٽوڪريٽ آهي، ڇو ته 2011 ۾ جيتري ڊونيشن بل گيٽس ۽ ملنڊاگيٽس فائونڊيشن ڏني آهي، اها 3.3 بلين ڊالرس گرانٽ آهي، اها ايتري رقم آهي، جيتري رقم مان ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن پنهنجي پوري آپريشن آهي.

منهنجي نظر ۾، هو ايرسٽوڪريٽ ناهي، هو Affluent Democrat آهي، باقي جيڪا هن ڊڪٽٽرن لاءِ خاموشي اختيار ڪئي، يا کين ساراهيو، اها ڪاوسجيءَ جي انساني ڪمزوري يا bias آهي. باقي ماڻهو ڀلو آهي، بهترين، سنجيدهه ۽ سوبر صحافي آهي، هن ڪيترن ئي موضوعن کي ڇهيو آهي، جنهن ۾ هن پاڻ مڃايو آهي، ۽ پنهنجي لکڻين ۾ ڊيموڪريٽ آهي، هن جو living standard ڇا آهي، اهو اسانجو مسئلو نه هئڻ گهرجي، هن جي ذهني orientation ڪهڙي آهي، ان سان مان سمجهان ٿو اسانجو ڊائريڪٽ ڪو واسطو ناهي، مان امداد سان متفق آهيان ته هو لکڻ بند نه ڪري، پر جي پنهنجي آتم ڪٿ لکي ته زبردست. اهڙا ماڻهو لکڻ معرفت گهڻو ڪجهه ڏيندا آهن. باقي ڪاوسجيءَ جي اها ڳالهه به قابلِ تعريف آهي ته هو philanthropist آهي، ۽ پارسي ڪراچيءَ جا سٺا ۽ نالي وارا philanthropist هيا، ۽ پارسي ڪراچيءَ جي هڪ پر امن ۽ بزنيس ڪميونٽي آهي، جنهن ڪراچيءَ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو. رستم فڪرجي ڪاوسجيءَ جو پٽ اردشيخ ڪاوسجي 1996 ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو ۽ ڪاوسجي BVS پارسي اسڪول مان پڙهيو، پوءِ ۽ DJ Science College مان گريجوئيٽ ٿيو، پوءِ پنهنجي والد جي Cowajee Group ۾ سرگرم ٿي ويو، نينسي ڊنشا سان شادي ڪيائين ، جنهن مان کيس ٻه ٻار آهن، ڇوڪري ايوا ۽ ڇوڪرو رستم. پارسين واري philanthropy هن کي ورثي ۾ مليل آهي ۽ هائر ايجوڪيشن لاءِ شاگردن کي اسڪالرشپس لاءِ مڪاني طور يا ٻاهرين ملڪن لاءِ پئسا loan طور ڏيندو آهي، پر اهي پئسن جي واپسي کيس گهٽ ٿيندي آهي. ان لاءِ ئي مون چيو ته هو پڪو فلينٿروپسٽ پارسي آهي ۽ هڪ ڊيموگريٽ روح آهي، پر هر ماڻهوءَ ۾ ڪي ڪمزوريون ٿين ٿيون ۽ هي ڀٽو جو نقاد آهي، پوءِ اها محترمه هجي يا سندس پيءُ ذلفي ڀٽو آف پاڪستان. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو صحافين جي لاءِ هڪ وڏو زندهه مثال آهي، اسان جهڙا ماڻهو سندس لاءِ وڏي ڄمار لاءِ دعا ئي ڪري سگهن ٿا.

memonhisam@yahoo.co.uk

Wednesday, December 28, 2011

My travel to learn Poetic English

29th December 2011

My travel to learn Poetic English (Hisam Memon)

Gone are the days, I kept keen interest to learn poetic English, I was astonished, how the poets used "doth", “shalt”, “Thou”, “sath", "maketh", “goest”, “dost” like words, i was searching for a teacher, who might have knowledge about certain words of English poetry. I was thinking, grammar was easier than the words, I have given above. That is why; I was following to know about strange words used by the poets. I heard the name of Mr. Azharuddin Shah; I came to know by the people that he was the clever man and very much proficient in English Language.

I went to him; he used to sit at the hujra of Mehar Shah Dargha (shrine of Pir Mehar Shah Basha at Shikarpur) and taught English too many students. I put my request and asked him to teach English of the certain type. He agreed but I could not give him fees, because he wanted to get 1500 of the course or more (it was in thousands).

It was very huge money for me, I could not afford being the son of poor father, who was trailer master and used to stitch at Staurt Ganj at the mouth of Dhakka Bazar (covered market).

I requested my teacher to lessen the fees, but he turned deaf ear to my request and I came back to my home very disappointedly and I determined to learn the language and the secret of the language myself.

I think, it was 1993 and 2012 will be started after two days. Well, 18 years are passed, how time lapsed, it is like magic, and life is really very magical in itself. I love my searching for the teacher, I still have not found the teacher as I have dreamt of for long, I think, the books are the best teachers and the time is the teacher of the books.

I wanted this little experience and curiosity to share with my friends that sometimes I became thoroughly disappointed, while I knew a word, letter or sentence, I rejoiced. Pain and pleasure are the two sides of one coin and the whole life is stretched for learning, we should not stop to learn, all things be carried on till we find our destination, but the knowledge has no limits, just keep the going on and you will be enriched by the travel of knowledge and this travel will make your life brighter, peaceful and great.

I am sharing one old word with my friends, "Durst", it sounds like the word “durst” in Urdu, but it is not Urdu, it is an old English Word (OEW), which means to dare (to be courageous, to do something or to have the necessary boldness or courage for something).

I was really very much curious to learn about such words, while I was in first year in C&S College Shikarpur.

Monday, December 26, 2011

VISION AND MISSION OF MY SHIKARPUR

VISION AND MISSION OF MY SHIKARPUR

Face Book Group (My Shikarpur منهنجي شڪارپور)

The cause of the group is very clear and it can be read in info of the page, why was this created for and what is the vision and mission of the moderator of the group

I would put humble request before all members/friends as following:

1. Try to promote Shikarpur

2. Try to find out new stories/history/hidden things around the district and city

3. Find those people, who contributed a lot for Shikarpur and are forgotten ones now

4. Try to older and healthy culture of the city, which evolved civil society that added beauty to the city in return

5. Try to find new avenues of knowledge, we all need to know

6. Try to explore old Shikarpur, that was famous for and wide for its healthy culture

7. Try to find new writings, tablets, epitaphs, whatever , you find new

8. Try to share the older pictures, videos, interviews, magazines, books, tabloids, reports, surveys and etc

9. Try to get friends involved in certain activity, which enhances knowledge, glory and respect

10. Try not to forget present Shikarpur, do focus fresh and healthy traditions and compare ill-wills with older healthy traditions as well

11. Try not to be personalized, bias or frenzy

12. Try to be rational, wise and leading in the line, you focus

Hope, friends will get me and they should keep in mind that singly I am nothing to do all things, plz engage yourself, be part of the vision and mission and carry on the efforts to give knowledge to the world and those Shikarpuri people who are away and unknown of the things, we are discussing here.

Ghafoor Saeen, as for as the Qilo Qaflo is concerned, I saw only one wall as the token of the whole qilo, but that was either crumbled down itself or broken, both actions show our meager interest in historical heritage.

It is really irony to see such glorious things down and forgotten, we should focus and engage others to aware our people to save other things of the city.

Regards

Hisam Memon Karachi

27th December 2011

Sunday, December 25, 2011

سنڌي_انگريزي نوان لفظ ۽ انهن جون نيون معنائون يا Word Coinage

حسام ميمڻ

25 ڊسمبر 2011

سنڌي_انگريزي نوان لفظ ۽ انهن جون نيون معنائون يا Word Coinage

اسان وٽ ، اسانجون سنڌي اخبارون به اردو گاڏڙ لفظ استعمال ڪنديون آهن، مثال طور اهو ته بار بار پڙهڻ ۾ ايندو آهي ته “درجين قتل” يا “درجين زخمي“. چئنلز به وسئون نه گهٽايو آهي، ڪڏهن ڪڏهن خبر ئي نه پوندي آهي ته لفظ عوام مذڪر آهي يا مونث، بهرحال، اهڙا غلط استعمال ٿيندڙ لفظ اسان وٽ کوڙ سارا آهن، ان جا مختلف سبب ٿي سگهن ٿا:

1.اسان ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ کي آهستي آهستي disown ڪندا پيا وڃون، انڪري، اسان واري ٻولي ٻين ٻولين کان دٻبي پئي وڃي ۽ نتيجي ۾ يعني فيشن ۽ گليمر طور پراين ٻولين جا لفظ استعمال ڪندي ڪندي، پنهنجي ٻوليءَ کي پاڻ پوئتي ڪيون ٿا.

2.چئنلز وارا يا ته عورتن جي خوبصورتي کي commodity طور استعمال ڪن ٿا، يا وري Market demand کي اڳيان رکي، سڀ ليڪا لتاڙين پيا، جي عورتون شڪل جون ٺيڪ نه هجن پر باصلاحيت ۽ واقعي سماج لاءِ پاڻ پتوڙڻ واريون هجن ته مان سمجهان ٿو، انهن کي موقعو ڏيڻ گهرجي، ڇو ته شڪل نه پر سيرت ڏٺي ويندي آهي ۽ دنيا ۾ قدر هونئن ته خوبصورتيءَ جو به آهي پر سيرت ۽ صورت ٻيئ هجن ته وڌيڪ بهتر آهي. پر منهنجو ڪنهن کي به رنج ڪرڻ مقصد ناهي، ڪي مرد ماڻهو به لفظن جي ادائگيءَ جون اهڙيون کوڙ ساريون غلطيون ڪرن ٿا ته پوءِ ائين چئجي ته ڪو ڏوهه ڪونهي ته ميڊيا انفارميشن ته ڏئي ٿي پر ٻوليءَ کي بگاڙي به اٿي، انڪري، هر حوالي سان سوجهي ٻوجهي ماڻهن جي چونڊ ڪرڻ گهرجي

3.اسان پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب پڙهڻ ڇڏيا آهن، هڪ سبب اهوبه آهي، انڪري به ڪافي سهڻن ۽ خوبصورت لفظن کان رهجي وڃون ٿا ۽ اڳتي هلي ڪا سڻس ئي نه پوندي آهي ته پير ڪٿي ۽ منهن ڪٿي

4.اسان ماڻهو Easter جون مبارڪون ڏيون ٿا، Twitter ، Face book ۽ Orkut جهڙيون سماجي رابطاڪاريءَ واريون ويبس ته استعمال ڪيون ٿا، پر پاڻ ماڻهن کي اها به خبر ناهي ته چمچو سنڌي ٻوليءَ جو لفظ آهي يا ترڪي زبان جو، قينچي سنڌي لفظ آهي يا ترڪي زبان جو. هاڻي ڪنهن کي پئي آهي، جو ويهي حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو “آفتاب ادب” ويهي پڙهي يا ڪهڙي پئي آهي جو ڪاڪي ڀيرو مل جي ڪتابن کي ويهي ڦلهوڙجي، پر حقيقت اها آهي ته اهڙا ماڻهن اسان جي سنڌي ثقافت ۽ ٻوليءَ جا ڀرجهلو هيا، انهن محنت ڪري، ڏينهن رات ڪري، بنا ساهيءَ جي لفظن جا ڀنڊار ڏنا ته بابا هي اٿو اصل حقيقت، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان پنهنجي هيروز کي وساري ڇڏيو آهي. فيس بوڪ تي ته مان به ويهان ٿو، پر يقين ڪيو سالن کان عبدالڪريم سنديلو صاحب جو نالو نه ٻڌو آهي فيس بوڪ تي، حڪيم فتح صاحب ڪهڙو ڪم ڪيو، سمورو فيس بوڪ ان شيءِ کان وانجهيل آهي، مان ته حيران آهيان ته ماڻهو فيس بوڪ تي اچي ڪري به طرحي مشاعرا ڪن ٿا، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو پنهنجي سنجيدگيءَ جو ته وقت جي ڇا ضرورت آهي ۽ اسين ڇا پيا ڪيون.

ڀٽائي سڳوري ڪيترا لفظ ڏنا، اسان وٽ ان جو ڪاٿو اڄ تائين ڪنهن صاحب علم يا ماهر زبان نه ڪيو آهي، پر شيڪسپيئر لاءِ اهو ڪم ٿي چڪو آهي ۽ ماڻهو ان ڪرت ۾ رڌل آهن، اڃا هنن ماڻهن جي ڳولها جاري آهي ۽ هو ڪم کي جاري رکندي پيا اچن، شيخ اياز ڪهڙا نوان لفظ ڏنا ڪو پتو ناهي، خبر ناهي اسان جا ماڻهو ڪهڙي دنيا ۾ گم آهن، هي سنجيده مسئلو آهي ، ٻيو نه ته ٻوليءَ جا ماهر ته ان شيءِ تي ڪم ڪن،

مان مٿي لکي چڪو آهيان ته اسان پنهنجي ٻوليءَ کي Disown ڪندا پيا وڃون، جي اسان پنهنجي ٻوليءَ تي ڪم ڪيون ته ضرور پنهنجي ٻوليءَ ۾ به ڪي نوان لفظ وجود ۾ اچي چڪا هجن ها، مڃيوسين ته جويو صاحب ڪجهه لفظ ترجمي جي صورت ۾ يا شيخ اياز جا مهاڳ لکندي ڪجهه تز لفظ لکيا آهن، پر مونکي لڳي ٿو اسان وٽ ان حوالي سان اڃا تائين ڪم ٿيو ئي ڪونهي، مان چيو ته پراڻا ماڻهو جيڪي ڪم ڪري ويا سي ويا، باقي ميدان خالي آهي، ڪجهه ماڻهو نظر اچن ٿا جيئن محبت ٻرڙو هيو، ان به لفظن جي حوالي سان سٺو ڪم ڪيو آهي، پر ستاروں سے آگے جہاں اور بھی ہیں وانگر اڃا وڏو جهان آهي، اڃا محنت جي ضرورت آهي،

هڪ ڳالهه اها به ڪندو هلان ته مونکي وڌ ۾ وڌ حيرانگي حليم بروهيءَ جي ڪم تي ٿي هئي ۽ مونکي اهو ڪم بنهه نه آئڙيو هيو، ڇو ته Roman Script استعمال ڪرڻ سان سنڌي ٻوليءَ جو نقصان پئي ٿيو، هاڻي ته محترم ماجد ڀرڳڙي ۽ ٻين صاحبن جيڪو سنڌي ٻوليءَ کي سولو بڻائي انٽرنيٽ تي آندو آهي، اهو وڏو ڪارائتو ثابت ٿيو آهي، مان اهو چوڻ ۾ بنهه نٿو ڪيٻايان ته هن ماڻهوءَ جا اسان تي وڏا احسان آهن، پر اهي سڀ اسان لاءِ محترم آهن ، جن به سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ تي آڻڻ لاءِ جستجو ڪئي آهي، اهي سڀ قابل احترام آهن جن ڏينهن رات هڪ ڪري نوان نوان fonts تيار ڪيا آهن ۽ اڃا ڪم کي لڳا پيا آهن. دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ويٺل سنڌي ماڻهو انٽرنيٽ تي سنڌيءَ ۾ لکي ۽ پڙهي سگهي ٿو، حقيقت ۾ اهو ڪم ائين ئي آهي، جيئن بل گيٽس ونڊوز کي وجود ۾ آڻي ڪيو جو هر ماڻهو ونڊوز استعمال ڪري ٿو

بلڪل اهڙي طرح اسان کي solid ڪم جي ضرورت آهي، ۽ اهڙو ڪم جستجو ۽ محنت گهرندو آهي، تنهنڪري، انهن سڀني ماڻهن ۽ شاگردن کي ساراهجي ۽ همت افزائي ڪجي جيڪي سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهڙو هاڪاري ڪم ڪن ٿا.

هي آرٽيڪل لکڻ جو خيال مونکي انڪري آيو جو مون بار بار ان ڳالهه تي سوچيو آهي، ته پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهڙا نوان لفظ آيا آهن ان جو ڪو اتو پتو ناهي، جڏهن ته دنيا جون ٻوليون ان طرف ڌيان ڏين ٿيون ۽ باقائده ڪم ڪن ٿيون، مثال طور انگريزي ٻولي هن وقت هڪ عالمي ٻولي آهي، اها هڪ ٻي ڳالهه آهي ته اقوام متحده جون آفيشل زبانون 6 آهن، جن کي پڻ عالمي ٻوليون ئي چئي سگهجي ٿو، پر communication لاءِ دنيا ۾ انگريزي ٻولي تمام گهڻي استعمال ٿئي ٿي، ان ٻوليءَ جي اها خوبي آهي ته هيءَ ٻولي به اردو زبان وانگر ڪيترين ئي ٻين ٻولين جو هڪ ميڙ آهي، هن ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جا لفظ جذب ڪرڻ جي صلاحيت Assimilation Power تمام گهڻو آهي، ۽ اها ئي هن ٻوليءَ جي خوبي آهي جو هن ٻوليءِ ۾ يوناني، رومي، ڊچ، عربي ۽ دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين جا لفظ مروج آهن ۽ هيءَ اڳي کان اڳري آهي، انڪري، هن ٻوليءَ ۾ لفظن جو هڪ ٺيڪ ٺاڪ ۽ عاليشان خزانو آهي، اردو زبان گهڻي قدر فارسي زده يا عربي گاڏڙ آهي، پر انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪيتريون ئي دنيا جي ٻولين جا لفظ پنهنجي آب تاب سان شامل ۽ سرگرم آهن ۽ انگريزيءَ جا ماهر ان حوالي سان روزانو چڱو ڀلو ڪم ڪن ٿا ۽ دنياکي ٻڌائن ٿا ته هن سال هيترا نوان لفظ هن ٻوليءَ ۾ شامل ٿيا آهن ۽ فلاڻي ليکڪ يا شاعر هي نوان لفظ ڏنا هيا/آهن، مطلب ته انگريزي هڪ ميجڪ ٻولي ثابت ٿي چڪي آهي ۽ پاڻ سنڌي ماڻهن third world جا رهاڪو آهيون ۽ ٻوڏ کان پوءِ NGOs جيڪي اسان جي صوبي ۾ ڪاهي پيون، تن انهن ماڻهن کي کڻي ورتو جن کي انگريزي اچي پئي، اهڙي طرح اسان وٽ انگريزي فيشن به آهي، نوڪري حاصل ڪرڻ جو ذريعو به آهي، ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي.

مان بس هڪ گذارش ڪندس ته جيترو ٿي سگهي اسانجي نوجوان کي هيءَ ٻولي سکڻ گهرجي، هيءَ ٻولي تمام ضروري آهي، مان کوڙ سارن پڙهيل ڳڙهيل ۽ نوڪري پيشا ماڻهن کي سڃاڻا ، جن پنهنجي نياڻين جي تعليم تي بندش لڳائي آهي، پاڻ ته هر شيءِ ٻاهر ڪن ٿا ، پر نياڻين ۽ عورتن کي تعليم جي زيور کان به پري رکيو آهي، ڇا اها قومي ويساگهاتي ناهي، مان هٿ ٻڌي، نماڻو عرض ڪيان ٿو ته اسان ماڻهن جو حل تعليم آهي ۽ جي ان ۾ عورت جي شراڪت ناهي ته اسان پنهنجو مقصدڪڏهن ماڻي نه سگهنداسين.

مان ته اهو به سوچيندو آهيان ته حڪومت به اسان سان گهڻو کلوار ڪندي آهي، هاڻي اهو حڪم نامو به صادر ٿيو آهي 2013 کان چائنيز ٻولي نصاب ۾ پاڙهي ويندي، حيرانگي ڇو نه ٿئي، ڇو ته چائنا جا ماڻهو پاڻ انگريزي سکڻ لاءِ پريشان آهن، ۽ چائنا ۾ انگريزي سيکارڻ واري ماڻهو ۽ اداري ٻنهي جو وڏو قدر آهي ۽ اسان جا حڪمران اسان کي وري چائنيز سيکارڻ ۾ رڌل آهن. مان پنهنجي راءِ ڏيندو هلان ته ان ۾ ڪا برائي ناهي ته ٻوليون سکجن جيترو ٿي سگهن سکجن پر وقت ۽ حالتن پٽاندڙ پاڻ کي چائنيز ٻوليءَ کان وڌيڪ انگريزي ٻوليءَ جي ضرورت آهي. حڪومت کي گهرجي ته انگريزي لٽريسي جا مفت سينٽر کولي ته جيئن غريب غربو به ان زيور سان مالا مال ٿي سگهي

هڪ ٻي اهم ڳالهه به ڪندو هلان ته اسانجي ماڻهن پاڻ پنهنجي ٻوليءَ سان به ظلم ڪيو آهي، مثال طور، هروڀرو به اردو رومن ۾ موبائيل معرفت هڪٻئي ڏي sms ڪرڻ سان به سنڌي ٻوليءَ کي ڇيهو رسيو آهي، ان سلسلي ۾ بس اهو ئي عرض ڪندس ته پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪٻئي ڏسي sms ڪجن، يا ته وري انگريزيءَ ۾. مان سمجهان ٿو اهو ڪم آسان آهي، ان ۾ ڪنهن کي به ڪيٻائڻ نه گهرجي. اميد ته گهٽ ۾ گهٽ ان شيءِ تي عمل ڪيو ويندو ، باقي جي ڪو اردو ڳالهائيندڙ آهي ۽ هو اوهان ڏي اردو رومن ۾ sms ڪري ٿو ته اوهان به کيس اردو ۾ ڪيو. سنڌي ماڻهو هڪٻئي ڏي سنڌيءَ ۾ sms ڪن ته ائين ڪرڻ سان به پنهنجي ٻوليءَ جو استعمال وڌي ويندو.

منهنجي دل چوي ٿي ته انگريزيءَ جي حوالي سان ڪجهه نيون شيون دوستن سان Share ڪيان ته جيئن معلومات ۾ اضافو ٿئي. انگريزي ٻولي مستقل طور ترقي ڪري رهي ۽ ارتقا پذير آهي، هن ٻوليءَ ۾ ڪيترائي لفظ شامل ٿيندا پيا وڃن ۽ ڪي لفظ پنهنجون معنائون تبديل به ڪندا پيا وڃن.

خاص طور تي انگريزيءَ جي استادن کي ان شيءِ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، مان اهو نٿو چوان ته سڀ ان شيءِ کان غير واقف هوندا، پر جن کي خبر ناهي اهي ڌيان ڏين.2011 ۾ Merriam-Webster's Collegiate Dictionary هڪ سو پنجاهه 150 نوان لفظ شامل ڪيا آهن ، جهڙوڪ Bromance ، Social Media ، Parkour ۽ Tweet وغيره. انهن لفظن کي انٽرنيٽ تي google معرفت ڳولهي سگهجي ٿو. اهي ته ٿيا نوان لفظ پر ڪي انگريزي لفظ پنهنجي معنيٰ به مٽي چڪا آهن يا معنائن ۾ اضافو ٿيو آهي، مثال طور لفط Rap معنيٰ “زور سان کڙکائڻ” پر 1980 واري ڏهاڪي ۾ Rap Music ڪافي نالو ڪمايو. مثال طور هڪ ٻيو لفظ به ڏسي سگهجي ٿو، هي لفظ گهڻن ئي ماڻهن ٻڌو هوندو، Viral هي لفظ Virus جي صفت آهي، کوڙ ساريون بيماريون Viral هونديون آهن، پر you tube تي اگر ڪائي clip مشهور ٿئي ٿي يا تمام گهڻي ڏٺي وڃي ٿي ته ان لاءِ به اهو چيو وڃي ٿو The clip has been viral يعني هي ڪلپ حد کان وڌيڪ ڏٺي وڃي ٿي. پر جي شاگردن کان چڇبو ته portmanteau word ڇا آهي ته هو شايد آزمائش ۾ اچي وڃن ۽ شايد ٻڌائي نه سگهن، پاڻ ان کي سولي سنڌيءَ ۾ “ترڪيب” چئي سگهون ٿا، شاعراڻي اظهار ۾ ترڪيبن جو شعوري ۽ لاشعوري طور تي گهڻو استعمال ٿيندو آهي، ان ڪري ان شيءِ کي شاعريءَ ۾ آسانيءَ سان ڳولهي سگهجي ٿو. مان هڪ اڌ مثال ڏيان ته انٽرنيٽ تي اڄڪلهه blog گهڻا لکيا وڃن ٿا، ليکڪ، آرٽسٽ، صحافي، شاعر، عام رواجي زندگيءَ وارا ماڻهن روزانا الائي ڪيترا بلاگ لکن ٿا، هاڻي نوٽ ڪرڻ جي هيءَ شيءِ آهي ته blog ٻن لفظن web ۽ log مان ٺهيل آهي ۽ اهڙن لفظن کي portmanteau چئبو آهي. اهڙا ڪيترائي مثال ڏئي سگهجن ٿا، مثال طور، Beautility ٻن لفظن beauty ۽ utility مان ٺهيل آهي.

انگريزي خوبصورت ٻولي به آهي ۽ ان جي اسانکي ضرورت به آهي ، ان ڪري ، ان جو سکڻ ضروري ٿي پيو آهي، پر اهو عرض ضرور ڪندس ته پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کي ڪڏهن نه وسارجو !


Sunday, December 11, 2011

OPERA - سنگيت ناٽڪ



سنگيت ناٽڪ

OPERA

(1999)
حسام ميمڻ

جيون هڪ راز آهي

پردو کڄي ٿو ، شام جو وقت آهي ، هڪ هوٽل جي ڪمري ۾ ادبي ڪچهري هلي ٿي : حارث هڪ وائي پڙهي ٿو :

زندگي موت جو،
آ عجب اسرار !
ڇاهي آر پار!
آنءُ آهيان آرسي،
تون نه ڦوڙ مار !
ڇاهي آر پار !
هار ڇا ، جيتَ ڇا !
ذهن يار ، ڌار !
ڇاهي آر پار !
ڀاڳ ۽ نڀاڳ جو،
ڪو پتو نه پار !
ڇاهي آر پار !
ڪر ڀلو جي ڪرين،
ڪم ايندءِ ڪار !
ڇاهي آر پار !

وائي ٻڌڻ کانپوءِ خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي . دوست هڪٻئي ڏانهن نهارن ٿا، حارث پاڻي پيئي ٿو ۽ عليم، جيڪو مذهبي قسم جو ماڻهو آهي، اهو پنهنجي ڳالهه هن طرح ڪري ٿو:

ڏک به آهي، سک به آهي،
ڪنهنکي آهي،ڪنهنکي ناهي،
عيد به آهي، بيد به آهي،
انڌا ماڻهو ، ديد به آهي،
گل ٽڙن ٿا، گل ڇڻن ٿا،
ڪي ته وڻن ٿا، ڪي نه وڻن ٿا،
سور ۾ ڪوئي پور پچي ٿو،
پور منجهان ئي شعر رچي ٿو،
گيت،غزل، وائي ٿي سرجي،
جذبن کي به رستو گهرجي!
ڏاڍ ۾ به هڪ ڏڍ ُ اچي ٿو،
ڏڍ ۾ به هڪ وڍ اچي ٿو.
خير ۽ شر جو سنگم آهي.
چڱي لڱي جو البم آهي،
وحشي ڪو نادان هجي ٿو،
ٻهروپيو انسان هجي ٿو،
پر ماڻهو ڏاهو ڀي آهي،
جيڪو حق کان ٿڙندو ناهي،
هونءَ ته جيون گهارڻ نالو،
ڪو ڀيڻيوو، ڪو آ سالو،
ڪوئي قولي، ڪوئي موالي،
ڪوئي باشاهه،ڪوئي سوالي،
ڪوئي پنڊت، ڪوئي راهب،
هر ڪو پنهنجي دل جو صاحب!
ڪوئي وجودي، ڪو نابودي،
ڪوئي حلالي، ڪوئي سودي،
ڪو ڊيڊي ڪو پيءُ هجي ٿو،
سڀکي پيارو جيءُ هجي ٿو،
ڪنهنکي ڀاءَ ، ڪنهنکي ڀيڻ،
ڪو گل آڇي، ڪو ڏي ويڻ،
ڪو پٽڙو، ڪا امڙ آهي،
قبر اسانجو ئي تڙ آهي،
پر عمل هر اجرو آهي،
ڪو لسوَ، ڪو بجرو آهي،
هرڪو پنهنجو پنهنجو ڏيئو،
پاڻ ۾ پائي هرڪو ليئو،
من ۾ ڇاهي، تن ۾ ڇاهي ؟
پل ۾ ڇاهي، کن ۾ ڇاهي؟
ٻئي تي اچانڪ تير نه کڻجي،
پاڻ ڏسي ئي منصف بڻجي!
تاريخ انهيءَ جي شاهد آ،
مارڪس، علي ڪو محمد آ،
ڊارون، لينن، گوتم آ،
فرعون ۽ ڪو حاتم آ
ڪنهن ڪفر، اسلام وتو،
ڪنهن ته بن ۾ رام وتو،
ڪو ته رلي ويو راهن ۾،
محبوبا جي ٻانهن ۾،
ڪنهن ته نشي سان نينهنَ ڪيا،
ڪارا پنهنجا ڏينهنَ ڪيا،
ڪنهنجي ڪرت اجائي وئي،
ڪنهنجي ڪرت سجائي وئي،
ڳالهه ڪيان ٿو دل جي بس،
اڪثر هوندي آ بيوس،
پر ڀلارو نانءُ کنيئين جي،
حرص تان اڄ هانءُ کنيئين جي،
واٽ سڌي ورتائين جي،
الک جو نانءُ کنيائين جي،
اهو عقيدو بهتر آ،
باقي ٻيو سڀ بد تر آ
ان رسيءَ کي جيڪو وٺندو ،
مان سمجهان ٿو سو ئي کٽندو،
انجو ٻيڙو ٿيندو پار
سمجهي ويندو آر ۽ پار!
اهو ئي آهي ڪو اسرار!

جيئن ئي عليم چپ ڪري ٿو ، سرمد جيڪوهڪ اخلاق پسند ۽ سڀاويڪ قسم جو ماڻهو آهي، ڳالهائڻ لڳي ٿو ۽ ماحول وڌيڪ سنجيده ٿي وڃي ٿو :

ڪمپيوٽر ، ريڊار اچي ويا،
ڍارن بدران ڄار اچي ويا ،
تارون تارون لهرون آهن ،
حيرت واريون مهرون آهن ،
ڪالهه ٺهي ڪا ڊولي آهي ،
جينيات جي ٻولي آهي ،
راز نه ڪوئي راز رهيو آ،
ننگو ٿي آواز ويو آ ،
تڪڙو هر اطلاع اچي ٿو ،
وقت کي وداع اچي ٿو ،
حق کپن!“، جا هوڪا آهن ،
نعرا ناهن ڪوڪا آهن ،
حقن جا هٽ کليا آهن ،
عورت ، مرد ڀليا آهن،
ماڻهپي جي نانو تي،
هٿ نه جن جو هانو تي،
غربت نالي کائن ويٺا،
پاڻ رڳو ٿا ٺاهن ويٺا،
بول هنن جا بالا آهن،
هو به اسان لئه لالا آهن،
سود اڳاڻڻ ڄاڻن جيڪي،
مال خزانا ماڻن جيڪي،
دل دولت ۾ دٻجي وئي آ ،
عزت، ذلت گڏجي وئي آ،
ننگي ٿي وئي عورت آهي ،
پوءِ به چئي ٿي ننگي ناهي ،
ملڪن تي بمباري آهي ،
چوڏس چوراڪاري آهي ،
وڻ ڪٽجن خاموشي آ
دريا لٽجن خاموشي آ
باغ ٿيا ڀيلاڙ مٺا !
ماڙين جا هن چاڙه مٺا!
آسمان تي انسان آهي ،
پوءِ به ڪيڏو نادان آهي !
رت جي بوءِ اچي ٿي ڪيڏي ،
سنڌو ندي آهي جيڏي !
انساني وٿ آهي ڪاٿي ؟
ڪرشن جي رٿ آهي ڪاٿي؟
ڪونه قدر ، اخلاص بچو آ،
رڳو گلن ۾ واس بچو آ .
ڇا چوان هي جيون ڇاهي !؟
ٿو زمانو ڪيڏانهن ڪاهي؟!
آر الائي پار آ ڇــــــــــــا؟!
انجو الئه اسرار آ ڇــــــــــا؟!

سرمد جي ڳالهه هڪ وجوديءَ کي وڌيڪ پريشان ٿي ڪري ـــــ انجي ڀرسان ئي ويٺل همراه دري کولي ٿو ۽ وڏو ساه کڻي وري دوستن ڏانهن متوجه ٿئي ٿو . امر سرمد جي ڳالهه ٻڌي بي ساخته چوڻ لڳي ٿو:

ساري عمر اجائي آهي ،
ساري ڪج ادائي آهي ،
ڌرتي ۽ آڪاس اجايو ،
ماڻهوءَ تي وشواس اجايو،
چوڏس ڪيڏي پيڙا آهي ،
جيون گندا ڪيڙا آهي ،
الٽي ٿي انسان ! اچي ،
تو تي او نادان ! اچي ،
جيون خوشيون گد گد ناهي ،
ان جو ڪوئي مقصد ناهي،
جيئڻ لئه مجبور سڀيئي ،
توڙي چڪنا چور سڀيئي !
روڳي تن بدن آهي ،
هي به ڪوئي جيون آهي !
غم، الم ۽ ياس بچيا هن ،
ماڻهو سڀ اداس بچيا هن ،
زهر اسانکي پيئڻو آهي ،
پر اسان کي جيئڻو آهي ،
جيئڻ لئه مجبور سڀيئي ،
توڙي چڪنا چور سڀيئي !
مقصد پيدا ڪرڻو آهي ،
ٻڏيل ٻيڙو ترڻو آهي ،
ڀاڳ نڀاڳ ته ڪجهه به ناهي ،
ماڻهو سڀڪجهه پاڻ ئي آهي .
ڇا جو آر ۽ ڇا جو پار !
ناهي ڪوئي ڀي اسرار !

اهڙيون سنجيده ڳالهيون ٻڌي هڪ همراه شديد بور ٿئي ٿو ۽ بوريت ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڳالهه ڪري ٿو :

حال ڪو احوال ڪيو ،
ڪجهه اسانجو خيال ڪيو ،
چاءِ پيئو ۽ هوش ڪيو ،
ايڏو ڇو ٿا جوش ڪيو ؟
هي ته اجايون ڳالهيون آهن ،
سڀ پرايون ڳالهيون آهي ،
ڪالهه اسانجي پاڙي ۾ ،
ڀرسان ئي هڪ واڙي ۾ ،
عشق ۾ ناڪام ٿي ،
ها ، وڏو بدنام ٿي ،
همتون هاري ڇڏيائين ،
پاڻ کي ماري ڇڏيائين ،
ڏاڍو سٺو ماڻهو هو ،
هو ماڻهو ڀي وڏ ڄاڻو هو.
هو ته سڀني کان رسي ،
قرب ۾هو ويو ڪسي ،
ڇا انجو آر ۽ پار اهو هو ؟
۽ محبت جو اسرار اهو هو ؟

همراهه جي ڳالهه ڪٽجي وڃي ٿي . بيرو چاءِ کڻي اچي ٿو ، اڪثر دوست خاموش آهن ، فياض بيري کي ڏسي مرڪي ٿو، بيرو کيس مرڪندي چوي ٿو :

اها مرڪ وڏي ملهاري آ
۽ ڳالهه ضرور ڪا طاري آ
مرڪ رنگيلي آ ڏاڍي
هن پهر ۾ پيلي آ ڏاڍي
هان، چاءِ وٺو پيئو صاحب!
خوش رهو، جيئو صاحب!

بيرو اهي لفظ چوڻ کان پوءِ هليو وڃي ٿو، چاءِ جي ان وقفي کان پوءِ سميت جيڪو بنيادي طور هندومت سان تعلق رکي ٿو ، بحث کي اڳتي وڌائيندي ، پنهنجي هندومت کي ئي نجات ڏياريندڙ سمجهي ٿو :

پرش عجب اڻانگو آهي ،
سمجهڻ جلد سهانگو ناهي ،
پاپ ۽ پڃ جو پنڌ ڪري ٿو ،
هيٺ مٿي هو ڪنڌ ڪري ٿو ،
اڃا به پانڊوَ ساڳيا آهن ،
اڃا به ڪوروَ ساڳيا آهن ،
اڃا به ساڳي يڌ هلي ٿي ،
اڃا به ساڳي ڀونءِ جلي ٿي ،
جوڻ مٽي ٿو ڪنس اڃا به
سڌرڻ ناهي وس اڃا به ،
موڪش ڏي گهٽ مايل آهي،
من ماياـ موههَ ۾ڦاٿل آهي ،
اڃا به رانوڻ ڪاهه ڪري ٿو ،
اڃا به ڪرشن راهه ڪري ٿو ،
شيوا ڌاري شور ڪرن ٿا ،
ڏاڍو اڄڪلهه بور ڪرن ٿا ،
زلزلا، طوفان اچن ٿا ،
مرندا ڪيئن انسان اچن ٿا !
ڪالي ماتا قهر ۾ آهي ،
پاپ وڌي ويو دهر ۾ آهي ،
پهريان جهڙا سنت ڪٿي هن؟
پنڊت ساڳيا مهنت ڪٿي هن؟
پوءِ به هڪڙو رستو آهي ،
جيڪو ڏاڍو سستو آهي:
گروءَ جو نام جپجي ”اوم،
هري رام جپجي ”اوم،
دکڙن جو آڌار ته ٿيندو !
وشنو ڀي اوتار ڌريندو !
سودي بازي سستي آهي
ان ۾ من جي مڪتي آهي!
اهو ئي پنهجو آر ۽ پار !
اهو ئي پنهجو آ اسرار!

سميت جو اهڙو برجستو اظهار ڏسي ، ان جي ڀرسان ويٺل ارشاد ، جيڪو صوفي مت جو قائل آهي، پنهجي راءِ جو اظهار هڪ رقت آميز انداز ۾ بيان ڪرڻ لڳو :

ظاهر ۾ ۽ باطن ۾ آ،
روح، رڳن ، ڪل ذاتن ۾ آ،
پکيءَ جي پرواز ۾ آهي،
سازيني جي ساز ۾ آهي،
ٻارن جي ٻاتيءَ ٻوليءَ ۾،
ماءُ جي مٺڙي ٻوليءَ ۾،
ان ڪڻي ۽ من ڪڻي ۾
هٺائين ۽ پاڻپڻي ۾،
ڪک ۾ آهي، پن ۾ آهي،
ڇانو، ڇپر ۽ ڇن ۾ آهي،
ڇاهي جنهن ۾ هو ناهي
تو“ ۾ آهي ، ”مون“ ۾ آهي
پاڻ ئي منصور آ،
پاڻ ئي مغرور آ،
آر ۽ پار انهيءَ ۾ آ
هر اسرار انهيءَ ۾ آ
ان ۾ راڻو، ان ۾ مومل،
ان ۾ سونو، ان ۾ سومل،
ان ڏانهن سڀڪجهه
ان کان سڀڪجهه
گيت سنگيت انهيءَ ۾ آ
مٺڙو ميت انهيءَ ۾ آ
هر منظر هن جو اظهار
هر منظر ۾ پيار ئي پيار
ڪاٿي سڏائي رب ستار!
ڪاٿي وشنوءَ جو اوتار!
هو ئي سارو آر ۽ پار!
هو پاڻ سڄو اسرار!

آخر ۾ سڀ دوست وري حارث کي ڳالهائڻ لاءِ چون ٿا هو هڪ نظم پڙهي سڄي بحث کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر جيون پوءِ به هڪ راز ئي رهجي ٿو وڃي ۽ پردو ڪري ٿو :

ڪنهن ٿي ڄاتو،
ڇاهي جيـــون!
ساز آهي!
جيئن وڄي ٿو
ساهه کڄي ٿو
گيت جڙن ٿا
ميت مڙن ٿا
نير وهن ٿا
تير سهن ٿا
پيارا ماڻهو
سارا ماڻهو
جيئڻو آهي
پيئڻو آهي
زهر هجي يا
بحر هجي يا
هلڻو آهي
بيهڻو ناهي
هوري هوري
سوري سوري
پير پرينءَ ڏي
پير پرينءَ ڏي
پڄڻو آهي
اجهڻو آهي
جيون شعلو
اولو سولو
هاءِ حياتي
آهي مماتي
ان ۾ آهون
تيز هوائون
جيون پيڙا
ان ۾ ڪِيڙا
ان ۾ الڪا
ان ۾ جهلڪا
ان ۾ وفائي
ان ۾ جفائي
عجب آهي
غضب آهي
ان ۾ انائون
ان ۾ ادائون
ان ۾ مائون
ان ۾ ڇائون
جنهن ۾ ٻوليون
جنهن ۾ ڇوليون
ان ۾ عبادت
ان ۾ قناعت
سارا ان ۾
تارا ان ۾
تون“ به ان ۾
مون“ به ان ۾
ڇاهي جيون؟
راز آهي !!
ساز آهي!!
****************