Sunday, December 11, 2011

I translated Iqbal Detho's article from English to Sindhi

اقبال ڏيٿو

انساني حقن جو عالمي پڌرنامون

10 ڊسمبر: انساني حقن جو عالمي ڏهاڙو

________________________________________

10 ڊسمبر 1948 ، اڄ کان 63 سال اڳ انساني حقن جو عالمي پڌرنامون ، پئرس جي گاديءَ جي هنڌ يعني فرانس ۾، اقوام متحده جي 56 رياستن ان مسودي کي اپنايو هيو، هاڻي اهو ياد رهي اقوام متحده جا 193 ميمبر آهن. پڌرنامي لاءِ ووٽ متفقه طور تي ڏنو ويو هو پر، پر اٺ قومن ان چونڊ کان پاسو پئي ڪيو، (گڏيل سويٽ سوشلسٽ روس، گڏيل سوويٽ سوشلسٽ يوڪرين، گڏيل سويٽ بيلارس، زيڪو سلوويڪيا، يوگوسلويا، پولينڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ سعودي عرب).

پاڪستان 9 ٻين مسلم رياستن سان گڏجي انساني حقن جي عالمي پڌرنامي لاءِ پڻ ووٽ ڪيو هو ۽ شائسته اڪرام الله انساني حقن ۽ عالمي پڌرنامي جي حوالي سان حامي ڀرينديندي زور ڏئي چيو ته “ ان ڳالهه جي اشد ضرورت هئي ته دنيا جا ماڻهو وري هڪ جياپي جي اهڙي فضيلت ڀرئي رويي کي هٿي ڏين، جيڪو نه رڳو عالمگير تعلقات جي حوالي سان لاڳو ٿئي پر، اندروني مامرن لاءِ به ساڳيو هجي”

اڄ اهڙي ئي سلسلي ۾ آمريڪا جي شهر لاس اينجلس ۾ گذريل 3 ڏينهن کان وٺي، آمريڪا ۾ انساني حقن جي تنظيمن ۽ دنيا جي اهڙن ملڪن مان نمائنده گهرايا ويا آهن، جهڙوڪ مصر، شام ، لبيا، پاڪستان، افغانستان ، جنهن ۾ دهشتگرديءَ جي جنگ جي نالي ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي لتاڙ جا پڻ موضوڳ سر فهرست آهن.

انهن موضوعن تي ڳالهائڻ کان پهريان تاريخ تي نظر وجهجي ته اڄ جي ڏهاڙي تي عالمگير پڌرنامون ڪئين وجود ۾ آيو

عالمگير پڌرنامي جي لکندڙن جي خيال مطابق ، پئرس شهر جي چونڊ انڪري ڪئي وئي ته جئين فرانس کي ڀيٽا ڏئي سگهجي، ڇو ته اها ڌرتي “ ماڻهوءَ کي حق ڏيڻ واري ڌرتي” آهي، ان جو مضبوط حوالو “ماڻهوءَ ۽ شهرين جي حوالي سان فرانسيسي پڌرنامو ” آهي جنهن کي The French Declaration on the Rights of Man and Citizen (1789) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.اهو پڌرنامو ، فرانسيسي انقلاب جو نتيجو هيو، جنهن ۾ ماڻهن وڏريڪي خيالن خلاف انساني بغاوت ڪئي هئي.

ايلنور روزويلٽ، جيڪا ان وقت جي اقوام متحده جي انسان حقن جي ڪميشن جي چيئرپرسن هئي، هاڻي اها ڪميشن 2006 کان انساني حقن جي ڪائونسل (Human Rights Council) سڏجي ٿي، جنهن ڪميشن اهو پڌرنامون لکيو، ان پڌرنامي کي انهن سمورن دستاويزن سان ڀيٽيو ويو، جيڪي خاص طور فرد جي حقن تي زور ڏين ٿا، جهڙوڪ Magna Carta (1215) ، حقن جو انگريزي بل (The English Bill of Human Rights 1689) ، ماڻهوءَ ۽ شهرين جي حقن جو فرانسيسي پڌرنامون جنهنکي The French Declaration on the Rights of Man and Citizen (1789) چيو وڃي ٿو ۽ گڏيل رياستن جي آئين ۽ حقن جو بل ، جنهن کي The US Constitution and Bill of Rights (1791) چيو وڃي ٿو.

انهن منجهان گهڻا ئي دستاويز جڏهن اصلوڪي بنياد تي پاليسيءَ ۾ تبديل ڪيا ويا ته اهو ڏٺو ويو ته اهي عورتن کي حقن ڏيڻ کان وانجها هيا، رنگ جي بنياد تي متڀيد جا ماريل ماڻهو، ۽ اهڙي ئي حوالي سان ٻيا به ڪيترائي سماجي، مذهبي، اقتصادي۽ سياسي گروهه حقن کان وانجها هيا. پر ان جي باوجود، دنيا جي دٻيل ۽ هيسيل ماڻهن کي انهن ئي مٿين دستاويزن جي اصولن ۽ اظهار تحت ڌيان ڏنو ويو ۽ انهن انقلابن کي هٿي ڏني وئي، جيڪي انسان جي خود مختياري ، آزاديءَ جا حامي ۽ جبر ۽ ظلم جي طاقتن خلاف هيا.

انساني حقن جي عالمگير پڌرنامي جي جوڙ جڪ دوران قدرتي حقن جي ٻولي، ۽ فرد جي حقن تي زور ڏيڻ واري ڳالهه قانوني حقن جي داخل ڪرڻ سان ملي جلي وئي هڪ ٿي وئي . اهڙي طرح، انساني حقن جي پڌرنامي، پنهنجي اپيل ٻنهي قدرتي حقن جي حوالي سان آڏو رکي ته ٻنهي ۾ حقن جي ڳالهه سڀاويڪ، اڻلچڪدار، برابري جي بنياد واري ، عزت ۽ شان واري ۽ هاڪاري قانون جي فريم مطابق آزادي هوندي، جتي حق ڏيندڙ ۽ وٺندڙ ٻئي ڌريون برابريءَ جي بنياد تي واضح ڪيون وڃن ٿيون ۽ اهي ٻئي ڌريون ساڳين قانونن جون پابند هونديون آهن .

تاريخ اسانکي ياد ڏياري ٿي ته مٿيان سمورا دستاويز سماجي تحريڪن، سياسي انقلابن يا سرگرمين جو نتيجو آهن. پر مذهبن ۽ فلسفن جو ڪردار ( اخلاقي ۽ لاديني) ۽ بين ڪيترن ئي ثقافتن ۾، انساني حقن جي ٻولي يا ترقيءَ جو جديد نظريو اڃا گهٽ ڄاتو ۽ سڃاتو پيو وڃي. اهڙي طرح تنقيد جي ڪيترين فڪري درسگاهن کي اڀار ملي ٿو ، جيڪي ثقافتي رابطا ڪاري (cultural relativism) ، گروهه يا اجتماعي حقن، سياسي حقن ۽ ٻين حقن جي تصور کي هٿي ڏين ٿا. اهڙا سوال ۽ تضاد ان وقت به سامهون ٿي آيا، جڏهن اڃا انساني حقن جو عالمي پڌرنامو لکيو نه ويو هيو ۽ اهي درجي به درجي جاري رهيا. اگر هڪ دفعو به اهڙين تنقيدن کي جاءِ نه ڏني وئي ۽ انحراف ڪيو ويو ته ان جو اثر بنيادي “عالمگير قدرن” تي پوندو.

تاريخ ۾ ڏٺو وڃي ته گهڻو ڪري ماڻهن پنهنجا حق ۽ ذميداريون پنهنجي گروهه، ڪٽنب، قوم، قبيلي، مذهب، سماجي طبقي، برادريءَ يا رياست ۾ شامل ٿي ڪري ورتا پئي. گهڻو ڪري مختلف سماجن جون رسمون ان ئي “سون ورني اصول” تحت رهيون آهن ته “ٻين سان اهڙو ئي ڪيو، جهڙو هو اوهان سان ڪن ها”. هندن جا ويد، حموربيءَ وارو بابلي ضابطو ، جنهن کي

The Babylonian Code of Hammurabi چئجي ٿو، توريت ،ٻڌ مت، انجيل، قرآن مجيد ۽ ڪنفيوشس جي ڏاهپ، اهي سمورا اهي پراڻا تحريري وسيلا آهن، جيڪي ماڻهن جي فرضن، حقن ۽ ذميوارين کي بيان به ڪن ٿا ۽ فرد تي لاڳو به ڪن ٿا.

اهو عقيدو ته هر هڪ پنهنجي عمل مطابق فلاڻو يا فلاڻي انسانيت جي حوالي سان هئين يا هونئن آهي هڪ نئين ڳالهه ته لڳي سگهي ٿي پر ان جون جڙون اڳوڻي رسمن يا مختلف ثقافتن ۽ فلسفن ۾ ئي کتل آهن، جهڙوڪ مابعد الطبعياتي (Metaphysical) حوالي سان اهو چوڻ ته ماڻهو جتي ڪٿي ۽ هر وقت پنهنجا حق رکن ٿا، پر اهي ماڻهوءَ جا جوڙيل ناهن، اهي (حق) انسان ۾ ڄائي ڄم کان موجود هوند آهن (اخلاقي ڄم جو حق Moral Birth Right) يعني پيدائشي آهن. ۽ علم جي بنياد تي (Epistemological) اهو چوڻ ته هڪ عام ماڻهو به گهڻو ڪجهه ڄاڻي سگهي ٿو ۽ اهو به بنا ڪنهن جي مدد ڪرڻ جي (يعني بغير دليل ۽ شعور Reason & Conscience) جي )، انکان ڪو انڪار ڪري نٿو سگهي ته ته اهڙن فلسفن ۾ تضادن جي ڀرمار گهڻي آهي.

مٿين بحث مان ظاهر آهي ته انساني حقن جو جديد تصور به نتيجتن، ڪنهن واحد ڪلچر، مذهب، علائقي، فلسفي يا تهذيب جي پيداوار ناهي. اهو پڻ هڪ لڳاتار وهندڙ نديءَ جهڙو آهي، جيڪو وهندو رهيو آهي يا وهي رهيو آهي، جنهن ۾ مذهبن ، فلسفن، خيالن ۽ قانوني سرشتن (Legal Systems)۽ سماجي تحريڪن جا واهڙ ملي ڪري، ان کي شاهوڪار بڻائن ٿا.

UDHR ، انساني حقن جو پڌرنامو عام طور تي هڪ بين الااقوامي ميگنا ڪارٽا(International Magna Carta) تصور ڪيو وڃي ٿو، جنهن بين الااقوامي قانونن ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو، اقوام متحده جو اهو چارٽر ٻڌائي ٿو ته حڪومت کي پنهنجي شهرين سان ڪئين ورتاءُ ڪرڻ گهرجي، هاڻي هي هڪ بين الااقوامي مامرو آهي، نه ڪي، ڪنهن ملڪ جو داخلي مامرو آهي.

هي دعويٰ ڪري ٿو ته سمورا حق برابريءِ جي بنياد وارا آهن ۽ انهن کي بنهه ورهائي نٿو سگهجي. ان جو پيش لفظ واضح طور ٻڌائي ٿو ته:

پيدائشي عزت ۽ شان جي مڃتا، ۽ برابر ۽ اڻ لچڪدار سموري انساني ڪٽنب جا حق ، آزاديءَ ، انصاف ۽ دنيا ۾ امن جو بنياد آهن، ماڻهو ان کي هنيئن تسليم ڪن ٿا ته “ هي سمورن ماڻهن ۽ قومن جي حاصلات جو هڪ عام معيار آهي”.

عالمي انساني حقن جي پڌرنامي جو اثر انتهائي اهم آهي. ان جا اصول ڏکڻ کان اتر، اوڀر کان اولهه، ترقي پذير کان ترقي يافته، اشتراڪي کان سرمائداراڻا ملڪن ، ڌرتيءَ جي گولي تي وسندڙ ڪيترن ئي ملڪن جي آئينن ۾ شامل ڪيا ويا آهن، بنيادي انساني قانون، جيڪي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي 1973 جي آئين ۾ شامل ڪيا ويا، اهي ڪيترن ئي قسمن جا شهري، سياسي، اقتصادي ۽ ڪلچرل حق آهن، جيڪي عالمي انساني حقن جي پڌرنامي ۾موجود آهن، جيڪي اتساهه جو سبب بڻيا . انکان علاوه، ان ڪيترن ئي ٻين بين الااقوامي حقن جي ٻوليءَ کي متاثر ڪيو آهي، ۽ انهن ذريعن کي پڻ. جيڪي مختلف مامرن تي قانوني طور لاڳو ۽ غير لاڳو ٿيندڙآهن.

پاڪستان اهم انساني حقن جي معاهدن جي منظوري ڌني آهي، جيڪي موضوع وار ۽ مخصوص مامرا آهن، مثلن: شهري ۽ سياسي، اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي حق، تشدد جي ممنانعت ، عورتن، ٻارن، اقليتن، ليبر، ۽ معذور ماڻهو جي حوالي سان آهن، پر انهن جي تعميل ۽ نفاذ پنهنجي جاءِ تي هڪ رهجي ويل سوال آهي. اسان کي رڳو قانوني حالت تي نظر وجهڻ نه گهرجي، پر ٻين اهڃاڻن جهڙوڪ سماجي، اقتصادي۽ بنيادي ڍانچي ڏانهن به نهار ڪرڻ گهرجي.

انهن حقن جي حاصلات لاءِ نه رڳو حڪومتون پر معاشري ۾ رهندڙ هر فرد ، جماعت، تنظيمن ۽ گروهن کي انساني حقن جي ان حاصلات لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ سڀاڻي آمريڪا جي هڪ ٻئي شهر سينڊياگو ۾، سنڌي ۽ پاڪستاني ڪميونٽي جي طرفان پروگرام رکيو ويو آهي، جنهن۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ شهري، جن کي پاڻ Diaspora به چئون ٿا، اهي ان موضوع تي ڳالهائيندا ته پنهنجي ملڪ ۾ انساني حقن جي حوالي سان هو ۽ ملڪ جا شهري عالمگير انساني حقن جي حوالي سان ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا


Celebrating Human Rights

On December 10, 1948, sixty three years ago, Universal Declaration of Human Rights (UDHR) was adopted by 56 members of the United Nations (now it has 193 members) in Paris France. The vote was unanimous, although eight nations (USSR, UKSSR, BSSR, Czechoslovakia, Yugoslavia, Poland, South Africa and Saudi Arabia) chose to abstain. Pakistan along with other nine Muslim countries voted in favor and was represented by its delegate Shaista Ikramullah. She reiterated her support as, “It was imperative that the peoples of the world should recognize the existence of code of civilized behavior that will apply not only in international relations but also in domestic affairs.” According to the drafters of the declaration the choice of Paris was intentionally made to pay tribute to France, “the birthplace of the rights of man” a reference to French Declaration on the rights of man and citizen. This declaration was outcome of French Revolution in 1789, a people’s humanistic revolt against feudalistic conceptions.

Eleanor Roosevelt the chairperson of then UN Commission on Human Rights (CHR) now Human Rights council since 2006, which drafted the declaration has compared the importance of UDHR with all the documents asserting mostly individual rights, such the Magna Carta (1215), the English Bill of Rights (1689), the French Declaration on the Rights of Man and Citizen (1789), and the US Constitution and Bill of Rights (1791). Yet many of these documents, when originally translated into policy, excluded women, people of color, and members of certain social, religious, economic, and political groups. Nevertheless, oppressed people throughout the world have drawn on the principles of these documents and expressions to support revolutions that assert the right to self-determination or freedom from the forces of oppression and tyranny. But during the formulation of UDHR, language of natural rights and emphasis on individual rights was diluted with the insertion of legal rights. Thus UDHR retained appeal to both Natural rights frame -inherent, inalienable, equality, dignity and freedom with the system of positive law frame whereby rights holders and duty bearers are equally defined by and bound by the rules.

History reminds us that all above documents are the products of social movements, political revolutions or processes. But the role of religions and philosophies (moral as well secular) and various cultures is under recognized in the development of the modern concept or language of Human Rights. Thus it gives rise to criticism by various schools of thought who appeals to the notions of cultural relativism, group or collective rights, social rights and so on. Such questions and controversies have even started when declaration was not even drafted and will continue to evolve. Because once you deny venues for such criticism that will militates against its core “universal values”.

Throughout the most of history, people acquired rights and responsibilities through their membership in a group – a family, indigenous nation, religion, class, community, or state. Most societies have had traditions similar to the "golden rule" of "Do unto others as you would have them do unto you." The Hindu Vedas, the Babylonian Code of Hammurabi, Torah, Bible, the Holy Quran (Koran), and the Analects of Confucius are of the oldest written sources which address questions of people’s duties, rights, and responsibilities.

The belief that everyone, by virtue of her or his humanity, is entitled to certain human rights may appear new but its roots lie in earlier tradition and documents of many cultures and philosophies; metaphysical-that people everywhere and at all times have rights that are not man made but inherent in human person from the moment of birth (moral birth right) and epistemological or knowledge based-that ordinary people can come to know without expert aid (reason and conscience). There is no denying in the fact that such philosophies carry baggage of controversies.

Resultantly, modern concept of human rights is not a single product of particular culture, religion, region, philosophy or civilizations. Rather it is ever flowing river which has been/is enriched by falling streams of religions, philosophies/ideas and legal systems.

The UDHR, commonly referred to as the international Magna Carta, extended the revolution in international law ushered in by the United Nations Charter – namely, that how a government treats its own citizens is now a matter of legitimate international concern, not exclusive domestic affair. It claims that all rights are interdependent and indivisible. Its Preamble eloquently asserts that:

Recognition of the inherent dignity and of the equal and inalienable rights of all members of the human family is the foundation of freedom, justice, and peace in the world. Although people regard it "as a common standard of achievement for all people and all nations."

The influence of the UDHR has been substantial. Its principles have been incorporated into the constitutions of countries from South to North, East to West, Developing to Developed, Socialists to capitalists across the globe. The fundamental human rights incorporated in the 1973 constitution of the Islamic Republic of Pakistan, are the inspiration from various types of civil, political, economic, social and cultural rights encapsulated in UDHR. More ever it has inspired the language of scores of other international human rights legally binding and non-binding instruments on various issues.

Pakistan has ratified major human rights treaties on thematic and specific issues-civil & political, economic, social &cultural rights, torture prohibition and women, children, minorities, labor, disabled people. But the status of compliance and implementation is big question. We should not only look at the legal or law aspect alone but has to consider other social, economic, structural aspects as well.

Iqbal Ahmed Detho, M.Sc (Human Rights) LSE, Humphrey Human Rights Fellow, University of Minnesota.

Detho002@umn.edu

1-202-431-5374 (cell)

No comments:

Post a Comment