Saturday, December 31, 2011

ڪاوسجي، ڪراچي ۽ جمهوري صحافت

حسام ميمڻ

31 ڊسمبر 2011

ڪاوسجي، ڪراچي ۽ جمهوري صحافت

عبرت ۾ امداد سومرو جو آرٽيڪل پڙهيو، جيڪو هن اردشير ڪاوسجي جي ان ڳالهه تي لکيو آهي ته هن صحافت تان رٽائر ڪيو آهي ۽ Merry Christmas جي ڏهاڙي تي ڪاوسجي ڊان ۾ موڪلاڻي يا صحافت کان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي، مان چاهيان ٿو ته امداد سومرو جا ڪجهه احساس جيڪي هن ڪاوسجي لاءِ بيان ڪيا آهن، اهي هيٺ ڏيان ته جيئن ڳالهه ٿوري وڌيڪ واضح ٿئي:

1. هو اپر ڪلاس جي مفادن جو ڀرجهلو پڻ ٿي بيهندو هو ان ڪري هو جيڪڏهن ڪنهن ڊڪٽيٽر جو ظاهري طرح حامي نه به رهيو ته مخالف به نه رهيو

2. هو ذوالفقار علي ڀٽو جي ادارن کي نيشنلائيز ڪرڻ واري پاليسيءَ کان جيئن مخالف ٿي بيٺو ته ويندي ضياءَ الحق جو به جي حامي نه ته مخالف به نه رهيو

3. هو پيپلزپارٽيءَ جو ڪٽر مخالف آهي ۽ ايستائين جو محترمه جي شهادت تي به هن جو ڪالم ”محتاط پسندي“ وارو هو. بيگم نصرت ڀٽو جي حوالي کان پڻ هو بهترين ڪالم لکي سگهيو ٿي پر هن جي موت تي پڻ هن ٻه اکر نه لکيا

4. پر ڪائوسجي ڪراچيءَ جي اشرفيه سوسائٽي جو ماڻهو هو

5. هن جا جيڪي ٿورا سنڌي دوست آهن انهن ۾ الاهي بخش سومرو پڻ آهي جنهن کي هو ’آلو‘ سڏيندو آهي

6. اردشير ڪائوسجيءَ لاءِ ڪراچي پاڪستان آهي. هو سيڪيولر ۽ لبرل ۽ جناح جو پرستار آهي

7. ڄام صادق علي هجي يا ايم ڪيو ايم هو سڀني جي خلاف لکندو رهيو. پر هن جي قلم جيڪڏهن ڪنهن ڊڪٽيٽر کي رعايت ڏني ته اهو جنرل رٽائرڊ مشرف هو

8. ڪائوسجي ڪراچي جي جهنگ ۾ ان حد تائين گهيريل رائيٽر آهي جنهن مشڪل سان حيدرآباد ۽ سکر ڏٺي هوندي. ان ڪري هو سنڌ جي وسيع لينڊ اسڪيپ، ماڻهن، حالتن ۽ اشوز وغيره کان بي خبر جي نه ته اکين ڏٺو اڪائونٽ لکڻ کان قاصر رهيو آهي پر ڪراچي هن جي لاءِ ٽراءِ واري جنگ جيان رهي

9. ڪائوسجي کي پيپلزپارٽيءَ جهڙي عوامي پارٽي سان ڪا به همدردي نه رهي آهي. اصل ۾ هو ارسٽوڪريٽ آهي ۽ جناح صاحب جي ارسٽوڪريٽ سياست کان متاثر رهيو آهي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي عوامي سياست کي هو پسند نه ڪندو آهي

10.ملڪ جي لڳاتار ابتر حالتن کان مايوسيءَ جو اظهار ڪندي اردشير ڪائوسجي 25 ڊسمبر آچر واري ڪالم کي موڪلاڻي وارو ڪالم قرار ڏيندي پڙهندڙن جو ڏاڍو سڪ سان اظهار ڪيو آهي

امداد سائينءَ جي سموري آرٽيڪل جو تت مٿي بيان ڪيل ڏهه نڪتن ۾ انڪري ورجايو ويو ته جيئن اندازو ڪري سگهجي ته ڪاوسجي صاحب ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي ۽ هن ڪهڙي قسم جي صحافت پئي ڪئي. امداد هڪ گهڻ پڙهائو ، ڪهنه مشق ۽ سٺو صحافي آهي ۽ ڪاوسجي جي حوالي سان هن جو تجزيو ڪافي حد تائين ٺيڪ آهي. بس مان ڪجهه ڳالهڙيون ڪندس جيڪي صحافت جي ساڳي سلسلي ۾ ڪم جون آهن. سڀ کان پهريان ڪراچي جي ترقيءَ ۽ واڌ ويجهه جو مختصر بيان ڪجي ته جيئن خبر پوي ته ڪراچيءَ ۾ ڪاروبار ڪئين اڳتي وڌيو ۽ ايران کان آيل پارسين ڪيئن پنهنجي ڪاروبار ۽philanthropy کي گڏوگڏ هلايو. ڪراچي مڇيرن جي هڪ ننڍڙي آبادي هئي، جيڪا ڪلاچيءَ جي ڪن تي آباد هئ، جنهن کي مائي ڪولاچي چيو پئي ويو، سمنڊ جي ڪناري تي اڏيل ان ڳوٺ کان ئي مسقط ۽ بحرين تائين ڪاروبار شروع ڪيو ويو،

بنيادي طور ڪراچيءَ تي سنڌ جي ڪلهوڙن جي حڪمراني هئي، پوءِ اها شيءِ خان آف قلات جي ڪنٽرول هيٺ آئي ان وقت سامونڊي ڪاروبار کي هڪ ننڍي پورٽ ۾ تبديل ڪيو ويو.1795 ۾ ٽالپرن ڪلهوڙن کي معذول ڪيو ۽ ان ڳوٺڙي تي هاڻي مڪمل طور ٽالپرن جو ڌاڪو هيو.ٽالپرن منهوڙي وٽ ڳوٺ جي ڀرسان هڪ قلعو به اڏرايو جتي مسقط مان ڪجهه توبون به گهرايون ويون ۽ قلعي ٻاهران رکيون ويون. پهرين فيبروري 1839 هڪ برٽش شپ Wellesleyمنهوڙي جي ٻيٽ ڀرسان Anchor off ٿيو ۽ 3 فيبروري تي بنا گولي هلائڻ جي ٽالپرن هٿيار ڦٽا ڪيا، مڇيرن جي زندگي۽ مائي ڪولاچيءَ جي قسمت تبديل ٿي چڪي هئي، ۽ ٺيڪ 3 سالن کانپوءِ سنڌ کي برٽش شهنشاهيت جو حصو بڻايو ويو.

سنڌ کي اهڙي طرح هٿ ڪرڻ کان پوءِ چارلس نيپئر تڏهوڪي گورنر جنرل آف انڊيا ڏي هڪ پيغام اماڻيو جنهن ۾ هن اهوبه لکيو ته I have sinned” يعني مان گناهه جو ڪم ڪيو آهي.ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ برطانيه جي آرميءَ جون ڇانوڻيون ٺاهيون ويون. 1847 ۾ نيپئر جون بئرڪس قائم ڪيون ويون ۽ منهوڙي ۾ به اهڙين بئرڪس جو بنياد وڌو ويو.ميونسپل جون حدون 74 اسڪائر ميلن تائين وڌايون ويون، جڏهن ته شهر جي پکيڙ 4 اسڪائر ميلن تائين هئي.

اهڙي حالت ۾ ڪاروبار جي حالت ڇا هئي يا هوندي کي پرکڻ آسان آهي، ظاهر آهي، انتهائي ڏکيو ڪم هيو ۽ برطانيا جو راڄ هيو ۽ ان وقت سنڌ برٽس راڄ جي هڪ ڪالونيءَ کان سوا ٻيو ڪجهه نه هو ، پر اهڙي حالت ۾ به ڪي ماڻهو هيا، جن جوکم کڻي ڪاروبار ڪيو ۽ انهن جوکم کڻرندڙن (Risk Takers) ۾ هي ماڻهو شامل هيا:

1. حاجي ڊوسل اينڊ سنس ڪو، هن ڪمپنيءَ جنرل مرڪنڊائزنگ، فينسي شين ۽ بارود جو ڪاروبار ڪيو

2. محمد علي عليڀائي ۽ سنس، هن ڪمپنيءَ ملٽريءَ جي ٺيڪيداريءَ جو ڪيو

3. محمد علي علي ڀائي ڪريم جي ۽ سنس، هن ڪمپنيءَ هارڊويئر ، سپلاءِ ۽ ٽرانسپورٽ جو ڪم ڪيو

4. ٽي.ڪوسر ۽ ڪو، هن ڪمپنيءَ وري انجنيئرنگ ورڪس ۽ گودامن جو ڪم پئي ڪيو

5.

1861 ۾، ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين ريلوي جي پٽڙين جو پهريون ڄار وڇايو ويو، هن ئي سال ڪراچيءَ کان 10000 هزار ڪلو ميٽر پري American Civil War ٿي هلي، ان شهري جنگ دوران ئي انڊين ڪپهه جي تمام گهڻي گهر ٿي ۽ اها ئي گهر يعني demand ڪراچيءَ جي ڪاروبار لاءِ هڪ boom (اڀار/لهر) ٿي اڀري، ان دوران ڪراچي پورٽ جو ڪل ڪاروباري ملهه/قدر جنهن کي Total Trade value چئجي ، وڌي ڪري 6.6 ڪروڙ تائين پهتو جڏهن ته ٻاهر موڪليل cotton جو ملهه يعني export value هيو 80 لک روپيا. ياد رهي ته آمريڪن سول وار، جنهن کي تاريخ ۾ United States Civil War يا War between the States به چيو وڃي ٿو. اها 1861 کان شروع ٿي ۽ 1865 تائين هلي ، اها جنگ اتر ۽ ڏکڻ رياستن جي وچ ۾ ٿي هلي.

1864 ۾ پهريون دفعو ڪراچيءِ ۾ Direct Telegraph جي سروس جو افتتاح به ٿيو، هن سهولتڪاريءَ ۾ اضافو ڪيو ۽ هاڻي ڪراچي لنڊن سان ڊائريڪٽ واسطي ۾ اچي وئي. 1869 ۾ Suez Canal جي کلڻ سان ڪراچيءَ جي outreach (ٻاهر تائين رسائي) اڃا وڌي وئي، اهڙي طرح ڪراچيءَ جو قدر وڌي ٻيڻوٿي ويو ۽ هاڻي ڪراچي پورٽ هڪ Full-fledged Seaport ٿي ويو.

1873 ۾ ڪراچيءَ جو harbor هڪ فضيلت ڀريو ۽ ڪاروباري لياقتن سان ڀريل ٿي سامهون آيو. هاڻي شهر تيزيءَ سان وڌڻ ۽ ويجهڻ لڳو ۽ وسيع ٿيندو ويو. وري 1878 ۾ ريلوي لائين جيڪا پهريان ڪوٽڙيءَ تائين هئي ان کي پنجاب دهلي ريلوي لائين سان ملائڻ لاءِ ريلوي پٽڙين کي ملتان تائين ڇڪيو ويو، جيئن برٽش انڊيا جي پوري ريلوائي نظام سان ڪراچيءَ کي ڳنڍيو وڃي. محمد رفيع پنهنجي هڪ انگريزي مضمون Karachi Early History ۾ لکي ٿو ته انگريزين جي موجودگي ههڙي طرح هئي:

· چارٽرڊ بئنڪ آف انڊيا (1835)

· فريئر هال، جيڪو سر بارٽل فريئر جي ياد ۾ اڏايو ويو (1865)

· دي سنڌ ڪلب 1871

· سينٽ پيٽرڪس ڪيٿيڊرل (1881)

· ڪراچي جيم خانا (1886)

· سنڌ آرٽس ڪاليج (1897)

· وڪٽوريا ميوزيم (1887)

· انڊين لائيف انشورنس (1892)

· ليڊي ڊفرن اسپتال (1894)

· دي هائيڊن ڪمپني جيڪا فقظ انڊيا ۾ هئي ۽ پيانو ٺاهيندي هئي (1905)

· لوئس ڊريفس ۽ ڪو، جيڪا اناج جو ڪاروبار ڪندي هئي (1907)

· The Merewether Pier هي ڪاٺ جو ٿلو (pier ) جيڪو تڏهوڪي سنڌ جي ڪمشنر ميري ويدر جي نالي پٺيان سڏجي ٿو، جيڪو منهوڙي ۾ جوڙايو ويو، ته جيئن منهوڙي تي مسافرن کي سهولتڪاري ٿي سگهي

· ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ، جنهکي سولي طرح ڪي پي ٽي چيو ويندو آهي، اهو 1886 ۾ قائم ڪيو ويو ۽ East Wharf تي ڪم 1888 ۾ شروع ڪيو ويو

· بولٽن مارڪيٽ 1883 ۾ ٺاهي وئي ۽ 1890 ۾ Empress Market ٺاهي وئي.

هاڻي ڪراچي باقائده هڪ ميٽروپولٽن شهر جو ڏيک ڏيڻ لڳي، حقيقت اها آهي ته سنڌ سان لڳندڙ سمنڊ ئي ڪراچيءَ جي ستل قسمت جاڳائي ۽ هوءِ هڪ ڳوٺڙي يعني مائي ڪولاچيءَ مان ڪراچي ٿي وئي ۽ دنيا جي Mega cities ۾ شامل ٿي وئي، ڪنهن هن شهر کي عروس البلاد (شهرن جي ڪنوار) جا لقب ڏنا ته ڪنهن هن کي هن کي روشنين جو شهر چيو. هاڻي هن شهر جي آبادي وڌندي، نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته هن شهر ۾، هن شهر جي اصلوڪي شهرين ۽ سنڌي لوڪن جي آبادي ايتري ڪونه وڌي، هٿي الائي ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو آيا ۽ آباد ٿيندا ويا، جن ۾، ايراني/پارسي، يوروپيئن، گئا جا ماڻهو، ايستائين جو يهودي به رهندا هيا، ايستائين جو هن ڪراچي شهر ۾ يهودين جا عبادت خانا جن کي synagogue چيووڃي ٿو، اهي به هيا. جڏهن ڪراچيءَ جو پورٽ مظبوط ٿيو، انفرا اسٽرڪچر بهتر ٿيو ته ڪاروبار به وڌيو ۽ جن وٽ پئسا پائي هيا، اهي اچي هتي لڳائين پيا ۽ ڪمائن پيا، اهڙي طرح، هي شهر جهڙوڪ گلوبل شهر ٿي ويو ۽ اهو هڪ شاندار اصول آهي ته جتي ڪاروباري طبقو هجي، ته اتي دهشتگردي، ائين نه هوندي آهي، جهڙوڪ، ٻورين بند لاش ملن، گولين سان پروڻ جسم ملن، بم ڌماڪن ۾ انسانن جي جسمن جا ٽڪر هٿ اچن ۽ لاش کي ڳولهي نه سگهي، ڪاروباري ڪميونٽي ڪڏهن اهڙي واهيات قسم جي قتل عام جو ساٿ نه ڏيندي آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪاروباري ماڻهو ۽ ڪميونٽي ۾ پئس جي چوس هوندي آهي ۽ هو گهڻو ڪمائڻ جي ڪري مزدورن جو استحصال ڪندا آهن، اهو ته ورهاڱي کان اڳ به هوندو هيو ۽ جڏهن ڪراچي پر امن هئي، ڪا دهشتگري يا انتها پنسدي نه هئي تڏهن به مزدورن جو استحصال موجود هيو، اهو ڪم ڪراچيءَ ۾ زورن تي هيو، پر هڪ ٻي ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آهي ته ان وقت روپيو ڊالر جي ڀيٽ ۾ ايترو حقير نه هيو، جڏهن پاڪستان ٺهيو هيو ته ان وقت 3 روپين ۾ ڊالر ملندو هيو ۽ اڃ ڊالر 90 روپين ۾ ٿو ملي يا ان ۾ هيٺ مٿانئين اچي ٿي. سادي طرح اهو چئون ته اڃا ماڻهن ۽ حڪمرانن ۾ ڪجهه ايمانداري هئي، ۽ ڪساد بازاري ايتري عروج تي نه هئي، جنهن عروج تي اڄ آهي. ان وقت Inflation rate گهٽ هيو ته ماڻهو آرام سان ٽي ويلا کائي وٺندا هيا، پر پئسي واري ۽ غريب ۾ ان وقت به ڏينهن رات جو فرق هيو ۽ اڄ به آهي.سڀ خرابيون 1990جي ڏهاڪي کان پوءِ وڌيون آهن ۽ هاڻي ته هڪ غير يقينيت واري صورتحال آهي، خرابيون وڌي وڻ ٿي چڪيون آهن.

هونئن ته جيئن ئي پورٽ قائم ٿيو ۽ مضبوط ٿيو ته پارسي ڪاروبار ۾ رڌل رهيا پر 1882 کان هنن باقائده پنهنجي ڪاروبار ۽ ڪم جو ڌاڪو ويهاريو ۽ ڪراچيءَ کي ٺاهڻ ۾ هنن گهڻو ڪم ڪيو ۽ ڪيترائي ادارا قائم ڪيا، جهڙوڪ:

ايدل جي ڊنشا ڊسپينسري (1882)

ڪاوسجي ايند سنس ڪوئلي جي ڪاروبار ۽بنڪرنگ جا ٺيڪيدار

رستم جي بلڊنگ

ڪاوسجي ميولز مينشن بلڊنگ (1900)

بائي وربائيجي ورنيڪيولر اسڪول (1906)

ڪترڪ پارسي سئمنگ باٿ (1906)

برسٽل هوٽل، جيڪو ڊاسابائي بيرامجي منوالا 1907 ۾ ٺاهرايو

ماما مينشن جيڪو اردشير هورمسجي ماما 1914 ۾ ٺاهرايو

وربائي ڪترڪ ميٽرنٽي ونگ (ليڊي دفرن هاسپيٽل) 1916

ماما پارسي گرلز هاءِ اسڪول، جنهن لاءِ جمشيد نصروانجي مهتا ڊونيشن ڏني (1918)

رستم جي بلڊنگ 1928

ميشرز ڪترڪ اينڊ ڪو. جنهن جنرل اسٽور، شراب ۽ عرقيات import جو ڪم ڪيو، ان کان علاوه گولبائي ميٽرنٽي هوم، نصروانجي اينڊ ڪو ۽ پارسي جيم خانو وغيرهه.

هي اهي سڀ شيون آهن، جن شين تي ڊان ۾ 22 سالن تائين لکندڙ، مزدڪ جي پوئواري ڪندڙ، زرتشتي مذهب جي ماڻهو، سيڪيولر، لبرل ۽ انگريزي دان صحافي ارد شير ڪاوسجي ناز آهي، ناز ڇو نه هجي، هن وٽ ٻه اهڙيون شيون آهن، جيڪي زندگيءَ ۾ ماڻهن کي گهٽ پلئه پونديون آهن. هڪ پئسو ٻيو علم.

جن شين تي ڪاوسجيءَ قلم هلايو، انهن تي سنجيدگيءَ سان لکيو، هي پنهنجي لکڻ ۾ وڏي ڪاٽ رکي ٿو، هن جي لفظن ۾ مضبوطي آهي، هو هڪ satirist آهي. هن جا پنهنجا خيال آهن، آزادي پسند آهي، نقاد آهي، دليل جو قائل آهي،سٺو مشاهدو رکندڙ آهي، هن جي يادگيري به سٺي آهي، هو پنهنجي مڃائيندو آهي، ڇو ته هن وٽ مڃائڻ لاءِ انگريزي ٻوليءَ جو لفظ لفظ ساٿ ڏئي ٿو، ائين لڳندو آهي، هو پارسي ته آهي، پر پارسيءَ کان وڌيڪ سندس انگريزيءَ تي عبور آهي، ائين لڳندو آهي، هو سوچيندو ئي انگريزيءَ ۾، شايد خواب به انگريزيءَ ۾ ڏسندو آهي، هو جيڪو چوڻ چاهيندو آهي، چئي ويندو آهي. ڇو ته هو پڙهيل ڳڙهيل آهي، مونکي ياد آهي، اسٽينلي ولپرٽ جيڪو ذوالفقار علي ڀٽو تي ڪتاب لکيو هيو Zulfi Bhutto of Pakistan ان ڪتاب جي انتساب ۾ ڪاوسجيءَ جو نالو به لکيو هيائين، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ڪيترو وڏو ماڻهو آهي، جو ولپرٽ به ان ڳالهه ۾ خوش آهي ته هو ڪاوسجيءَ جو نالو لکي، هو پنهنجو ڪتاب هن جي نالي ڪري، نه ته ماڻهو وڏن ماڻهن سان تصويرون ڪڍائڻ لاءِ جتن ڪندا آهن. سڀکان وڏي ته ڪاوسجي انتهائي پئسي وارو ماڻهو آهي، هن کي ورثي ۾ جيڪا شيءِ ملي، اهڙي شيءِ ڪجهه ماڻهن کي ئي ملندي آهي، جڏهن اها ملندي آهي ته جهڙوڪ سڀ ڪجهه ملي ويندو آهي.شرط فقط اهو آهي ته ماڻهو پاڻ ٿورو گهڻو سمجهدار آهي، ڪاوسجي وڏو سمجهو ماڻهو آهي.

مونکي ياد آهي ته علي احمي رند هن سان مليو هيو، هن جو انٽرويو ڪيو هيو، اها اٺ يا ڏهه سال اڳ جي ڳالهه آهي، يا شايد ان کان به پراڻي. ڪاوسجيءَ سان ڪتو گڏ هيو، ۽ عليءَ کائنس پڇيو هيو ته ڪتو ساڻس ايڏو ويجهو ۽ پيارو ڇو آهي. ڪاوسجيءَ جواب ڏنو هيو ته انڪري جو هي ماڻهو کان وڌيڪ وفادار آهي، ان کي satire نه چئجي ته ٻيو ڇا آهي.

ڪاوسجيءَ جي هڪ ٻي خوبي اها به آهي ته هو پنهنجي آرٽيڪل جي هيٺان پنهنجي اي ميل جي ايڊريس ڏيندو هيو، ڪوئي هن سان ڪانٽيڪٽ ڪري ته کيس وقت سر جواب ڏيندو هيو، اهڙو ئي رابطو مان به هن سان ڪيو هيو، مون کيس اهو چيو هيو ته اوهان رڳو ڪراچيءَ جي اشوز تي لکو ٿا، پر سنڌ جا شهر اوهان وساري ڇڏيا آهن، اوهان اسان جي تر جي سياستدانن تي به لکو، انهن تي به قلم کڻو ڇو ته انهن کي به ماڻهن ووٽ ڏنو آهي، پر اهي ڪم جا ناهن، ڊان ۾ لکندا ته انهن جي به ناماچاري ٿيندي. چيو هيائين ان تر جا سياستدان ، جي انهن کي سمجهڻ چاهين ٿو ته 1988 کان وٺي اخبارون اٿلاءِ پٿلاءِ سڀ خبر پئجي ويندءِ ۽ پوءِ تون پاڻ ويهي انهن تي ڪتاب لک. هن جي ڳالهه ۾ وزن هيو ۽ بيڪ گرائونڊ ۾ ميسيج. خير اهي ته ٿيون پراڻيون ڳالهيون، پر نئين ڳالهه اها آهي ته امداد سائينءَ لکيو آهي ته ڪاوسجي ڊڪٽيٽر جي مخالفت نه ڪندو هيو ته حمايت به نه ڪندو هيو، پر انجو مطلب ڇا هيو، ڇا ان لاءِ شيخ اياز جو هي نظم ڪوٽ ڪجي ته

مون ته چيو هو توکي بابا

ڇو ٿو اهڙا گيت لکين

جو توتي زنجير وجهن ٿا

۽ هو در تي ٺڪ ٺڪ ڪن ٿا

ڇا ڪاوسجي اهڙي دور ۾ بلڪل اهڙي خاموشي اختيار ڪرڻ پئي گهري، جيئن انگريز دور جا poet laureate ، يا برِصغير مان جهڙو مثال غالب جو آهي، پر ڪاوسجيءَ لاءِ معاش جو مسئلو ته نه هيو، هن کي ناماچاريءَ جي لالچ به نه هئي، هو ته وڏي پئسي وارو آهي، هن وٽ لکڻ جو آرٽ به هيو ته دليل به ۽ هو دل وارو ماڻهو به آهي، ڇو ته هن ايم ڪيو ايم تي به ديده دليريءَ سان پئي لکيو، پوءِ ڇو، اهو سوال پنهنجي جاءِ تي اهم آهي، انڪري، مونکي فقير محمد لاشاري ياد اچي ٿو، ايستائين جو سنڌ جا هي سڀ بهادر ماڻهو ياد اچن ٿا، جن ڦٽڪا پئي کاڌا، جيل پئي ويا ۽ پنهنجي ۽ عوام جي حقن لاءِ وڙهيا پئي. ڇا جڏهن اهي مري ويا، شهيد ٿي ويا، يا زماني جي ظلم کان تنگ ٿي خاموش ٿي ويا، ته ڇا ان هنڌ تي اسانکي اهو ياد نه آيو ته اهي پنهنجي چپ ٿي ويا ته سنڌ جي ڪاز جا مورچا ڄڻ خالي ٿي ويا، ڇو ته امداد سائين لکيو آهي، هن جي قلم کان پوءِ صحافت جو ڄڻ مورچو بند ٿي ويو.

مونکي ياد آهي، امداد سومرو هڪ آرٽيڪل لکيو هيو جنهن ۾ هن لکيو هيو ته سائين جي ايم سيد ضيا کي ، هڪ ڊڪٽيٽر کي ڀليڪار ڪيو هيو، ته پوءِ مان فقط اهو ٿو چوان ته ڪاوسجيتي امداد ڳالهائي ته اٿو، صحافتي انداز ۾ تنقيد به ڪري ٿو، پر پوءِ به امداد پنهنجي لکڻ ۾ شانت آهي، هن دفعي مونکي الائي ڇو اها شعلا بياني نظر نه آئي. جڏهن ته ڪاوسجي ريگيلر لکڻ کان هٿ کڻي ويو آهي، عمر رسيده آهي، يڪو لکي لکي به ماڻهو هچ ٿي پوي ٿو، هونئن به ڪڏهن ڪڏهن شاعرن ۽ لکڪن جي لکڻ ۾ Writer’s Block ايندو آهي، شيخ اياز 1976 کان 1980 تائين وي سي رهيو ته اياز کان شاعري ئي وسري وئي، 4 سالن ۾ فقط هڪ ننڍڙو ڪتابڙو “لڙيو سج لڪن ۾” ڏنو، جنهن مان ائين پئي لڳو ته اياز تي فقط pessimism يعني مايوسي طاري آهي، سوا مايوسي جي ٻيو ڪجهه ناهي. پر وري اياز لکيو، الائي ڇو مان سمجهان ٿو ڪاوسجي لکندو، هو پنهنجي اندر جي ڳالهه کي ضرور سليندو، پر مان امداد جي استعمال ڪيل لفظ Aristocrat تي سوچيندو رهيو آهيان، الائي ڇو مونکي هي لفظ نه پئي آئڙيو، ٽيڪنيڪالي ٿي سگهي ٿو ٺيڪ به هجي پر منهنجي دل چوي ٿي، هو ايرسٽوڪريٽ گهٽ ۽ ڊيموڪريٽ وڏو آهي، هن ڊيموڪريسيءَ تي لکيو آهي، باقي مشرف ته هن تنقيد نه پئي ڪئي، ضيا تي به لکيو، پر جڏهن لکيائين ڀٽو جي خلاف، محترمه تي به هن قلم نه کنيو، جيئن کڻڻ گرجي ها. جيڪڏهن رڳو پئس هئڻ ڪري هي ايرسٽوڪريٽ آهي، ته پوءِ مان چوندس ته هن کي ايسٽوڪريٽ جي بدران Affluent چئجي ته بهتر. جي هي ايرسٽوڪريٽ آهي ته پوءِ بل گيٽس دنيا جو نمبر ون ايرسٽوڪريٽ آهي، ڇو ته 2011 ۾ جيتري ڊونيشن بل گيٽس ۽ ملنڊاگيٽس فائونڊيشن ڏني آهي، اها 3.3 بلين ڊالرس گرانٽ آهي، اها ايتري رقم آهي، جيتري رقم مان ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن پنهنجي پوري آپريشن آهي.

منهنجي نظر ۾، هو ايرسٽوڪريٽ ناهي، هو Affluent Democrat آهي، باقي جيڪا هن ڊڪٽٽرن لاءِ خاموشي اختيار ڪئي، يا کين ساراهيو، اها ڪاوسجيءَ جي انساني ڪمزوري يا bias آهي. باقي ماڻهو ڀلو آهي، بهترين، سنجيدهه ۽ سوبر صحافي آهي، هن ڪيترن ئي موضوعن کي ڇهيو آهي، جنهن ۾ هن پاڻ مڃايو آهي، ۽ پنهنجي لکڻين ۾ ڊيموڪريٽ آهي، هن جو living standard ڇا آهي، اهو اسانجو مسئلو نه هئڻ گهرجي، هن جي ذهني orientation ڪهڙي آهي، ان سان مان سمجهان ٿو اسانجو ڊائريڪٽ ڪو واسطو ناهي، مان امداد سان متفق آهيان ته هو لکڻ بند نه ڪري، پر جي پنهنجي آتم ڪٿ لکي ته زبردست. اهڙا ماڻهو لکڻ معرفت گهڻو ڪجهه ڏيندا آهن. باقي ڪاوسجيءَ جي اها ڳالهه به قابلِ تعريف آهي ته هو philanthropist آهي، ۽ پارسي ڪراچيءَ جا سٺا ۽ نالي وارا philanthropist هيا، ۽ پارسي ڪراچيءَ جي هڪ پر امن ۽ بزنيس ڪميونٽي آهي، جنهن ڪراچيءَ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو. رستم فڪرجي ڪاوسجيءَ جو پٽ اردشيخ ڪاوسجي 1996 ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو ۽ ڪاوسجي BVS پارسي اسڪول مان پڙهيو، پوءِ ۽ DJ Science College مان گريجوئيٽ ٿيو، پوءِ پنهنجي والد جي Cowajee Group ۾ سرگرم ٿي ويو، نينسي ڊنشا سان شادي ڪيائين ، جنهن مان کيس ٻه ٻار آهن، ڇوڪري ايوا ۽ ڇوڪرو رستم. پارسين واري philanthropy هن کي ورثي ۾ مليل آهي ۽ هائر ايجوڪيشن لاءِ شاگردن کي اسڪالرشپس لاءِ مڪاني طور يا ٻاهرين ملڪن لاءِ پئسا loan طور ڏيندو آهي، پر اهي پئسن جي واپسي کيس گهٽ ٿيندي آهي. ان لاءِ ئي مون چيو ته هو پڪو فلينٿروپسٽ پارسي آهي ۽ هڪ ڊيموگريٽ روح آهي، پر هر ماڻهوءَ ۾ ڪي ڪمزوريون ٿين ٿيون ۽ هي ڀٽو جو نقاد آهي، پوءِ اها محترمه هجي يا سندس پيءُ ذلفي ڀٽو آف پاڪستان. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو صحافين جي لاءِ هڪ وڏو زندهه مثال آهي، اسان جهڙا ماڻهو سندس لاءِ وڏي ڄمار لاءِ دعا ئي ڪري سگهن ٿا.

memonhisam@yahoo.co.uk

No comments:

Post a Comment