Sunday, December 11, 2011

سياسي چوٻول ۽ انساني خدمت


اڄڪلهه اهو چوٻول آهي ته صدر صاحب پاڪستان ڇڏي هليو ويو آهي، پاڻ کي ڪا خبر ناهي ته اصل مامرو ڇا آهي، پر سياسي لکاري يا ڪي تجزئي نگار ڳالهه کي ڳالهوڙو ڪن ٿا. خبرون ته خبرون آهن، هاڻي وينا ملک واري خبر کي ئي ماڻهن اشو بڻائي ڇڏيو آهي، اهو اشو به تڏهن ٿيو آهي، جو هن جي سڊول ٻانهن تي پاڪستان جي وڏي کان وڏي ڳجهي هٿ يعني ISI جو ليبل لکيل آهي، مان سمجهان ٿو، جي اهو لکيل نه هجي ها ته وينا جي اگهاڙپ non issue هجي ها. في الحال ته وينا جي پيءُ جو ساهه ٿو نڪري، جنهن چيو آهي ته مان ڌيءَ کي دولت مان ڪجهه نه ڏيندس، ڇوڪر منهجو ته ڇڏيو پر پاڪستان جو نالو ئي موچارو ڪري ڇڏيو آهي.

اسان وٽ Issue۽non-issue واري سياست ٿيندي آهي، مثال کڻي شوڪت عزيز جو وٺو، ،ملڪ جو واڳ ڌڻي رهيو، پر الائي جي ڪٿي آهي، ڪنهن کي ڪا خبر ناهي، ڳالهه آهي ته عوام جا مسئلا اڳ کان اڳرا آهن، حقيقت اها آهي ته وڌندڙ آباديءَ وانگر هتي جا مسئلا به روز بروز گهٽجڻ بدران وڌن پيا . غريب جي مسئلن جو حل ڪڏهن نڪرندو، ڪا خبر ناهي، باقي سيٺي صاحب ته سيٺ صحافي ۽ مها ڏاهو آهي، اهڙا تجزيا ڪندو آهي، لڳندو آهي ڄڻ فقط هي ئي ماڻهو آهي، جيڪو صحيح ٻڌائيندو هجي.

وڌيڪ ڏسون ته ڪيترو سڇ ۽ ڪيترو ڪوڙ آهي، اهو ته وقت ٻڌائيندو. مان ڪڏهن جو ڪالم لکڻ ڇڏيا پر اڄ دل چيو ته ٻه لفظ دوستن سان شيئر ڪجن ۽ هڪ عرض ته جيترو ٿي سگهي philanthropist , altruist & peaceful ٿيو، جنهن سان جنتا جي مسئلن جو ڪو تدارڪ ٿي سگهي، باقي هوا ۾ لٺيون ته روز لڳن ٿيون، زمين به اها ئي آهي ۽ آسمان به اهو ئي، ڪو فرق نه ٿو پوي!

No comments:

Post a Comment