Sunday, December 30, 2012

Woman, Man and a Sindhi saying

عورت، مرد ۽ هڪ سنڌي چوڻي
هيءَ چوڻي به عجيب آهي ته ”ڪٿي چور سڃا، ڪٿي ڍورَ سڃا“، جنهن دوست کي اندروني ڪهاڻيءَ جي خبر هجي ته هتي ضرور ونڊ ڪري اسان جي معلومات ۾ اضافو ڪري، پر ڪٿي ماريا مسئلي ۾ آهن ته ڪٿي مايون. 

مايون چون ٿيون اسان سان ظلم آهي ۽ ماريا چون ٿا انهن جو شان اوچو آهي پر غور سان ڏسجي ته عورتون اسان وٽ هميشهه ڏچي ۾ رهيون آهن، پر ڪي عورتون مردن لاءِ به ڏچو ثابت ٿيون آهن. مطلب شهر جي عورت ورڪنگ وومن آهي، انڪري، اهو ٿورڙي پاڻ ڀري آهي، پر پاڻ ڀرائپ جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن ليڪا لتاڙي وجهي ٿي، مطلب گهر کي ٽائيم گهٽ ڏيڻ، ٻارن کي وقت گهٽ ڏيڻ، مڙس کي به شڪايتون رهن ٿيون، ڪي وري اهڙيون عورتون به ٿين ٿيون جيڪي پاڻ کي مرد سمجهن ٿيون ۽ ڪن کي سچ ۾ مرد ٿي ڪم ڪرڻو به پوي ٿو.

ڳوٺاڻي عورت وڌيڪ ڏچي ۾ آهي، پوءِ اهو ڪير مڃي يا نه!

مرد صاحب ته ذهني ۽ جسماني طور هوندو ئي مرد آهي، انڪري، گهٽ مرد آهن، جيڪي عورت کي پاڻ جهڙو سمجهن، انڪري، گهرن ۾ اهڙي اڻبڻت اڪثر ٿيندي رهندي آهي. مرد سمجهي ٿو ته هن جهڙو ڪم عورت ڪري ئي نٿي سگهي، قدرت هن کي طاقت گهڻي ڏني آهي، هونئن به عورت رڳو کيتي ئي سمجهي ويندي آهي، جنهن ۾ ٻڇ ڇٽيو ۽ اها فصل ڏئي ۽ بس....

مسئلا بهرحال ٻنهي طرفن کان آهن، ڪٿي مرد بيڪار آهن ته ڪٿي عورتون، ڪٿي ڪٿي ٻئي سٺا آهن، ڪٿي ڪا ڌر مار ٿي کائي وڃي ته ڪٿي ڪا پر سماجي گاڏو مڙئي هلي ٿو. سماج ۾ ٻنهي جي هڪٻئي کان وڌيڪ ضرورت آهي، پر ڪڏهن عورت جي مسڪيني مسئلو آهي، ڪٿي عورت جي آزادي مسئلو آهي، ڪٿي مرد جي مردانگي مسئلو آهي ته ڪٿي هن جو هيڻو هئڻ. مونکي ته ائين لڳندو آهي ته ٻنهي سان مسئلو آهي، ٻئي پريشان آهن، ٻئي خوش به آهن. 

مونکي لڳندو آهي اهو جهان ائين ئي هلندو رهندو، انهن ٻنهي جي رشتي ۾ هڪجهڙائي هئڻ جي باوجود به هڪجهڙائي ناهي، اها به هڪ قسم جي diversity آهي ۽ diversity سماج ۽ ڪائتات جي خوبصورتي آهي، پوءِ ڇا اتي اهو پهاڪو استعمال ڪري سگهجي ٿو ته: 

ڪٿي ڍور سڃا، ڪٿي چور سڃا
31/12/ lang=A5 � t �� p� -size:14.0pt;font-family:Awami'>

Friday, December 28, 2012

We need to enhance our talent

اسانکي پنهنجو ٽيلينٽ نکارڻ جي ضرورت آهي
 هم ٽي وي چئنل تي هڪ ڊرامو هلي ٿو، جنهن جو نالو آهي ”زندگی گلذار ہے“ ڊرامي ۾ class stratification جي فرق کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ هڪ سائين (سنڌي ماڻهو) به ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو هڪ رَن سان دوستي رکڻ ٿو چاهي. اهي سڀ شيون اسان جي سماج جا مظهر آهن. پئسو آهي ته اهي ڪم اڪثر ماڻهو ڪرن ٿا، ڊرامن ۾ ۽ حقيقي زندگيءَ ۾ فرق آهي.

مونکي ڊرامي جي هڪ شيءِ وڻي اها ته هڪ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ غريب هيٺين لوور ڪلاس جي ڇوڪريءَ کي ميرٽ تي داخلا ملي وئي آهي ۽ ڪلاس ۾ جيڪي هن سان گڏ پڙهن ٿا، اهي elite class جا ماڻهو آهن، پئسي وارا آهن ۽ اهو به reflect ڪيو ويو آهي ته جيڪي عورتون پئسن واريون آهن، اهي ڪيئن NGOs ۾ ڪم ڪن ٿيون ۽ انهن جي نفسيات ڇا آهي، اهي ڪيتريون آزاد پسند آهن، جيڪي نه مڙس کي وقت ٿيون ڏئي سگهن ۽ نه ٻارن کي، جهڙوڪ انهن جا گهر انهن جي آزاديءَ ڪري ڀڄي ۽ ڀري رهيا آهن

مون ڳالهه پئي ڪئي غريب ڇوڪريءَ جي، جيڪا اهو پڻ محسوس ڪري ٿي ته هوءَ غريب آهي، وري هڪ هنڌ هڪ ڀاءُ ڀيڻ کان پڇي ٿو ته تون دير سان ڇو آئي آهين ته هوءَ ڀاءُ کي چوي ٿي ته تون conservative آهين. هڪ ڀيڻ رات جو 2:30 تي اچي ۽ جيڪڏهن ڀاءُ ان کي سمجهائي ته ان کي چوتيو سمجهيو وڃي ۽ جيڪڏهن هڪ ڀاءُ ڀيڻ کي اهو چوي ته هي مردن جو سماج آهي، اهو ٺيڪ ناهين ته تون رات جو ايڏو دير سان گهر اچين ته ڀيڻ موٽ ۾ اهو چوي ته تون روايتي ماڻو آهين مون کي تو جهڙو ڀاءُ نه گهرجي

انکان علاوه جيڪي ماڻهو ٻه شاديون ڪرن ٿا، انهن جا حال به ڏيکاريل آهن ته اهي ڪڏهن به توازن قائم ڪري نٿا سگهن ۽ هڪٻئي کي پهاڄون سمجهندڙ عورتون ڪيئن هڪٻئي جا گهر ڊاهن ٿيون ۽ اهو تصور سمجهڻ آسان ٿي وڃي ٿو ته عورت عورت جي دشمن ڪيئن آهي.

غريڀ ڇوڪريءَ جو هڪ ئي هٿيار ڏيکاريو ويو آهي ۽ اهو هن جو ٽيلينٽ آهي، جيڪو يونيورسٽيءَ جا ماڻهو محسوس ڪن ٿا ۽ هن جو ٽيلينت ٻين کي به پڙهڻ لاءِ inspire ڪري ٿو.

چوڻ جو مطلب به اهو ئي آهي سڀ شيون اسان جي سماج ۾ آهن، ناانصافيون، بد ديانتون، طبقاتي فرق، اوچ نيچ ۽ ظلم، پر ٽيلينٽ هڪ اهڙو اوزار آهي، جيڪو ڪيترن ئي فرقن کي ساڙي خاڪ ٿو ڪري ڇڏي، انڪري، مان عرض ڪندس ته اسان جي نوجوان نسل کي پاڻ تي ڀروسو رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي صلاحيتن کي پالش ڪن ۽ پنهجي ٽيلينٽ کي نکارن، سچ ته اسانکي ٽيليٽ جي ضرورت آهي

حسام ميمڻ
28/12/2012

Thursday, December 27, 2012

Rare Silver Fox

Rare Silver Fox
28/12/2012
 اڻلڀ قسم جو چانديءَ ورنو لومڙ

هن قسم جي لومڙن کي ”پشم پيدا ڪندڙ جانورن جو بادشاهه “ چيو ويندو آهي،
هن لومڙ جو ڪارو رنگ ، جنهن تي ريشم جهڙيون چانديءَ ورنيون جهالرون ٿين ٿيون. ان ک کل يا ريشم جهڙي کل جي ڪري ماڻهن انهن لومڙن جو صدين کان شڪار ڪري رهيا آهن. اهڙن سهڻن جانورن کي رڳو انڪري مارجي ته ماڻهو انهن جي کل واري ريشم جهڙي حصي مان پائڻ لاءِ ڪوٽ يا ٻيو ڪجهه ٺاهيندا، ڪيڏو عجيب آهي. لومڙ کي ماري ماري ماڻهن اڻلڀ ڪري ڇڏيو آهي.
هيءَ تصوير steffen Sailer ڪئناڊا جي Yukon علائقي ۾ ڪڍي ۽ مان wild for wildlife and nature  جو شڪر گذار آهيان، جن اها تصوير دنيا ۾ ڦهلائي ۽ جانورن جي حوالي سان هڪ سٺو پيغام ڏنو

نوٽ:
Yukon: A territory in northwestern Canada; site of the Klondike gold rush in the 1890s



Silver foxes have been called the "king of the fur-bearing animals" due to the popularity of their pelts throughout history.

The silver fox has black coloring and varying degrees of silver streaks. Its fur is so beautiful that the animal has been hunted for centuries because of this attractive feature. :(

No one needs to be wearing fur for any reason. :(:( 

Photographer: Steffen Sailor was able to capture the legendary and mysterious silver fox in Canada's Yukon Territory.

Tuesday, December 25, 2012

Ostensible worship and Pomp & show


جيڪي ماڻهو ظاهري عبادتن ۽ ٺاهه ٺوهه تي ڌيان ڏين ۽ سڀڪجهه هوندي دکي انسانيت جي سهڪار ۽ مدد نه ڪن، اهي ڪنهن ڪم جا ناهن، انهن جون عبادتون ۽ ٺاهه ٺوهه خدا ۽ انسان سان  ٺڳيءَ برابر آهن
25/12/2012


Temporary Troubles


پريشانيون وقتي ٿين ٿيون، پر ٿين ته پريشانيون ئي ٿيون، اها پريشاني ئي ڪهڙي،  جيڪا پريشان نه ڪري، ڪافي ماڻهو لفطن جو سهارو ڏئي ڪري ماڻهن کي چوندا آهن ته پريشان نه ٿيڻ گهرجي، اهي وقت هونديون آهن !

هائو، هر شيءِ وقتي آهي، زندگي به، هر شيءِ گذرڻ لاءِ آهي، هر شيءِ جو سج لهڻو آهي، هر شيءِ الوپ ٿيڻي آهي، اهو سڀني کي پتو آهي، پر پوءِ به انسان دشمني، عدم مساوات، بغض، حسد، ٻئي جي مدد نه ڪرڻ، ماڻهن کي مارڻ، قتل ڪرڻ، دهشتگردي، بري سياست ڪرڻ، ماڻهو ڇا نٿا ڪن وقتي مفاد لاءِ، توڙي جو سڀني کي خبر آهي ته هر شيءِ وقتي آهي، پر وقتي شيءِ جو مزو آهي يا ڪڙاڻ، جيڪو جنهن وقت چکي ٿو اها ته ان ئي روح کي خبر آهي!


26/12/2012

The world is diverse and will remain the same


دنيا diverse آهي، Diversityئي اصل شيءِ آهي، جيڪا دنيا ۾ رهندي، پوءِ ڇا اها ڳالهه ڏاهن کي سمجهه ۾ نه آئي جن اهو نعرو ڏنو ته سڀ هڪ ٿي وڃو، دولت جي ورڇ برابريءَ جي بنياد ڪئي وڃي، انهن کي سمجهه ۾ آيل هيو ته دنيا diverse آهي، پر اها نهن جي حسرت هئي، آرزو هئي، جن اهڙيون ڳالهيون ڪيون ۽ انهن ڳالهين جا بنياد سائنسي بنيادن تي به قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر دنيا ڏٺو ته اها شيءِ هلي نه سگهي (عملي طور)

سرمائيداري به خراب، ماڻهو ويٺا ٿا ان جي خلاف ڳالهائين، هن مهل تائين مونسا جيڪي به ماڻهو مليا آهن، انهن مان اڪثريت سرمائيداريءَ جي خلاف ڳالهائيندي آهي، پر ٻه ماڻهو ياد رهندا، جيڪي سرمائيداريءَ جي حمايت ڪندا رهيا آهن. هڪڙو ته مليو هيو حيدرآباد ۾ ان جو نالو اعجاز زرداري هيو، ان سان فيس بوڪ تي به هيلو هاءِ ٿي ڪجهه وقت اڳ، پر هو گم لڳو پيو آهي، گهڻي عرصي کان نه ملاقات ٿي آهي نه وري ڪو رابطو، اهو ماڻهو capitalism جو عاشق هيو، هو چوندو هيو، ته سرمائيداري مسئلن کي حل ڪري ٿي، پر خبر ناهي، هو ڪا ڪيپيٽل هن مهل تائي ٺاهي به سگهيو الائي نه! ٻي عورت مونسان فيس بوڪ تي ملي آهي، اها Atheist آهي، ان جو مڙس به Atheist ئي آهي، اها مائي سرمائيداريءَ کي مسئلن جو حل سمجهي ٿي، هوءِ چوندي آهي، دنيا جا مسئلا پئسي سان حل ٿين ٿا، زندگيءَ جون هڙئي سهولتون پئسي سان ملن ٿيون، تنهنڪري، capitalism بهتر آهي، باقي فاشزم، آمريت، سوشلزم ، ڪميونزم ۽ Authoritarianism خراب آهن، انهن دنيا کي نقصان پهچايو آهي، سرمائيداري بهتر آهي

ٻيا وري meritocracy جا قائل آهن، يعني اهڙا ماڻهو، انهن جو مذهب، آئڊيالاجي يا فڪر ڇا به هجي، پر اهي صلاحيتن کي بهتر سمجهن ٿا، هو چون ٿا ته جيڪڏهن صلاحيتن معرفت پئسو ڪمائي سگهجي ٿو ۽ امير ترين ٿي وڃجي ٿو ته برو ناهي، ان جو مطلب ته اهي به سرمائيداريءَ کي ئي سپورٽ ڪن ٿا

ٻيا آهن صوفي روح، جيڪي مادي شين کي بيڪار، وقتي ۽ خيال جي وچ ۾ روڙو سمجهن ٿا، سنڌ اهڙن الستي فقيرن سان ڀري پئي آهي، پر سچ اهو آهي ته انهن جو دور مختلف هيو، باقي جديد صوفين مان به ڪيترائي سرمائيداريءَ جي پوئواري ڪن ٿا. اڳي پاڻيءَ جو مسئلو نه هيو، جاءِ جڳهه جو مسلئلو نه هيو، روزگار جو مسئلو نه هيو، مسئلا ته اڳي به هيا، پر اهڙا ڪونه هيا، جيڪي اڄ جي دور ۾ آهن، ۽ ان وقت انفليشن جو چڪر به ايترو زوردار نه هيو، جيڪو هاڻي آهي، پوءِ اڳلا انسان جيڪڏهن خوش هيا ته اهو دور ئي اهڙو هيو، هاڻي گوتم پيدا ڪونه ٿا ٿين، هاڻي ڀٽائي جنم ڪونه ٿا وٺن. هاڻي جو دور ٻيو آهي، صوفي به اهو ناهي، روايتون زنده آهن، ڏڻ ، ميلا ۽ اهڙيون شيون آهن، پر اها شيءِ ناهي، جيڪا اڳي هوندي هئي، انڪري، اڄ جو صوفي به ان دور جي صوفين جهڙو ناهي، اڄ جو صوفي به موبائيل هلائي ٿو، ٽرين ۾ سفر ڪري ٿو، اڳي ماڻهو گهڻو پنڌ هلندا هيا، حالتون به ايترون خراب نه هيون، بک به ايتري ڪونه هئي، انڪري، هاڻي چڪر ئي ٻيو آهي، ڀلي ڪير صوفي سڏائي پر اهو بکين کان ڪونه کارائيندو، ڪجهه ماڻهو ته هر دور ۾ هوندا آهن، ڪجهه ماڻهو هوندا، ان کان انڪار ناهي، پر اڪثريت ڪم جي ناهي

مطلب جيڏانهن وڃبو، سچ آهي، رڃ آهي، نعرا آهن، سهڻيون ڳالهيون آهن، پر عدم برداشت، ٽنگون ڪڍن، پهريان پنهجو مفاد پوءِ ٻيو ڪم.. قرباني ۽ ايثار ڪڏهن جو ويا موڪلائي. باقي آهن ڳالهيون، ڳالهيون ته هر ڪو ڪري ٿو. اسان جي دعا ، آرزو ۽ تمنا اها آهي ته ماڻهو سچي دل سان ماڻهو جي مدد ڪن، انهن کي پاڻ جهڙو سمجهن، پرايا ٻچا نه مارائن، وڏيرڪي نفيسيات ختم ڪن ، پر اهو ممڪن نٿو لڳي، تنهنڪري، قيامت تائين لڳي ٿو اهو نظام ائين ئي هلندو رهندو، تنهنڪري، ئي مون مٿي مٿي لکيو ته دنيا Diverse آهي ۽ رهندي، سڀ نظام هن ڌرتيءَ تي رهندا ۽ ماڻهو شايد ڪڏهن به هڪ نه ٿيندا!

حسام
26/12/2012

Adolf Hitler says

Adolf Hitler was born April 20, 1889 in Braunau am Inn, Austria and died April 30, 1945
Hitler is a person, who is hated the most but his skills are very apparent and useful. He was very wonderful orator, some of his quotes are as under:



 _____________________________
Selection & translation in Sindhi by Hisam Memon
25/12/2012




1. And I can fight only for something that I love, love only what I respect, and respect only what I at least know
 ۽ مان رڳو ان شيءِ لاءِ وڙهي سگهان ٿو، جنهنکي مان پيار ڪيان،  اهو پيار ان لاءِ جو مان ان جي عزت به ڪندو آهيان، ۽ عزت انڪري، جو ان کي گهٽ ۾ گهٽ مان ڄاڻيندو سڃاڻيندو آهيان

 2. Demoralize the enemy from within by surprise, terror, sabotage, assassination. This is the war of the future
 دشمن کي حيرت ۾ وجهندڙ عمل، دهشت، تخريبڪاريءَ ۽ قتل معرفت اخلاقي طور ڪمزور ڪري سهگجي ٿو ۽ اها مستقبل جي جنگ آهي
  
3. It is always more difficult to fight against faith than against knowledge
 علم خلاف وڙهڻ کان عقيدي خلاف وڙهڻ هميشه ڏکيو هوندو آهي


Monday, December 24, 2012

Rebuilding Pakistan (regarding speech of Tahir ul Qadri)


23/12/2012


گذريل آرٽيڪل ۾ ئي اهو ڄاڻايو هيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ چونڊ مهم دوران مختلف پارٽين جا مختلف ايجنڊا هوندا ۽ انهن مان اهم نڪتو ڪرپشن هوندو، ان نڪتي سميت ئي 23 ڊسمبر 2012 تي مينار پاڪستان وٽ منهاج القرآن انٽرنيشل جي اڳواڻ ڊاڪٽر طاهر القادري ڀاشڻ ڏنو آهي، جنهن ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان جي هڙئي چئنلس ان  واقعي کي فوڪس ڪيو ۽ هن جي پوري تقرير  لائيو ڏيکاري وئي.

هن جي تقرير به انهن سڀني تقريرن جهڙي ئي هئي، جن ۾ اهو چيو ويندو رهيو آهي ته ملڪ کي سڌاريو ۽ سنواريو ويندو، هراهو ڪم ڪيو ويندو، جنهن سان ملڪ ترقي ڪري ۽ رياست مظبوط ٿئي. 5 ساله چونڊيل جمهوريت لاءِ هو اهو چوندو رهيو ته ڪرپشن ملڪ جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا، ڪيبنيٽ ۾ جيڪي چونڊيل ماڻهو ويٺا آهن، انهن مان مان ڪيترائي ٽيڪس ادا نٿا ڪرن ، تنهنڪري، هو ايم اين اي به ٿي نٿا سگهن، ڇو ته جيڪو 6 مهينن تائين ٽڪيس نٿو ادا ڪري، اهو آيئن مطابق درست ڪم ناهي ۽ اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ٻه سال سزا آهي، تنهنڪري، اهو ايم اين اي ٿي ئي نٿو سگهي، پر هتي اهڙا ماڻهو ايم اين اي آهن ۽ اها ڳالهه آئين جي خلاف ورزي آهي


ڊاڪٽر قادريءَ جي سياسي جلسي يا ڀاشڻ جو عنوان هيوnot politics  Save the state,  يعني رياست بچايو، نڪي سياست، پورو ڀاشڻ ٻڌڻ کان پوءِ اهو سامهون آيو ته هن جي اليڪشن مهم دوران ايجنڊا جا ڪجهه اهم نڪتا هي آهن:

ڪرپشن  جو خاتمو
چونڊ نظام کي بهتر بڻائڻ
ڌانڌلين جي سياست کي رد ڪرڻ /صاف سٿري چونڊن جو ٿيڻ
آئين جي بالادست
رياست کي بچائڻ

1. هاڻي جيڪڏهن انهن نڪتن تي هلڪو ڦلڪو به ڳالهائجي ته ذهن ۾ ڪافي سوال اچن ٿا، مثال طور ڪرپشن تي ڳالهائجي ته ڊاڪٽرقادريءَ به ان شيءِ کي ئي مثال بڻايو، جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ نيب جي   اڳواڻ ڪرپشن جي حوالي سان انڪشاف ڪيو ته روز 12 ڪروڙن جي ڪرپشن ٿئي ٿي. جيڪڏهن نيب نه ڳالهائي ها ته ڊاڪٽر قادري شايد ان ڳالهه تي ايترو زور ائين ڏئي نه سگهي ها جيئن ڀاشڻ ۾ ڏنو پئي، جيڪڏهن اهو چئجي ته ڪرپشن وارو نڪتو جيڪو نيب ڏنو آهي، ان ڪيترن ئي سياستدانن جا رستا هموار ڪري ڇڏيا آهن  ته هو ڪرپشن خلاف ڳالهائين ۽ ڪرپشن تي رڳو ڊاڪٽر طاهرالقادري نه پر هر پارٽي ڳالهائيندي ۽ ڳالهائي به ڇو نه ؛ اهو طلم ناهي ته ٻيو ڇاهي جو ملڪ ۾ ان ليول جي ڪرپشن ٿئي ٿي؛ نيب پنهنجي جاءِ تي بهترين ڪم ڪيو آهي، پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ان ڪرپشن يا ڪرپٽ نظام کي ختم ڪيئن ڪبو، ان لاءِ ڊاڪٽر صاحب ڪو اهڙو پروگرام ناهي ڏنو ۽ نيب آرڊيننس جي سيڪش نمبر 25 تي ڳالهائڻ جي ضرورت هئي، پر هن ان تي به نه ڳالهايو ته1999 واري نيب آرڊيننس   جو سيڪشن 25 Voluntary return  (Plea bargaining) تي مشتمل آهي، نڪتو هيٺ ڏجي ٿي:

The court or Chairman NAB with the approval of the court or appellate court, as the case may be, may release the accused
 يعني  جنهن ماڻهوءَ کي ڪرپشن جي الزام ۾ جهليو وڃي ۽ اهو اها اپيل ڪري سگهي ٿو ته هو پئسا واپس ڏيندو ۽  ڪورٽ کيس ان ڪيس مان جان آزاد ڪري ڇڏيندي. ڀلي هن ڪروڙ کاڌا هجن پر  plea bargaining يعني نيب جي سيڪشن 25 تحت آزادي ماڻي سگهي ٿو.

2. هن بار بار پنهنجي ڀاشڻ ۾ اهو چيو ته ته هو سياست کي ختم ڪرڻ نه آيو آهي، پر هو چونڊ نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ آيو آهي، انڪري، موجوه برسر اقتدار گڏيل حڪومت پيپلز پارٽي ۽ ٻيون هڪ نئون چونڊ جي اصلاح ڪري نه ته نئين سال جي جنوري مهيني جي 14 تاريخ تي لکين ماڻهن سان گڏجي مارچ ڪبو. ان ڳالهه تي غور ڪجي ته متحده به طاهر القادريءَ کي ڀليڪار ڪيو آهي ۽ ڇا اها خبر ڊاڪٽر قادريءَ کي ناهي ته متحده سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڇا رد عمل ڪيو آهي ۽ الطاف حسين کي contempt of court جي سلسلي ۾ پيش ٿيڻ جو به چيو آهي. پر طاهر القادريءَ متحدهه کي به ڀليڪار ڪيو آهي، ان مان واضح ٿئي ٿو ته قادري صاحب سياستدانن تي ڳالهائڻ ۽ هائوڪار ڪرڻ ۾ خوش آهي، ڀلي اهي آئين ۽ پاڪستان جي وڏيڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪن. ان مان ئي اندازو ٿيئ ٿو ته قادري صاحب ڪهڙي سياست ڪرڻ ٿو گهري. هڪ سوال اهو به ذهن ۾ اچي ٿو ته مثال طور جيڪڏهن ڪنهن به ان پارٽيءَ جو ماڻهو، جن کي قادري صاحب تنقيد جو نشانو بڻايو، اهو کيس جوائن ڪري ته ڇا هي ان کي رد ڪري سگهندو، ڪڏهن به نه، تنهنڪري جيڪي ڳالهيون ڪجن ٿيون ته ان تي پهريان پاڻ ته ماڻهو پورو لهي هن سان به ساڳيا ئي پاڪستاني سياسي گروهه آهن ۽ جيڪي اڀرندڙ سورج واري سياست ڪندا رهيا آهن. جيڪڏهن پوزيشن اها ئي رهي ته ڪو سياسي رفارم نه ٿيندو. چونڊن جي نظام کي بهتر بڻائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، جڏهن اليڪشن ڪميشن کي ئي ڪير نه مڃي، جڏهن وڏي ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪيو وڃي ۽ روڙا اٽڪايا وڃن ته پوءِ چونڊن وارو نظام ڪٿان بهتر ٿيندو

3. چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيڻ تي به ڊاڪٽر طاهر القادريءَ ڳالهايو، پر ڪراچيءَ واري اشو کي هن نظر انداز ڪري ڇڏيو، پر جنهن متحده سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ رنڊا اٽڪايا آهن، اها پارٽي ڊاڪٽر قادريءَ سان گڏ آهي. سپريم ڪورٽ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي ڪورٽ آهي، ان جو احترام نه ڪيو وڃي ته پوءِ بچي ڇا ٿو، جيڪڏهن قادري صاحب رياست بچائڻ گهري ٿو ته پوءِ انهن سمورين پارٽين کي ۽ ان جي ماڻهن کي به پاڻ کان الڳ رکي، جيڪي پاڪستان جي وڏي ڪورٽ جي فيصلن کي نه مڃين، شٽر بند هڙتالون ڪرن ۽ ماڻهن جو جيئڻ حرام ٿي وڃي.
4. ڊاڪٽر طاهر القادريءَ پنهنجي ڀاشڻ ۾ چيو ته مان ماڻهن کي آئين جو حافظ ڪندس، انڪري، مان آئين پٽاندڙ ڳالهائيندس، ان جي خلاف جيڪو ويندو، ان جي خلاف پهريان مان هوندس، جيڪڏهن ائين آهي ته سپريم ڪورٽ جيڪو حدبنديءَ وارو فيصلو ڏنو، اهو به آئين پٽاندڙ آهي، پوءِ ڇو ان کي نٿو مڃيو وڃي، پوءِ ڇو قادري صاحب جي اسٽيج سنڀاليندڙ به اهي ماڻهو آهن، جيڪي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ هڙتالون ڪن ٿا، ماڻهن کي بي روزگار ڪن ٿا، اها ڪهڙي سياست آهي، جو ڪورٽ سڳوريءَ جي فيصلي کي نه مڃجي ۽ هڙتالون ڪرائجن.

ان حوالي سان اهو چئجي ته پاڪستان جا ماڻهو به اهي ئي آهي، پارٽيون به اهي ئي آهن، انڪري، اهي ساڳيا ئي ڪردارآهن سڀ، ڪا به نئين شيءِ ناهي، ڪا به نئين پارٽي ناهي، ۽ نه وري ڪا آسمان مان اهڙي شيءِ نازل ٿيندي، پوءِ سڀني کي هلائڻ جي ڳالهه ڇو نه ڪجي، اهو ضروري ته ناهي ته برسر اقتدار ٿي ڪم ڪجي، آپوزيشن ۾ ويهي ڪري به ڪم ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن ملڪ جي ڀلائي منظور آهي.

5. 23 ڊسمبر واري جلسي جو عنوان ئي اهو آهي ته سياست نه پر رياست کي بچايو، اهو هڪ نعرو آهي، باقي سياست کان سوا رياست کي ڪڏهن به بچائي نٿو سگهجي، قادري صاحب پاڻ به ته سياست ئي ڪرڻ ٿو گهري، جيڪو هي صاحب چئي اهو ٺيڪ آهي، جيڪڏهن ٻيا ڳالهائين ته اها سياست آهي. ٻي ڳالهه اها به سمجهه کان بالاتر آهي ته رياست کي آخر ڪهرو خطرو آهي، اها ڳالهه به قادري صاحب جي ڳالهه ۾ ڪا واضح پروگرام طور ڪونه هئي، سوا ان جي ته ڌارين ملڪن جي غلامي نٿي گهرجي، ڊرون حملا نه بند ٿيڻ گهرجن وغيره.

جيڪي شيون قادري صاحب پنهنجي ڀاشڻ ۾ چيون آهن، اهي سموريون ڳالهيون سڀ ڪرن ٿا، ڪير ڊرون حملن جي خلاف ناهي، ڪير ٿو چوي ته پاڪستان جا شهري ڌارين ملڪن جا غلام هجن، اهو ڪير به نٿو چاهي. جيڪڏهن غور سان ڏسجي ته پاڪستان جي سياسي تاريخ ڪرپشن سان ڀري پئي آهي، هر محاذ تي ڪرپشن آهي. اهو ملڪ جو اندروني نظام ڪمزور آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهو سڀ ڪرپٽ سياستدانن جي ڪري ئي ٿيو آهي، پر کير جو ڌوتل ڪير آهي اهو ليڊر ملڻ به احمقن جي جنت ۾ رهڻ برابر آهي، حقيقت اها ئي آهي ته حمام ۾ سڀ ننگا آهن.

ڳالهيون ته سڀ سٺيون ڪندا آهن، سڀ آئين جي بالادستيءَ جي ئي ڳالهه ڪندا آهن، پر جڏهن برسر اقتدار اچجي ٿو ته پوءِ مليل حڪومتي فائدن ۽ دٻدٻي ۾ هر شيءِ وسري ويندي آهي. باقي رهي وڏيرن جي خلاف ڳالهائڻ واري ڳالهه ته وڏيريت هڪ رويو آهي، جيڪو ملان ۾ به آهي، ڪاموري ۾ به آهي، سياستدان ۾ به آهي ته ٻين ۾ به آهي. ڇا اها وڏيرڪي نفسيات ناهي ته ڪا پارٽي يا گروهه ان حد تائين وڃي جو اهو پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي خلاف ٿي بيهي رهي ۽ هڙتالون ڪرائي يا رنڊا ۽ روڙا اٽڪائي!؟

مک نڪتا ڀاشڻ جا اهي ئي آهن، پر ڪجهه ماڻهن جا اهي ڪمينٽس آهن ته ماضيءَ ۾ به ائين ئي ٿيندو رهيو آهي، ته اوچتو هڪ ماڻهو پاڪستان ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ کان اچي ۽ رش کڻي، ان کي هٿ کان وٺي ڌيان ڏنو وڃي، سڀڪجهه ائين لڳي جهڙوڪ اڳ ئي طئهِ ٿيل هجي، ساڳي شيءِ ڊاڪٽر طاهر القادريءَ جي حوالي سان افواهه آهن ته هو اوچتو ڪٿان آيو، هن جي پويان ڪير آهي، اهو بلڪل ائين ئي آهي، جيئن پاڪستان جو اڳوڻو وزير اعظم شوڪت عزيز آيو، ان ٿر مان ارباب رحيم سپورٽ ڪري کٽرايو، ۽ پوءِ هو ائين گم ٿي ويو، ڪنهن کي خبر ئي نه پئي ته هو ڪيڏانهن ويو.

پاڪستان ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي ته ڳجها هٿ سياسي رانديون ڪندا رهيا آهن ۽ اها ڳالهه ڪا هاڻي نئين نه رهي آهي ته اهو ڪم ڪيئن ٿيندو آهي، اصغر خان وارو ڪيس پاڪسان جي تاريخ جو هڪ وڏو ڪيس آهي. اوچتو ڊاڪٽر نجي چئنلس تي ڳالهائي ٿو، وري 23 ڊسمبرتي اچڻ جا سانباها، وري ايڏي وڏي پئماني تي سڪيورٽي، ارينجمئنٽ، ۽ ڀاشڻ دوران قادري صاحب جا اهي سڀني شين لاءِ شڪرانا بجا آڻڻ ۽ ميڊيا جا به شڪرانا بجا آڻڻ وغيره.

چوڻ وارا چون ٿا ته اهو هڪ شو آهي، جيڪو پيپلز پارٽي، نواز ليگ يا عمران خان کي ڏيکاريو ويو ته هيئن به ٿي سگهي ٿو، پر هڪ ڳالهه واضح آهي ۽ ڏاڍي دلچسپ به ته پنج پوڻا پنج سال پيپلز پارٽي متحده کي reconciliation جي بيناد تي فائدا ڏيندي رهي ۽ سنڌ ۽ سنڌين کي isolate ڪندي رهي ۽ متحده وري سورج مکيءَ وانگر اڀرندڙ سورج ڏانهن ڌيان ڇڪيو ۽ ايستائين جو ڊاڪٽري قادريءَ جي اسٽيج سنڀاليندڙ به متحده هئي. جنهن متحده جي پروگرام کي پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ايتري سپورٽ ڪئي جو پوري سنڌ اٿي بيٺي ته ٻٽو نظام ٺيڪ ناهي، سنڌ جي خلاف آهي، احتجاج ٿيا پر پيپلز پارٽي ان کي نهاريو ئي نه ۽ هاڻي اهو وقت پري ناهي جو وري پيپلز پارٽي سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندي ۽ وري نماڻي ٿي شهيدن جا ذڪر ۽ ڪيا ويندا.

اهي سڀ سياسي شيون سڀني جي اڳيان اچي ويون آهن پر اها ڪيڏي نه دلچسپ ڳالهه آهي متحده سنڌ حڪومت ۾ پيپلز پارٽيءَ سان گڏ آهي، پر هن وقت متحده جون سموريون چاهتون ڊاڪٽر قادري صاحب لاءِ آهن. اها ئي سياست آهي، جيڪا اصولن تي گهٽ ۽ مفادن تي وڌيڪ هلي ٿي.

پاڪستان ۾ رونما ٿيندي سڀ سياسي مظهر عوام جو ڌيان ڇڪرائن ٿا ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ فيصلو عوام جي هٿ ۾ ئي ايندو ته هو ڪهڙو پاڪستان ٿا اڏن. اها سڀني جي آرزو آهي ته هڪ نئون پاڪستان اڏجي ، هڪ اهڙو پاڪستان جتي خوشحالي هجي، انسان حقن جي پاسداري هجي، امن هجي، ڪنهن قسم جي اقرباپروري ۽ ڪرپشن نه هجي، هر بيماريءَ کان آجو پاڪستان عام ماڻهوءَ جو خواب آهي، جيڪي اهڙي خواب ڏيکارين ٿا ، انهن جا خواب ساڀيا ماڻي چڪا آهن، انهن وٽ مال به آهي ۽ سٺو حال به ته شاندار مستقبل به پر عام ماڻهو جيڪو 65 سالن کان پيڙهبو اچي ٿو ان لاءِ رڳو ڳالهيون آهن، هاڻي وري وقت اچي ٿو ته عوام پنهجي خوابن کي ساڀيا ماڻائڻ لاءِ اهڙن ماڻهن کي چونڊي جيڪي واقعي عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ڪي بنيادي سهولتون پيدا ڪري سگهن. وڌيڪ اڃا اليڪشن ۾ ڪجهه وقت آهي، ڏسون ته اڳتي ڇا ڇا ٿئي ٿو!
memonhisam@yahoo.co.uk
Published in Daily Ibrat Hyderabad on 25 Dcember 2012

Saturday, December 15, 2012

Comments about:social media and online extremism


ڪاوش ۾ اشفاق آذر جو آرٽيڪل ”سوشل ميڊيا ۽ آن لائين انتهاپسندي“ پڙهي، ڪنهن حد تائين (ٿوري حد تائين) اتفاق ڪرڻو ٿو پوي، پر اهو به ڪنهن ڪم جو ناهي، باقي جيڪا ڪاوڙ هن صاحب کي سوشل ميڊيا تي آهي، اها ڳالهه سمجهه کان ئي ٻاهر آهي، ڇو ته هو جنهن اداري ۾ ڪم ڪري ٿو، اهو ادارو جهڙوڪ ناسا هجي، جيڪو هر شيءِ کي سائنسي نقطه نگاهه کان ڏسندو هجي!

شروعات هميشهه پاڻ کان ڪرڻ گهرجي، ٻه لفظ پنهنجي اداري تي به ڪڏهن لکي ته سٺو ڪم ٿي پوي، ڇو ته هو اداري ۾ رهي اداري جي شين تي وڌيڪ آسانيءَ سان ڳالهائي سگهي ٿو ته ادارو قوم کي ڇا ڏنو آهي يا ڏئي رهيو آهي

مثال طور گانن وارو ڪلچر جيڪو هن اداري ڏنو آهي يا ڏئي رهيو آهي، يا جيڪي ڊرام ڏنا اٿس يا ڏئي رهيو آهي، انهن سڀني شين تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي.

سوشيل ميڊيا خاص طور تي فيس بوڪ ڪا اخبار ناهي جو ڪنهن هڪ همراهه جي monopoly قائم هجي، تنهنڪري، اها توقع هر شيءِ ۾ نه رکڻ گهرجي.

سوشل ميڊيا تي گهڻو ڪجهه آهي، اهو ماڻهوءَ تي پاڻ تي مدار رکي ٿو ته هو ڇا ڪري رهيو آهي. باقي هر سطح تي ڪي ماڻهو هڪ هٽي (monopoly) چاهن ٿا ۽ ساڳي شيءِ ماڻهو  فيس بوڪ لاءِ به چاهن  اهو غير عقلي ڪم آهي. باقي هر قسم جا ماڻهو سماج ۾ آهن، انهن کي يا ته قبول ڪجي يا انهن جي ٽريننگ ڪجي، هروڀرو جتي ڪٿي ڊانشوري ڏيکارڻ جي ضرورت ناهي
حسام ميمڻ
15/12/2012
  • Muneer Memon بلڪل ٺيڪ پيان ڇئو سائين حسام.
    9 hours ago · Unlike · 1
  • Muneer Memon انهن ادارن ئي ته سنڏي ڪلڇر جو بيڙو عرق ڪيو.
    9 hours ago · Unlike · 1
  • Ibrahim Saleh Mohammad اصل ۾ اهيو سوشل ميڊيا اي آهي جنهن هڪ پاسي اڄ سموري دنيا کي هڪ پليٽ فارم تر ڳنڊي هڪ نئين دنيا تخليق ڪئي آ ... ته ٻئي پاسي پرنٽ ۽ الڪٽرانڪ ميڊيا جي هڪ هٽي کي به ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي ....
    9 hours ago · Unlike · 1
  • Wafa Munwer Zour بلڪل صحيح لکيو توهان ادا حسام
    9 hours ago · Unlike · 1
  • Ibrahim Saleh Mohammad باقي هر سطح تي ڪي ماڻهو مونوپولي چاهن ٿا ۽ ساڳي شيءِ ماڻهو فيس بوڪ لاءِ به چاهن اهو غير عقلي ڪم آهي....واھ حسام !!
    9 hours ago · Unlike · 1
  • Hisam Memon سائين اخبارن ۾ ماڻهو ويهه ويهه سالن کان ڪم ڪرن پيا، انهن سينئر ماڻهن کي هن وقت اهي ادارا پگهار ڇا ٿا ڏين اها ڏسو، يا صحافي مري وڃي ته اهو ڇا ٿا ڪن، يا اخبار ۾ به ڪيترائي ماڻهو ياري باشيءَ ۾ ڇپجن ٿا، اهي سڀ شيون آهن، انهن تي لکڻ جي ضرورت آهي، دوستن کي گهرجي ته ان شيءِ تي ڌيان ڏين، فيس بوڪ ابراهيم صاحب چواڻي ته ڪيترن ئي اداران جي مونوپولي ٽوڙي آهي.

    جيئن پيپلز پارٽي گذريل 42 سالن کان ماڻهن کان جذباتي طور ووٽ وٺندي رهي آهي تيئن ئي چئنلس لاءِ به سنڌي ماڻهن جو mercy vote رهيو آهي.

    مثال طور علي قاضي صاحب تي پهريا ڪو نه ڳالهائيندو هيو، ڪنهن اخبار ۾ به اهو لکيو وڃي ها ته شايد نه ڇپجي ها، پر سوشل ميڊيا اهو موقعو ڏنو ماڻهن کي، اهو غلط ته ناهي جيڪڏهن ڪير پنهنجي اظهار جي آزادي ڪري، گند تي دنيا جي هر ڪنڊ ۾ آهي، ڪي وائيٽ ڪالر ٿي ڪرن ٿا، ڪي بليو ڪالر ٿي، ڪي بنا ڪالر جي به گند ڪن ٿا، هر هنڌ ساڙ ساڙان آهي، پئس حاصل ڪرڻ جي هٻڇ آهي، طاقت حاصل ڪرڻ جي خواش آهي، مطلب ته هر ڪنهن کي سڻڀي گرهه جي ضرورت آهي، جيڪڏهن سوشل ميڊيا تي والنٽيئر ٿي ڪري ماڻهو ڪو سٺو ڪم ڪن ٿا ته ان جي به ته ساراهه ڪئي وڃي، رڳو وڏون ڪڍڻ ڪٿان جي دانشوري آهي
    9 hours ago · Like · 3
  • Hisam Memon سنڌ جي سمورن اهڙن اداران کي مزدور جي پگهار تي سوچن گهرجي، پنهنجا نوازي به نه ڪرڻ گهرجي، نوجوانن جي ٽرينگ به ڪن. باقي جيئن اچي ڳالهائجي ٿو، سچ کي ٽوڙي مروڙي پيس ڪيو وڃي ٿو، اهو ئي اصول ادارن تي به لاڳو ٿيڻ گهرجي، عوام هر شيءِ جا پئسا ڀري ٿو، اڻ سڌا ڳرا ٽيڪس ڀري ٿو، ان ڪري انهن تي رحم ڪيو دانشور دوستو ، مڃيوسين ته ڪافي غلط به ٿئي ٿو، پر اهو ته سياست کان صحافت تائين ٿي رهيو آهي، ڪير آهي، جيڪو چوي هو کير مان ڌوتل آهي، جيڪڏهن ڪجهه ادارا کير مان ڌوتل آهن ته انهن کي پوءِ به پنهنجي صفائي ڪرڻ گهرجي ته ڪٿي ڪو گند اڃا ته چنڀڙيل ناهي، پر کير سان تڙ ڪرڻ جي ضورت ناهي، پاڻي ئي بهتر آهي
    9 hours ago · Like · 2
  • Hisam Memon اليڪٽرانڪ ميڊيا وارا ڪارٽونن جي صورت ۾ جيڪا ماڻهن جي يا سياستدانن جي مذاح جي نالي ذلالت ڪن ٿا، ڇا ان جي ڪا قانون سازي آهي، ڪو اخلاقي دائرو آهي
    9 hours ago · Like · 2


Following is an article of Ashfaq Azar published in Daily Kawish Hyderabad 

http://www.thekawish.com/www3/Articl_column/Kaw-Writer-18.html