Monday, December 24, 2012

Rebuilding Pakistan (regarding speech of Tahir ul Qadri)


23/12/2012


گذريل آرٽيڪل ۾ ئي اهو ڄاڻايو هيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ چونڊ مهم دوران مختلف پارٽين جا مختلف ايجنڊا هوندا ۽ انهن مان اهم نڪتو ڪرپشن هوندو، ان نڪتي سميت ئي 23 ڊسمبر 2012 تي مينار پاڪستان وٽ منهاج القرآن انٽرنيشل جي اڳواڻ ڊاڪٽر طاهر القادري ڀاشڻ ڏنو آهي، جنهن ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان جي هڙئي چئنلس ان  واقعي کي فوڪس ڪيو ۽ هن جي پوري تقرير  لائيو ڏيکاري وئي.

هن جي تقرير به انهن سڀني تقريرن جهڙي ئي هئي، جن ۾ اهو چيو ويندو رهيو آهي ته ملڪ کي سڌاريو ۽ سنواريو ويندو، هراهو ڪم ڪيو ويندو، جنهن سان ملڪ ترقي ڪري ۽ رياست مظبوط ٿئي. 5 ساله چونڊيل جمهوريت لاءِ هو اهو چوندو رهيو ته ڪرپشن ملڪ جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا، ڪيبنيٽ ۾ جيڪي چونڊيل ماڻهو ويٺا آهن، انهن مان مان ڪيترائي ٽيڪس ادا نٿا ڪرن ، تنهنڪري، هو ايم اين اي به ٿي نٿا سگهن، ڇو ته جيڪو 6 مهينن تائين ٽڪيس نٿو ادا ڪري، اهو آيئن مطابق درست ڪم ناهي ۽ اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ٻه سال سزا آهي، تنهنڪري، اهو ايم اين اي ٿي ئي نٿو سگهي، پر هتي اهڙا ماڻهو ايم اين اي آهن ۽ اها ڳالهه آئين جي خلاف ورزي آهي


ڊاڪٽر قادريءَ جي سياسي جلسي يا ڀاشڻ جو عنوان هيوnot politics  Save the state,  يعني رياست بچايو، نڪي سياست، پورو ڀاشڻ ٻڌڻ کان پوءِ اهو سامهون آيو ته هن جي اليڪشن مهم دوران ايجنڊا جا ڪجهه اهم نڪتا هي آهن:

ڪرپشن  جو خاتمو
چونڊ نظام کي بهتر بڻائڻ
ڌانڌلين جي سياست کي رد ڪرڻ /صاف سٿري چونڊن جو ٿيڻ
آئين جي بالادست
رياست کي بچائڻ

1. هاڻي جيڪڏهن انهن نڪتن تي هلڪو ڦلڪو به ڳالهائجي ته ذهن ۾ ڪافي سوال اچن ٿا، مثال طور ڪرپشن تي ڳالهائجي ته ڊاڪٽرقادريءَ به ان شيءِ کي ئي مثال بڻايو، جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ نيب جي   اڳواڻ ڪرپشن جي حوالي سان انڪشاف ڪيو ته روز 12 ڪروڙن جي ڪرپشن ٿئي ٿي. جيڪڏهن نيب نه ڳالهائي ها ته ڊاڪٽر قادري شايد ان ڳالهه تي ايترو زور ائين ڏئي نه سگهي ها جيئن ڀاشڻ ۾ ڏنو پئي، جيڪڏهن اهو چئجي ته ڪرپشن وارو نڪتو جيڪو نيب ڏنو آهي، ان ڪيترن ئي سياستدانن جا رستا هموار ڪري ڇڏيا آهن  ته هو ڪرپشن خلاف ڳالهائين ۽ ڪرپشن تي رڳو ڊاڪٽر طاهرالقادري نه پر هر پارٽي ڳالهائيندي ۽ ڳالهائي به ڇو نه ؛ اهو طلم ناهي ته ٻيو ڇاهي جو ملڪ ۾ ان ليول جي ڪرپشن ٿئي ٿي؛ نيب پنهنجي جاءِ تي بهترين ڪم ڪيو آهي، پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ان ڪرپشن يا ڪرپٽ نظام کي ختم ڪيئن ڪبو، ان لاءِ ڊاڪٽر صاحب ڪو اهڙو پروگرام ناهي ڏنو ۽ نيب آرڊيننس جي سيڪش نمبر 25 تي ڳالهائڻ جي ضرورت هئي، پر هن ان تي به نه ڳالهايو ته1999 واري نيب آرڊيننس   جو سيڪشن 25 Voluntary return  (Plea bargaining) تي مشتمل آهي، نڪتو هيٺ ڏجي ٿي:

The court or Chairman NAB with the approval of the court or appellate court, as the case may be, may release the accused
 يعني  جنهن ماڻهوءَ کي ڪرپشن جي الزام ۾ جهليو وڃي ۽ اهو اها اپيل ڪري سگهي ٿو ته هو پئسا واپس ڏيندو ۽  ڪورٽ کيس ان ڪيس مان جان آزاد ڪري ڇڏيندي. ڀلي هن ڪروڙ کاڌا هجن پر  plea bargaining يعني نيب جي سيڪشن 25 تحت آزادي ماڻي سگهي ٿو.

2. هن بار بار پنهنجي ڀاشڻ ۾ اهو چيو ته ته هو سياست کي ختم ڪرڻ نه آيو آهي، پر هو چونڊ نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ آيو آهي، انڪري، موجوه برسر اقتدار گڏيل حڪومت پيپلز پارٽي ۽ ٻيون هڪ نئون چونڊ جي اصلاح ڪري نه ته نئين سال جي جنوري مهيني جي 14 تاريخ تي لکين ماڻهن سان گڏجي مارچ ڪبو. ان ڳالهه تي غور ڪجي ته متحده به طاهر القادريءَ کي ڀليڪار ڪيو آهي ۽ ڇا اها خبر ڊاڪٽر قادريءَ کي ناهي ته متحده سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڇا رد عمل ڪيو آهي ۽ الطاف حسين کي contempt of court جي سلسلي ۾ پيش ٿيڻ جو به چيو آهي. پر طاهر القادريءَ متحدهه کي به ڀليڪار ڪيو آهي، ان مان واضح ٿئي ٿو ته قادري صاحب سياستدانن تي ڳالهائڻ ۽ هائوڪار ڪرڻ ۾ خوش آهي، ڀلي اهي آئين ۽ پاڪستان جي وڏيڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪن. ان مان ئي اندازو ٿيئ ٿو ته قادري صاحب ڪهڙي سياست ڪرڻ ٿو گهري. هڪ سوال اهو به ذهن ۾ اچي ٿو ته مثال طور جيڪڏهن ڪنهن به ان پارٽيءَ جو ماڻهو، جن کي قادري صاحب تنقيد جو نشانو بڻايو، اهو کيس جوائن ڪري ته ڇا هي ان کي رد ڪري سگهندو، ڪڏهن به نه، تنهنڪري جيڪي ڳالهيون ڪجن ٿيون ته ان تي پهريان پاڻ ته ماڻهو پورو لهي هن سان به ساڳيا ئي پاڪستاني سياسي گروهه آهن ۽ جيڪي اڀرندڙ سورج واري سياست ڪندا رهيا آهن. جيڪڏهن پوزيشن اها ئي رهي ته ڪو سياسي رفارم نه ٿيندو. چونڊن جي نظام کي بهتر بڻائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، جڏهن اليڪشن ڪميشن کي ئي ڪير نه مڃي، جڏهن وڏي ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪيو وڃي ۽ روڙا اٽڪايا وڃن ته پوءِ چونڊن وارو نظام ڪٿان بهتر ٿيندو

3. چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيڻ تي به ڊاڪٽر طاهر القادريءَ ڳالهايو، پر ڪراچيءَ واري اشو کي هن نظر انداز ڪري ڇڏيو، پر جنهن متحده سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ رنڊا اٽڪايا آهن، اها پارٽي ڊاڪٽر قادريءَ سان گڏ آهي. سپريم ڪورٽ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي ڪورٽ آهي، ان جو احترام نه ڪيو وڃي ته پوءِ بچي ڇا ٿو، جيڪڏهن قادري صاحب رياست بچائڻ گهري ٿو ته پوءِ انهن سمورين پارٽين کي ۽ ان جي ماڻهن کي به پاڻ کان الڳ رکي، جيڪي پاڪستان جي وڏي ڪورٽ جي فيصلن کي نه مڃين، شٽر بند هڙتالون ڪرن ۽ ماڻهن جو جيئڻ حرام ٿي وڃي.
4. ڊاڪٽر طاهر القادريءَ پنهنجي ڀاشڻ ۾ چيو ته مان ماڻهن کي آئين جو حافظ ڪندس، انڪري، مان آئين پٽاندڙ ڳالهائيندس، ان جي خلاف جيڪو ويندو، ان جي خلاف پهريان مان هوندس، جيڪڏهن ائين آهي ته سپريم ڪورٽ جيڪو حدبنديءَ وارو فيصلو ڏنو، اهو به آئين پٽاندڙ آهي، پوءِ ڇو ان کي نٿو مڃيو وڃي، پوءِ ڇو قادري صاحب جي اسٽيج سنڀاليندڙ به اهي ماڻهو آهن، جيڪي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ هڙتالون ڪن ٿا، ماڻهن کي بي روزگار ڪن ٿا، اها ڪهڙي سياست آهي، جو ڪورٽ سڳوريءَ جي فيصلي کي نه مڃجي ۽ هڙتالون ڪرائجن.

ان حوالي سان اهو چئجي ته پاڪستان جا ماڻهو به اهي ئي آهي، پارٽيون به اهي ئي آهن، انڪري، اهي ساڳيا ئي ڪردارآهن سڀ، ڪا به نئين شيءِ ناهي، ڪا به نئين پارٽي ناهي، ۽ نه وري ڪا آسمان مان اهڙي شيءِ نازل ٿيندي، پوءِ سڀني کي هلائڻ جي ڳالهه ڇو نه ڪجي، اهو ضروري ته ناهي ته برسر اقتدار ٿي ڪم ڪجي، آپوزيشن ۾ ويهي ڪري به ڪم ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن ملڪ جي ڀلائي منظور آهي.

5. 23 ڊسمبر واري جلسي جو عنوان ئي اهو آهي ته سياست نه پر رياست کي بچايو، اهو هڪ نعرو آهي، باقي سياست کان سوا رياست کي ڪڏهن به بچائي نٿو سگهجي، قادري صاحب پاڻ به ته سياست ئي ڪرڻ ٿو گهري، جيڪو هي صاحب چئي اهو ٺيڪ آهي، جيڪڏهن ٻيا ڳالهائين ته اها سياست آهي. ٻي ڳالهه اها به سمجهه کان بالاتر آهي ته رياست کي آخر ڪهرو خطرو آهي، اها ڳالهه به قادري صاحب جي ڳالهه ۾ ڪا واضح پروگرام طور ڪونه هئي، سوا ان جي ته ڌارين ملڪن جي غلامي نٿي گهرجي، ڊرون حملا نه بند ٿيڻ گهرجن وغيره.

جيڪي شيون قادري صاحب پنهنجي ڀاشڻ ۾ چيون آهن، اهي سموريون ڳالهيون سڀ ڪرن ٿا، ڪير ڊرون حملن جي خلاف ناهي، ڪير ٿو چوي ته پاڪستان جا شهري ڌارين ملڪن جا غلام هجن، اهو ڪير به نٿو چاهي. جيڪڏهن غور سان ڏسجي ته پاڪستان جي سياسي تاريخ ڪرپشن سان ڀري پئي آهي، هر محاذ تي ڪرپشن آهي. اهو ملڪ جو اندروني نظام ڪمزور آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهو سڀ ڪرپٽ سياستدانن جي ڪري ئي ٿيو آهي، پر کير جو ڌوتل ڪير آهي اهو ليڊر ملڻ به احمقن جي جنت ۾ رهڻ برابر آهي، حقيقت اها ئي آهي ته حمام ۾ سڀ ننگا آهن.

ڳالهيون ته سڀ سٺيون ڪندا آهن، سڀ آئين جي بالادستيءَ جي ئي ڳالهه ڪندا آهن، پر جڏهن برسر اقتدار اچجي ٿو ته پوءِ مليل حڪومتي فائدن ۽ دٻدٻي ۾ هر شيءِ وسري ويندي آهي. باقي رهي وڏيرن جي خلاف ڳالهائڻ واري ڳالهه ته وڏيريت هڪ رويو آهي، جيڪو ملان ۾ به آهي، ڪاموري ۾ به آهي، سياستدان ۾ به آهي ته ٻين ۾ به آهي. ڇا اها وڏيرڪي نفسيات ناهي ته ڪا پارٽي يا گروهه ان حد تائين وڃي جو اهو پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي خلاف ٿي بيهي رهي ۽ هڙتالون ڪرائي يا رنڊا ۽ روڙا اٽڪائي!؟

مک نڪتا ڀاشڻ جا اهي ئي آهن، پر ڪجهه ماڻهن جا اهي ڪمينٽس آهن ته ماضيءَ ۾ به ائين ئي ٿيندو رهيو آهي، ته اوچتو هڪ ماڻهو پاڪستان ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ کان اچي ۽ رش کڻي، ان کي هٿ کان وٺي ڌيان ڏنو وڃي، سڀڪجهه ائين لڳي جهڙوڪ اڳ ئي طئهِ ٿيل هجي، ساڳي شيءِ ڊاڪٽر طاهر القادريءَ جي حوالي سان افواهه آهن ته هو اوچتو ڪٿان آيو، هن جي پويان ڪير آهي، اهو بلڪل ائين ئي آهي، جيئن پاڪستان جو اڳوڻو وزير اعظم شوڪت عزيز آيو، ان ٿر مان ارباب رحيم سپورٽ ڪري کٽرايو، ۽ پوءِ هو ائين گم ٿي ويو، ڪنهن کي خبر ئي نه پئي ته هو ڪيڏانهن ويو.

پاڪستان ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي ته ڳجها هٿ سياسي رانديون ڪندا رهيا آهن ۽ اها ڳالهه ڪا هاڻي نئين نه رهي آهي ته اهو ڪم ڪيئن ٿيندو آهي، اصغر خان وارو ڪيس پاڪسان جي تاريخ جو هڪ وڏو ڪيس آهي. اوچتو ڊاڪٽر نجي چئنلس تي ڳالهائي ٿو، وري 23 ڊسمبرتي اچڻ جا سانباها، وري ايڏي وڏي پئماني تي سڪيورٽي، ارينجمئنٽ، ۽ ڀاشڻ دوران قادري صاحب جا اهي سڀني شين لاءِ شڪرانا بجا آڻڻ ۽ ميڊيا جا به شڪرانا بجا آڻڻ وغيره.

چوڻ وارا چون ٿا ته اهو هڪ شو آهي، جيڪو پيپلز پارٽي، نواز ليگ يا عمران خان کي ڏيکاريو ويو ته هيئن به ٿي سگهي ٿو، پر هڪ ڳالهه واضح آهي ۽ ڏاڍي دلچسپ به ته پنج پوڻا پنج سال پيپلز پارٽي متحده کي reconciliation جي بيناد تي فائدا ڏيندي رهي ۽ سنڌ ۽ سنڌين کي isolate ڪندي رهي ۽ متحده وري سورج مکيءَ وانگر اڀرندڙ سورج ڏانهن ڌيان ڇڪيو ۽ ايستائين جو ڊاڪٽري قادريءَ جي اسٽيج سنڀاليندڙ به متحده هئي. جنهن متحده جي پروگرام کي پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ايتري سپورٽ ڪئي جو پوري سنڌ اٿي بيٺي ته ٻٽو نظام ٺيڪ ناهي، سنڌ جي خلاف آهي، احتجاج ٿيا پر پيپلز پارٽي ان کي نهاريو ئي نه ۽ هاڻي اهو وقت پري ناهي جو وري پيپلز پارٽي سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندي ۽ وري نماڻي ٿي شهيدن جا ذڪر ۽ ڪيا ويندا.

اهي سڀ سياسي شيون سڀني جي اڳيان اچي ويون آهن پر اها ڪيڏي نه دلچسپ ڳالهه آهي متحده سنڌ حڪومت ۾ پيپلز پارٽيءَ سان گڏ آهي، پر هن وقت متحده جون سموريون چاهتون ڊاڪٽر قادري صاحب لاءِ آهن. اها ئي سياست آهي، جيڪا اصولن تي گهٽ ۽ مفادن تي وڌيڪ هلي ٿي.

پاڪستان ۾ رونما ٿيندي سڀ سياسي مظهر عوام جو ڌيان ڇڪرائن ٿا ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ فيصلو عوام جي هٿ ۾ ئي ايندو ته هو ڪهڙو پاڪستان ٿا اڏن. اها سڀني جي آرزو آهي ته هڪ نئون پاڪستان اڏجي ، هڪ اهڙو پاڪستان جتي خوشحالي هجي، انسان حقن جي پاسداري هجي، امن هجي، ڪنهن قسم جي اقرباپروري ۽ ڪرپشن نه هجي، هر بيماريءَ کان آجو پاڪستان عام ماڻهوءَ جو خواب آهي، جيڪي اهڙي خواب ڏيکارين ٿا ، انهن جا خواب ساڀيا ماڻي چڪا آهن، انهن وٽ مال به آهي ۽ سٺو حال به ته شاندار مستقبل به پر عام ماڻهو جيڪو 65 سالن کان پيڙهبو اچي ٿو ان لاءِ رڳو ڳالهيون آهن، هاڻي وري وقت اچي ٿو ته عوام پنهجي خوابن کي ساڀيا ماڻائڻ لاءِ اهڙن ماڻهن کي چونڊي جيڪي واقعي عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ڪي بنيادي سهولتون پيدا ڪري سگهن. وڌيڪ اڃا اليڪشن ۾ ڪجهه وقت آهي، ڏسون ته اڳتي ڇا ڇا ٿئي ٿو!
memonhisam@yahoo.co.uk
Published in Daily Ibrat Hyderabad on 25 Dcember 2012

No comments:

Post a Comment