Friday, December 7, 2012

Poetry and Politics


شاعري مون لاءِ ڪيفتن، احساسن، وفا، بيوفائي، ڏوراپا ڏيڻ، روئڻ پٽڻ، اندروني طور خوش ٿيڻ، رنج ٿيڻ، پنهنجي ذات ۾ ٽٻي هڻڻ، ڪوڙ هڻڻ، اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ جن جو سماج سان گهٽ ۽ پنهجي ذات ۽ ذاتي خيالن سان گهڻو واسطو هجي، جو نالو آهي
 پر اهي شيون به شاعر کان شاعر تائين مختلف هجن ٿيون، ڪي ڪي شاعر تڪ بند ٿين ٿا، ڪي شاعرن سان گڏ رهڻ ڪري شاعر ٿي ويا آهن، ڪي ٽائيم پاس آهن، ڪن جو حدف رڳو ناماچاري حاصل ڪرڻ آهي

ڪي ڪي سٺا شاعر آهن، اهي چوويهه ڪلاڪ شاعر آهن، انهن وٽ شاعريءَ جو فن به آهي، وزن ڄاڻن ٿا پر بحر جي خبر ڪون اٿن

ڪي ڪي رڳو بحر ۽ وزن ئي ڄاڻن ٿا، انهن جو سماج سان بنه واسطو ناهي، اهي رڳو شاعريءَ کي ان ئي نقط نگاهه کان ڏسڻ جا عادي هوندا آهن

ڪلاسيڪي شاعرن سٺا پيغام ڏنا آهن، انهن جا قدر جديد قدرن کان ڪنهن حد تائين الڳ هيا، اهو هڪ الڳ دور هيو، الڳ حالتون هيون، انهن جا پنهنجا مسئلا هيا ۽ الڳ شخصيتون هيون، انهن ۾ ڏٺو وڃي ته ناماچاريءَ جو ڪو رجحان نه هيو، ڇو ته ان وقت پريس ۽ پبليڪيشن به ايتري طرقي نه ڪئي هئي

جديد شاعرن ۾ به ڪافي سٺا آهن، انهن به ساڳي ڳالهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جهڙي ريت ڪلاسيڪي شاعرن ڪئي، اهڙن شاعرن جو اسان وٽ نه پر پوري دنيا ۾ مان،شان ۽ قدر آهي ۽ هئڻ به گهرجي، اهي واقعي سٺا شاعر هيا يا آهن

پر اسان وٽ جڳاڙي شاعرن جي پيهه وڌي وئي آهي، جنهن شاعريءَ ۾ ڪو چڱو پيغام ناهي، اها گهڻي پڙهڻ پنهنجو قيمتي وقت وڃائن کان سوا ٻيو ڪجهه ناهي

سياست اسان وٽ گندي آهي، هر ماڻهو ڄاڻي ٿو، ڳالهائي ٿو ۽ لکڻ وارا روز لکن ٿا، پر ان جي باوجود به سياست انڪري بهتر آهي ته اها ادارا ٺاهي ٿي، انهن کي مضبوط ڪري سگهي ٿي، شاعريءَ هن وقت تائين ڪهڙا ادارا ٺاهيا آهن يا ٺاهي سگهي ٿي، سواءِ هڪجهڙا خيال هر هر، هر گهڙي اسان جي جهول ۾ وڌا وڃن ٿا، جن سان نه ڪا تبديلي ايندي نه اهو گمان ئي ڪجي، پوءِ ڇو ويهي ڪري وقت وڃائجي. انڪري، شاعريءَ کي لطيف فن جي دائري هيٺ ئي ڏسڻ گهرجي

سياست انڪري ضروري آهي ته ان سان غريب غربي جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، سماجي تبديليءَ جا 100 سيڪڙو اهڃاڻ موجود هجن ٿا، پوليس کي پڪڙ ڪري سگهجي ٿي، ڪافي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، پر شاعري معرفت مان نٿو سمجهان ته اهڙو ڪم ٿي سگهي ٿو جو تبديليءَ جو محرڪ ثابت ٿئي، انڪري، سياست شاعريءَ کان وڌيڪ طاقتور آهي ۽ ان کي سٺن ۽ فضيلت ڀرين ماڻهن جي ضرورت آهي، خاص ڪري سنڌ دوست مڊل ڪلاس طبقي جي اڄڪلهه تمام گهڻي ضرورت آهي، جيڪو طبقو سچ ۾ ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪري ته گهڻو ڪجهه تبديل ٿي سگهي ٿو، ڀلي ڪل آباديءَ جي ڀيٽ ۾ ڀلي اهو 2 سيڪڙو ئي ڇو نه هجي، پر تبديلي هميشه وقت وٺندي آهي، ارتقا جي مرحلن منا لنگهندي آهي ۽ پوءِ ضرور نتيجا ڏيندي آهي. سنڌ جي ۾ وجوده حالتن ۾ سنڌ دوست طبقي کي نئين سر شروعات ڪرڻي پوندي ۽ اهڙي تبديلي Zero started هوندي آهي.


دنيا جي تاريخ مان هڪڙو مثال ئي کڻي وٺجي ته فلسطين کي 29 نومبر 2012 تي اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي مبصر رياست مڃيو آهي ۽ ان ڪم لاءِ 65 سال فلسطين جدوجهد ڪئي، هاڻي گهٽ ۾ گهٽ فلسطين اسرائيل کي ان ڳالهه ۾ ڇڪيندو جو هو جنگ ۾ ڪيل ظلم جا داستان ڪيس ٺاهي ڪري ICC يعني International Criminal Court ۾ وجهندو ته جنگ جي ڏوهه ۾ اسرائيل کي ٽنگرائيندو، فلسطين جي ان مسئلي تي اسرائيل، آمريڪا ۽ انهن جا نون پڪا اتحادي جن فلسطين جي خلاف ووٽ وڌو ، اهي پريشان آهن، ظاهر آهي، اهي پريشان ٿيندا ڇو ته اها ڳالهه انهن جي سياسي مفاد جي خلاف آهي، پر اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته ڇا فلسين اها منزل رڳو انڪري ماڻي ته هنن وٽ شاعر ڀلا آهن، ڇا اهو چئي سگهبو ته شاعريءَ معرفت اهو ڪم ٿيو آهي، بلڪل نه، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته قومي شاعرن پنهنجي ماڻهن جي همت افزائي ڪئي ۽ ڪندا رهن ٿا، اهو انهن جو اخلاقي ۽ سماجي فرض به آهي، بلڪل اهڙي طرح ون يونٽ ۾ سنڌ جي شاعرن، اديبن سرگرم حصو ورتو ۽ تاريخ انهن کي اڄ به ياد ڪري ٿي، پر اصل move سياست هئي ۽ ساڳي ڳالهه MRD جي تحريڪ دوران هئي ۽ 80 وارو ڏهاڪو سنڌ جي مزاحمت شاعريءَ جو هڪ يادگار ڏهاڪو آهي، ان کي وساري نٿو سگهجي،

مان انڪري، اهو سوچيان پيو ته جيڪي دوست ڏينهن رات شاعري ڪن ٿا، ۽ شاعراڻي روڳ ۾ ڦاسي پيا آهن، ڇا انهن کي لڳي ٿو ته انهن جي شاعري سياست کان بهتر آهي، ڇا انهن جي شاعري ڪنهن مسڪين جي ٻن ويلن جو انتظام ڪري سگهي ٿي، ڇا انهن جي شاعري بيمارن جي مدد ڪي سگهندي، ڇا انهن جي شاعري سماج ۾ ڪهڙي واقع تبديل آڻي سگهندي، مان بس اها صلاح ڏيڻ ٿو گهران يا مان اهو ٿو سوچيان ته اسين اهڙو ڪم ڪيون، جيڪو سماج ۾ اڳتي وٺي وڃي، هن وقت جڏهن سنڌ ۾ ظلم، جبر، ڏاڍ، نا انصافي جو راڄ آهي، انهن حالتن ۾ اسان سڀني کي ڇا ڪرڻ گهرجي، سماجي تبديل سماجي ڪمن معرفت ئي ايندي نه ڪي پنهنجي ذات ۾ ٽٻي هڻڻ سان

مان وري به چوان ٿو ته مان شاعريءَ جو مخالف ناهيان، پر اها ذاتي طور موڊ ۽ ڪيفيت جي تبديليءَ جي محرڪ کان سوا ڪجهه ناهي.
_______________________________________________________________
This article was published in Daily Ibrat Hyderabad on December 08, 2012 and written on 06 December 2012


  • Muhammad Suleman Wassan شاعري کان انڪاري ناهيون ۽ شاعرن کان به نه ، شاعرن جو ڪم شاعري ڪرڻ آهي، تنهنڪري شاعر پنهنجو ڪم ڪندا. سياست الڳ شيء آهي تنهنڪري شاعرن پنهنجو ئي ڪم ڪندا.
  • Ali Zahid pyara Hisam Suleman wassan sahib g galh men dum aahe in te b ghor kayo, baqi awhan jo lekh wanyo, man koshish kandus t shairi j shareer chhokree j bhakur man chhadaey syasat jahrre gande dher te wehi kujh nara hani panhnjo farz pooro kayan.
  • Ayaz Ghous Memon شروع کان شاعري ۽ سياست گڏ گڏ آهن۔ هڪ سٺو شعر پنهنجي شاعريءَ سان سياستدان جي رهنمائي ڪندو آهي ۽ انکي هڪ بهترين رهنما بنائڻ ۾ مددگار هوندو آهي۔
  • Hisam Memon علي زاهد وساڻ صاحب واري ساڳي ڳالهه مان پنهنجي آرٽيڪل جي شروعات ۽ آخر ۾ ڪئي آهي ۽ مان اهو ڪٿي چيو آهي ڪوئي پنهنجو پنهنجو ڪم نه ڪري، پر ڳالهه آهي ته ڪهڙي شيءِ ڪيتري فائديمند ۽ اثر رکندڙ آهي. باقي يار تون پنهنجي شاعري يعني شرير ڇوڪري سان ويٺو رهه تو کي ڪنهن چيو ته سياست جي گند ڏانهن اچ.

    دنيا ۾ هر سبجيڪٽ جو احترام آهي ۽ هئڻ به گهرجي (اخلاقي طور) سياست گندي ناهي، پر ڪجهه ماڻهن ان کي گندو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ائين ئي شاعري خراب ناهي، پر شاعريءَ کي شرير ڇوڪري بڻايو وڃي ته پوءِ مان ڇا چوان..!؟ جيئن ته تون شاعر آهين، انڪري، تون هتي به شاعري ڪري ويو آهين.
  • Hisam Memon اياز صاحب اوهان جي ڳالهه اهڙي طرح وچ تي ٿيل آهي، جو ها ۽ نه ڪري نٿي سگهجي، مان سڀني شين جي باوجود ان شيءِ جو قائل آهيان ته شاعري ذاتي موڊ ئي جهٽ لاءِ تبديل ڪري سگهي ٿي ۽ ڪندي به آهي، پر اها جامع قسم جا ڪي اثر ڇڏي ۽ مسئلا حل ڪري نٿي سگهي ۽ سياستدان ويهي ڪري شاعريءَ مان سکندا رهن مان ان کي به ايترو اثرائتو نٿو سمجهان پر اها سچ ته مونکي ٿورڙي عجيب به لڳي آهي.

    وساڻ صاحب واري ڳالهه ورجايان ته شاعري الڳ آهي ۽ سياست الڳ، پر سماج تي تمام گهڻي شيءِ جيڪا اثر انداز ٿيندي اها سياست ئي آهي، نڪي شاعري!
  • Mithal Jiskani سٺو مضمون، سٺي موضوع تي، بهتر بحث سان...
  • Hisam Memon مهرباني مٺل صاحب
  • Mithal Jiskani سنگت کي هن موضوع تي پنهنجا ويچار ونڊڻ گهرجن. جيڪڏهن ڪو تفصيلي مضمون لکڻ چاهي ته به تمام سٺو ٿيندو. ڇاڪاڻ ته جنهن شاعري جي ضرورت آهي اها نه پئي ٿئي...
  • Hisam Memon مٺل صاحب اوهان منهجي نڪتي کي واضح ڪري ڇڏيو، پر دوستن کي عرض ڪندو هلان، جيڪي سنڌ جي تاريخ پڙهڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا ۽ اهي جيڪي واقعي شاعريءَ ۾ سنجيده آهن، انهن کي هڪ ميرن جو پورو دور ڌيان سان پڙهڻ گهرجي ته ڪيئن انهن عياشيون پئي ڪيون، محفلون پئي ڪيون، مجرا پئي ڪيا، اهي عجيب قسم جا ماڻهو اسان جا حڪمران رهيا ۽ انهن جي عياشين ۽ خمريات جي ڪري ئي سنڌ انگريزين حوالي ٿي، مير جعفر به ان ئي دور جي پيداوار آهن.

    بيو اهو ته جيڪا شاعري ٿئي ٿي، ان تي غور ڪجي ۽ ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪبي ته ڪجهه ماڻهن کي ڇڏي باقي اهڙو ڪهڙو سبق ملي ٿو شاعريءَ مان جو قوم جي قسمت ٿبدلي ٿيندي.

    ڌڙا ڌڙ شاعريءَ جا ڪتاب اچن ٿا، پر مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته تبديل ڇو نٿي اچي، اهو ئي چوڻ پيو گهران ته اسان وٽ شاعريءَ معرفت تبديلي اچي ها ته اسان وٽ ڀٽائي سائين آهي، خليفو قاسم آهي، بلڙيءَ وارو آهي، سامي آهي، سچل آهي، شيخ اياز آهي، استاد بخاري آهي، پر تبديلي ڪٿي آهي
  • Hisam Memon مان ڪيترن دوستن جا ڪتاب اٿلائي پٿلائي ۽ پڙهي ڏٺا آهن، سوا ٻه چار نظمن جي سٺا نظم نظر ڪونه ٿا اچن، جيڪڏهن انهن جي تعريف ڪبي ته واه واه جي ٻه لفظ پيار ۾ ڳالهائبا ۽ چئبو ته بابا هي ٺيڪ ناهي، چوندا سائين خبر آهي اوهان پڙهيا لکيا آهيو، دانشور آهيو، اهي آهن رويا .

    مٺل صاحب ڪجهه ڏينهن اڳ مان پنهنجي ٽايئم لائين تي لکيو هيو ته اهي ٻوڙن کان بدتر آهن، جيڪي سچ ٻڌڻ نٿا چاهن... مان ڪجهه به نٿو چاهيان، مان شاعريءَ جي خلاف ناهيان، مان شاعرن جو مداح آهيان، پر سڀني جو نه، هتي ته ڪيترائي صاحب ڪتاب آهن، ڇا سڀني صاحب ڪتاب تي ايمان آڻبو ڇا؟

    انڪري چوان ٿو ته ٻيو ڪجهه نه ميرن جي تاريخ پڙهي وڃي ته خبر پوي ته اهڙن روين جي ڪري انهن ڪهڙي ترقي ڪئي ۽ سنڌ کي ڇا ڏئي ويا
  • Mithal Jiskani حسام سائين، اوهان به هاڻ وڌيڪ واضح پيا ٿيو، جڏهن ته اوهان تڪڙ ڪرڻ ۽ مختصر لکڻ کان پرهيذ ڪريو ها ته هي مضمون اڄ جي اهم موضوع تي مستند بحث جي حيثيت ماڻي ها. ۽ جيڪو مواد ڇپيو آهي، اهو ان جو اختصار لڳي ها.... Hisam Memon
  • Hisam Memon سائين چوندا آهن ته سياڻي لاءِ اشارو ئي ڪافي هوندو آهي، خير ان شيءِ تي بحث ڪري سگهجي ٿو، پر مان شاعريءَ جي خلاف نه ڳالهايو آهي، مون وٽ ڪتاب پيا آهن تازا، ٻولي غلط، مطلب غلط، معنائون غلط، لفظن جي تشريح هڪ کان ٻي، تجريديت جي انتها، نعري بازي، رڳو تصوراتي ڳالهيون، پنڪچوئيشن جي غلطيون، خيال عجيب ۽ غريت، مان نالا نٿو کڻان، پر يقين ڪيو افسوس ٿيندو آهي، جڏهن دوست کيسي مان پئسا ڪڍي ان ڪريز ۾ ڪتاب ڇپرائن ٿا ۽ اهي اڳتي هلن ٿا، پوءِ جن ڪچڙن دماغن کي اڳ ڄاڻ ناهي ۽ هو جڏهن پڙهن ٿا ته اها غلط ڳالهه ڦهلبي رهي ٿي. 

    اوهان کي هڪ مثال ڏيان:

    ڪجهه وقت اڳ هڪ نوجوان مون کي ڪال ڪري چيو ته سائين Pluto معنيٰ ڇا آهي، چيومانس اهو هڪ سيارو آهي. مونکي چيائين سائين اوهان کي اها به خبر ناهي ته پلوٽو سيارو نه پر افلاطون کي چئبو آهي.

    مان حيران ٿي ويس، چيومانس سوشيالوجي ته نٿو پڙهين، ڪٿي تنوير جوڻيجو صاحب واري لغت ته نه ڏٺي اٿي، هن چيو: بلڪل سوشيالوجي جي پهرين سال ۾ داخلا ورتي آهي ۽ مان اهو تنوير جوڻيجو جي سوشيالوجيءَ جي لغت ۾ پڙهيو آهي ته pluto معنيٰ افلاطون

    مٺل صاحب غلطيون هر انسان ڪندو آهي، اسين اپار عيبن ۾ ڀريل آهيون، پر جيڪڏهن ڪير اسان کي پنهنجي غلطي سڌارڻ لاءِ چوي ته ان تي چڙڻ بجاءِ پاڻ کي سڌارجي، مان ته ان شيءِ جو قائل آهيان، ڀلي ڪير به غلطي سڌاريندو ته مان ان جو شڪر گذار رهندس. 

    اهڙي طرح جڏهن مارڪيٽ ۾ ڪهڙا به ڪتاب اچن ٿا، ڪنهن به سبجيڪٽ جا ، جيڪڏهن انهن ۾ غلطي هوندي ته اها ڦهلبي، ان کي ڪيئن روڪبو ، ظاهر آهي پاڻ کي درست ڪرڻو پوندو.
  • Mithal Jiskani مون ائين نه چيو، نه لکيو آهي، نه ئي مڃان ٿو ته ڪو اوهان شاعري جي خلاف لکيو آهي. اوهان ته يار تمام سٺي ڳالهه ڪئي آهي. جنهن کي سمجه ۾ نه ٿي اچي، اهو هڪ ڀيرو ٻيهر پڙهي يا سنگت سان رابطو ڪري، پڇڻا نه منجهڻا... Hisam Memon
  • Hisam Memon thanks Mithal sahib
  • Hisam Memon I really need good and positive comments, you should also write in this regard Mithal sahib
  • Mehranjo Waseem Ahmed هلندڙ حالتن تي هڪ تکي نظر تمام گھڻي خوشي ٿي پڙهي ڪري.See Translation
    10 hours ago · Edited · Unlike · 1
  • Hisam Memon Thanks dear Waseem

No comments:

Post a Comment