Sunday, December 30, 2012

Woman, Man and a Sindhi saying

عورت، مرد ۽ هڪ سنڌي چوڻي
هيءَ چوڻي به عجيب آهي ته ”ڪٿي چور سڃا، ڪٿي ڍورَ سڃا“، جنهن دوست کي اندروني ڪهاڻيءَ جي خبر هجي ته هتي ضرور ونڊ ڪري اسان جي معلومات ۾ اضافو ڪري، پر ڪٿي ماريا مسئلي ۾ آهن ته ڪٿي مايون. 

مايون چون ٿيون اسان سان ظلم آهي ۽ ماريا چون ٿا انهن جو شان اوچو آهي پر غور سان ڏسجي ته عورتون اسان وٽ هميشهه ڏچي ۾ رهيون آهن، پر ڪي عورتون مردن لاءِ به ڏچو ثابت ٿيون آهن. مطلب شهر جي عورت ورڪنگ وومن آهي، انڪري، اهو ٿورڙي پاڻ ڀري آهي، پر پاڻ ڀرائپ جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن ليڪا لتاڙي وجهي ٿي، مطلب گهر کي ٽائيم گهٽ ڏيڻ، ٻارن کي وقت گهٽ ڏيڻ، مڙس کي به شڪايتون رهن ٿيون، ڪي وري اهڙيون عورتون به ٿين ٿيون جيڪي پاڻ کي مرد سمجهن ٿيون ۽ ڪن کي سچ ۾ مرد ٿي ڪم ڪرڻو به پوي ٿو.

ڳوٺاڻي عورت وڌيڪ ڏچي ۾ آهي، پوءِ اهو ڪير مڃي يا نه!

مرد صاحب ته ذهني ۽ جسماني طور هوندو ئي مرد آهي، انڪري، گهٽ مرد آهن، جيڪي عورت کي پاڻ جهڙو سمجهن، انڪري، گهرن ۾ اهڙي اڻبڻت اڪثر ٿيندي رهندي آهي. مرد سمجهي ٿو ته هن جهڙو ڪم عورت ڪري ئي نٿي سگهي، قدرت هن کي طاقت گهڻي ڏني آهي، هونئن به عورت رڳو کيتي ئي سمجهي ويندي آهي، جنهن ۾ ٻڇ ڇٽيو ۽ اها فصل ڏئي ۽ بس....

مسئلا بهرحال ٻنهي طرفن کان آهن، ڪٿي مرد بيڪار آهن ته ڪٿي عورتون، ڪٿي ڪٿي ٻئي سٺا آهن، ڪٿي ڪا ڌر مار ٿي کائي وڃي ته ڪٿي ڪا پر سماجي گاڏو مڙئي هلي ٿو. سماج ۾ ٻنهي جي هڪٻئي کان وڌيڪ ضرورت آهي، پر ڪڏهن عورت جي مسڪيني مسئلو آهي، ڪٿي عورت جي آزادي مسئلو آهي، ڪٿي مرد جي مردانگي مسئلو آهي ته ڪٿي هن جو هيڻو هئڻ. مونکي ته ائين لڳندو آهي ته ٻنهي سان مسئلو آهي، ٻئي پريشان آهن، ٻئي خوش به آهن. 

مونکي لڳندو آهي اهو جهان ائين ئي هلندو رهندو، انهن ٻنهي جي رشتي ۾ هڪجهڙائي هئڻ جي باوجود به هڪجهڙائي ناهي، اها به هڪ قسم جي diversity آهي ۽ diversity سماج ۽ ڪائتات جي خوبصورتي آهي، پوءِ ڇا اتي اهو پهاڪو استعمال ڪري سگهجي ٿو ته: 

ڪٿي ڍور سڃا، ڪٿي چور سڃا
31/12/ lang=A5 � t �� p� -size:14.0pt;font-family:Awami'>

No comments:

Post a Comment