Tuesday, January 1, 2013

Love, sexual health and superstitions


عشق جو آچار، صحت ۽ توهم پرستي
گهٽ ۾ گهٽ مان ته ڪنهن کي به عشق ڪرڻ کان منع نه ڪندو آهيان، منع ڪرڻ سان ماڻهو سمجهندا به ناهن، جيستائين پاڻ مزو نه چکن، چوندا آهن اهو ٿي ويندو آهي، ڪبو ناهي چٻ!

خير جيڪو به آهي، پر هڪ واقعو ونڊيندو هلان ته منهنجو هڪ واقفڪار هيو، اهو به روز عشق ڪندو هيو، هر روز ڪنهن نه ڪنهن عورت سان عشق، مهيني ٻن کان پوءِ هن جي ڪنهن نه ڪنهن نئين عشق جي خبر ملندي هئي

پر جيڪي به عشق ڪيائين، مايون ڪل عمر جون هن کان وڏيون ۽ انهن سان ڀرپور جنسي شغل ڪندو رهيو، مونکي خبر پوندي هئي ته منع ڪندو هوس، پر ڪٿي پئي مڙيو، مونسان ناراض ٿي ويندو هيو، پوءِ اسان جي وچ ۾ ناغو اچي ويو، ايستائين جو هڪٻئي ڏي موبائيل تي ايس ايم ايس به نه پئي ڪيوسين.

سال به رابطو نه ٿئي ته ٻه سال به پئجي ٿي ويا ، 6 مهينا اڳ خبر پئي ته اهو دوست سخت بيمار ٿي پيو آهي، پر دوستن يارن ٻڌايو ته صفا ختم ٿي ويو آهي. مان اها ڳالهه ٻڌي هن سان رابطو ڪيو، همراهه فون کنئي پوءِ طبيعت جو پڇيومانس:

طبيعت ڪيئن آهي؟

چيائين:”مزو ناهي، بواسير به ٿيو آهي، ڳرندو به وڃان ٿو، چڪر به آهن، طبيعت ۾ چڙ به آهي وغيره

يڪدم چيومانس: ”Hepatitis ۽ HIV/AIDS جون ٽيسٽون ڪرايون ٿي، يا blood Sugar ۽ Urine ٽيسٽ ڪرايا اٿي؟

چيائين: ” ڪجهه ڪرايون آهن ڪجهه نه
چيومانس: ”دير نه ڪر، ٽيسٽون جلد ڪراءِ ۽ سڀ ڪراءِ ۽ جنسي عملن کان پاسو ڪر

چيائين: ”صفا پاسي آهيان

ان وقت مان ڪراچيءَ کان ٻاهر هوس، انڪري، هن سان ملي نه سگهيس، پر ڪجهه دوستن کي چيو ته هن جي مدد ڪيو، مونکان به پئسا وٺو يار جون سڀ ٽيسٽون ڪرايو، هاڻي هن جي شادي به ٿيل آهي، صحت ڀلي هوندس ته ڪم ڪار يا جاب به ڪندو، نه ته پريشان ٿيندو، وڏي ڳالهه ته هاڻي اولاد به اٿس

دوستن جواب ڏنو ته هن کي کوڙ دفعا چيو آهي، پر ڪجهه ٽيسٽون نٿو ڪرائي، ضد ٿو ڪري، باقي پئسن جو مسئلو ناهي، اسين هن سان گڏ آهيون جيترو ٿيندو هن جي مدد ڪنداسين

مونکي خوشي ٿي ته دوست مدد لاءِ راضي آهن پوءِ وري همراه سان ڳالهايو ته مونکي ٻڌايائين ته هن کي Piles آهي، ڪنهن حڪيم کان علاج ڪرايو اٿائين ۽ هاڻي فائدو ٿيو آاٿس. مان اهو ٻڌي خوش ٿيس ته هن جي طبعيت ٺيڪ ٿي رهي آهي، پر پوءِ ٻڌايائين:

اصل مسئلو اهو آهي ته مون تي ڪنهن ڪارو جادو ڪرايو آهي، منهنجو بوتو ٺاهيو ويو آهي

مونکي کل به آئي ڪاوڙ به پر اها بيوقوفي اسان وٽ عام جام آهي، مونکي کيس چيو : ”تون ان ڪري بيمار ٿيو آهين، جو تون پنهنجو منهن ڪارو ڪندو رهيو آهين، مختلف قسم جي عورتن سان سنجوڳ جو نتيجو به اهو ٿي سگهي ٿو، يا پاڻي خراب ٿو پيئن يا ٻيو ڪو چڪر آهي، پر اهو ڪارو جادو ناهي، پر جيڪڏهن جنسي فعل کي ڪارو جادو چئبو آهي ته ڀلي ڪارو جادو ئي چويس

ان ڳالهه تي مونکان همراه وري ڪاوڙجي ويو ۽ اڃا ڪاوڙيل آهي، پر هن جي حالت اهڙي ٿي وئي آهي، جهڙو X-ray رپورٽ هجي، ايترو ڳري ويو آهي.

مونکي ته اڃا به ائين ئي لڳي ٿو ته هن جيڪو عشقن جو آچار وڌو پئي، ان آچار هن جو آچار ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ ايتري صحت خراب ٿي ويس جو اها حالت ٿي اٿس ۽ مٿان وري توهم پرستي (superstitions) ماڻهو اهڙي حالت ۾ وڃائبو ئي وڃائبو!

نتيجو:

اسان جي ڪيترن ئي ماڻهن کي جنسي بيماريون STIs آهن، اهي جنسي بيماريون عام آهن، انهن کي Sexually   transmitted infections  چئبو آهي. پر ماڻهو اهڙين بيمارين کي لڪائيندا آهن، شرمائيندا آهن ۽ ڳالهه ويندي آهي سنجيده ۽ پيچيده ٿي، تنهنڪري، ان شيءِ ۾ شرمايو نه گهرجي،   علاج لاءِ ويڄن ۽ سٺن طبيبب ڏانهن رجوع ڪرڻ گهرجي، ائين نه ٿئي جو دير ٿي وڃي ۽ پوءِ ماڻهو ويٺو پڇتائي. تنهنڪري، Sexual health experts يعني جنسي صحت جا ماهر چوندا آهن ته جنسي مزو وٺو پر safe sex يعني محفوظ جنسي طريقو اپنايو، مطلب ته ڪنڊوم (ڦوڪڻو) استعمال ڪيو يا ٻي ڪا تدبير، جنهن سان جنسي صحت برقرار رهي.

دوستو! خدا کي مڃو پنهنجي صحت جو خيال رکو!

حسام ميمڻ
2 جنوري 2012

1 comment:

  1. 3 Merit Casino | Canada | 2021
    Find a complete งานออนไลน์ review of Merit Casino. 제왕 카지노 We can't have 메리트 카지노 주소 a better idea than the bonuses and games at the Casino Canada online casino.

    ReplyDelete