Sunday, May 27, 2012

Of AG Chandio (journalist, street theatre artist, writer etc)

AG Chandio (b. 31 October 1961 d. 28 May 2007)
اي جي مونکي معاف ڪجانءِ...!

ڪجهه ڏينهن اڳ امدا د سومرو فيس بوڪ تي پنهجي ڪور فوٽو ۾ اي جي چانڊيو جي تصوير رکي، جنهن کي ڏسي دل صفا ڀرجي وئي، مان به اها تصوير کڻي امداد جي ٿورن سان پنهنجي فيس بوڪ تي ڪور بوڪ طور رکي ڇڏي ۽ ڪجهه تاثر لکيا، جيڪي هيئن هيا:

“اي جي چانڊيو هڪ گهڻ لکڻو صحافي، اسٽيج اداڪار ۽ انسان دوست ماڻهو ۽ پيارو دوست هيو، توڙي جي اها ويل هن جي وڃڻ جي نه هئي پر هو، پوءَ به ڏور هليو ويو ۽ هاڻ اسان جون اکيون جهانوريل آهن، ڇو ته اسان هن کي ڏسي ڪو نه ٿا سگهون:

اي جي معاف ڪجانءِ!
مان ڏوهي آهيان؛
مان تنهنجي لاءِ لکي نه سگهيس.
مون وٽ لفظ ئي ناهن،
هڪ لفظ به ڪڇي نه سگهيس،
منهنجا دوست!
تون ياد ايندو آهين،
توکي محسوس ڪندو آهيان،
ڇو ته توسان پيار ڪندو آهيان!
اي جي معاف ڪجانءَ!”

 ڪافي دوستن ڪمينٽس ڪيا ، ڪجهه هتي پيش ڪرڻ جهڙا آهن:

دل وارو ماڻهو، گهڻو وقت گڏ گذاريو، ليلا رام معرفت تعارف ٿيو ۽ ان لمحي ئي ڄڻ پراڻا دوست لڳاسين. واهه جي ماڻهوءَ جي تصوير رکي اٿئي حسام، صفا ماري وڌءِ. (رحمت الله ماڃاٺي)

اي جي چانڊيو پنهنجي Street Theatre  واري وابستگيءَ جي ڪري هميشهه ياد ڪيو ويندو (رمضان شورو)

هائو، هي منهجو به بهترين دوست هيو. مان پنهنجي ٿيئٽر پرفارمنس جي سرگرمين جي شروعات هن معرفت ئي ڪئي. مون لاءِ اها اعزاز جي ڳالهه آهي ته سنڌي ٿيئٽر جي 125 سيليبريشن  جي حوالي سان جيڪو SPO طرفان پروگرام ڪيو ويو، ان ۾ مان به هيس ۽ اهو سڀڪجهه حيدرآباد ۾ ٿيو. مون لاءِ اها به سکڻ جي حوالي سان هڪ شاندار شيءِ هئي ته ان جي رپورٽ مان ئي تيار ڪئي هئي. اي جي! تون ياد اچين ٿو ۽ سماج جي تبديليءَ جي حوالي سان جيڪو تون ڪوششون ورتيون ، اڄ به انهن جي ضرورت آهي. (ڪاشف صديقي)

سائين اي جي چانڊيو اسانجو دوست ۽ ساٿي پنهنجي حياتيءَ جون آخري گهڙيون اسان سان گڏ گذاريون ۽ پاڻ گڏجي مرڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ انڊين فلم بازار ڏٺي هئيسين. (اسد سومرو)

اي جي چانڊيو جي ڊائريڪشن ۾ مان به ڪم ڪيو آهي ۽ مونکي فخر آهي. مرحوم تمام جلد اسان کان وڇڙي ويو . مان هن جي هڪ اين جي او واري پراجيڪٽ ۾ “ما ڪاري نه آهيان” ۾ ڪم ڪيو. (شمشاد غوري)

اي جي چانڊيو من موجي ماڻهو هو، هو جهڙو بهترين ساٿي ورڪر هو، تهڙو ئي من گهريو دوست به، صحافت هن جو شوق ۽ ٿيٽر هن جو جنون هيو، اسان ۾ پڻ اتساھ ارپيندڙ اي جي ئي هيو، جو اسان حيدرآباد جي رستن تي ٿيٽر ڪرڻ کا ڪڏهن به ڪيٻائيندا نه هئا سين، اي جي ڪڏهن به نه وسرندو. (علي زاهد)
اي جي جهڙا انسان قومن ۾ صدين ۾پيدا ٿيندا آهن، هي اسان جهڙن اڀرن جو اتساه هيو. (مولائي ملاح)

اي جي انتهائي پيارو ماڻهو هيو، پر اسان وٽ ويسر جو عارضو آهي، بس، ڪي ڪي شيون نعري واري انداز ۾ ياد رهنديون آهن، پر هن ماڻهوءَ جو پنهنجو هڪ منفرد انداز هيو، پراڻي وحدت ڪالوني کان وٺي ڪراچيءَ تائين گڏ گهمياسين. آخر ۾ هن يار ڪجهه وقت کان پراڻي وحدت ڪالوني ڇڏي حيدرآباد وارو ٽنڊو وسايو. هن وٽ سور هيا، پر دل جو کليل ۽ شفيق قسم جو ماڻهو هيو، مان ههڙا ماڻهو گهٽ ڏٺا آهن، هن کي جڏهن دل دورو پيو هيو ته هن سان شڪارپور مان فون تي رابطو رهندو هيو، پر جڏهن به حيدرآباد ويندو هوس ته پهريان اي جي ڏي فون ڪري هن سان ملندو هوس پوءِ ٻيا ڪم. گڏجي ڪڏهن ڪڏهن گاڏي کاتي ۾ ماني به کائيندا هياسين.
 ڪجهه ڏينهن اڳ مان ٿر کان حيدرآباد پهتس، هڪ ٻئي دوست سان به ملڻو هيو، جنهن سان سالن کان وٺي فون معرفت رابطو رهيو آهي پر ستن اٺن سالن کان ملاقات نه ٿي هئي، ان جو نالو آسي زميني آهي، هو جڏهن فون تي ڳالهائيندو آهي ته هن جو سٻاجهڙو آواز ، مونکي بلڪل هڪ جهور آواز پئي لڳندو رهيو آهي، هن سان ملڻ گهريو ، حيدرآباد ۾ ملياسين، جتي ڪافي دوست هيا. هن سان ملڻ جو مقصد اهو ئي هيو ته ائين نه ٿئي ته وري ٻيهر اسان جو ن اکيون جهانورجي وڃن ۽ هڪٻئي کي ڪڏهن ڏسي نه سگهون، هن سان ملاقات ٿي، گاڏي کاتي ۾ چائنيز تي جهٽ کن ويٺاسين، ٻاهر نڪتاسين موڪلايو،
گاڏي کاتي کان جيڪو رستو ٺنڊي سڙڪ ڏانهن وڃي ٿو، ان رستي جي مهڙ ۾، جيڪو رستو عبرت بلڊنگ ڏانهن ويندو آهي، ٻه ٽي دڪان ڇڏي هڪ ننڍڙو هوٽل هوندو هيو، جڏهن مان شڪارپور کان حيدرآباد ايندو هوس ته عبرت ۾ جهٽ گهڙي گذاري پوءِ ان هوٽل تي اي ڪي ۽ مان ويهندا هياسي، جتي اڪثر منجهند جو مڇي ماني کائيندا هياسين. پر هاڻ اهو هوٽل نه هيو، تبديلي اچي وئي آهي، ان هوٽل جي ڀرسان هڪ شٽر بند هيو ۽ ان تي ساون لفظن ۾ لکيل هيو “مهاجر صوبا”
هاڻي جيڪڏهن اي جي چانڊيو هجي ها ته اهو صدمو به کيس دل کي رسي ها ۽ هن جي تڪليف ۾ اضافو ٿئي ها، مونکي ياد آهي، ڪراچيءَ ۾ ورلڊ سوشل فورم جون سرگرميون هيون، اي جي جڏهن ڪراچيءَ پهتو ته هن فون ڪيو ۽ اسين مليا هياسين، هن مونکي “امان هو مونکي ڪاري ڪري ماريندا”  واري سي ڊي به ڏني هئي ۽ ان کان اڳ اسين خوب گڏ گهميا هياسين. اي جي ڪراچيءَ ايندو هيو ته هو ڪراچي گهمائيندو هيو، هن وٽ هڪ پنهنجو ايجنڊا هوندو هيو، پوري فهرست دل ۾ هوندي هيس ته ڪنهن سان ڪنهن سان ملڻو آهي ۽ ڪنهن کي ساڻ کڻڻوآهي، ڪڏهن  پنڌ ته ڪڏهن رڪشي ۾ گهمندا هياسين.
ائين اسين گلشن اقبال، نيپا، صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، جيل روڊ کان ڪشمير روڊ تائين گڏجي گهمياسين ۽ ياد آهي ته جنگ پريس ۾ شاهد شاه سان ملڻ ويا هياسين، جيڪو ڪنهن دور ۾ ڪراچيءَ جي عبرت واري آفيس ۾ ڪم ڪندو هيو، ۽ منهنجي هن سان پهرين ملاقت اتي ئي ٿي هئي، پر هاڻ هو جنگ گروپ آف پبليڪيشنس جي The News ۾ ڪم ڪري رهيو هيو. ان سان حال احوال ٿيا، پوءِ اسين گلشن اقبال جي هڪ شادي هال ۾ وياسين، جتي اي جي ڪنهن دوست جي شادي اٽينڊ ڪئي هئي ۽ ان کانپوءِ اسان موڪلايو هيو.
اي جي چانڊيو سان منهنجي پهرين ملاقات روزاني عبرت جي آفيس۾ ٿي هئي، جنهن وقت انچارج ايڊيٽر جامي چانڊيو هيو، اها گهڙي سچ ته مونکي ائين ياد آهي، ڄڻ جهٽ اڳ ئي ملاقات ٿي آهي! جاميءَ ۽ اي جيءَ سان پهرين ملاقات هئي، پر حقيقت اها آهي ته اي جيءَ سان پهرين ملاقات ۾ اهو محسوس نه ٿيو ته ڪا اسان جي پهرين ملاقات هئي، ائين لڳو ڄڻ ڪيئي ڀيرا اڳ ملي چڪا هياسين!
سچ ته هن ماڻهوءَ ۾ مڻيا هئي، هن وٽ پيار هيو، هو هڪ بهترين صحافي هيو، ۽ هن جو journalistic vision ڪافي ڪشادو، لبرل ۽ جامع هيو، اي جي پنهنجي نالي سان ته لکندو هيو، پر ڪافي عرصي کان اعجاز اسڪارپئين جي نالي سان به لکندو هيو.
مان باقائده لکڻ جي شروعات 1992 کان ڪئي، هڪ ئي وقت آرٽيڪل به لکيا، ترجما به ڪيا ۽ شاعري به ، پهريان ٻين اخبارن ۾ لکيو پوءِ عبرت ڏانهن رخ ٿيو ۽ اهڙو رخ ٿيو جو الائي ڇو ٻيو ڪاڏي لکڻ لاءِ دل نه چوندي آهي، توڙي جو هاڻ ڪافي رستا ڪشادا ٿي ويا آهن، ڪافي گهڻا پليٽ فارم موجود آهن، ڪڏهن ڪڏهن آفر به ٿئي ٿي، پر عبرت وارو رومان دوستيءَ جي پيچ ۾ اٽڪيو رهيو آهي، ۽ اٽڪيو ئي رهندو.
هن  ڀيري امداد جڏهن اي جيءَ تي لکڻ لاءِ چيو ته مان يڪدم “هائو” ڪئي، ڇو ته اي جيءَ جو قرض مٿان آهي، مونکي خبر آهي، هي بي ربط آرٽيڪل اهو قرض نٿو لاهي سگهي، پر دل جي ڳالهه اها آهي ته اي جي چانڊيو هڪ سهڻو  ، پيارو، انسان دوست ۽ دلبر ماڻهو هيو، هن دلبر جي چهري کي ڏسي منهنجي اکين ۾ اڄ به پاڻي ڀرجي ٿو اچي. زندگيءَ ۾ گهڻا دوست ٿيا، دوست وري دشمن به ٿيا، پويان ڇرا هڻڻ وارا به ٿيا، مفاد پرست به ٿيا، پر ڪي ڪي اهڙا آهن، جن ۾ واقعي بهار جي بوءِ آهي، اي جي “سر ۾ پکي هيڪڙو” وانگر هڪ يگانو دوست هيو، جنهن جي چهري تي هر وقت مون مرڪ ڏٺي.
هن سان ڪافي ڪچهريون شڪارپور مان فون معرفت ٿينديون هيون، زندگيءَ هن کي به گهڻا سور ڏنا هيا، پر هن پنهنجي سورن جي sublimation اسٽريٽ ٿيئٽر ۽ صحافت ۾ ڳولهي ورتي ۽ پنهنجي ڌن ۾ مصروف رهندو هيو، مونکي ياد آهي، هو جينز تي ڪڙتا پائيندو هيو، اولڊ وحدت ڪالوني، جڏهن هن جي گهر ويندو هوس ته اڪثر هو جڏهن گهران نڪرندو هيو ته پهريان ڌوٻيءَ وٽ هلندو هلندي چوندي هيو: ”حسام، ڪپڙا کڻون ڌوٻيءَ وٽان، پوءِ هلون ٿا”
مونکي ياد آهي، مان بلڪل بي ڊپو ٿي لکندو هيس، ۽ خبرن کي ڊائريڪٽ رفليڪٽ ڪري سڌا سڌا نالا لکي ڇڏيندو هيس، ۽ اي جي فون ڪري چوند هيو “يار، تون نالو ڀلي ڏيندو ڪر، پر ان جي اڳيان “مبينه” لفظ لکي ڇڏيندو ڪر، ان ۾ ماڻهوءَ جو دفاع ٿي ويندو آهي”

اي جي تي باقائده لکڻ جي ضرورت آهي، اي جي لاءِ هي zig zag يادگيريون ڪا وڏي شيءِ ناهن، پر هن جي تصوير کي ڏسي هڪ سور ٿو دل ۾ اڀري ۽ هن جو وڇوڙو 28 مئي تي ٿيو هيو ۽ اڄ 28 مئي آهي، ڪيترا سال گذري ويا، ڪا خبر نه پئي پئي!
 بس، ايترو چوڻ ئي ڪافي آهي ته هو هڪ پيارو ماڻهو هيو ۽ هڪ لازوال پيار وانگر هميشه ياد رهندو !
__________________
This article was published in Daily Ibrat Hyderabad (28 may 2012)
Email:               memonhisam@yahoo.co.uk