Tuesday, December 25, 2012

The world is diverse and will remain the same


دنيا diverse آهي، Diversityئي اصل شيءِ آهي، جيڪا دنيا ۾ رهندي، پوءِ ڇا اها ڳالهه ڏاهن کي سمجهه ۾ نه آئي جن اهو نعرو ڏنو ته سڀ هڪ ٿي وڃو، دولت جي ورڇ برابريءَ جي بنياد ڪئي وڃي، انهن کي سمجهه ۾ آيل هيو ته دنيا diverse آهي، پر اها نهن جي حسرت هئي، آرزو هئي، جن اهڙيون ڳالهيون ڪيون ۽ انهن ڳالهين جا بنياد سائنسي بنيادن تي به قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر دنيا ڏٺو ته اها شيءِ هلي نه سگهي (عملي طور)

سرمائيداري به خراب، ماڻهو ويٺا ٿا ان جي خلاف ڳالهائين، هن مهل تائين مونسا جيڪي به ماڻهو مليا آهن، انهن مان اڪثريت سرمائيداريءَ جي خلاف ڳالهائيندي آهي، پر ٻه ماڻهو ياد رهندا، جيڪي سرمائيداريءَ جي حمايت ڪندا رهيا آهن. هڪڙو ته مليو هيو حيدرآباد ۾ ان جو نالو اعجاز زرداري هيو، ان سان فيس بوڪ تي به هيلو هاءِ ٿي ڪجهه وقت اڳ، پر هو گم لڳو پيو آهي، گهڻي عرصي کان نه ملاقات ٿي آهي نه وري ڪو رابطو، اهو ماڻهو capitalism جو عاشق هيو، هو چوندو هيو، ته سرمائيداري مسئلن کي حل ڪري ٿي، پر خبر ناهي، هو ڪا ڪيپيٽل هن مهل تائي ٺاهي به سگهيو الائي نه! ٻي عورت مونسان فيس بوڪ تي ملي آهي، اها Atheist آهي، ان جو مڙس به Atheist ئي آهي، اها مائي سرمائيداريءَ کي مسئلن جو حل سمجهي ٿي، هوءِ چوندي آهي، دنيا جا مسئلا پئسي سان حل ٿين ٿا، زندگيءَ جون هڙئي سهولتون پئسي سان ملن ٿيون، تنهنڪري، capitalism بهتر آهي، باقي فاشزم، آمريت، سوشلزم ، ڪميونزم ۽ Authoritarianism خراب آهن، انهن دنيا کي نقصان پهچايو آهي، سرمائيداري بهتر آهي

ٻيا وري meritocracy جا قائل آهن، يعني اهڙا ماڻهو، انهن جو مذهب، آئڊيالاجي يا فڪر ڇا به هجي، پر اهي صلاحيتن کي بهتر سمجهن ٿا، هو چون ٿا ته جيڪڏهن صلاحيتن معرفت پئسو ڪمائي سگهجي ٿو ۽ امير ترين ٿي وڃجي ٿو ته برو ناهي، ان جو مطلب ته اهي به سرمائيداريءَ کي ئي سپورٽ ڪن ٿا

ٻيا آهن صوفي روح، جيڪي مادي شين کي بيڪار، وقتي ۽ خيال جي وچ ۾ روڙو سمجهن ٿا، سنڌ اهڙن الستي فقيرن سان ڀري پئي آهي، پر سچ اهو آهي ته انهن جو دور مختلف هيو، باقي جديد صوفين مان به ڪيترائي سرمائيداريءَ جي پوئواري ڪن ٿا. اڳي پاڻيءَ جو مسئلو نه هيو، جاءِ جڳهه جو مسلئلو نه هيو، روزگار جو مسئلو نه هيو، مسئلا ته اڳي به هيا، پر اهڙا ڪونه هيا، جيڪي اڄ جي دور ۾ آهن، ۽ ان وقت انفليشن جو چڪر به ايترو زوردار نه هيو، جيڪو هاڻي آهي، پوءِ اڳلا انسان جيڪڏهن خوش هيا ته اهو دور ئي اهڙو هيو، هاڻي گوتم پيدا ڪونه ٿا ٿين، هاڻي ڀٽائي جنم ڪونه ٿا وٺن. هاڻي جو دور ٻيو آهي، صوفي به اهو ناهي، روايتون زنده آهن، ڏڻ ، ميلا ۽ اهڙيون شيون آهن، پر اها شيءِ ناهي، جيڪا اڳي هوندي هئي، انڪري، اڄ جو صوفي به ان دور جي صوفين جهڙو ناهي، اڄ جو صوفي به موبائيل هلائي ٿو، ٽرين ۾ سفر ڪري ٿو، اڳي ماڻهو گهڻو پنڌ هلندا هيا، حالتون به ايترون خراب نه هيون، بک به ايتري ڪونه هئي، انڪري، هاڻي چڪر ئي ٻيو آهي، ڀلي ڪير صوفي سڏائي پر اهو بکين کان ڪونه کارائيندو، ڪجهه ماڻهو ته هر دور ۾ هوندا آهن، ڪجهه ماڻهو هوندا، ان کان انڪار ناهي، پر اڪثريت ڪم جي ناهي

مطلب جيڏانهن وڃبو، سچ آهي، رڃ آهي، نعرا آهن، سهڻيون ڳالهيون آهن، پر عدم برداشت، ٽنگون ڪڍن، پهريان پنهجو مفاد پوءِ ٻيو ڪم.. قرباني ۽ ايثار ڪڏهن جو ويا موڪلائي. باقي آهن ڳالهيون، ڳالهيون ته هر ڪو ڪري ٿو. اسان جي دعا ، آرزو ۽ تمنا اها آهي ته ماڻهو سچي دل سان ماڻهو جي مدد ڪن، انهن کي پاڻ جهڙو سمجهن، پرايا ٻچا نه مارائن، وڏيرڪي نفيسيات ختم ڪن ، پر اهو ممڪن نٿو لڳي، تنهنڪري، قيامت تائين لڳي ٿو اهو نظام ائين ئي هلندو رهندو، تنهنڪري، ئي مون مٿي مٿي لکيو ته دنيا Diverse آهي ۽ رهندي، سڀ نظام هن ڌرتيءَ تي رهندا ۽ ماڻهو شايد ڪڏهن به هڪ نه ٿيندا!

حسام
26/12/2012

No comments:

Post a Comment