Friday, December 14, 2012

Political Analyses


Published in Daily Ibrat Hyderabad  15/12/2012
 صحيح چوندا آهن ته “مطلق طاقت مڪمل طور تي ماڻهوءَ کي خراب ڪندي آهي”، جن وٽ طاقت آهي، انهن کي جيئن وڻي ٿو ٿيئن ڪن ٿا، مسڪين ماڻهو انهن مالي ۽ طاقتور قوتن جي اڳيان ڇا ٿو ڪري سگهي. حڪومت وقتي ٿئي ٿي، پر وقتي حڪومت ڪن لاءِ ڪل وقتي ٿئي ٿي. ماڻهو ماڻهن کي انڪري چونڊين ٿا ته انهن جا مسئلا حل ٿين، پر اسان وٽ ان جي ابتڙ ئي ٿيندو آيو آهي، ظاهر آهي، ڪي فائدا به هوندا پر اهي ايترا وقتي آهن، جو انهن جي ڪا اهميت نٿي رهي ڇو ته نقصان جو بت وڏو آهي، جڏهن نقصان پنهجا پر ڦهلائي ٿو ته هر ماڻهو متاثر ٿئي ٿو، خاص طور تي غريب

اهو سڀ انڪري ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ ڪنهن به رياست جا وسيلا ۽ ان جي ڪاروهنوار جا معاملا ڪجهه ماڻهن وٽ هجن ٿا، ساڳي ڪار پاڪستان ۽ سنڌ سان آهي، پر ان ۾به ڏوهه ته ماڻهن جو ئي چئبو، جن اهڙن ماڻهن کي ووٽ ڪيو، جيڪي اڄ انهن کي هر محاذ تي پوئتي ڪن ٿا. پر جيئن ته اسان وٽ حڪومت اهي ئي ڌريون ڪنديون رهيون آهين، جن وٽ پئسو آهي يا وراثتي انداز ۾ سنن حڪومت ڪرڻ پلئه پيو آهي، ان سلسلي ۾ عوام ڇا ڪري، ڪنهن کي نه ڪنهن کي ته ووٽ ڏيڻو ئي پوي ٿو، پوءِ اهو الف هجي يا بي.

اها رپورٽ به اچي چڪي ۽ دوست ڌڻي لکي چڪا ته اسان جو ملڪ ڪيترو ڪرپٽ آهي ۽ ڪرپشن جي نالي سان اسان کي سٺي ۽ موچاري موٽ ملي ٿي. اسان جا سياستدان ڪيئن وڪاڻا اهي شيون به پڌريون ٿي چڪيون آهن، اسان جا سياستدان عام ماڻهوءَ سان ڪيئن ورتاءُ ڪن ٿا اهو به اڳيان اچي چڪو آهي، اها به سڀني کي خبر آهي ته جيڪڏهن ڪجهه ماڻهن کي نوڪريون مليون به آهن ته ڪهڙي ذريعي ۽ ڪيئن.

ڇا اها ڳالهه حيران ڪن ناهي ته اڄ جي ۾ ، سائنسي دور ۾ جڏهن هر قسم جي حقن جا ڏينهن ملهايا وڃن ٿا، ان دور ۾ به اسان جا سياستدان مختلف ترن ۾ ذات پرستيءَ ۽ قبائليت کي ترجيح ڏين ٿا ۽ صلاحيت پڻي meritocracy کي سر عام ڌڪيو ويو آهي، جيڪي سياستدان ميرٽ ۽ ضرورت کي ڌڪي ذات پرستي ۽ ذاتي مفاد کي هٿي ڏين انهن مان سنڌ دوستيءَ جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي، ڇا اهو لڳي ٿو ته هو واقعي قوم جا مسئلا حل ڪندا ۽ سنڌ جي حقن جي ويڙهه ڪندا ۽ انهن کي سچ ۾ سنڌ جي ايتري لڳل آهي، سچ ته اهو آهي ڀلي ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي، جيڪي ماڻهو بخمل جي بستري تي سمهن، انهن کي ڪهڙي خبر ته پٽ تي سمهڻ  ڪيئن هوندو آهي،


مثال کڻي ڪالا باغ جو وٺجي، هن ئي اخبار ۾ اهو پهريان به لکيو هيو ته پاڪستان جو ٻه ڀيرا وزير اعظم ٿيندڙ ماڻهو محترم نواز شريف پنجاب جو آهي ۽ هو پنجاب جي حقن کان ذري به پاسيرو نه ٿيندو، ڇو ته هن کي خبر آهي ته هن جون جڙون سنڌ ۾ ناهن، هو سنڌ لاءِ هڪ سطحي ڳالهه ڪندو، ۽ هن جي دل ۾ پنجاب ئي ڌڙڪندو، ساڳيو راڳ ڪالا باغ وارو وري آلاپيو پيو وڃي، ۽ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه واري ڳالهه ته صوبن جي اتفاق راءِ کان سوا اهو ڪم نه ٿيڻ گهرجي، اها ڊپلوميسي ناهي ته ٻيو ڇا آهي، اها منافقت ناهي ته ٻيو ڇا آهي، جڏهن پاڪستان جي چار صوبن يا federating units مان ٽن اهو قراد پاس ڪيو ڪيو آهي ته ڪالا باغ ڊيم نٿو گهري، جڏهن اسميبلين اڪثريت سان اهو فيصلو ڪيو آهي ته پوءِ اهو راڳ آلاپڻ جو ڪهڙو فائدو، پر پنجاب پنهنجي هوڏ تي قائم آهي، هاڻي زرداري صاحب سنڌ جو آهي، نواب شاهه جو آهي، محترمه بينظير ڀٽو جو ور آهي، هن جون اڳي ۽ پوءِ جڙون سنڌ ۾ آهن ۽ پيپلزپارٽي هر دفعي جڏهن به مصيبت ۾ آئي آهي ته سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندي آهي، هن ڀيري چوندون جيڪي ٿييڻون آهن، انهن ۾ ڪهڙا ڪهڙا اشوز ڪر ٿا کڻن ۽ ڪيئن ٿي اشوز جي سياست ڪئي وڃي، اهو اڃا ماڻهن کي ڏسڻو آهي، مارچ تائين اهڙا ٻيا به چڪر ٿي سگهن ٿا ٻيا به اشو ڪر کڻن ته ڪو مسئلو نه سمجهيو وڃي. هميشهه اليڪشن ويجهو ٿيندي آهي ته اهڙا اشوز اٿندا آهن يا اٿاريا ويندا آهن

27 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ محترمه جي شهادت جي جوالي سان يا ورسيءَ جي حوالي سان پارٽيءَ پاران هڪ وڏو جلسو رٿيو پيو وڃي، جنهن لاءِ اهي به خبرون آهن ته رحمان ملڪ صاحب محترمه جي حوالي سان ڪجهه رازن جو انڪشاف ڪندو ڪي خاص ڳالهيون ٻڌائيندو. محترمه جي شهادت جي ڪري جيڪو پارٽيءَ کي mercy vote ڏنو ويو، اهو هن دفعي ملڻ جا امڪان گهٽ آهن؛ هن دفعي حالتن جي نبض تي هٿ رکي اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي ته ووٽ جو turn out  (شرح) به گهٽ هوندو، ڇو ته ماڻهن جو سياستدانن مان ويساهه کڄي رهيو آهي. اها ڳالهه عام ماڻهوءَ کي اڳيان رکي ڪئي ٿي وڃي، باقي ڪي لساني بنيادن تي، ڪي مذهبي ، ڪي قومي ته ڪي شخصي بنيادن تي ووٽ ڪندا آهن ، اهي ائين ووٽ ڪندا، جئين ڪندا آيا آهن.

ڪجهه هلاءَ اهي به آهن ته محترم صدر ۽ محترم نواز شريف پاڻ ۾ ڳالهائي چڪا آهن ته هن دفعي اها سياسي ڊيل ڪئي وئي آهي ته ايندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ صدر صاحب صدر ئي رهندو ۽ وزيراعظم نواز شريف صاحب، ان ڳالهه ۾ ڪيترو سچ آهي، ڪجهه هن وقت چئي نٿو سگهجي پر سياست ۾ اهي شيون يا اهڙيون Dealings ناممڪن به ناهن، تنهنڪري، ان ڳالهه کي نه هاڪاري چئي ٿو سگهجي نه ناڪاري، بس ائين سمجهجي اهو هڪ سڪو آهي، جيڪو مٿي اڇلايو ويوآهي، ڪنهن کي به اها خبر نه آهي ته اکر هوندي يا مهر

اهو ته وقت بڌائيندو  ته ڇا ٿو ٿئي، هڪڙي ڳالهه ته واضح آهي ته سنڌ ۾ اڃا تائين پيپلز پارٽيءَ جو نعم البدل ناهي، ها پاڳارو صاحب جون سرگرميون ڪنهن حد تائين ايندڙ اليڪشنس ۾ ڪي نتيجا ڏئي سگهن ٿيون، پر ان حوالي سان به في الحال ڪجهه چئي نٿو سگهجي ته صورتحال ڇا بيهندي، پر اها ڳالهه به ڪم جي آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي ساک ڪجهه ڪمن جي ڪري ضرور متاثر ٿي آهي، جن مان ڪجهه ته هي آهن:

متحده سان مصلحت يا ٺاهه
ٻٽو نظام متعارف ڪرڻ (سموري سنڌ جي احتجاج جي باوجود)
محترم جي شهادت جي حوالي سان نه ڏسڻ ۾ ايندڙ سرگرمي
ذوالفقارآباد ٺاهڻ (سموري سنڌ جي احتجاج جي باوجود)

هي اهي ڪم آهن، جن پارٽيءَ جي ووٽ کي بري طرح متاثر ڪيو آهي ۽ ظاهر آهي، جڏهن ووٽر جي بنهه نه ٻڌي وڃي ته ان جا نتيجا هاڪاري ته نه هوندا. پر رولنگ پارٽيءَ جي ميمبرن جي ٻولي، انهن جو انداز بيان به ماڻهن کان نه وسريو آهي ۽ انهن کي ساڳيو ئي هوڏ آهي ته هو هر دفعي کٽي ويندا ۽ سنڌ جا سمورا ووٽ انهن جي ميراث آهن، اهو ممڪن ناهي، ڇو ته عمل جو رد عمل ته فطري ڳالهه آهي. سياست ۾ هوڏ خراب شيءِ آهي، ماڻهو اهڙو ڪم ڪري جو ڏکي وقت ۾ ڪم اچي، ڇو ته ڦري گهري ماڻهو ووٽ ئي وٺندا، بنا ووٽ جي ته ڪجهه به نه ٿيندو، ماڻهو ڪيئن اسميبلين ۾ پهچي ڳريون پگهارون، مراعات، ۽ پروٽوڪو حاصل ڪندا.

هڪ طرف کان اهو هوڏ آهي ۽ ٻئي طرف کان اهي ماڻهو به نوٽ ڪرڻ جهڙا آهن، جيڪي ٻٽي نظام خلاف اٿي بيهي رهيا آهن ۽ هاڻي سنڌ سنڌ پيا ڪن، اها سٺي ڳالهه آهي ۽ سموري سنڌ انهن کي ان شيءِ تي موٽ به ڏني آهي، پر ڪي ڌريون اها خيال آرائي به ڪري رهيون آهن ته جيڪي ٻٽي نظام خلاف اٿي کڙا ٿيا آهن انهن سنڌ لاءِ اڳ ڇا ڪيو آهي، (قومپرستن کي ڇڏي ڪري، ڇو ته قومپرست سنڌ جي اشوز سان ئي گهڻا سلهاڙيل رهيا آهن) ، ڇو ته انهن مان به هر دفعي ماڻهو چونڊبا آهن.

ماڻهو سچ ۾ هن وقت ورهايل آهن، پر ان جي باوجود به سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي هڪ الڳ جذباتي قسم جي ساک آهي، مسئلو اهو آهي ته اها جذباتي ساک سولي نموني ختم نه ٿيندي آهي، جيڪي ماڻهو پيپلز پارٽيءَ خلاف هڪ محاذ کڙو ڪري رهيا آهن، انهن کي باقائده ۽ جامع قسم جو پروگرام ڏيڻو پوندو ، مڃيوسين ته پيپلز پارٽيءَ اجهي، لٽي ۽ اٽي وارو ڪم پورو ڪري نه سگهي آهي، پر ماڻهن جو ان پارٽيءَ کي ووٽ ڪرڻ هڪ رويو ٿي ويو آهي، اصل مسئلو پروگرام جو به ناهي، اصل مسئلو عوام کي اهڙي انداز ۾ پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻو جيڪو طريقو بنهن عوامي هجي.

ڇو ته جنهن انداز ۾ اليڪشن کان اڳ چونڊ مهمون شروع ٿي رهيون آهن، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته چونڊ وڙهڻ يا ڪانٽي جي مقابلي ۾ ڪهڙا اشوز آڏو ايندا، سنڌ ۾ وڏا ايجنڊا  ڪالا باغ ڊيم ۽ ٻٽو انتظامي نظام ۽ ذوالفقارآباد ئي ٿي سگهن ٿا، نظر ائين اچي ٿو، پر مارچ تائين ڪهڙو وايو منڊل ٿو ٿئي اڃا ڪجهه مهينا آهن ، تنهنڪري، گهڻيون شيون غير واضح آهن.

هڪ ٻئي اشو به تازو ڪر کنيو آهي، اهو اشو آهي ڪرپشن، قومي احتساب بيورو نيب جي چيئرمين ايڊمرل فصيح بخاري ملڪ ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن جو ذميدار حڪومت جي پنهنجا نوازي وارين پاليسين ۽ بدانتظامي کي قرار ڏيندي  ملڪ ۾ روزاني ٿيندڙ ڪرپشن جي انگ ۾ اضافو ڪندي چيو  آهي ته ملڪ ۾ ڪرپشن روزانو 7 ارب نه پر 10 کان 12 ارب تائين پهچي وئي آهي. هن صحافين سان ڳالهايندي چيو آهي ته ملڪ ۾ 300 کان 350 ارب رپيا روزانو ڪرپشن ٿئي ٿي. ملڪ جي ڪرپشن جي حوالي سان اها حالت هجي ته پوءِ ڇو نه ٽرانپرينسي رپورٽ ۾ پيارو پاڪستان مٿين کان مٿين ليول تي اچي. هن اهو به چيو آهي پاڪستان ۾ ٽيڪس جي ڊي پي جو 9 سيڪڙو آهي جڏهن ته اها شرح 17 کان 20 سيڪڙو هئڻ گهرجي .

ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيرن نيب تي تنقيد ڪئي آهي ۽ واضح ٿي ويو آهي ته نيب آزاداڻي طور تي ڪم ڪري رهيو  آهي. هن چيو ته ٽيڪسن جي شرح گهٽ ٿيڻ سان ملڪ کي ساليانو اڍائي کان 3 هزار ارب رپين جو نقصان ۽ ميگا منصوبن ۾ ٿيندڙ گهپلن ۾ ساڍا 3 سئو ارب رپين جي بدعنواني سان روزانو بدعنواني جي شرح 6 کان 12 ارب تائين پهچي وئي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ زراعت جو شعبو ڊاڪٽر، وڪيل ۽ دڪاندار ٽيڪس کان آجا آهن، قومي زمين تي قبضو قرضن جي عدم واپسي، کاتن ۾ حد کان وڌيڪ ملازمن جي ڀرتي، وڏن منصوبن ۾ دير، ٽيڪسن ۾ ڇوٽ ۽ ٻين شعبن ۾ به ملڪ کي اربين رپين جو نقصان پهچي رهيو آهي

ڪرپشن جو اهو اشو به ٻرنديءَ تي تيل هارڻ برابر ثابت ٿي رهيو آهي ۽ مخالف ڌر ان تي ڏاڍو هل هنگامو ڪيو آهي ۽ ان کي مخالفت جو هڪ ٺاهوڪو  مامرو هٿي لڳي ويو آهي، هڪ طرف صوبائي ليول تي اشوز آهن، ٻيو قومي ليول تي اهڙا اشوز سڀ حڪمراني ڪندڙن لاءِ مٿي جو سور ثابت ٿيندا ۽ ايندڙ چونڊن ۾ اهو اشو قومي ليول جو اشو هوندو ۽ عمران خان ته چوي ٿو ته حڪومت 5 سالن ۾ هڪ ئي سٺو ڪم ڪندي اهو جيڪڏهن وقت تي چونڊون ٿيون

طاقت مان مراد اها به آهي ته رڳو فضيلت ڀري انداز ۾ چونڊون نه ٿينديون، روايتي طور پاڪستان جون ڪيتريون ئي پولنگ اسٽيشنس هونديون جتي ڌانڌلي روايتي انداز ۾ ڪئي ويندي، جڏهن ووٽر فضيلت ۽ آزاديءَ سان ووٽ ڏئي نه سگهي ۽ پريشر ۾ هجي ، ذات پات جي اثر ۾ هجي، يا ڪجهه اثر رسوخ وارن جي دابي ۾ ووٽ ڪري ته پوءِ چونڊون شفاف ڪئين چئي سگهبيون، توڙي جو ڪافي وقت آهي، پر جيڪي اشوز نظر اچن ٿا، جن تحت چونڊن جون مهمون شروع ٿينديون، انهن تي سرسري نظر وڌي وئي آهي ۽ ڏسڻو اهو آهي ته ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿو ٿئي، پر موجوده وقت ۾ عوام ماڻهوءَ جي حالت انتهائي خراب آهي، ڊالر جي ڀيٽ ۾ روپيو ڏينهن رات گهٽبو ٿو وڃي، مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، انڪري، مهانگائي، گئس، بجلي به اشوز هوندا، پر سچ اهو آهي ته سڄو ملڪ اشوز سان ڀريل آهي، پر 5 سال ڪيئن گذري ويا، خبر ئي نه پئي وري ڪجهه نوان پروگرام ايندا يا وري به اهو ئي پراڻو راڳ آلاپيو ويندو ته اجهو ، لٽو ۽ اٽو، ڪجهه به هجي عام ماڻهوءَ جي حالت خراب کان خراب ٿيندي پئي وڃي ۽ عام ماڻهوءَ لاءِ اهي چونڊون سنڌيءَ جي ان پهاڪي مثل ئي ٿينديون ادو مئو ادي ڄائي، اسين اهي جا اهي ئي!
memonhisam@yahoo.co.uk

No comments:

Post a Comment