Saturday, December 1, 2012

Palestine emerges an state


01/12/2012

29 نومبر 2012  فلسطين جي تاريخ جو يادگار ڏينهن ٿي ويو آهي، جو هن ڏينهن تي اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾193 ملڪن منجهان 138 ملڪن فلسطين کي بطور رياست ووٽ ڪيو ويو ۽ جڏهن ته 9 ملڪن جا ووٽ هن رياست جي خلاف ويا ۽ 41 رياستن پاڻ کي پري رکيو، انهن ووتن آمريڪا ۽ اسرائيل جي ساک ۽ پت کي وائکو ڪيو آهي

جمعرات واري ڏينهن فلسطين جي صدر محمود عباس کي ڪافي نمايان ڪيو آهي، پر ڪيترائي ماڻهو هن کي اڄ به اسرائيل ۽ آمريڪا جي سياسي راند جو هڪ مهرو سمجهن ٿا ۽ چون ٿا ته هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي جيڪو دشمن کان امن پيو پني، ڇا هن کان وسري ويو آهي ته اسرائيل فلسطين جي نسل سان ڇا ڪندو رهيو آهي

هڪ طرف کان اهي ڳالهايون آهن ۽ ٻئي طرف کان فلسطين جي اڪثريت سان رياست مڃڻ واري ووٽ  جي ڪري ڪافي ڌريون خوش ٿيون آهن ۽  خود آمريڪا جي رياست جا به ڪيترائي ماڻهو خوش ٿيا آهن ته انهن ملڪن جا ماڻهو به جيڪي آمريڪا يا اسرائيل ڏانهن مائل رهيا آهن، اهي سموريون ڳالهيون سوشل ميڊيا تي پڌريون ٿيون آهن ته ڪير ڇا پيو سوچي، اها ٻي ڳالهه آهي، ته ٿي سگهي ٿو ڪوئي ڪنهن سمجهوتي تحت به ائين ڪندو هجي، يا ماڻهو پنهنجون دوستيون ٻن ملڪن جي جهيڙي ڪري داءَ تي نه لڳائيندا هجن يا وري پاڻ کي وڌيڪ روشن خيال ثابت ڪندا هجن پر خوشيءَ جي هڪ لهر اڃا تائين پکڙيل آهي، ماڻهو اهڙا خيال هڪٻئي سان اڃا ونڊي رهيا آهن



مغربي پٽيءُ ۽ رملا جي ياسر عرفات اسڪائر تي هزارين ماڻهو ڪٺا ٿي ڪري اڃا تائين خوشي ملهائي رهيا آهن ۽ ان واقعي کي هڪ تاريخ واقعو قرار ڏئي رهيا آهن، جهڙوڪ هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ جهنڊو هجي ۽ هر ماڻهو شادمانا ڪري رهيو آهي، ڦٽاڪا ته ٻاريا ويا ويا پر فائرنگ به جهڙوڪ خوشيءَ جو هڪ اظهار ٿي وئي آهي، ڇو ته ماڻهن جي دل ۾ اهو ئي هيو ته شايد اهو ڪم ڪڏهن نه ٿئي، فلسطين کي جنرل اسيمبليءِ ووٽ ڏئي ڪري، ان کي ملڪ هجڻ جو هڪ سرٽيفڪيٽ ڏنو آهي، اهڙو ئي ڪم اڄ کان 65 سال اڳ (29 نومبر 1947 ) ۾ ٿيو هيو، جڏهن  اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ  181 ٺهراءُ  منظور ڪيو هيو ۽ ان ٺهراءَ مطابق ئي فلسطين کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو هيو. محمود عباس ان حوالي سان پنهنجي جنرل اسيمبليءَ واري خطاب ۾ پراڻي ٺهراءَ لاءِ چيو آهي ته اهو اسرائيل جو Birth certificate هيو ۽ اهڙي طرح اڄ (29 نومبر 2012) فلسطين جي لاءِ بطور هڪ رياست جي ڄمڻ جي هڪ سند آهي.

هڪڙي پاسي کان ڪاميابي ۽ فتح جي ڳالهه آهي، ٻئي طرف کان اسرائيل جي وزير اعظم نيتن ياهو چيو آهي ته فلسطين جي رياست هئڻ واري ڳالهه بي معنيٰ آهي ۽ فلسطين جي صدر لاءِ چيو اٿائين ته محمود عباس اهڙو ماڻهو آهي ئي نه،جيڪو هن خطي ۾ امن آڻڻ چاهيندو هجي. نيتن ياهو ڪجهه به چئي پر اها حقيقت آهي ته 29 نومبر واري عمل کان پوءِ هن جي شهرت ۾ اضافو آيو آهي ۽ ٻئي طرف کان اسرائيل انهن ڪوششن ۾ لڳي ويو آهي ته هن همراهه کي ڪيئن هٽائجي، ڏسون ته اڳتي هلي ڇا ٿو ٿئي، پر هن وقت محمود جي پوزيشن پهريان کان بهتر ٿي آهي. اسرائيل ۽ آمريڪا هن کي هٽائڻ ۾ دير نه ڪندا ۽ ضرور ڪا نه ڪا حڪمت علي تيار ڪري ڪو جواز پيدا ڪري وٺندا.

فلسطين کي رياست نه مڃيندڙ پوري اتحادي ٽولي جا خاص خاص ماڻهو چئي رهيا آهن ته فلسطين رياست رڳو ۽ رڳو ٻه طرفي ڳالهين جي بنياد تي ئي بطور رياست ٿي سگهي ٿو، ٻي ڪا واهه ناهي ۽ اهڙيون ئي ٻه طرفيون ڳالهيون 1993 ۾ اوسلو معاهدي ۾ ڪيون ويون هيون، جنهن تحت پي ايل او ۽ اسرائيل جي وچ ۾ متفقه طور فلسطيني اٿارٽي وجود ۾ آئي هئي. 20 سالن تائين اوسلو ٺاهه تحت ڪڏهن ڪڏهن امن جي حوالي سان ڳالهيون ٿينديون رهيون پر، ڪو کڙتيل نه نڪتو ۽ اوسلو معاهدو 2010 تائين مڪمل طور ناڪام ٿي ختم ٿي ويو پر ڳالهيون ڪامياب نه ٿي سگهيون ۽ هاڻي وري اسرائيل ۽ سندس لابي ڳالهين جي آڇ ڪري رهيا آهن ته ڳالهين معرفت ئي فلسطين جو ڪجهه ٿي سگهي ٿو، هو فلسين کي رياست ڪونه ٿا مڃن، توڙي جو جنرل اسميبليءَ اڪثريت سان ووٽ ڏنو آهي ۽ فلسطين کي non-member observer state  طور تسليم ڪيو آهي

2010 ۾ اوسلو معاهدي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ به فلسيطيني نئين ڊپلوميسيءَ جي تحت  انفرادي طور ملڪن کي ان ڳالهه لاءِ آماده ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا رهيا ته فلسطين کي هڪ آزاد رياست مڃيو وڃي  ۽ 1967 کان اڳ جيڪي حدون هيون انهن کي تسليم ڪري جنگ بندي ڪئي وڃي، جن حدن تحت اسرائيل ۽ مغربي ڪنارو الڳ الڳ هوندا. ان حوالي سان سيپٽمبر 2011 ۾ فلسطيني اٿارٽيءَ جي صدر، پي ايل او جي چيئرمين محمود عباس اقوام متحده ۾ مختلف ملڪن جي سپورٽ حاصل ڪري ورتي هئي، اها شيءِ به ٻن مهينن کان مٿي نه هلي سگهي ۽ سڪيورٽي ڪائونسل جي ميمبرن ۾ عدم اتفاق جي ڪري اها شيءِ اتي ئي رهجي وئي ان کان پوءِ محمود عباس هڪ Downgraded Request هيٺين سطح جي درخواست اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ کي ڏني ، جنهن ۾ چيو ويو ته فلسطين کي Non-member observer state طور ئي تسليم ڪيو وڃي، جهڙي پوزيشن وٽيڪن سٽيءَ جي آهي 

29 نومبر 2012 تي جنرلي اسيمبليءَ ۾ اڪثريتي ووٽ ملڻ جي ڪري فلسطين کي non-member observer state طور تسليم ڪيو ويو آهي، پر اسرائيل اڃا به ساڳي هوڏ تي آهي ته هو فلسطين کي رياست ڪونه ٿو مڃي، جيستائين ڳالهيون نه ٿينديون، تيستائين ڪجهه نه ٿيندو ۽ هو فلسطين کي اهڙي رياست به ڪونه ٿا مڃين جي وٽيڪن سٽي دنيا جي نقشي تي آهي.

گڏيل آمريڪا لاءِ اسرائيل جو ايمبسڊر رون پروزر چيو آهي ته جنرل اسيمبليءَ ۾ جيڪو به ٿيو آهي، اهو واقعو هڪ طرفو فيصلو آهي ، ان سان امن قائم نه بلڪه پوئتي ڌڪبو، اهڙي طرح هيلري ڪلنٽن جيڪا گڏيل آمريڪا جي اسٽيٽ سيڪريٽري آهي ان جنرل اسيمبليءَ جي هن فيصلي کي unfortunate يعني بد قسمت سڏيو آهي ۽ هن به اهو ئي چيو آهي ته ٻه طرفي ڳالهين کان سوا امن قائم ٿيڻ جو ڪو چارو ناهي. اهڙي طرح پوري اسرائيلي لابي، جنهن ۾ آمريڪا به اچي ٿو وڃي، سڀني جي ڳالهه هڪ ئي آهي ته ڳالهيون ٿين ۽ جنرلي اسيمبليءَ جو اهو فيصلو جيڪو ووٽن معرفت ٿيو آهي ته فلسطين هڪ اهڙي رياست ٿي چڪو آهي، جنهن کي ٽيڪنيڪلي Non-member observer state چيو ويندو آهي

اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل چيو آهي ته ٺهراءَ جي حوالي سان اڃا وڌيڪ ڳالهيون ڪيون وڃڻ گهرجن ته جيئن امن کي هٿي ملي سگهي.

ياد رهي ته برطانيا فلسطين کي بطور رياست مڃڻ واري حيثيت جي ووٽ ڪرڻ کان ئي پاسو ڪيو، اسرائيل ته اهو ڪم ڪري نٿو سگهي ۽ اسرائيل جو مضبوط ترين اتحادي آمريڪا آهي، انڪري ان به ووٽ نه ڪيو ۽ اها ٻولي ٿو ٻولي جيڪا اسرائيل جي خواهش آهي. باقي جرمنيءَ به ووٽ ڏيڻ کان پاسو ڪيو، جيئن برطانيه ڪيو. باقي زيڪ ريپبلڪ، ڪئناڊا، مارشل آئيلينڊ ۽ پناما آمريڪا سان گڏ فلسطين جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو

اختتام:
گذريل سال  محمود عباس اقوام متحده جي سڪيورٽي ڪائونسل اڳيان اهو عرض رکيو هيو ته فلسطين کي ميمبر رياست طور تسليم ڪيو وڃي پر ان جي آمريڪا مخالفت ڪئي هئي. آمريڪا شروع کان وٺي اسرائيل جو ساٿاري آهي ۽ رهندو ، تنهنڪري، فلسطين کي اسرائيل ۽ آمريڪا مان اميد هونئن به گهٽ آهي. ڪجهه وقت کان محمود عباس تي به اهي تنقيدون ٿينديون رهيون ته هن جي تحريڪ “فتح” به پاسيري ٿي وئي آهي، پر 29 نومبر 2011 واري واقعي محمود جي ناماچاريءَ ۾ اضافو ڪيو آهي ۽ فلسطين کي non-member observer state طور تسليم ڪيو ويو آهي ۽ اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل به چيو آهي ته ٺهراءَ جي حوالي سان اڃا وڌيڪ ڳالهيون ڪيون وڃڻ گهرجن ته جيئن امن کي هٿي ملي سگهي. سچ اهو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل کي اقوام متحدهه جي اهڙي عمل جي شايد توقع نه هئي، پر هن وقت جيڪي حالتون آهن ، جيئن غذا تي ڪجهه ڏينهن اڳ 6 ڏينهن اسرائيل بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه انگر اکر اڳيان آيا، انهن ۾ ٻڌايو ويو ته 6 ڏينهن دوران غذا ۾ جيڪو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو اهو هيئن آهي:

104 فلسطيني ماريا ويا، جن ۾ 25 ٻار، 11 عورتون ۽ 14 سينئر شهري شامل هيا
866 زخمي ٿيا، جن ۾ 277 ٻار، 224 عورتون ۽ سينئر شهري شامل هيا
1643 راڪيٽ غذا تي هنيا ويا ، جن مان 364 بحري، 1114 هوائي ۽ 165 زميني
822 گهر تباهه ٿيا، جن مان 76 مڪمل طور، 559 گهر ڪنهن حد تائين، 187 گهر گهڻي حد تائين

29 نومبر تي اقوم متحده فلسطين جو اهو حق نامڪمل ئي پر بطور رياست قبوليو آهي ۽ اها هڪ تاريخي وک آهي، انڪري، اهو معمولي واقعو ناهي ۽ اسرائيل ۽ آمريڪا لاءِ به انتهائي سنجيده گهڙي آهي، توڙي جو خود اقوام متحده تي به آڱريون کڄنديون رهيون آهن ته هو هن مهل تائين ڪو خاص ڪم ناهي ڪري سگهيو، مثال طور جيئن ڪيوٽو پروٽوڪول آهي، آمريڪا اڄ تائين ان ٺهراءَ کي پٺي ڏئي ويٺو آهي، يا ٻيا به ڪيترائي بين الاقوامي مامرا آهن، . هن دفعي اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جو فيصلو آمريڪا ۽ اسرائيل جي منشا کان ماورا رهيو آهي ته جهڙوڪ اقوام متحده لاءِ به دنيا جي ڪافي ملڪن ۽ انهن ۾ وسندڙ ماڻهن جو اعتماد بحال ٿيو آهي. ڪجهه به هجي، پر گهٽ ۾ گهٽ اقوام متحده جي ادارن ۾هاڻي فلسطين پنهنجي ڳالهه ته ڪري سگهندو ۽ انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ ۾ به اسرائيل جي جنگي ڏوهن جا ڪيس وجهي سگهندو، انڪري ئي اسرائيل ۽ آمريڪا کي ڦڦڙي به آهي، جڏهن ننڍڙا ملڪ وڏن ۽ طاقتور ملڪن کي پنهنجي مسلسل جدوجهد معرفت ڦڦڙي ڏئي وجهن ته اها دنيا جي ملڪن لاءِ خوشيءَ جو سبب به آهي ته تاريخ مان سکڻ جو موقعو به!
  _________________
Article can be accessed on the link of Daily Ibrat Hyderabad  
http://www.dailyibrat.com/Article_Columns/sunday4.html

No comments:

Post a Comment