Friday, December 28, 2012

We need to enhance our talent

اسانکي پنهنجو ٽيلينٽ نکارڻ جي ضرورت آهي
 هم ٽي وي چئنل تي هڪ ڊرامو هلي ٿو، جنهن جو نالو آهي ”زندگی گلذار ہے“ ڊرامي ۾ class stratification جي فرق کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ هڪ سائين (سنڌي ماڻهو) به ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو هڪ رَن سان دوستي رکڻ ٿو چاهي. اهي سڀ شيون اسان جي سماج جا مظهر آهن. پئسو آهي ته اهي ڪم اڪثر ماڻهو ڪرن ٿا، ڊرامن ۾ ۽ حقيقي زندگيءَ ۾ فرق آهي.

مونکي ڊرامي جي هڪ شيءِ وڻي اها ته هڪ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ غريب هيٺين لوور ڪلاس جي ڇوڪريءَ کي ميرٽ تي داخلا ملي وئي آهي ۽ ڪلاس ۾ جيڪي هن سان گڏ پڙهن ٿا، اهي elite class جا ماڻهو آهن، پئسي وارا آهن ۽ اهو به reflect ڪيو ويو آهي ته جيڪي عورتون پئسن واريون آهن، اهي ڪيئن NGOs ۾ ڪم ڪن ٿيون ۽ انهن جي نفسيات ڇا آهي، اهي ڪيتريون آزاد پسند آهن، جيڪي نه مڙس کي وقت ٿيون ڏئي سگهن ۽ نه ٻارن کي، جهڙوڪ انهن جا گهر انهن جي آزاديءَ ڪري ڀڄي ۽ ڀري رهيا آهن

مون ڳالهه پئي ڪئي غريب ڇوڪريءَ جي، جيڪا اهو پڻ محسوس ڪري ٿي ته هوءَ غريب آهي، وري هڪ هنڌ هڪ ڀاءُ ڀيڻ کان پڇي ٿو ته تون دير سان ڇو آئي آهين ته هوءَ ڀاءُ کي چوي ٿي ته تون conservative آهين. هڪ ڀيڻ رات جو 2:30 تي اچي ۽ جيڪڏهن ڀاءُ ان کي سمجهائي ته ان کي چوتيو سمجهيو وڃي ۽ جيڪڏهن هڪ ڀاءُ ڀيڻ کي اهو چوي ته هي مردن جو سماج آهي، اهو ٺيڪ ناهين ته تون رات جو ايڏو دير سان گهر اچين ته ڀيڻ موٽ ۾ اهو چوي ته تون روايتي ماڻو آهين مون کي تو جهڙو ڀاءُ نه گهرجي

انکان علاوه جيڪي ماڻهو ٻه شاديون ڪرن ٿا، انهن جا حال به ڏيکاريل آهن ته اهي ڪڏهن به توازن قائم ڪري نٿا سگهن ۽ هڪٻئي کي پهاڄون سمجهندڙ عورتون ڪيئن هڪٻئي جا گهر ڊاهن ٿيون ۽ اهو تصور سمجهڻ آسان ٿي وڃي ٿو ته عورت عورت جي دشمن ڪيئن آهي.

غريڀ ڇوڪريءَ جو هڪ ئي هٿيار ڏيکاريو ويو آهي ۽ اهو هن جو ٽيلينٽ آهي، جيڪو يونيورسٽيءَ جا ماڻهو محسوس ڪن ٿا ۽ هن جو ٽيلينت ٻين کي به پڙهڻ لاءِ inspire ڪري ٿو.

چوڻ جو مطلب به اهو ئي آهي سڀ شيون اسان جي سماج ۾ آهن، ناانصافيون، بد ديانتون، طبقاتي فرق، اوچ نيچ ۽ ظلم، پر ٽيلينٽ هڪ اهڙو اوزار آهي، جيڪو ڪيترن ئي فرقن کي ساڙي خاڪ ٿو ڪري ڇڏي، انڪري، مان عرض ڪندس ته اسان جي نوجوان نسل کي پاڻ تي ڀروسو رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي صلاحيتن کي پالش ڪن ۽ پنهجي ٽيلينٽ کي نکارن، سچ ته اسانکي ٽيليٽ جي ضرورت آهي

حسام ميمڻ
28/12/2012

No comments:

Post a Comment