Sunday, December 11, 2011

OPERA - سنگيت ناٽڪ



سنگيت ناٽڪ

OPERA

(1999)
حسام ميمڻ

جيون هڪ راز آهي

پردو کڄي ٿو ، شام جو وقت آهي ، هڪ هوٽل جي ڪمري ۾ ادبي ڪچهري هلي ٿي : حارث هڪ وائي پڙهي ٿو :

زندگي موت جو،
آ عجب اسرار !
ڇاهي آر پار!
آنءُ آهيان آرسي،
تون نه ڦوڙ مار !
ڇاهي آر پار !
هار ڇا ، جيتَ ڇا !
ذهن يار ، ڌار !
ڇاهي آر پار !
ڀاڳ ۽ نڀاڳ جو،
ڪو پتو نه پار !
ڇاهي آر پار !
ڪر ڀلو جي ڪرين،
ڪم ايندءِ ڪار !
ڇاهي آر پار !

وائي ٻڌڻ کانپوءِ خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي . دوست هڪٻئي ڏانهن نهارن ٿا، حارث پاڻي پيئي ٿو ۽ عليم، جيڪو مذهبي قسم جو ماڻهو آهي، اهو پنهنجي ڳالهه هن طرح ڪري ٿو:

ڏک به آهي، سک به آهي،
ڪنهنکي آهي،ڪنهنکي ناهي،
عيد به آهي، بيد به آهي،
انڌا ماڻهو ، ديد به آهي،
گل ٽڙن ٿا، گل ڇڻن ٿا،
ڪي ته وڻن ٿا، ڪي نه وڻن ٿا،
سور ۾ ڪوئي پور پچي ٿو،
پور منجهان ئي شعر رچي ٿو،
گيت،غزل، وائي ٿي سرجي،
جذبن کي به رستو گهرجي!
ڏاڍ ۾ به هڪ ڏڍ ُ اچي ٿو،
ڏڍ ۾ به هڪ وڍ اچي ٿو.
خير ۽ شر جو سنگم آهي.
چڱي لڱي جو البم آهي،
وحشي ڪو نادان هجي ٿو،
ٻهروپيو انسان هجي ٿو،
پر ماڻهو ڏاهو ڀي آهي،
جيڪو حق کان ٿڙندو ناهي،
هونءَ ته جيون گهارڻ نالو،
ڪو ڀيڻيوو، ڪو آ سالو،
ڪوئي قولي، ڪوئي موالي،
ڪوئي باشاهه،ڪوئي سوالي،
ڪوئي پنڊت، ڪوئي راهب،
هر ڪو پنهنجي دل جو صاحب!
ڪوئي وجودي، ڪو نابودي،
ڪوئي حلالي، ڪوئي سودي،
ڪو ڊيڊي ڪو پيءُ هجي ٿو،
سڀکي پيارو جيءُ هجي ٿو،
ڪنهنکي ڀاءَ ، ڪنهنکي ڀيڻ،
ڪو گل آڇي، ڪو ڏي ويڻ،
ڪو پٽڙو، ڪا امڙ آهي،
قبر اسانجو ئي تڙ آهي،
پر عمل هر اجرو آهي،
ڪو لسوَ، ڪو بجرو آهي،
هرڪو پنهنجو پنهنجو ڏيئو،
پاڻ ۾ پائي هرڪو ليئو،
من ۾ ڇاهي، تن ۾ ڇاهي ؟
پل ۾ ڇاهي، کن ۾ ڇاهي؟
ٻئي تي اچانڪ تير نه کڻجي،
پاڻ ڏسي ئي منصف بڻجي!
تاريخ انهيءَ جي شاهد آ،
مارڪس، علي ڪو محمد آ،
ڊارون، لينن، گوتم آ،
فرعون ۽ ڪو حاتم آ
ڪنهن ڪفر، اسلام وتو،
ڪنهن ته بن ۾ رام وتو،
ڪو ته رلي ويو راهن ۾،
محبوبا جي ٻانهن ۾،
ڪنهن ته نشي سان نينهنَ ڪيا،
ڪارا پنهنجا ڏينهنَ ڪيا،
ڪنهنجي ڪرت اجائي وئي،
ڪنهنجي ڪرت سجائي وئي،
ڳالهه ڪيان ٿو دل جي بس،
اڪثر هوندي آ بيوس،
پر ڀلارو نانءُ کنيئين جي،
حرص تان اڄ هانءُ کنيئين جي،
واٽ سڌي ورتائين جي،
الک جو نانءُ کنيائين جي،
اهو عقيدو بهتر آ،
باقي ٻيو سڀ بد تر آ
ان رسيءَ کي جيڪو وٺندو ،
مان سمجهان ٿو سو ئي کٽندو،
انجو ٻيڙو ٿيندو پار
سمجهي ويندو آر ۽ پار!
اهو ئي آهي ڪو اسرار!

جيئن ئي عليم چپ ڪري ٿو ، سرمد جيڪوهڪ اخلاق پسند ۽ سڀاويڪ قسم جو ماڻهو آهي، ڳالهائڻ لڳي ٿو ۽ ماحول وڌيڪ سنجيده ٿي وڃي ٿو :

ڪمپيوٽر ، ريڊار اچي ويا،
ڍارن بدران ڄار اچي ويا ،
تارون تارون لهرون آهن ،
حيرت واريون مهرون آهن ،
ڪالهه ٺهي ڪا ڊولي آهي ،
جينيات جي ٻولي آهي ،
راز نه ڪوئي راز رهيو آ،
ننگو ٿي آواز ويو آ ،
تڪڙو هر اطلاع اچي ٿو ،
وقت کي وداع اچي ٿو ،
حق کپن!“، جا هوڪا آهن ،
نعرا ناهن ڪوڪا آهن ،
حقن جا هٽ کليا آهن ،
عورت ، مرد ڀليا آهن،
ماڻهپي جي نانو تي،
هٿ نه جن جو هانو تي،
غربت نالي کائن ويٺا،
پاڻ رڳو ٿا ٺاهن ويٺا،
بول هنن جا بالا آهن،
هو به اسان لئه لالا آهن،
سود اڳاڻڻ ڄاڻن جيڪي،
مال خزانا ماڻن جيڪي،
دل دولت ۾ دٻجي وئي آ ،
عزت، ذلت گڏجي وئي آ،
ننگي ٿي وئي عورت آهي ،
پوءِ به چئي ٿي ننگي ناهي ،
ملڪن تي بمباري آهي ،
چوڏس چوراڪاري آهي ،
وڻ ڪٽجن خاموشي آ
دريا لٽجن خاموشي آ
باغ ٿيا ڀيلاڙ مٺا !
ماڙين جا هن چاڙه مٺا!
آسمان تي انسان آهي ،
پوءِ به ڪيڏو نادان آهي !
رت جي بوءِ اچي ٿي ڪيڏي ،
سنڌو ندي آهي جيڏي !
انساني وٿ آهي ڪاٿي ؟
ڪرشن جي رٿ آهي ڪاٿي؟
ڪونه قدر ، اخلاص بچو آ،
رڳو گلن ۾ واس بچو آ .
ڇا چوان هي جيون ڇاهي !؟
ٿو زمانو ڪيڏانهن ڪاهي؟!
آر الائي پار آ ڇــــــــــــا؟!
انجو الئه اسرار آ ڇــــــــــا؟!

سرمد جي ڳالهه هڪ وجوديءَ کي وڌيڪ پريشان ٿي ڪري ـــــ انجي ڀرسان ئي ويٺل همراه دري کولي ٿو ۽ وڏو ساه کڻي وري دوستن ڏانهن متوجه ٿئي ٿو . امر سرمد جي ڳالهه ٻڌي بي ساخته چوڻ لڳي ٿو:

ساري عمر اجائي آهي ،
ساري ڪج ادائي آهي ،
ڌرتي ۽ آڪاس اجايو ،
ماڻهوءَ تي وشواس اجايو،
چوڏس ڪيڏي پيڙا آهي ،
جيون گندا ڪيڙا آهي ،
الٽي ٿي انسان ! اچي ،
تو تي او نادان ! اچي ،
جيون خوشيون گد گد ناهي ،
ان جو ڪوئي مقصد ناهي،
جيئڻ لئه مجبور سڀيئي ،
توڙي چڪنا چور سڀيئي !
روڳي تن بدن آهي ،
هي به ڪوئي جيون آهي !
غم، الم ۽ ياس بچيا هن ،
ماڻهو سڀ اداس بچيا هن ،
زهر اسانکي پيئڻو آهي ،
پر اسان کي جيئڻو آهي ،
جيئڻ لئه مجبور سڀيئي ،
توڙي چڪنا چور سڀيئي !
مقصد پيدا ڪرڻو آهي ،
ٻڏيل ٻيڙو ترڻو آهي ،
ڀاڳ نڀاڳ ته ڪجهه به ناهي ،
ماڻهو سڀڪجهه پاڻ ئي آهي .
ڇا جو آر ۽ ڇا جو پار !
ناهي ڪوئي ڀي اسرار !

اهڙيون سنجيده ڳالهيون ٻڌي هڪ همراه شديد بور ٿئي ٿو ۽ بوريت ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڳالهه ڪري ٿو :

حال ڪو احوال ڪيو ،
ڪجهه اسانجو خيال ڪيو ،
چاءِ پيئو ۽ هوش ڪيو ،
ايڏو ڇو ٿا جوش ڪيو ؟
هي ته اجايون ڳالهيون آهن ،
سڀ پرايون ڳالهيون آهي ،
ڪالهه اسانجي پاڙي ۾ ،
ڀرسان ئي هڪ واڙي ۾ ،
عشق ۾ ناڪام ٿي ،
ها ، وڏو بدنام ٿي ،
همتون هاري ڇڏيائين ،
پاڻ کي ماري ڇڏيائين ،
ڏاڍو سٺو ماڻهو هو ،
هو ماڻهو ڀي وڏ ڄاڻو هو.
هو ته سڀني کان رسي ،
قرب ۾هو ويو ڪسي ،
ڇا انجو آر ۽ پار اهو هو ؟
۽ محبت جو اسرار اهو هو ؟

همراهه جي ڳالهه ڪٽجي وڃي ٿي . بيرو چاءِ کڻي اچي ٿو ، اڪثر دوست خاموش آهن ، فياض بيري کي ڏسي مرڪي ٿو، بيرو کيس مرڪندي چوي ٿو :

اها مرڪ وڏي ملهاري آ
۽ ڳالهه ضرور ڪا طاري آ
مرڪ رنگيلي آ ڏاڍي
هن پهر ۾ پيلي آ ڏاڍي
هان، چاءِ وٺو پيئو صاحب!
خوش رهو، جيئو صاحب!

بيرو اهي لفظ چوڻ کان پوءِ هليو وڃي ٿو، چاءِ جي ان وقفي کان پوءِ سميت جيڪو بنيادي طور هندومت سان تعلق رکي ٿو ، بحث کي اڳتي وڌائيندي ، پنهنجي هندومت کي ئي نجات ڏياريندڙ سمجهي ٿو :

پرش عجب اڻانگو آهي ،
سمجهڻ جلد سهانگو ناهي ،
پاپ ۽ پڃ جو پنڌ ڪري ٿو ،
هيٺ مٿي هو ڪنڌ ڪري ٿو ،
اڃا به پانڊوَ ساڳيا آهن ،
اڃا به ڪوروَ ساڳيا آهن ،
اڃا به ساڳي يڌ هلي ٿي ،
اڃا به ساڳي ڀونءِ جلي ٿي ،
جوڻ مٽي ٿو ڪنس اڃا به
سڌرڻ ناهي وس اڃا به ،
موڪش ڏي گهٽ مايل آهي،
من ماياـ موههَ ۾ڦاٿل آهي ،
اڃا به رانوڻ ڪاهه ڪري ٿو ،
اڃا به ڪرشن راهه ڪري ٿو ،
شيوا ڌاري شور ڪرن ٿا ،
ڏاڍو اڄڪلهه بور ڪرن ٿا ،
زلزلا، طوفان اچن ٿا ،
مرندا ڪيئن انسان اچن ٿا !
ڪالي ماتا قهر ۾ آهي ،
پاپ وڌي ويو دهر ۾ آهي ،
پهريان جهڙا سنت ڪٿي هن؟
پنڊت ساڳيا مهنت ڪٿي هن؟
پوءِ به هڪڙو رستو آهي ،
جيڪو ڏاڍو سستو آهي:
گروءَ جو نام جپجي ”اوم،
هري رام جپجي ”اوم،
دکڙن جو آڌار ته ٿيندو !
وشنو ڀي اوتار ڌريندو !
سودي بازي سستي آهي
ان ۾ من جي مڪتي آهي!
اهو ئي پنهجو آر ۽ پار !
اهو ئي پنهجو آ اسرار!

سميت جو اهڙو برجستو اظهار ڏسي ، ان جي ڀرسان ويٺل ارشاد ، جيڪو صوفي مت جو قائل آهي، پنهجي راءِ جو اظهار هڪ رقت آميز انداز ۾ بيان ڪرڻ لڳو :

ظاهر ۾ ۽ باطن ۾ آ،
روح، رڳن ، ڪل ذاتن ۾ آ،
پکيءَ جي پرواز ۾ آهي،
سازيني جي ساز ۾ آهي،
ٻارن جي ٻاتيءَ ٻوليءَ ۾،
ماءُ جي مٺڙي ٻوليءَ ۾،
ان ڪڻي ۽ من ڪڻي ۾
هٺائين ۽ پاڻپڻي ۾،
ڪک ۾ آهي، پن ۾ آهي،
ڇانو، ڇپر ۽ ڇن ۾ آهي،
ڇاهي جنهن ۾ هو ناهي
تو“ ۾ آهي ، ”مون“ ۾ آهي
پاڻ ئي منصور آ،
پاڻ ئي مغرور آ،
آر ۽ پار انهيءَ ۾ آ
هر اسرار انهيءَ ۾ آ
ان ۾ راڻو، ان ۾ مومل،
ان ۾ سونو، ان ۾ سومل،
ان ڏانهن سڀڪجهه
ان کان سڀڪجهه
گيت سنگيت انهيءَ ۾ آ
مٺڙو ميت انهيءَ ۾ آ
هر منظر هن جو اظهار
هر منظر ۾ پيار ئي پيار
ڪاٿي سڏائي رب ستار!
ڪاٿي وشنوءَ جو اوتار!
هو ئي سارو آر ۽ پار!
هو پاڻ سڄو اسرار!

آخر ۾ سڀ دوست وري حارث کي ڳالهائڻ لاءِ چون ٿا هو هڪ نظم پڙهي سڄي بحث کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر جيون پوءِ به هڪ راز ئي رهجي ٿو وڃي ۽ پردو ڪري ٿو :

ڪنهن ٿي ڄاتو،
ڇاهي جيـــون!
ساز آهي!
جيئن وڄي ٿو
ساهه کڄي ٿو
گيت جڙن ٿا
ميت مڙن ٿا
نير وهن ٿا
تير سهن ٿا
پيارا ماڻهو
سارا ماڻهو
جيئڻو آهي
پيئڻو آهي
زهر هجي يا
بحر هجي يا
هلڻو آهي
بيهڻو ناهي
هوري هوري
سوري سوري
پير پرينءَ ڏي
پير پرينءَ ڏي
پڄڻو آهي
اجهڻو آهي
جيون شعلو
اولو سولو
هاءِ حياتي
آهي مماتي
ان ۾ آهون
تيز هوائون
جيون پيڙا
ان ۾ ڪِيڙا
ان ۾ الڪا
ان ۾ جهلڪا
ان ۾ وفائي
ان ۾ جفائي
عجب آهي
غضب آهي
ان ۾ انائون
ان ۾ ادائون
ان ۾ مائون
ان ۾ ڇائون
جنهن ۾ ٻوليون
جنهن ۾ ڇوليون
ان ۾ عبادت
ان ۾ قناعت
سارا ان ۾
تارا ان ۾
تون“ به ان ۾
مون“ به ان ۾
ڇاهي جيون؟
راز آهي !!
ساز آهي!!
****************

No comments:

Post a Comment