Sunday, December 11, 2011

حافظ جي ڪتاب شڪارپور ياد ڏياري ڇڏي


حافظ جي ڪتاب شڪارپور ياد ڏياري ڇڏي..!

حسام ميمڻ

23 نومبر 2011


o شام جو منظر هيو، مان ۽ عديل مهر 1 حافظ مختيار احمد ڪانڌڙو سان گڏ الله واري مسجد ۾ ويٺا هياسين، قرآن مجيد کليل رحل تي پيو هيو، ۽ ڀرسان ئي عربي صرف ۽ نحو جا ٻه ڪتابڙا به پيا هيا، اسانجو ان دوران ڪنهن نه ڪنهن علمي موضوع تي بحث پئي هليو. حافظ مختيار جي ديني حوالي سان ته اسلام سان گهري وابستگي هئي، پر سياسي حوالي سان هن جو تعلق جماعتِ اسلامي سان هيو ۽ عديل مهر به جماعت اسلامي سان واڳيل هيو. تنهنڪري ٻنهي جا خيال ذري گهٽ هڪجهڙا هيا، ٻنهي جو ڦري گھري مولانا مودودي تي دنگ ٿيندو هيو. مودودي صاحب کي مون به پڙهيو پئي.ڪافي ڪتاب پڙهيا هيا، هن جي ڪتابن ۾ علم وافر مقدار ۾ ملي ٿو ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مودودي صاحب هڪ عالم قسم جو ماڻهو هيو، پر هن جي سياسي خيالن تي مان انڪري نه ڳالهائيندس، ڇو ته مان مودودين 2نه هيس، پر هن صاحب جيڪي ڳالهيون پئي لکيون دين جون، اهي وڻنديون هيون. عصر کان پوءِ اسان حافظ وٽ قرآن مجيد جو ترجمو عربي معنيٰ سان گڏ سکندا هياسين.مونکي ياد آهي ته اٺين درجي ۾ عربي اسانکي پاڙهي ويندي هئي، جڏهن مان قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ پڙهندو هيس، اسانجو ڪلاس ٽيچر سائين عمر دراز مهر هيو۽ عربي اسان کي سائين حميد سومرو پڙهائيندو هيو. ۽ مونکي اهو به ياد آهي ته اسان سان ڪلاس ۾ ڪافي هندو هوندا هيا، جن جو پڻ رامائڻ جو پيرڊ ٿيندو هيو. پر اها عربي (اسڪول واري) ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهي، صحيح طرح نه پاڙهي ويندي هئي، ۽ پاڻ لاءِ به ڏکي هوندي هئي، جنهن سان ذري جو به واسطو نه هوندو هيو. مونکي خبر ئي نه پئي ته مان اردو ڪيئن سکي، پر سکي ويس. اردو اها ٻولي آهي، جيڪا بنا سکڻ جي سکي وياسين، ۽ جنهن شيءِ جي سکڻ جو شوق هيو، اها اڄ تائين نه سکي سگهياسين، جن مان عربي به هڪ آهي.

o حافظ مختيار منهنجو بيچ ميٽ ۽ ڪلاس ميٽ رهيو آهي، ۽ خوش قسمتيءَ سان اسان ذري گهٽ پاڙي به هڪ ۾ ئي رهياسين، ڪيئن هڪٻئي کان پري ٿي وياسين، هن پنهنجي دنيا الڳ ٺاهي ورتي ۽ مان وري الڳ جهان م گم ٿي ويس، بس ملڻو هيو سو وري ملي وياسين، پر جڏهن اسين ٻيهر ملياسين ته ٻئي ڄڻا وڏا ٿي چڪا هياسين، ٻالاپڻ موڪلائي ويو هيو، پر چهري ۽ جوانيءَ ۾ڪي معصوميتون اڃا موجود هيون. شڪاپور شهر ته هڪ ئي هيو ، پر حافظ جو دائرو الڳ هيو ۽ منهنجو الڳ، ٻئي الڳ الڳ خيالن جا مالڪ هياسين، هومودودي صاحب کي پڙهندو هيو، مان سبطِ حسن ۽ استاد علي عباس جلالپوري، هو مدرسي ۽ مسجد گهڻو ويندو هيو، مان سنڌي ادبي سنگت ۾ وڃي تخليقن ۽ تنقيدن ۾ مصروف ٿيو هوس، هو گهڻو مذهبي، ۽ پاڻ آزادي پسند، پر هڪٻئي جو خيال ڪندڙ، احترام ڪندڙ، اسين ڪڏهن به بحث مباحثي ۾ چڙياسين ڪونه، ڇو ته اسين لاشعوري طور طهءِ ڪري چڪا هياسين ته ٻنهي جا رستا الڳ الڳ هيا، پر منزل جهڙوڪ هڪ، علم حاصل ڪرڻ، علم ڦهلائڻ ۽ انسانيت جو خيال ۽ امن لاءِ سوچ ويچار ۽ گهڻي کان گهڻو سکڻ!

o ان علم جي تلاش ئي حافظ صاحب ۽ مونکي هڪٻئي جي وري ويجهو ڪيو، پنهنجي هن پرائمري ڪلاس ميٽ سان پري رهي عرصو ٿيو هيو، پر عربي ءَ ور ي اسانکي ميڙيو ۽ اسان وري هڪٻئي جي ويجهو ٿياسين، مان حافظ جي امامت ۾ ڪيئي ڀيرا نماز به پڙهي آهي ته تراويح به .شڪارپور جا رستا به گڏ لتاڙيا آهن، پر خبر ئي نه پئي ته هو ڪيئن ۽ ڪڏهن شڪارپور ۾ گهر کان وٺي ماما ڪاري جي هوٽل ڀرسان ڪرن در وٽ الله واري مسجد 3 تائين، ۽ مسجد کان وٺي قاري محمد علي جي مدرسي تائين، مدرسي کان قاري نثار واري گهاٽ واري مسجد جا رستا گهمي گهمي اسلام آباد پڳو، هن کي پڄڻو هيو هو پڄي ويو ۽ خير سان خبر تڏهن پئي ، جڏهن هو اسلامڪ يونورسٽي اسلام آباد مان Islamic Studies with specialization with Tafseer & Hadith۾ 2004 ۾ MA پاس ڪري آيو، هي جڏهن واپس آيو ته هن سان ملاقات ٿي هئي شڪارپور ۾، 2005 ۾ مان به شادي ڪئي ۽ ڪراچي وسائي، جتي اڄ تائين پنهنجي انداز ۾ گذاري رهيو آهيان. ڪجهه دفعا موبائيل تي عليڪ سليڪ ٿي ۽ ياد اچي ٿو ته ڪجهه سال اڳ ڪراچيءَ ۾به هن ۽ هن جي بابا ۽ چاچا سان ملاقات به ٿي هئي.

o ڪجهه وقت اڳ خالد صيف الله ڀٽيءَ 4 ٻڌايو ته حافظ جو عربي گرامر تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب اچي رهيو آهي ۽ مهراڻ اڪيڊمي 5 ڇپرائي پئي.

o ان دوران مان خالد کان اهو نه پڇيو ته حافظ برطانيا مان پي ايڇ ڊي ڪري موٽيو آهي يا نه، مان اهو سمجهي ويٺس ته شايد هو اڃا تائين اتي آهي، ڇو ته هڪ دفعو هن سان منهنجي چيٽ ٿي هئي Skype 6 يا Face Book 7 تي، هن ٻڌايو هيو ته هو لنڊن جي ناٽنگهم 8 شهر ۾ آهي ۽ برطانيا جي يونيورسٽي آف ايڊنبرگ 9 ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هيو. (بقول حافظ صاحب جي ته Nottingham city ، Nottinghamshire جو شهر آهي، Shire کڻي ائين سمجهجي ته ضلعي وانگر آهي ۽ Gham ائين سمجهجي ته “پور” وانگر آهي) هن چيٽ دوران اهو به ٻڌايو هيو ته هن برطانيا ۾ ڪٿي ڪنهن عالم جو ڊارون 10 جي ٿيوري تي ليڪچر به ٻڌو هيو ۽ پاڻ جهٽ گهڙي ڊارون تي به ڳالهايو هيوسين ۽ هن کي ان حوالي سان ڪجهه مواد به گهربل هيو

o ياد پويم ٿو ته انکان پوءِ اسانجي ملاقات ٿي نه سگهي آهي، حافظ هڪ سٺو انسان، محبت ڏيندڙ ۽ انسانيت جو خير خواه آهي، هن جو پنهنجو هڪ اسٽائيل آهي، ڳالهائڻ جو نرم ۽ هلڪو قد، مشڪندڙ چهرو ۽ علمي انداز اپنائيندڙ حافظ جيڪو اڄ ڊاڪٽريٽ ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽي ۾ اسلامڪ ڪلچر جو مضمون بطور ليڪچرر پڙهائي رهيو آهي. ان سان گڏو گڏ علمي ڪم به ڪري رهيو آهي، هن جيڪو عربي گرامر تي ڪتاب لکيو آهي، جيڪو مهراڻ اڪيڊميءَ ڇپرايو آهي، اهو مونکي خالد ڀٽي 15 نومبر 2011 تي شڪارپور ۾ ڏنو، (جڏهن مان پنهنجي امڙ جي طبيعت پڇڻ آيو هوس، ڇو ته هن جي دل هلڻ کان جواب پئي ڏنو، پر قسمت آهي، هوءَ هاڻي بيڊ ريسٽ ۾ آهي، کيس منهنجي حياتي به لڳي ۽ وڏي ڄمار ماڻي) ڪتاب ڏسي مونکي خوشي ٿي ته حافظ اهو ڪم وڏي آسان طريقي سان ڪيو آهي، ڪتاب کي ڪوشش ڪري آسان بڻايو ويو آهي ۽ ٻي ڳالهه اها ته انگريزي Heading ۽ Titles انهن ماڻهن لاءِ وڌيڪ اهم ۽ ڪشش پيدا ڪندڙ آهن، جيڪي انگريزي ٻوليءَ کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا، ان حوالي سان ڪتاب کي پرڪشش بڻائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي وئي آهي. عربي ٻولي مونکي به وڻندي آهي ۽ حافظ ان ڪتاب لکڻ اڳ ئي منهنجو عربيءَ جو استاد به رهيو آهي، مان به هن کان فعل ، فعلا ۽ فعلو جهڙا ڪافي گردان (conjugations) پڙهيا آهن . هن جي پڙهائڻ جو طريقو به ڀلو آهي ، اصل ۾ ته هي ڪتاب ئي بهانو بڻيو ته مان پنهنجي دوست ۽ استاد تي لکان، ڪتاب تي گهڻو لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي، پر حافظ صاحب جي ڪتاب تي گھٽ ۽ هن جي شخصيت تي گهڻو لکي ويو آهيان ۽ هونئن به منهجو رجحان شڪارپور جي ماڻهن کي ترجيح ڏيڻ آهي، اهڙن ماڻهن تي لکڻ گهرجي ، نه رڳو اهڙن ماڻهن کي Tribute ڏنو وڃي پر انهن معرفت پنهجو ن يادگيريون سهيڙڻ به هڪ شاندار ڪم آهي، جنهن سان اسانجو شهر به سهيڙجي پيو.

o حافظ جي ڪتاب جو عنوان “لسان القران” آهي ۽ مهراڻ اڪيڊمي طرفان اهو 2010 ۾ ڇاپيو ويو، جنهن جون 1100 ڪاپيون اميد ته وڏن ۽ ننڍن ۾ عربيءَ جو چاهه ۽ فهم وڌائينديون، عربي ٻولي ڏاڍي فصيح ۽ بليغ آهي، انڪري، انکي سمجهڻ ۽ پڙهڻ ضروري آهي. توڙي جو انگريزيءَ جي اهميت اڄ جي دور ۾ هن کان وڌيڪ آهي پر هيءَ ٻولي به دنيا جي شاهوڪار ٻولين منجهان هڪ آهي. ڪتاب ۾ ڪل 52 سبق آهن ۽ قيمت 80 رپيا، جيڪڏهن هنن 80 رپين کي صحيح طريقي سان استعمال ڪجي ته گهڻو فائدو ٿي سگهي ٿو.

o اها ڳالهه افسوس سان چوڻي ٿي پوي ته اسان وٽ ڪتاب کان وڌيڪ ماڻهو موبائيل خريد ڪن ٿا، جي اسانجا ماڻهو ڪتاب خريد ڪن ته، ان سان نه رڳو ڪتاب جو مارڪيٽ سٺو ۽ بهتر ٿيندو پر معاشيات کي به هٿي ملندي ۽ هاڪاري قسم جو رويو به جنم وٺندو، جنهن جي اسانجي سنڌ سونهاريءَ کي تمام گهڻي ضرورت آهي.

o پر هڪ ٻي به اهم ڳالهه آهي ته اسان وٽ شاعريءَ جا ڪتاب گهڻا اچن ٿا، يا وري اهڙا ڪتاب اچن ٿا، جيڪي ايترا هاڪاري يا سماج ۾ تبديلي آڻڻ وارا ڪونه آهن، ان پاسي بهرحال، توجه ڏيڻ جي ضرورت آهي، quality books جي ضرورت آهي، اميد ڪيون ٿا ته اهڙا ڪتاب گهڻي کان گهڻا ايندا، جيڪي قوم جي قسمت تبديل ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪندا ۽ خاص طور تي نوجوان کي هاڪاري لاڙي طرف لاڙڻ ۾اسان جا اديب، دانشور ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ان طرف ڌيان ڏيندا، جيئن ڊاڪٽر مختيار ڪم ڪيو آهي.

o مان حافظ مختيار جي لسان القرآن جي بيڪ ٽائيٽل تي ڏٺو ته هن جو هڪ ٻيو به ڪتاب آيل آهي، جنهن جو عنوان آهي “تجويد القرآن”، مطلب ته هي شخص اهو ڪجهه ڪري ٿو، جيڪو هو ڪري سگهي ٿو يا ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو.

o مونکي ياد آهي ته حافظ ننڍي هوندي کان الڳ طبيعت جو مالڪ رهيو آهي، ياد اٿم ته گڏ ڪرڪيٽ به ڪئي آهي، پر شاهي باغ ۾ به رانديون پئي ڪيوسين، پر هي شخص بعد ۾ انهن شين کان به هٽي ويو ، مونکي خبر ناهي ته هن جي پٺيان ڪنهن جو هٿ رهيو جو هي الڳ ٿلڳ رهيو ، هن جي پنهنجي طبيعت ائين رهي يا ڪنهن کيس گائيڊ پئي ڪيو. بهرحال، هو پنهنجي اڪيڊمڪ تعليم ۾ بهتر رهيو، هو محنت ڪندو هيو، ۽ نصابي شين تي ڪافي ڌيان ڏيندو هيو، جي هو ائين نه ڪري ته اڄ اهڙي ڪامياب زندگي نه ماڻي سگهي ها !

o سچ اهو آهي ته شڪارپور جي ڪانڌڙو ذات ۾ حافظ مختيار ڪانڌڙو مونکي بيحد پسن آيو ۽ منفرد لڳو ۽ هن پنهنجو الڳ نالو ڪمايو ۽ هي صاحب ڪانڌڙو ڪميونٽي لاءِ اڄ هڪ ماڊل جي اهميت رکي ٿو ۽ ڪيترائي ماڻهو کيس پسند ڪن ٿا ۽ هن کي follow ڪري ضرور زندگيءَ جي هاڪاري لاڙي طرف رخ اختيار ڪندا !

o ياد اٿم ته مان حافظ سان شڪارپور جي هڪ ڳوٺ “عظيم سهندڙو” ۾ هڪ اجتماع ۾ گڏ ويو هوس، ۽ رات اسان گهڻو ڪري، ان ئي ڳوٺ ۾ رهيا هياسين ، اهو به ياد پويم ٿو ته عديل مهر به گڏ هيو. ته صادق سهندڙو به، توڙي جو حافظ صاحب جو پنهنجو هڪ اسٽائيل هيو، پر مونکي ٺيڪ لڳندو هيو، هاڻي به ٺيڪ لڳندو آهي، هو انتها پسند ناهي، پر امن آهي، هر ڳالهه لاءِ دليل تي دارو مدار رکندو آهي، خيالن ۾ لبرل آهي، هروڀرو به مدي خارج قسم جو مذهبي ماڻهو ناهي، اها ئي هن جي خاصيت آهي، تنهنڪري، اسانجي دوستي هلي ٿي ۽ ڪڏهن رخنو نه آيو آهي.

o ڪانڌڙو ڪميونٽي شڪارپور ۾ ڪا گهڻي تعداد ۾ ناهي، پر هڪ ڳالهه ضرور ڪندس ته شڪارپور جي هر ذات تي قلم کڻڻ گهرجي، ته جيئن انهن منجهان جيڪي گوهر پيدا ٿيا، انهن کي نمايان ڪجي، هر ذات مان اسان کي سٺا ماڻهو مليا آهن ۽ ملندا رهندا، اسانکي اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اسان سنجيده شين کي ٻاهر ڪڍي عام ڪيون ته جيئن ناماچاري به ٿئي ۽ هر ذات جي نوجوان کي پنهنجي گوهرن تي فخر ٿئي، ۽ اسانجو نوجوان نسل انهن هاڪاري شين کي دل ۽ جان سان اپنائي !

o منهنجا ٻيا به ڪيترائي ڪانڌڙو ڪميونٽي جا دوست هيا، جيڪي مون سان گڏ ميهر شاهه قبو پرائمري اسڪول ۾ گڏ پڙهيا، پر سچ اهو آهي ته انهن دوستن محنت نه ڪئي ۽ هو اتي جو اتي رهجي ويا، مونکي ياد اچي ٿو ته عزير ڪانڌڙو به مون سان گڏ پڙهيو هيو، جيڪو ڪجهه سال اڳ پوليس ۾ سپاهي ڀرتي ٿيو ۽ پوءِ گذاري ويو، اضير جو ننڍو ڀاءُ منان به هوندو هيو، ٽيون هوندو هيو، محمود، جيڪو الله واري مسجد جو موذن هيو ٻڍل هي ان جو ننڍو ڀاءُ هيو، هي ڪافي کينچلا ۽ ٽڙنگ هيا، بهرحال. ننڍپڻ هيو، ڪي ٻار ڏنگا ته ڪي وري خاموش ۽ سٻاجها ٿين ٿا، اسان لاءِ سڀ اکين تي آهن، پر سڀني کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته ٻار ٻار ٿئي ٿو ۽ سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته “ٻار مڇ جو وار، جاڏي ورائي ته وري“ ان وقت شڪارپور خوبصورت هئي، اڃا شڪارپور جي جاين ۾ قيمتي ڪاٺ هيو، امن هيو، اسان لاءِ قبائلي جهيڙا ڪا معنيٰ نه رکندا هيا، اسان لاءِ ڪنهن به وڏي پارٽيءَ جو نالو اڳيان نه ايندو هيو، اسان لاءِ هڪ ئي پارٽي هئي ۽ هڪ ماڻهو هيو، ان کي دنيا سائين جي ايم سيد جي نالي سان سڃاڻي. اسانکي جيئي سنڌ کان سوا ڪا شيءِ نظر ڪونه ايندي هئي. مونکي ياد آهي، ڪجهه ڇوڪرن جا نالا ۽ هاڪ هئي، انهن مان اسانجي پاڙي جو سجاد جوڻيجو به هيو، وسند مهر به ، حليم مهر به ياد آهي، عزيز ڀٽو به وسرڻ جو ناهي.سميع بلالي جو نالو به گهڻو عام هوندو هيو، ڇو ته هو سرگرم ڪارڪن هيا. 88 جا جيڪي لساني جهيڙا ٿيا، اسان گهر کان ٻاهر نه نڪرندا هياسين، مونکي ياد آهي، هڪ همراهه هوندو هيو، رفيق سومرو، اهو اسان کي ڀو ڏيندو هيو ته ٻاهر نه نڪرو جيئي سنڌ وارا ٿا اچن.۽ لکيدر تي وڏو جهيڙو ٿيو آهي. مهاجرن جا دڪان جلايا ۽ ڀڳا ويا هيا، انهن جي لٽ مار شروع ٿي هئي، ڇو ته ڪراچيءَ مان روز سنڌي ماڻهن جا لاش ايندا هيا، ۽ ظاهر آهي ان جو ڪو نه ڪو رد عمل ته اچڻو هيو، پر سچ اهو آهي ته اسان وٽ ايترو گهڻو رد عمل نه ٿيو هيو، جيترو ڪراچي ءَ ۾ ٿي رهيو هيو، سنڌي ٽوپي پائڻ ڪراچيءَ ۾ ڏوهه سمجهيو ويندو هيو. سنڌي ٻولي ڳالهائڻ عيب سمجهيو ويندو هيو، انڪري ، ٿورو گهڻو احتجاج شڪارپور ۾ به ٿيو ۽ ڪجهه مهاجر شڪارپور ڇڏي ڪراچي ۽ حيدرآباد هليا ويا، ڇو ته خوف ماڻهوءَ کي ڊوڙائيندو آهي ۽ هو ڊوڙندا ويا.

o شڪارپور جو هڪ مک ترين علائقو لکيدر آهي، جتي سائيڪلن جو مشهور دڪان نواب سائيڪلن وارو آهي، جڏهن ڌڪا ٿاٻا کائي سائيڪل سکي ته پوءِ ڪرائي تي سائيڪل کڻي چڪر لڳائي وري واپس ڪبي هئي، ڇو ته ڪلاڪ يا اڌ ڪلاڪ لاءِ سائيڪل کڻبي هئي، نه ته پئسا ڪٿان اچن، ان دور ۾ ٻه رپيا به وڏي قيمت هئي، هاڻي ته سو جي نوٽ ته ڇا پر پنج سو جي نوٽ جي اهميت به ناهي. 90 جي ڏهاڪي کان پوءِ پاڻ واري ڪرنسي ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ وڏي ڊرامائي تبديلي آئي آهي. بس ، هاڻي ته رڳو وڃي ٿو ڊالر وڌندو ۽ رپيو ان جي ڀيٽ ۾ بلڪل غير مستحڪم آهي. حڪمرانن جون غلط پاليسيون، لالچ، ڪرپشن ۽ بي ايمانيءَ ملڪ جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي

o لکيدر تي نواب سائيڪلن واري دڪان تي جيڪو همراهه ويهندو هيو، مان گهڻو عرصو انکي حافظ صاحب جو والد پئي سمجهيو، بعد ۾ خبر پئي هئي ته اهو نواب نه پر ارباب هيو، جيڪو حافظ جو چاچو هيو. حافظ جو والد صاحب ۽ چاچو ٻئي ڀلا ماڻهو هيا، پر مونکي ياد اچي ٿو مان حافظ وارن جو ڏاڏو به ڏٺو هيو، جنهن جو نالو بلند هيو، هن جو قد ڊگهو، رنگ جو سانورو ۽ رعبدار قسم جو ماڻهو هيو، هي گهر جا ٻار ته هن کان ڏڪندا هيا، پر اسانکي به ڀوءُ ٿيندو هيو، ڇو ته پاڙو هڪ هيو، اسڪول ۾ به گڏ پڙهندا هياسين. هونئن به شڪارپور هڪ شهر گهٽ ۽ هڪ ڪٽنب گھڻو لڳندو هيو، پر هاڻي اهڙي ريت دم ٽوڙيندي پئي وڃي. بهرحال، جي ڀلجان نٿو ته هڪ پاسي ڏانهن دڪان هوندو هيو جتي چاچو ارباب ويهندو هيو ٽيبل ڪرسي رکي ۽ سهڻيون سائيڪليون اڳيان بيٺيون هونديون هيون، ٻي پاسي کان سائيڪلن جو گيراج هيو ، جتي ڪاريگر ۽ مزدور سائيڪلون ٺاهيندا هيا، جتي گيراج هيو ، ان جي ڀرسان ئي منهنجي پڦڙ منظور احمد ڀٽو جي هڪ ننڍڙي ڪيبن هوندي هئي، جتي هو اڳٺ، سڳيون ۽ ڦندڻ ٺاهيندو هيو ۽ هن وٽ هڪ ملازم هوندو هيو جيڪو گونگو هيو ۽ هيجڙن جهڙو هيو يا وري هيجڙو هيو، بهرحال، ڏاڍو ڀلو ماڻهو هيو، ڪم جو تيز ، جنهن کي پاڻ سنڌي ءَ ۾ چوندا آهيون “ڪم جو گهوڙو” ، اها ڪيبن به نواب علي ڪانڌڙو يعني نواب سائيڪلن واري جي هئي، جيڪا منهنجي پڦڙ کي ڪرائي ٿي هئي.

o هڪ اهم ڳالهه جو ذڪر ضروري آهي ته حافظ مختيار جو والد ڪميشن ايجنٽ به هيو ۽ لينڊ لارد به، هن کي پنهنجي زمين به هئي، ته جايون ۽ دڪان به، هن جي چاچي وٽ به سائيڪلن جو دڪان هيو، مطلب تي هي ماڻهو پئسي وارا هيا، انڪري، هنن معاشي يا مالي تنگي ڪڏهن نه ڏٺي، هنن جي جاءِ پهريان ننڍي هوندي هئي، پوءِ وري هنن هڪ وڏي جاءِ ورتي، اها ڊزائين مان ئي پڌري آهي ته هندن جي ٺهيل آهي، وڏو گيٽ اٿس ڄڻ ڪنهن قلعي جو در هجي، مان حافظ صاحب سان ان جي اوطاق تي اڪثر ڪچهريو ن ڪندو هوس.

o جنهن ماڻهوءَ وٽ پئسا آهن ، اهو گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو، ڀلي هو پڙهي نه به سگهي پر ڌنڌو ۽ڪاروبار ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي اهل ۽ عيال کي آرام سان پالي ۽ تاتي سگهي ٿو. سٺي تعليم به حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ آسائشون به ماڻي سگهي ٿو. سو حافظ صاحب کي ننڍي هوندي کان اهو peace of mind ضرور هيو، انڪري، ماڻهو سڌ ۾ بنا رنڊڪ جي هلي سگهي ٿو ۽ هن ان شيءِ جو ڀرپور فائدو ورتو ۽ پنهنجي تعليم بنا رنڊڪ جي جاري رکيائين، پر هن جي سوٽن جو ڌيان نه هيو تعليم ڌانهن لحاظه هنن ڌنڌا ڌاڙيون وڃي ڪيا ۽ اڄ سڀ پنهنجي پنهنجي ڪرت ۾ رڌل آهن.

o غربت ائين آهي، جيئن چئبو آهي، “هڪ ڏٻرو ، ٻيا چچڙ گهڻا“

o مونکي ڪنهن دوست ٻڌايو ته دنيا ۾ ڪل 5000 مسئلا آهن 4999 مسئلن جو حل پئسو آهي، مان سمجهان ٿو ته ان ۾ وڌاءُ آهي پر ڳالهه درست به آهي ته پئسو گهڻن مسئلن جو حل آهي. سو حافظ صاحب سان اهو مسئلو ڪڏهن نه رهيو، انڪري هو پنهنجا ڪم ڪاريون آسانيءَ سان ڪري ويو ۽ پنهنجي منزل ماڻي ورتي، زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ facilitation ضروري آهي، پر ضروري ناهي ته سڀن کي اها شيءِ ملي، انڪري، مايوس ٿيڻ جي ڪنهن کي به ضرورت ناهي، مان ته بس حافظ جي شخيصت، ۽ ان جي ماحول جا ڪجهه عڪس ڏئي رهيو آهيان، جيئن هن جي شخيقيت جي مختلف پاسن جو ٿورو گهڻو علم ٿي سگهي

o مونکي ياد آهي ته حافظ صاحب پنهجي قرائت جو ڪورس قاري محمد علي مدنيءَ جي مدرسي مان ڪيو، ۽ مان هڪ دفعي رمضان جي مهيني ۾ هن سان گڏ مدرسي ويو هوس ۽ ڏٺو هيو ته ڪيترائي نوجوان اتي قرائت ڪري رهيا هيا، ڪو ياد پيو ڪري، ڪو قرائت پيو ڪري، مطلب ته ان مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ اهو سمجهي سگهجي ٿو ته قرآن مجيد ۾ ، جنهن شيءِ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي ته “ وَرَتلِ القرآن تَرتيلا” (۽ قرآن کي ٺاهي ٺاهي پڙهو _مزمل سوره) ته ان الله جي ڪلام کي کي قاري محمد علي ءَ جي مدرسي ۾ باقائده سهڻي نموني پڙهايو پئي ويو. مان حافظ سان ئي مولوي شير محمد هڪڙو جو مدرسو گهميو هيو، مان حافط مختيار جي معرفت ئي گهاٽ وري مسجد، جتي قاري نثار ٻارن ۽ نوجوانن کي قرآن جي تعليم ڏيندو هيو، ويو هوس، ۽ مونکي حافظ ئي اهو ٻڌايو هيو ته قاري نثار هيڏان هوڏانهن ڪتاب گهرائي ماڻهن کي ڏيندو آهي، جي ڪنهن کي ضرورت هجي ته هو ان معاملي ۾ سهڪار ڪندو آهي، ان وقت مونکي مولانا مودودي جو تفسير “تفهيم القرآن” پيو گهرجي، اردوءَ وارو تفسير مهانگو هيو، ۽ مونکي حافظ ٻڌايو ته اهو سنڌيءَ ۾ ڪنهن ترجمو ڪيو آهي ۽ اهو سستو آهي، پوءِ اهو وٺڻ لاءِ قاري نثار سان ملاقات ٿي هئي، ۽ هن مونکي 6 جلد سنڌيءَ ۾ گهرائي ڏنا هيا، ائين منهنجي عليڪ سليڪ قاري صاحب سان ٿي هئي، سٺو ماڻهو ته آهي پر هو هڪ سٺو مقرر به آهي ۽ اجتمائي دعا به زبردست گهرائيندو آهي. اها وري مونکي بعد ۾ خبر پئي ته قاري نثار ئي “حافظ سنڌي” آهي ، جيڪو شاعر به آهي. ۽ هن شڪارپور تي هڪ خوبصورت نظم لکيو هيو، جيڪو مان My Shikarpur 11 تي هلائي چڪو آهيان. هي نظم بلڪل سرمد چانڊيو جي نظم جهڙو ئي مضبوط هيو ، جيڪو سرمد لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو، گيت جو ڀلو شاعر آهي ۽ ان شيخ اياز جي محبت ۾ شڪارپور تي هڪ نظم لکيو هيو .مونکي خبر ناهي، ته قاري نثار مونکي هاڻي سڃاڻيندو يا نه پر مونکان ڪڏهن به نه وسرندو.

o شڪارپور تي ڪم ڪرڻ مونکي تمام سٺو لڳندو آهي، ان ڪري ڪوشش ڪري اهي سڀ شيون ڏيڻ جون ڪوششون ڪندو آهيان، جن جو تعلق امن، پيار ۽ آشتي سان آهي، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته شڪارپور کي هندن گهڻو ٺاهيو، جن جانورن جي لاءِ رستن تي پاڻي پيئڻ لاءِ حوض ٺاهرايا، ٻڍڙن جو خيال رکڻ لاءِ ٻڍا آشرم ٺاهرايا، جن لائبريريون قائم ڪيون، جن اسڪول، ڪاليج ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا قائم ڪيا، شڪارپور جا ٺاهيندڙ هندو. جيڪي نه رڳو ڪاروباري، هنڊيءَ وارا، دڪانن وارا، عامل، استاد ۽ ڀلا ماڻهو هيا پر بنيادي طور هو هڪ Civil Society هئي، جنهن هڙان وڙان ڏئي ڪري پنهنجي شهر کي ٺاهيو ۽ سينگاريو، انهن کان سوا شڪارپور ته ڇا پر پوري سنڌ جي تاريخ اڌوري رهجي ويندي

o پر مان اهو به چوڻ چاهيان ٿو ته مسلمانن جون خدمتون به ڪنهن کان گهٽ ناهن، هڪ گڏيل ڪلچر هيو، جنهن شڪارپور کي شڪارپور بڻايو هيو، مثال طور اسين اهو لکندا آهيون ته شڪارپور مندرن ۽ مڙهين جو شهر آهي، شڪارپور ماڙين ۽ حويلين جو شهر آهي ته شڪارپور مسجدن ۽ مدرسن جو شهر به آهي، شڪارپور مولوين ۽ بزرگن جو شهر به آهي، انهن ٻنهي کان سوا شڪارپور جي تاريخ نا مڪمل آهي، حافظ مختيار به ان شيءِ جو حصو آهي، قاري نثار به ان لڙيءَ ۾ پويل آهي ته قاري محمد علي مدني به ان ۾ شامل آهي ته مرحوم قاري رفيق به ان شيءِ جو حصو آهي ته مولوي سعدالله به ان لڙيءِ کان پري ناهي، مان پنهنجي ناني مولوي مير شاهه محمد ميمڻ کي به شڪارپور کان بنهه ڪٽي نٿو سگهان، ڪير ڪنهن جي جاءِ والاري سگهندو آهي ڇا؟ انهن سڀني ماڻهن جو ن خدمتون آهن، انهن سڀني ملي ڪري محل ، ماڙيون جوڙايا ته آڏاڻن جي اڏاوت به انهن ملي ڪئي، مندرن ۽ مسجدن کي ٺاهڻ ۾ مسلمانن جو هٿ آهي، مسلمان وڏا ڪاريگر هيا. مونکي خبر آهي، ته حافظ مختيار جو هڪ مائٽ هيو، جيڪو احسان ڪانڌڙو جو پيءُ هيو، اهو وڏو زبردست قسم جو رازو يعني Mason هيو، سچ اهو آهي ته مان ڪانڌڙن ۾ وري اهڙو ماڻهو نه ڏٺو، مونکي خبر نه هوندي هئي ته هو ڇا ڪندو هيو، ڪهڙو ڪم يا ڌنڌو ڪندو هيو، پر جڏهن شام جو اسان جي پاڙي مان هو گذرندو هيو، ته لڳندو هيو ته يا ته بئنڪ ۾ ڪو آفيسر آهي يا ٻيو ڪو آفيسريءَ وارو ڪم ڪندو آهي، مطلب ته زبردست قسم جا استري ٿيل ڪپڙا ، هٿ ۾ رومال، ڪڏهن هن کي ڪنهن سان پاڙي ۾ مان ڳالهائيندي نه ڏٺو، قد جو ڊگهو ، مٿي تي ڪجهه ڪڻا وارن جا، ۽ اڪثر خاموش نظر آيو، رعبدار قسم جو ماڻهو هيو. منهنجي شيخن سان به گهڻي لڳندي هئي، ڇو ته ان وقت اسانجو گهر گهگهراڻي گهٽيءَ ۾ هوندو هيو، هڪ پاسي کان شيخ ويٺل هيا، ٻئي پاسي کان ماشينا، جن کي اسان شڪاپور ۾ گودڙي وارا سڏيندا آهيون، هنن جي ٻولي ۽ ڪلچر ئي پنهنجو آهي، ماشينو گودڙي واري ٻوليءَ ۾ سوٽ يا مائٽ کي چئبو آهي، مان اهو پنهنجي گودڙي وارن دوستن مدني ۽ جبار کان پڇيو هيو شڪارپور ۾. گودڙن جي ڀرسان ئي ڪانڌڙا، دايا ، ابڙا، ۽ ڪجهه ٻيون ذاتيون هيون. اهڙي طرح منهنجو واسطو سڀني سان رهيو. هونئن به مان مٿي لکي چڪو آهيان ته سڄي شڪارپور ائين هئي ڄڻ شهر نه آهي پر هڪ ڪٽنب آهي. خير، مان ڳالهه پئي ڪئي احسان ڪانڌڙو جي پيءُ جي.اسان جي ڀرسان ئي شيخ به رهندا هيا، ڊاڪٽر نديم نعمان شيخ وارا، جن جو ڏاڏو جنهن جو نالو واجد علي هيو، ۽ هو هڪ رٽائرڊ وڪيل هيو، هن وڪيل صاحب کي پورو پاڙو ابا چوندو هيو، هي شڪارپور جو پهريون اهو ماڻهو آهي، جڏهن وي سي آر آئي ته هي شخص ڀارتي فلم ۽ گانا گهٽيءَ ۾ پنهنجي اوطاق مان ٽي وي ڪڍي ٻاهر هلائيندو هيو ۽ ان وقت سڄو پاڙو اچي اتي مڙندو هيو ۽ سڄو پاڙو سئنيما لڳندو هيو، وڏا ماڻهو هيا، پئسي ۽ اثر رسوخ وارا ماڻهو هيا، ڪنهن جي مجال، جو هنن سان ڳالهائي، پوليس ٻين جي گهرن تي ڇاپا هڻندي هئي پر هي ابا کلي عام فلم هلائيندو هيو ۽ غريب غربو هرڪو پيو ڀارتي فلم ڏسي مزا ماڻيندو هيو. انهن جي جاءِ به شڪارپور ۾ تاريخي جاين مان هڪ آهي، ان جاءِ جي پويان ئي هڪ ڪانڌڙو رهندو هيو، جنهنجو جو نالو هيو انور ڪانڌڙو ۽ هو شڪارپور جي سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ ڪلارڪ هيو، ان کان شيخ صاحبن پلاٽ ورتو ۽ اتي هنن جاءِ ٺاهرائڻ شروع ڪئي، ان جاءِ تي احسان ڪانڌڙو جو والد ڪم ڪري رهيو هيو، مان ان کي ڏٺو ته ڇرڪ نڪري ويو ته مان جنهن کي بئنڪ جو آفيسر سمجهندو هيس ، اهو مستري نڪتو. بهرحال، زبردست قسم جو ماڻهو هيو ۽ زنده دل قسم پڻ، مان جنهن کي ايڏو صاف ۽ سٿرو ڏٺو ۽ وري جڏهن هن کي ڏٺو ته حيرانگي وٺي وئي. شڪارپور اهڙا شاندارڪردار تخليق ڪيا، جن تي جيترو لکجي گهٽ آهي، ڪانڌڙن جي ذات ۾ هن ماڻهوءَ جو مونکي ناهي خبر ته قد ۽ ڪاٺ ڇا آهي، ڇا هو اڄ ڪنهن کي ياد به آهي الائي نه، پر عوامي تاريخ ۾ هن جو هڪ زبردست ڪردار آهي، ۽ شڪارپور جون خوبصورت جايون ٺاهڻ ۾ هن جو ڪردار به آهي، جيئن استاد منظور ڀٽو جو ڪردار رهيو آهي، هي ته اڃا چڙهيل ڪاريگر آهي، شڪارپور ۾ جديد جايون ۽ نئين ڊزائين تي استاد منظور ڀٽو ئي ٺاهيون، هاٿيدر تي جيڪي مغلن جون نيون خوبصورت جايون ٺهيل آهن، انهن جو ٺاهيندڙ استاد منظور علي ڀٽو آهي.

o مونکي ياد آهي ته حافظ مختيار هڪ ڪتاب ڏيکاريو هيو، جنهن جو نالو هيو “حيات الحيوان”، اهو ڪتاب جانورن جي انسائيڪلوپيڊيا هئي، ڪتاب جو ليکڪ هيو “علامه ڪمال الدين دميري” ان ڪتاب ۾ هڪ فصل يا باب هيو “الانسان” جيڪو پڙهڻ جهڙو آهي، ڪتاب جي آخر ۾ دميري صاحب پنهنجي حڪمت جون به ڪارسازيون بيان ڪيون آهن، ڪافي نسخن ۾ لکيل هيو، مجرب يعني جنهن تي تجربو ڪيو ويو هجي ۽ تجربي کان پوءِ اهو به ثابت ٿيو هجي ته اهو ٺيڪ هيو. انگريزيءَ ۾ پاڻ مجرب کي Proven چئي سگهون ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي، مان هن جي ڪافي تجربن کي انسان لاءِ نقصان ڏيندڙ ان وقت به سمجهيو هيو ۽ هاڻي دل ٿي چوي ته انهن تجربن تي وري هڪ ٻيو مضمون لکجي، ڇو ته هن جا ڪافي تجربا ڏندڪٿائي قسم جا يعني Mythological هيا. بهرحال ، مان حافظ صاحب کي چيو هيو ته مونکي اهو ڪتاب گهرجي، پر پوءِ مون کانئس رڳو الانسان باب فوٽو ڪاپي ورتو هيو. ڪجهه به هجي، پر مان حافظ صاحب جي معرفت ان عالم کي پڙهيو، ۽ اهڙو هڪ ڪتاب ٻئي عالم جو به مان حافظ معرفت پڙهيو هيو، جنهنجو نالو ته مونکان وسري ويو آهي، پر ان ڪتاب ۾ سٺ (60 ) علمن تي لکيو ويو هيو، ڪتاب جو ليکڪ امام فخرا الدين رازي هيو، ۽ ڪتاب ۾ سٺ علمن کي cover ڪيو ويو هيو ۽ اهو رازي صاحب جو دماغ ۽ جگر هيو. ان ۾ طبعيات، ڪيميا، علم رمل، علم جعفر، نباتات، مطلب ته اهڙا سٺ علم هيا، ائين کڻي سمجهجهي ته هن دريا کي باقائده ڪوزي ۾ بند ڪيو هيو، اهو سڀ حافظ صاحب هيو، جنهن معرفت مان اهڙا ڪتاب پڙهيا ۽ اهي سڀ ڳالهيون نه وسارڻ جهڙيون آهن.

o هن وقت ڊاڪٽر مختيار احمد ڪانڌرو پاڻ صاحب ڪتاب آهي ۽ هن جا 5 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن ، انهن جا نالا هي آهن؛

1. غلام جا حق

2. يتيم ۽ پاڙيسرين جا حق

3. سنت جي آئيني حيثيت

4. لسان القرآن

5. تجويد القرآن

۽ ٻه کن ڪتاب هن جا اڻ ڇپيل آهن ۽ هن برطانيا پي ايڇ ڊي ڪرڻ دوران به ڪجهه نوٽس ورتا آهن، جيڪي پڻ هڪ سفرنامي جي روپ يا ڪنهن ڊائري جي روپ ۾ اچي سگهن ٿا، مان ڪوشش اها ڪئي آهي ته پنهنجي دوست ۽ عربي جي استاد جي پوري ماحول تي لکي سگهان ، جنهن سان عوامي تاريخ به cover ٿي سگهي ۽ هن جو ڪردار به پوري طرح سمجهي سگهجي ۽ ان بهاني سان مان پنهنجون يادگيريون به سهيڙي سگهان. آخر ۾ منهنجي اها ئي خواهش آهي ته اسانجو شهر ، ماڻهو ، پوري سنڌ ۽ عالم خوش ۽ آباد رهي ۽ اسانجو دوست حافظ مختيار اڳي کان اڳڀرو هجي ۽ ترقي ڪري ۽ شڪارپور ۽ ان جي ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪري سگهي، نه ته اسان وٽ اهو رويو عام رهيو آهي ته جيڪو ٻاهران ٿي اچي ٿو ته پوءِ ان جو اکيون نرڙ جي بجاءِ مٿي ۾ لڳي وڃن ٿيون ۽ پوءِ انهن کي پاڻ کان سوا ٻيو ڪجهه نظر نٿو اچي.

________________________________

نوٽس:

1. عديل مهر: هن جو اصل نالو عنايت الله مهر آهي، هي منهنجو دوست آهي، هن سان شڪاپور ۾ گهڻو وقت گڏ گذريو، هي ذهن جو تيز آهي، هن جو به هڪ ڪتاب مهراڻ اڪيڊمي شايع ڪيو آهي، هي مختلف رسالن ۽ اخبارن سان واڳيل رهيو آهي، ڪافي ڪم ڪيو اٿس، پنهنجي ڪالمن معرفت سڃاتو وڃي ٿو، جيڪي هن مختلف اخبارن ۾ لکيا آهن، ان کان علاوه ادبي سنگت شڪارپور جو ميمبر به آهي، سڀ کان اهم شيءِ هي هڪ بهترين Calligrapher به آهي، جيڪا دوستن کي گهٽ خبر آهي، هن منهنجي ڪتابن تي ٿوري ڪيليگرافي ڪئي هئي، جيڪا مون وٽ اڄ به موجود آهي، انکان علاوه هن ڪجهه پين ۽ پينسل اسڪيچ ٺاهيا هيا، خبر ناهي، اهي هن محفوظ رکيا آهن يا نه، پر مونکي ياد آهن ، تن مان هڪڙو اسڪيچ هن نديم جو ٺاهيو هيو پين سان ۽ ٻيو محمد علي جو هيو

2. مودودين: مولانا مودودي جو قائل يا پوئلڳ، اسان وٽ اسم مان صفت عام طور تي انگريزي ڪٽ تي ٺاهي ويندي آهي، جيئين جي ايم سيد مان جيئمسٽ، پليجي مان پليجسٽ، پر ڪي صفتون ائين ٺهنديون آهن، جيئين ڪئناڊا مان ڪئنڊين، اهڙي طرح مودوديءَ مان مودودين.

3. الله واري مسجد : هي مسجد جو نالو آهي، ۽ ڪرن در وٽ آهي، جتي ٻڍل نالي هڪ شخص جيڪو مسجد جي ڀرسان ئي رهندو هيو، سيبتي قسم جو ماڻهو به هيو ۽ موذن به، هنن جي جاءِ اڄ به منهنجي اکين اڳيان آهي ۽ خبر ئي نه پئي ته ٻڍل ڪيئن گذاري ويو، پر هن جي آواز ۾ هڪ ڇڪ هوندي هئي ۽ هن جي لانڍ زبردست هئي.

4. خالد سيف الله ڀٽي: هي شڪارپور جو آهي، پاڻ ليکڪ آهي، ڪافي ڪتاب ترجمو ۽ تاليف ڪيا اٿائين ۽ ڪجهه پاڻ به لکيا اٿائين، ٻاراڻي ادب ۾ چاهه اٿس ۽ سٺو ڪم ڪيو اٿائين ۽ پاڻ به سٺو انسان آهي، پيشي جي لحاظ کان پرائمري استاد آهي ، هن جو مون Face Book تي هڪ پيج به ٺاهيو آهي، عام طور تي هي خالد ڀٽي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ۽ شڪاپور ۾ ڊپٽيءَ جي مدرسي ڀرسان، ناز سينيما واري گهٽيءَ ۾ رهي ٿو، جيڪا گهٽي “ڪاري نهانئين ” ڏانهن وڃي ٿي، جنهن گهٽيءَ تي شيخ اياز هڪ بيت لکيو هيو ته:

جنهن جي وچان ٿي وئي، تنهنجي در تائين،

ڪاري نهانئين، وسري ورسي ڪينڪي !

5. مهراڻ اڪيڊمي: هي شڪارپور ۾ هڪ اشاعتي ادارو آهي، جنهن کي محترم نظام الدين ميمڻ عرف قمر ميمڻ هلائي ٿو ۽ هي ادارو جماعت اسلاميءَ جي لٽريچر کي به ڇاپي ٿو ته ٻيا مذهبي ۽ علمي ادب به، بهرحال، هن اداري جون اشاعتي حوالي سان چڱيون خدمتون آهن. پهريان هي ادارو مست علي شاهه واڳڻو در وٽ بلڪل پير جي ڀرسان هيو، منهنجو ناناڻو به هتي آهي ، پوءِ ڪجهه وقت کانپوءِ هي ادارو ميمڻ محلا قاضي محلا اسڪول جي ڀرسان، جتي قاضي به ڪافي ويٺا آهن ۽ قاضين جي ڪري ، قاضي محلا به سڏجي ٿو. هڪ يادگار شيءِ اها آهي ته نادر وارو اسڪول ، جتي ٻار پرائمري پڙهن ٿا ، جيڪو مهراڻ اڪيڊميءَ جي ويجهو آهي، اهو اسڪو ل 1877 ۾ وجود ۾ آيو. ٻي يادگار ڳالهه مون لاءِ اها آهي، ته سن 2000 ع ۾ مهراڻ سائين نظام الدين ميمڻ مونکان هڪ ڪتاب ترجمو ڪرايو هيو، جيڪو امير جماعت محترم خرم مراد جو لکيل هيو، ان جو انگريزي ٽائيٽل هيو In the long Search ۽ ان ڪتابڙي جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مان ڪيو هيو ۽ پوءِ ان کي “جنت ڏانهن سفر” جي سري هيٺ ڇپايو ويو ۽ اهو ٻه ٽي دفعا ڇپجي چڪو آهي. اهوب به ٻڌايان ته ڪتاب ۾ اندر جيڪي عڪس آهن اهي خالد ڀٽيءَ جا ٺهيل آهن.

6. Skype : اسڪائيپ هڪ ويب سائيٽ آهي، جتان پنهنجي دوستن ڏي ڪال به ڪري سگهجي ٿي، ته چيٽ به ڪري سگهجي ٿي، ۽ سڀ کان اهم شيءِ هن معرفت وڊيو ڪانفرنس به ڪري سگهجي ٿي، هن جا استمال ڪندڙ دنيا ۾ لکين ماڻهو آهن

7. Face Book : هي به هڪ ويب سائيٽ آهي ، پر هن کي Social networking website چيو ويندو آهي، دنيا ۾ اڄڪلهه هي وڌ ۾ وڌ انٽرنيٽ ٿي استعمال ڪيو وڃي ٿو، جتي دنيا جا ماڻهو هڪٻئي سان خيال ونڊي سگهن ٿا، دوستيون رکي سگهن ٿا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه تعميراتي ۽ تخليقي ڪم ڪري سگهن ٿا

8. Nottingham City: ناٽنگهم سٽي ، هي شهر انگلينڊ جي اوڀر وچ پٽيءَ ۾ آهي

9. University of Edinburgh : حافظ مختيار هن يونورسٽيءَ مان PhD جي ڊگري ورتي آهي، هو 2007 کان 2011 تائين هتي رهيو ۽ هيٺين موضوع تي ڊاڪٽريٽ ڪئي:

The Doctrine of Aijaz Al Quran: Al - Udwis Theory and Contribution as Found in ‘Noor Al Iqan””

اعجاز القرآن جو عقيدو: شيخ اوديءَ جو نظريو ۽ ان جو حصو نور الايقان في اعجاز القرآن جي روشنيءَ ۾

نور ال ايقان ڪتاب جو نالو آهي ، جيڪو مولانا محمد اسمائيل اودويءَ جو عربيءَ ۾ لکيل آهي ۽ خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي، تي مولانا صاحب شڪارپور جو هيو، جيڪو نبي شاهه محلي ۾ رهندو هيو ۽ 1970 لاڏاڻو ڪري ويو، هن پندرهن کن ڪتاب لکياهڪ ٻئي همراهه به هن جي هڪ ٻئي ڪتاب تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي ، جيڪو پنجاب جو آهي . اها به ڳالهه ڪندو هلان ته ايڊن برگ ، اسڪاٽلينڊ جي گاديءَ جو هنڌ يعني capital آهي، جيڪو Lothian Region جي ڏکڻ سمنڊ جي کاري يا ڇاڙ وٽ آهي، جنهن کي Firth of Forth چيو وڃي ٿو

10. Darwin: چارلز رابرٽ ڊارون جيڪو 1809 ۾ ڄايو ۽ 1882 ۾ گذاري ويو، هن جو موت به عجيب موت هيو، هي ڪنهن ٻيٽ ۾ يا جهنگ ۾ ڪجهه جيتن تي تحقيق ڪري رهيو هيو، هڪ جيت هڪ هٿ ۾ پڪڙيائين ۽ ٻيو ٻئي هٿ ۾ ٽيون ڀڳو پيو وڃي، ان کي هن وات سان پڪڙڻ پئي چاهيو، ان کيس ڏنگ هنيو هيو، ۽ ان جيت جي ڏنگ ڪري ڊارون گذاري ويو، ڊارون صاحب کي جڏهن کان هوش آيو ته تحقيق جو ڪم ڪيائين ۽ مريو به تحقيق ڪندي ڪندي. ارتقا جي ٿيوري جو خالق، ڊارون جو دنيا تي ڪافي اثر آهي، هن ئي ماڻهو ءَ چيو هيو ته natural selection (حياتياتي چونڊ ) جيئڻ جو سبب آهي، ۽ هتي اهو ئي جي سگهي ٿو، جيڪو فٽ آهي، يعني survival of the fittest واري ڳالهه، جيڪا اسانکي اڄ وڌيڪ نظر اچي ٿي، سولي سنڌيءَ ۾ پاڻ ان کي چئون ، “جيڪو ڏاڍو، سو گابو”

My Shikarpur: هي هڪ گروپ آهي، ۽ بيو پيج آهي، هي ٻئي شيون مان فيس بوڪ تي ٺاهيون آهن ته جيئن، مان شڪارپور جي ماڻهن کي گڏ ڪري سگهان ۽ اسان پنهنجو ماضي ، حال ۽ مستقبل هڪٻئي سان شيئر ڪري سگهون ۽ پنهنجي شهر جي ڀلائيءَ لا ڪجهه ڪري سگهون

No comments:

Post a Comment