Tuesday, January 17, 2012

Shah Abdul Latif Bhittai and Shikarpuri Maai (woman)

حسام ميمڻ

18 جنوري 2012

شاهه سائين ۽ شڪارپور جي مائي

سال 2006 ۾ Paulin A Brown جو ڪتاب

Christians on an Extraordinary Mission in Southern.. Jars of Clay:

ڇپيو، جنهن ۾ پال لکيو آهي ته سنڌ ۾ هونئن ته گهڻا ننڍا وڏا ميلا ٿيندا آهن پر ٽي وڏا ميلا هر سال ٿيندا آهن ، هڪڙي جو ذڪر ڪندي لکيو اٿائين ته جنوري 1955 ڌاري جيڪب آباد ۾ Horse and Cattle Show ٿيو، ٻيو سيهوڻ جو ميلو ۽ ٽيون سنڌ ۾ حيدرآباد ويجهو هالا ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ميلو ٿيندو آهي. سنڌ ۾ جيتريون به وڏيو شخصيتون پيدا ٿيون آهن شاهه سائين به انهن مان هڪ قدآور شخصيت آهي. پال، شاه سائينءَ لاءِ Towering Personality لفظ استعمال ڪيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته هن لطيف سائينءَ جي ڄم جو سال صحيح نه لکيو آهي، هن لکيو آهي ته شاهه لطيف 1680 ۽ 1690 ڌاري وچ ۾ پيدا ٿيو، يعني هن کي پڪ ناهي ته ڪهڙي سال پيدا ٿيو، انڪري 80 ۽ 90 جو پورو ڏهاڪو ڏنو اٿائين.

هڪ ٻي به خاص ڳالهه ڪئي آهي هن همراه ته لطيف سائينءَ کي سنڌ جو poet laureate سمجهيو وڃي ٿو. Poet laureate جو مطلب آهي، “درٻاري شاعر“ جيڪو، حاڪم جي شان ۾ قصيدا لکي ۽ ان جي موٽ ۾ درٻار هن کي وضيفو ڏئي، جيئن برِ صغير ۾ غالب وضيفو وٺندو هيو، توڙي جو هو ڀلو شاعر هيو، پر لطيف سائين ته ڪڏهن وضيفو نه ورتو ۽ هن پنهنجي شاعريءَ معرفت نه رڳو سنڌي ڪردارن کي جاڳايو، سنڌي ٻوليءَ کي نئون سنئون ۽ سڌاري ڏنو، پر قوم کي به هميشه ڪوشش ۽ مستقل جدوجهد جو سبق ڏنو، ان حوالي سان لطيف سائين اسان جو قومي شاعر ۽ هيرو آهي، نڪي درٻاري شاعر، پر پال جو مطلب آهي ته هو وڏ شاعر آهي، جيئن انگلينڊ ۾ اڃا تائين درٻاري شاعر موجود آهن ۽ انهن کي وضيفا ملن ٿا.

خير، مان اچان ٿو خاص ڳالهه ڏانهن جنهن جو پال ذڪر ڪيو آهي ، اها ڳالهه هيءَ آهي ته شاهه جو رسالو يا شاعري هر ماڻهو پڙهي ۽ سمجهي ٿو ڀلي هو پڙهيو ڳڙهيو هجي يا اڻ پڙهيو، ان جو مثال هو اهو ٿو ڏي ته هنن وٽ شڪارپور ۾ جيڪا ڪم ڪرڻ واري مائي/نوڪرياڻي آهي، اها ٺپ پڙهيل نه هئي، هڪ درجو به نه، پر شاهه جا بيت نه رڳو سڃاڻي پئي پر برزبان ياد پڙهي ۽ جهونگاري به پئي. پال جا اصلي لفظ هي آهن، جڏهن هو شڪارپور جي مائيءَ جو ذڪر ڪري ٿو:

Even Mai, who worked for us in Shikarpur and could neither read nor write, recognized poems from Shah's Risalo”

مونکي خبر ناهي ته هوءَ مائين ڪير آهي، پر مونکي ان تي خوشي آهي ته هوءَ شڪارپور جي آهي، جي هوءَ لطيف سائينءَ جا بيت نه پڙهي ها ته هن جو ذڪر عيسائي مشنريءَ وارو پال اي برائون پنهنجي انگريزي ڪتاب ۾ ڪيئن ڪري ها. اهڙا ڪيترائي ڪردار آهن، شڪارپور جا، جيڪي اسان جي اڳيان آهن، پر اوجهل آهن، اسان جو اکيون جهانورجي پيون آهن، اسان پنهجي ماڻهن جو قدر ڪونه ٿا ڪيون، جڏهن ڪو وڏو ماڻهو اهڙن ڪردارن کي کڻي مٿي آڻي ٿو ته پوءِ ماڻهو ڏندين آڱريون آڻن ٿا.

هي ليک لکڻ جو مطلب فقط اهو آهي ته اسان جي سڄي سنڌ اهڙن ڪردارن سان ڀريل آهي، پر اسان جي شڪارپور ۾ اهڙا ڪيترائي ڪردار آهن جن اڃا تائين نه ڇهيو ويو، جيڪي رپورٽ نه ٿيا آهن، اهڙن ڪردارن کي اڳيان آڻيو دوستو! شڪارپور نه رڳو مندرن، مسجدن، تاريخي عمارتن، وڏين شخصين جو شهر آهي، پر هو عام ڪردارن جو به شهر آهي، ۽ سچ ۾ اهڙا عام ڪردار تمام وڏا ماڻهو هجن ٿا.

ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته کي جيڪا مائي ليطيف سائينءَ جا بيت ٻڌائي پئي اها عورت آهي، عورتن کي فوڪس ڪيو، اسان مرد عورتن کان سوا ڪجهه ناهيون، هنن جو به پورو پورو حق آهي، نياڻين کي تعليم جي زيور سان مالا مال ڪيو، اهو وقت گذري ويو ته سڀني کي جهڙوڪ پٽاڻو اولاد گهربو هيو، نياڻيون به انسان آهن ۽ انهن ۾ به سموريون صلاحيتون آهن انهن کي دٻائڻ نه گهرجي، انهن جي ڪڏهن به حوصله شڪني ڪرڻ نه گهرجي.

memonhisam@yahoo.co.uk

مان سمجهان ٿو، پال جي نوڪرياڻي جنهن کي هو مائي ٿو چوي ۽ هن جو نالو نه لکيو اٿائين، شڪارپور واسڻ آهي، ان ڪري اسان سڀني کي پنهنجي ان عورت تي فخر ڪرڻ گهرجي، جيڪا انگريزين کي به لطيف سائينءَ جو پيغام ڏنو آهي.

No comments:

Post a Comment