Wednesday, January 18, 2012

Dhong Hospital Shikarpur and Baldiati System 2011



حسام ميمڻ


19 جنوري 2012

شڪارپور جي ڍونگ واري اسپتال ۽ ناظمي نظام

قاضي منظرحيات صاحب!

پيارا ٻار آهن اوهان جا، شال خوش ۽ آباد رهن ۽ اوهان به آباد رهو! ٻارڙن جي پٺيان جيڪو ڍونگ واري اسپتال جو ونگ (Arch) آهي، هاڻي اهو به تاريخ جو حصوٿي ويو آهي، انکي بس ياد ئي ڪري سگهجي ٿو. 2011 ۾ جيڪو جنرل پرويز مشرف بدلياتي نظام آندو پاڪستان ۾، اهو شڪارپور ۾ به لاڳو ٿيو، ۽ ان ordinance تحت، اسانجي شهر شڪارپور ۾ به ضلعي حڪومت جو ٻج پيو ۽ جيڪي راتاها شهر کي ان دور ۾ لڳا، ان جي ڪا ڀيڻي ناهي، اوهان اندازو لڳايو ته اڄ ڪراچيءَ ۾ داٻو ڪندڙ مهاجرن جي پارٽي متحده جيڪا چوي پئي ته شهري حڪومت بهتر آهي، ان جو مطلب اهو ئي آهي ته اهو ڪم سڻڀو آهي، ڪمشنري نظام انهن کي رکو نظر اچي رهيو آهي، 8 سان مشرف جي دور ۾ متحده پيسو کاڌو ۽ رڳو ڪراچيءَ ۾ پنهجا علائقا ٺاهرايا.

اوهان ناظم آباد،ڪورنگي، بلديا يا اهي سڀ علائقا گهمي ڏسو، پوءِ وري ڀٽائي آباد ، غازي ڳوٽ، قائدآباد، ملير، گولڊن ٽائون، گرين ٽائون، آصف آباد گهمي ڏسو،

اوهان کي پتو پوندو ته سنڌين، بلوچن ۽ پنجابين جي علائقي ۾ ذري برابر به ڪم نه ٿيو آهي. حقيقت اها آهي ته متحده مضبوط ئي مشرف دور ۾ ٿي آهي ۽ پي پي پيجيڪا Reconciliation واري پاليسي هلائي آهي، اها مهاجرن کي سمجهه ۾ گهٽ آئي آهي ۽ خود حڪومت به پاڻ بچائڻ ۾ پوري آهي.


اهو ئي ناظمي نظام اسانجي شهر ۾ به چالو ٿيو، جنهن دور ۾ شاهي باغ جا پراڻا وڻ وڍايا ويا ۽ ان پراڻي باغ کي نئين ڪرڻ جي نالي ۾ ساوڪ ۽ اوڀڙ ئي ختم ڪرائي وئي، مطلب ته شهر جي حالت اڳي کان وڌيڪ خراب آهي ۽ اوهان جاچي ڏسو ته ناظمي نظام کان اڳ ماڻهو جيڪي ان نظام تحت چونڊيا ويا انهن جي شهر ۾ پهريان ڪيتري پراپرٽي هئي ۽ هاڻي ڪيتري آهي.


انڪري، مان پنهنجي شهري جي اجڙڻ وارو کاتو به پرويز مشرف جي ڳچيءَ ۾ وجهان ٿو، نه هو 12 آڪٽوبر 1999 ۾ ملڪ پاڪستان تي قبضو ڪري ۽ پنهجي تقرير ۾ چوي ها ته ”ميري پياري عزي هم وطنو“ ۽ نه اسان جي شهر ۾ شاهي باغ جا وڻ ڀيلاڙي وڍيا وڃن ها.


شاهي باغ کي سوڙهو ڪيو ويو آهي، اسان جي شهر جا ماڻهو به خاموش آهن، شهر ڀينگ ٿي ويو آهي ۽ ماڻهو خاموش آهن، ڪجهه ته احتجاج ٿيڻ گهرجي، ڪجهه ته شهر جي مالڪي ٿئي، جي شهري نه ڳالهائيندا ته ائين ٿيندو رهندو.

ساڳيو ئي حال، ڍونگ واري اسپتال جو اوهان پاڻ ٻڌايو آهي ته :


قاضي منظر حيات ، منفرد ۽ ماترا سان هاٿيدر ـ شڪارپور ۾ اڳوڻي ڍونگ واري ااسپتال ٻاهران، جنهن کي ضلعي حڪومت پٽ ڪرائي نئين سر جوڙائڻ جو ڪم شروع ڪيو پر اهو بنياد کڻڻ بعد لڳ ڀڳ سال کان کنڊر بڻيل آهي ماضيءَ يادگار طور اسپتال جو مک دروازو اصلوڪي حالت ۾


اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڍونگ واري اسپتال پهريان وڪٽوريا ڊسپينري جي نالي سان سال 1857 ع ۾ شڪارپور ۾ قائم ٿي ۽ سال 1920 ۾ ان جونالو لکميچند ٽيڪچند ڊسپينسر رکيو ويو، جنهن کي عام طور ڍونگ واري اسپتال چيو سڏو وڃي ٿو.

___________________________

تاريخي حوالو سائين نقش ناياب منگيءَ جي ڪتاب “شڪارپور هڪ اڀياس” مان ورتو ويو آهي


No comments:

Post a Comment