Thursday, January 19, 2012

A letter to Khalid Mirza on My Shikarpur منهجي شڪارپور


حسام ميمڻ


19 جنوري 2012

خالد مرزا ڏانهن خط

(هي خط خالد مرزا ڏانهن “منهنجي شڪارپور My Shikarpur گروپ تي لکيو ويو، هي گروپ فيس بوڪ تي آهي)



(خالد مرزا جي comments جو متن:

ناظمي نظام کان اڳ ماڻهو جيڪي ان نظام تحت چونڊيا ويا انهن جي شهر ۾ پهريان ڪيتري پراپرٽي هئي ۽ هاڻي ڪيتري آهي انڪري، مان پنهنجي شهري جي اجڙڻ وارو کاتو به پرويز مشرف جي ڳچيءَ ۾ وجهان ٿو........سائين حسام اوپرن تي ڪهڙو ڏوھۡ. ٿورن لفظن ۾ بيان ته ناظم ڪٿان ٻاهرجا نه پر شڪارپور جا ئي رھواسي ۽ خاموش رھڻ وآرا بِـ شهر جا ماڻهو!!! پو۽ ٻين تي ڪهڙو ڏوھُ.. ( بقول شاعر مون پڪ سڄاتا پنهنجا هئا ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾).


فطرت جي حسن جو قتل ٿيو،
اڄ سونهن جو لڻجي فصل ويو.
جنهن ڪارونجهر جي ڪور مٿي
ڪلهه مور ٽهوڪا ڏيندا هئا
ان ساڳي ئي جنت وادي ۾
ٿا رانڀاٽا راڪاس ڏين

احتجاج ٿيڻ ڪرڻ گهرجي. سائين بلڪل احتجاج ڪرڻ گھرجي ۽ اُن جو بهترين طريقواھو آھي تـَ اهڙن مفاد پرستن کي چونڊجي ئي نه)


خالد سائين!

اوهان صحيح ٿا چئو، پر اهڙيون ڳالهيون انڪري به ڪجن ٿيون ته بقول شيخ اياز جي:

لوڏ هن سمان کي

ڌوڏ هن سماج کي،

جيئن زمين آسان

جي کلي پئي زبان

انقلاب انقلاب

ڳاءِ انقلاب ڳاءِ

ماڻهن کي sensitize ڪرڻو آهي، انهن کي آگاهه ڪرڻو آهي، اسين جيڪو ڪري سگهون ٿا، ان ڪم کي جاري رکڻ گهرجي، ان اميد تي ته اسانجو هي پليٽ فارم شڪارپور جي سڀني شين کي فوڪس ڪندو ۽ دوستن ۽ ڌڻين ۾ اهو احسان پيدا ڪندو ته شڪارپور گهر وانگر آهي ۽ سڀني کي ان جو خيال ڪرڻ گهرجي ۽ شهر جي مالڪي ٿيڻ گهرجي.

خالد سائين!

هن ئي پليٽ فارم معرفت ڪافي سٺا دوست مليا آهن، جن وٽ شهر لاءِ اٿاهه پيار آهي ۽ هو ڪجهه ڪرڻ گهرجن ٿا، شيون آهستي آهستي پنهنجي منزل ڏاهن وڃن پيون ۽ مان پنهجي زندگيءَ جا 30 سال ته شڪارپور ۾ گذاريا آهن، اتي ڄائو آهيان، اتي جوان ٿيو آهيان، اتي جون گهٽيون ، پاڙا، گهر،، ماڳ ۽ شهر گهميو آهي، شهر جي ماڻهن کي به سڃاڻا ۽ خير سان صحافت ۾به چڱو خاصو ڪم پئي ڪيو، 6 کان 7 سال مسلسل اخبارن ۾ لکيو، مختلف رسالن ۾ لکيو، عبرت وارا ته چوندا هيا ته “حسام!شڪارپور کي ڇڏ، ڪنهن ٻئي موضوع تي به لک، پر جي ڪنهن ٻئي موضوع تي لکين ٿو ته به شڪارپور اچي ٿي وڃي”

خالد سائين!

اڻڄائيءَ ۾ به پنهجو ديس منهنجي قلم جي نب تي هوندو هيو ۽ هاڻي به آهي، شهر سان پيار بلڪل ائين آهي، جيئن پنهنجي ماءُ سان پيار ڪرڻ. شڪارپور منهنجي لاءِ ائين ئي آهي، جيئن virtual mother ، هر ماڻهوءَ جو پنهجي جنم ڀوميءَ سان پيار هجي ٿو،

هندو ماڻهو انڊيا کان اچن ٿا ۽ هليا وڃن ٿا ۽ ڪجهه سفرناما ۽ ڊائريون وڃي لکن ٿا، پر پاڻ ته ڪاڏي وڃڻا ناهيون، ڀلي، ڪاڏي وڃون به ته شهر هميشه ساڻ هوندو آهي. جيڪي هندو دوست اچن ٿا، انهن کي هتان جا ماڻهو عزت ڏيندا آهن، احترام ڪندا آهن، ۽ وري انهن کي اهو به چوندا آهن ته اسانجو ذڪر ضرور ڪجو سفرنامي ۾، اهي سڀ شيون آهن خالد سائين!

سڀ شيون هتي ئي هونديون، هر شيءِ هتي ئي پئي هوندي. مان ڏينهن رات شڪارپور تي سوچيان ٿو، لکڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو، پوءِ جيڪو به منهجي وس ۾ آهي، مان ڪوشش ڪري شيون اڳيان آڻڻ جي جستجو ڪيان ٿو، مان چاهيان ٿو ته اسان جي شهر جو مواد ڪٺو ٿي سگهي، اسانجو شهر به Global village جو حصو ٿي سگهي، اسان جي شهر جا ماڻهو به online هجن، اسان جا ماڻهو اگر ڏسڻ چاهن ته “هيرا نند اکين جي اسپتال” ڪٿي آهي، بس، رڳو بٽڻ کي ٽڪ ڪرن ۽ شڪارپور جي هيرا نند اکين واري اسپتال اڳيان اچي وڃي ، جنهن کي سر هينري هالينڊ اسپتال چون ٿا، بلڪل ائين ئي وڪٽوريا اسپتال جو پتو پئجي سگهي، ائين ئي سُڪپل ٽڪ سان نڪري اچي، ائين ئي گورن واري اسپتال جيڪا شڪارپور ڪرسچن اسپتال آهي، اسان جي ڪمپوٽر جي اسڪرين تي اچي وڃي، ائين ئي سامي، الله بخش سومرو، کٽ واري ڌرمشاله، چتروءَ جو شوالو، ڀوڳڙي بازار، قافله سراءِ، حاجي لطيف شاهه پاڙو، انڊيا جي مرڪزي بئنڪ، گودڙن جو پاڙو، ڪاڪڙن جو ٿلو، رستم روڊ، پراڻي ٽيشن، بدوي محلو، دادوئي روڊ، شيخن جو پاڙو ، ميمڻ محله، سوي در، لکيدر، شاهي بازار، پير مست علي شاهه، ميهر شاهه قبو، نوتن داس جي حويلي، نون پٽن جي حويلي، چبوتڙو، ڍڪ بازار، چوڙيگر بازار، Fire hydrants،جماڻي هال، الف شاهه باشاه، دينپور، سڻڪ، لنگهن/مڱڻهارن جو پاڙو، مطلب سمورو شهر، شاهي باغ کان ٽنڊي تائين، ٺاروپور کان پلازه سينيما تائين، هر شيءِ اسان جي اڱرين جي اشاري جي منتظر هجي، پر اهو سڀڪجهه ممڪن ناهي، مان اڪيلي سر سمجهان ٿو ايترو ڪجهه ڪري نٿو سگهان، جيترو مونکان پڳو آهي، اهو ڪيان پيو، ڪندو رهندس، ان اميد تي ته اسانجو نوجوان طبقو ، پنهنجي ان سموري ميراث کي سنڀاليندو ۽ مالڪي ڪندو.

شڪارپور جي هن ڪم ۾ ٻه ٽي شيون درڪار آهن:

1. پڪي ارادي وارا ماڻهو

2. وقت ڏيڻ وارا ماڻهو

3. پيسو

4. منصوبابندي

5. برداشت

6. پيار

جيڪڏهن اسان وٽ اهي شيون هجن ته شڪارپور تي اهڙو ۽ ايترو ڪم ڪري سگهجي ٿو، جو دنيا کي ڏندين آڱريون اچي وڃن ته ڇا ته شهر هيو يا آهي!

اوهان جهڙا دوست گڏ آهن، اها سموري دين، هن گروپ جي آهي، اميد آهي ته منهنجي شڪارپور جو هي گروپ شڪارپور جي ماڻهن ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهيندو ۽ اهي ماڻهو جيڪي اڃا تائين شيون گهر جي صيفين ۾ تالا هڻي ماضيءَ جي ياد يا ميراث سمجهي لڪائي ويٺا آهن ، اهي هڪ ڏينهن ضرور اسان سان پنهجون اهي شيون شيئر ڪندا، ۽ اسان هتي دوستن کي ڏينداسون ۽ ڏيکارينداسين ۽ اهي سڀ شيون ماڻهن ۾هڪ نئون روح ڦوڪينديون!

مان ڪافي ماڻهن جي باري ۾ ڄاڻان ٿو، اهي ٻاهر آهن، اهي شڪارپور ڄايا آهن، اهي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وسيل آهن، پر انهن مڙي شهر کي نه ڏٺو آهي (سڀ هڪجهڙا به ناهن)، انهن شهر لاءِ ڪجهه نه ڪيو آهي، گهڻا ئي عالم ۽ اڪابر، صحافي ۽ جيد ليکڪ آهن، جيڪي خاموش آهن، انهن اڃا شهر تي قلم نه کنيو آهي، ڪافي اهڙا ماڻهو آهن جن وٽ ماضيءَ واري شڪارپور جا يادگار ۽ تصويرون آهن، پر اهي ڪنهن کي ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، اهي سڀ هڪ نه هڪ ڏينهن اسان سان شيون شيئر ڪندا، اسان جي هن پليٽ فارم تي پنهجون يادگيريون لکندا، نوجوان نسل کي آگاهه ڪندا، حق ۽ سچ ڳالهائيندا، پنهنجي شهر جي مالڪي ڪندا، ساڳي ڳالهه جو اطلاق شهر ۾ رهندڙن تي آهي سائين، جيڪي شهر ۾ رهن ٿا، اهي به آهستي آهستي ضرور شهر لاءِ آواز اٿاريندا ۽ وري شهر ۾ هڪ نئون روح پوندو، اهو ڪم تڪڙو نه ٿيندو خالد صاحب، آهستي آهستي، ڌيمي ڌيمي، هوري هوري، اميد جا جهنڊا بلند ٿيڻ گهرجن ۽ مايوس ٿيڻ جي بنهه ضرورت ناهي

منهنجي دل چيو اوهان کي شڪارپور جي محبت ۾ هڪ اهڙو خطڙو لکان، جيڪو شايد ڪجهه ماڻهن ۾ وري نئون روح ڦوڪي.

ساٿ سلامت

حسام ميمڻ

19 جنوري 2012 ڪراچي

No comments:

Post a Comment