Friday, January 27, 2012

Prison and Resistance of Sindh for Freedom

حسام ميمڻ

27 جنوري 2012

قيد ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ مزاحمت

انگريزيءَ ۾ قيد لاءِ Prison لفظ استعمال ٿيندو آهي، جيڪو 12 صديءَ ڌاري پراڻي فرانسيسي لفظ prisoun مان ورتل آهي، 11 صديءَ ۾ قيد لاءِ لفظ prisoun استعمال ۾ هيو. پر بعد ۾ تبديل ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته pris معنيٰ جهلڻ يا وٺڻ ، هي لفظ پنهنجي وڏي جاءِ ٺاهي ويو. پر اهو به چيو وڃي ٿو ته هي لفظ لاطيني ٻوليءَ جي لفظ prensionem مان ورتو ويو، جيڪو ننڍي شڪل preson ۾ استعمال ٿيندو رهيو، جنهن جي معني به جهلڻ يا قيد ڪرڻ ئي آهي.

لفظ قيديءَ جو مادو به ساڳيو آهي 14 صديءَ جي اڌ کان جيڪي ماڻهو جنگين دوران پڪڙيا يا جهليا ويندا هيا، انهن کي قيدي يا prisoners چيو ويندو هيو. ۽ اڄ جيڪو مشهور اصطلاح آهي، جنهنکي پاڻ پيا ٻڌندا رهندا آهيون prisoner of war ، اهو اصطلاح 1670 کان استعمال ۾ آهي ۽ هڪ ٻيو اصطلاح prisoner’s dilemma يعني قيديءَ جو مونجهارو/اڻ تڻ 1957 کان استعمال ۾ آهي. پر قيد ۽ قيديءَ جي تاريخ prisoner لفظ کان تمام آڳاٽي آهي، دنيا جون مختلف تهذيبن جا پنهنجا قانون ۽ روايتون هيون ۽ انهن وٽ پنهجا پنهنجا codes هيا، جن تحت سزائون ڏيندا هيا.

اسان وٽ عمر سومرو مارئيءَ کي کنڀي کڻي ويو هيو، ۽ پنهنجي ڪوٽ ۾ هن کي رکيو هيائين، جتي عمر مارئيءَ کي سون، زيور ، کاڌا پيتا ۽ الائي ڇا ڇا کيس اڇي رهيو هيو، پر اهو ڪوٽ مارئيءَ جي لاءِ قيد هيو، معنيٰ اوهان ڪنهن کي زور سان هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ تي کڻي وڃو، ته اهو خوبصورت محل ۽ جاءِ به اوهان لاءِ قيد ئي ٿيندو.

شاهه سائين، سر مارئيءَ ۾ قيدياڻي، قيد، بندياڻي ۽ اهڙا ٻيا استعمال ڪري، قيد جي صورتحال تي مارئيءَ کان ڳالهرايو آهي ۽ ان سر ۾ اوهان چڱيءَ طرح سمجهي سگهو ٿا ته Prisoner’s dilemma يعني قيدي ڪهڙي اڻ تڻ ۾ هوندو آهي. شاهه سائينءَ جي ڪجهه بيتن جاهتي مثال ڏجن ٿا:

1. قسمت قيد ڪئي، نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾

2. قسمت قيد ٿيم، هتي اڙانگي گهاريان

3. قيدالماءِ ڪنهنجو، سو مون پاند پيو

4. هي هنڌ ڀيڻيون هاڻ، ساڙيان سڀ ڏيهن ري

5. ڀري پنهنجي ڀاڻ، پسان ملڪ ملير جو

6. ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾، لوئي هڏ م لاهه

7. جو ڏينهان ڏاڏاڻي آئيو، پيرين تنهن پوان

8. مينڍا ڌوِ نه مارئي، نه کلي، نه کاءِ

9. محلين ماندي مارئي، سدا منهن ملور

10. ڪريو منهن مهاڙ ڏي، روءِ اڀي ۽ چوءِ

11. آءُ سوڙين سمهان، مون وَرگهاري وِلهه

12. سونهن وڃايم سومرا! ميرو منهن ٿيوم

13. جهڙي آيس جيئن، تهڙي وڃان تن ڏي

14. عمر ٻَنِ جيو، کُوه منهنجوسومورا

15. مَ سپني مارئي، مئي مَ ڄائي

16. الا ائينءَ مَ هوِ، جيئن آءُ مران بند ۾

17. بالله آهيان بند ۾، ڌئان تان نه ڌَٻَر

18. جي ڪر لڌائون ، ته بنديءَ بند نه ساريو

19. واجهايو وطن کي، ساريو ساهه ڏيان

20. آءُ ڪيئن ڇڏيان سومرا! پنهوارن پچار

21. چڪي چيم چاڪ، ونهين ويڙهيچن جا

22. مون من مارو جو، ماروءَ جو منهنجو

لطيف سائينءَ جو سر مارئي، قيد جي پوري ڪيفيت، حالت، ذهني ڇڪتاڻ، پرين ۽ پنهوارن / مائٽن جي ياد، ديس جو حب، آزادي، خوشي، هر شيءِ کي بيان ڪري ٿو، ائين کڻي چئجي ته لطيف سائين اهو پهريون اڪيلو شاعر آهي، جنهن دنيا ۾ قيد ته اهڙي جامع انداز ۾ لکيو آهي، هي پهريون فيلسوف آهي، جنهن آزاديءَ جي پرزور پاسداري ڪئي ڪي آزاديءَ جو ڏس ڏنو.

لطيف سائينءَ قيد جي عقوبتن ۽ عذابن تي جيترو تفصيلي لکيو آهي، اهڙو ڪنهن ٻئي شاعر نه لکيو آهي، ۽ سنڌ کي ان شيءِ تي فخي هئڻ گهرجي اسان جا هيرا آزاديءَ جا قائل آهن ۽ قوم کي آزاديءَ جو سبق ئي ڏيندا رهيا آهن.

ون يونٽ به اسان وٽ هڪ قيد هيو، ان دور ۾ جيڪو لٽريچر سنڌيءَ ۾ لکيو ويو، اهو سمورو اهڙين پابندين کي رد ڪري ٿو، سنڌ ۾ رڳو شاعر نه پر صحافي، عام ماڻهو، دانشور، سنڌ دوست، قومپرست، سنڌي ماڻهو، اديب، شاعر ۽ سياسي روح، سڀ اهڙي هٿرادو قسم جي قيد تي ڦٽ لعنت ڪن پيا ۽ نيٺ انهن ماڻهن جو منهن ڀيلو ٿيو، جن اڪاين ملڪ کي ٺاهيو يعني پاڪستان کي ٺاهيندڙ يونٽ سوا پنجاب جي باقي ٽيئي ان ڳالهه کي رد ڪري چڪا ته اسان کي پاڪستان ۾ قيد نه ڪيو، اسان کي اوهان جو ڪجهه نٿو گهرجي، اسان وٽ جيڪو پنهجو آهي، اهو ئي اکين تي آهي، هاڻي به جيڪي پاڪستان جي ڪوڙڪيءَ ڦاٿل آهن، اهي اڄ به آزاديءَ جي ڳالهه ڪن ٿا، آزادي فقط آهي ناهي ته صوبا ڌار ٿين، پر اصل آزادي اها آهي، ته هن ملڪ تي فوج قبضو نه ڪري، پنجاب بالادستي ختم ٿيڻ گهرجي، لساني گروهه جيڪي مختلف قسم جي اشوز کي وڌائي وڻ ڪن ٿا، انهن کي زد و ڪوب ڪرڻ گهرجي، هر صوبي کي پنهنجي پنهنجي 1940 جي ٺاهراهط پٽاندڙ آزادي هئڻ گهرجي، پنجاب ڪنهن به ننڍي صوبي تي رعب تاب نه ڪري، جي اهئي ٿي پيو ته سمجهو پاڻ آزاد آهيون.

اسان وٽ قيد، قيديءَ وارو داستان پراڻو آهي، انڪري اسان جي سنڌ جي شاعرن ۾ جيل ، قيد، بند، بنديخانو، ۽ اهڙا ٻيا لفظ استعمال ٿيندا رهن ٿا. اسان وٽ سنڌ جا ليکڪ ۽ شاعر قيد ٿيندا رهيا آهن ، انهن جيل ڊائريون لکيون آهي، انهن شاعري ڪئي آهي، انهن يادگيريون لکيون آهين، انهن آتم ڪٿائون لکيون آهين ته جيئن هن قوم کي پتو پئي ته اسان سان ڇو ڇا ۽ ڪيئن ٿي رهيو آهي ۽ ڪير ڪري رهيو آهي. سنڌي قوم هر قسم جي بنديخاني جي خلاف آواز اٿاريو آهي ۽ اهڙي قسم جي هت ٺوڪين قيدن جي مخالفت ۾ سنڌ سڀني کان اڳڀري آهي ۽ اسان جي قوم جي ان حوالي سان هڪ وڏي روشن تاريخ آهي، رڳو سنڌي شاعريءَ کي اٿلائبو ۽ پٿلائبو ته پتو پوندو ته شاعر ڪيئن مختلف قسم جي قيدن کي رد ڪندا آيا آهن. شڪارپور ڄائي شيخ اياز به قيد ڪاٽيو ، فقط سچ لکڻ تي، حق لکڻ تي، ان ئي پاداش ۾ هن جيل هڪ دفعو نه پر ڪيترائي دفعا جهليو ويو، اهڙي طريقي سان کوڙ سارا شاعر ، اديب ، انقلاب، قوم پرست ۽ سنڌ دوست اسٽيبلشمينٽ ۽ آرميءَ هٿاسن سوگها ٿيندا رهيا آهن. شيخ اياز پنهجي جڳ مشهور ڪتاب “ڪَپر ٿو ڪُن ڪَري” جي آخر ۾ هڪ نظم ڏنو هيو، جيڪو قيديءَ ۽ جيلر جي وچ ۾ ڳالهه ٻولي آهي، ٿورڙو مزو اوهان ان نظم جو وٺو ته قيد جيلر کي ڇا ٿو چوي:

ڇا لاءِ ڏئين ٿو، ائين تَڙيِ

مون اڳ ئي لاٿي آهي گهڙي

ها صاحب! وقت بيهاري ڇڏ

تون ان جي چاٻي کاري ڇڏ

عبد الحڪيم ارشد جو هڪ چوسٽو ، جيڪو گهڻو ڪري هن ون يونٽ جي دور ۾ لکيو هيو ته:

زبانن تي تالا، تخيل تي پهري

لکڻ کان به وياسي، ڪڇڻ کان به وياسين

مليو جيڪڏهن ڪوئي همدم اسان سان

پري کان ئي گونگا اشارا ڪياسين

خاڪي جويو به هڪ ڊگهو نظم لکيو هيو تهۡ

پاڪستان جو مطلب ڇا

ڦاهيون، ڦٽڪا، مارشلا

هي ليک لکڻ جو مطلب اهو آهي ته سنڌي قوم هڪ باشعور قوم آهي، جيڪا پنهجي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي آهي نه ڪندي، اسان وٽ جيڪو مزاحمتي ادب سرجيو ويو، ڪهڙين حالتن ۾ لکيو ويو، ماڻهن سان ڇا ٿيو، اهي ڪير هيا، ڪٿان جا هيا، ڪهڙيون سياسي ۽ سماجي حالتون هيون ، ان حواسي اسان وٽ ڪو خاص ڪتاب يا مقالو اڃا تائين موجود ناهي، مونکي خبر ناهي ته هي ننڍڙو ليک ماڻهن کي ان ڳالهه لاءِ آماده ڪري سگهندو الائي نه، پر ايترو ضرور آهي، ته اسان جي تاريخ ٽڙيل پکڙيل آهي، اسان کي کوڙ سان ايم ايڇ پنهوار گهرجن ٿا، جيڪي ويهي تاريخ کي ڦلهوڙن ۽ بين الااقوامي ليول تي اسان جي تاريخ کي روشناس ڪرائين.

ٽيل پيس:

اهڙي مزاحمت رڳو سنڌ نه پر سموري دنيا ۾ هلي رهي آهي، فلسطين ، عراق، ڀارت، مصر، شام، ۽ ٻيا ڪيترائي ملي، کوڙ سارا دنيا جا ملڪ پنهنجي مدي خاري نظام کي لاڳو ڪيو ويٺا آهن ۽ هڪ وڏو فرق ڪري ويٺا آهن، بادشاهن لاءِ قانون گهر جي لونڊيءَ وانگر آهي ۽ ٻين لاءِ قانون هڪ ڪوڙڪي آهي. اهڙن روين کي رد ڪرڻ گهرجي، ۽ برابريءَ جي ڳالهه ڪجي ۽ دنيا ۾ هڪ اهڙي نظام جي ڳالهه ڪجي جيڪا سموري انسانيت تي لاڳو ٿئي ، سڀ برابر هجن ۽ سڀئي ئي ماڻهو پنهجي حقن جو ائين مزو ماڻين جيئن بادشاهه اڄ يا صدين کان ماڻيدا آهن، پنهجي سماج ۾ڪوڙهه جهڙا جيڪي مراعات يافته طبقا آهن جن کي Elite class چيو وڃي ٿو ، انهن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، جمهوريت برابريءَ واري هئڻ گهرجي.

memonhsiam@yahoo.co.uk

No comments:

Post a Comment