Wednesday, February 1, 2012

Hamalyan Glaciers are melting


حسام ميڻ

2 فيبروري 2012

هماليه جا گليشئر ڳرن ٿا

هماليه هڪ جابلو سلسلو آهي، لفظ هماليا سنسڪرت جي ٻن لفظن مان ٺهيو آهي، همه معنيٰ برف ۽ آليه معنيٰ جاءِ يا مڪان، هماليه معنيٰ برف واري جاءِ. هماليه جو جابلو سلسلو برِصغير ڀارت جي اتر ۾ واقع آهي. قراڪرم ۽ هندوڪش به ان جا ئي جابلو سلسلا آهن، ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا جابلو سلسلا آهن جيڪي پڻ هماليه جو ئي سلسلو آهي، جيڪي Pamir Knot وٽان هلن ٿا، Pamir Mountains يعني پامير جابلو سلسلو وچ ايشيا کان شروع ٿئي ٿو، يعني تاجڪستان ۽ اتان وڌي ڪري ڪرگستان، ، افغانستان ، پاڪستان ۽ الهندي چائنا تائين ڦهليل آهي. جنهن کي دنيا جي ڇت (room of the world) چيو ويندو آهي. هي سڀ جابلو سلسلا پهاڙن جي سائنس آهي، جنهن کي Orography چيو ويندو آهي. جيالوجي جي وگيانين لاءِ به هي مضمون دلچسپيءَ جو سبب آهي ، عام ماڻهو انهن سلسلن کان ڪٽيو ئي رهي ٿو، هونئن به اڄ جهڙي ڏکي دور مان گذرندڙ روحن لاءِ هي سلسلو انڪري به خشڪ، ڏکيو ۽ عدم دلچسپيءَ جو سبب آهي ، جو انهن کي تيل، گيس، بجلي ، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ئي ايترو پريشان ڪيو آهي، جو نڪي انهن کي فلم ٿا وڻن، نه گانا بجانا، جڏهن اهي عام خوشيءَ واريون ئي شيون عوام کي خوش نٿيون رکن ته اهي هماليه جي گليشيئرس واري موضوع ۾ ڪهڙي دلچسپي وٺندا، پر حقيقت اها آهي، ته هن موضوع کي سمجهڻ ضروري آهي، جئين سنڌ کي دريا جي ضرورت آهي، جئين زمينون آباد رهن، ۽ خوشحالي ٿئي، تيئن ئي اسان سڀني کي هماليه جي گليشئرس جي ضرورت آهي ته اهي پنهنجي ان حساب سان سدائين قائم ۽ دائم رهن، جنهن نظام تحت اهي پهاڙي برفيلا سلسلا دنيا جي اڌ آباديءَ کي جيئدان ڏيندا رهيا آهن، اهي ماحول کي سازگار بڻايو بيٺا آهن، جي انهن ۾ ٿوري گهڻي ڦير آئي ته سمجهو ته دنيا جي اڌ آبادي ڊانوان ڊول ٿي ويندي، جنهنجو جو ڪو انت ئي ناهي.

خبرون آهن ته هماليه جون برفيليون ڇپون ، جن کي گليشئرز چيو وڃي ٿو، گذريل 30 سالن کان تيزيءَ سان ڳري رهيون آهن ۽ اها هڪ خطري جي ڳالهه آهي، ڇو ته ايشيا جي هڪ ارب آباديءَ کان وڌيڪ گليشرز جي پاڻيءَ تي دارو مدار رکي ٿي، جي گليشيئرز ائين ڳرندا رهيا ته پوءِ ايشيا کنڊ جي وڏي آبادي سوڪهڙي (Drought) جو شڪار ٿي ويندي، جيڪا ظاهر آهي خطري جي ڳالهه آهي.هماليه ۾ گليشيئرز جو سلسلو 2،400 ڪلو ميٽر يعني هڪ هزار پنج سو ميل آهي، جيڪو پاڪستان، ڀارت، چائنا، نيپال ۽ ڀوٽان مان گذري ٿو ۽ اتان ئي ايشيا جون وڏيو نديون پاڻي کڻن ٿيون ۽ پڇڙيءَ جي رهاڪن جي 1.3 ارب آبادي ان تي دارو مدار رکي ٿي. انهن گليشيئر جي ڳرڻ جو سبب گرمي پد ۾ واڌ آهي، جي ٽيمپريچر ۾ ائين ئي واڌ رهي ته ايشيا جي آبادي سخت متاثر ٿيڻ جا امڪان آهن.

مهم هلائيندڙ چون ٿا ته ان ئي رفتار سان گرمي پد وڌندو رهيو ته ڪجهه ئي سالن ۾ هماليه جا ڪجهه گليشيئرز ڳري گم ٿي ويندا ڇو ته ماحول ۾ تڪڙي تبديل اچي رهي آهي ۽ گرمي پڌ وڌي رهيو آهي، گرمي پد گهڻا ئي مسئلا پيدا ڪندو. WWF جي climate for life change campaign جي ماحالياتي گروپ جي ليڊر پشانت سنگهه چيو آهي ته سائنسدان پيشنگوئي ڪن ٿا ته گليشئرز جي گهڻائي 40 سالن تائين گم ٿي ويندي . IPCC هي اقوام متحده جي ماحولياتي تبديليءَ جي حوالي سان ٺهيل باڊي آهي، جنهن کي The Intergovernmental Panel on Climate Change چيو وڃي ٿو، جنهن جي پنهجي هڪ ساک آهي، ان وارننگ ڏيندي چيو آهي ته هماليه جا گليشيئرز 2035 تائين غائب ٿي ويندا. پڇڙيءَ جا رهاڪو جيڪي اڳ ئي غربت ۾ گذاري رهيا آهن، اهي وڌيڪ متاثر ٿيندا ۽ علائقي ۾ اهڙيون تبديليون اڳ ئي محسوس ڪيون ويون آهن.

نيپال ۽ ڀوٽان ۾ گم ٿيندڙ گليشيئرز هڪ اهڙي وسيع ڍنڍ ٺاهي ڇڏي آهي، جي اها ڪڏهن ڦاٽي ته هيٺاهين تي رهندڙ ڳوٺن کي ڀينگ ڪري ڇڏيندي. نيپال جي ڪوه ڪن يعني پهاڙ تي چرهندڙ (Mountaineer) ۽ ماحولياتي مُهم جُو داوا اسٽيون شرپا پنهنجي ڳالهه ٻڌائيندي چيو ته هن ڪيئين ماحول جي تبديليءَ واري موضوع ڏانهن ڌيان ڏنو، ٿيو هئين جو 2007 جي ايوريسٽ جي چڙهائيءَ جي هڪ مهم دوران کمبو Icefall ايورسٽ جي بيس ڪيمپ مٿان ڪريو ۽ هو ذري تان بچي ويو بس، اهو ڏينهن ، اهو شينهن هن همراه ان موضوع ڏانهن ڌيان ڏنو ته ماحولياتي تبديليءَ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ گهرجي.

ماڻهو واقعي تڏهن گهڻو ڪجهه سکي وٺي ٿو، جڏهن هن سان ذاتي طور تي ڪا نه ڪا واردات ٿئي ٿي.شرپا ٽي دفعا ايوريسٽ تي چڙهي چڪو آهي، ان ڏنيهن جڏهن برف جي ڇپ ڪري ٿي، بس ڪجهه منٽن جو فرق هيو، نه ته هي اتي برف ۾ ئي ڄمي مري وڃي ها. شرپا اي ايف پيءَ کي ٻڌايو آهي ته هو هر سال پهاڙن تي چڙهوند آهي ۽ هر سال گرمي وڌي رهي آهي ۽ برف ڳري رهي آهي، هر سال گرمي پد ۾ واڌ اچي ٿي ۽ برف رجي رهي آهي، جيڪا مصيبت جو پيش خيمو آهي.هن چيو ته پهريان جڏهن هن ڇپ کي ڏٺو ته هن کي اهو سڀ معمولي ٿي لڳو، پر پوءِ جڏهن ڌيان ڏنائين ته پتو پس ته جيڪڏهن هڪ گليشيئر به گريو ته اتان جي آباد ڳوٺن کي صفا ڀينگ ڪري ڇڏيندو.

چائنا ۾ به هڪ سروي ڪيو ويو آهي ته عالمي گرمي پد ۾ واڌ جي ڪري پهرين شرط ڳرندڙ برفاني ڇپون وڏيون ٻوڏون آڻينديون ۽ ٻي طرف گليشيئرز جي ڳرڻ سبب ندين ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽجي ويندو ۽ چائنا جي وڏي آبادي متاثر ٿيندي. ماهر چون ٿا ته پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ جي ڪري چائنا ۽ ڀارت جهڙا گهڻي آباديءَ وارا ملڪ معاشياتي حوالي سان چڱو خاصو ڌڪ کائيندا ۽ ٻئي علائقا شديد متاثر ٿيندا، ايستائين جو بنگلاديش، جيڪو هيٺائين تي آهي، ان جا دريا هن صديءَ جي آخر تائين سڪي ٺوٺ ٿي ويندا. اها پيش گوئي اقوام متحده جي ماحولياتي تبدليءَ واري باڊي آپي سي سي ڪئي آهي.

هماليه لاءِ عالمي گرمي پد (global warming) جي حوالي سان ماهر چون ٿا ته اهو علائقو ڏکيو ۽ پهچ کان ٻاهر آهي، ڇو ته ان جي حوالي سان اڃا ان ليول جو سائنسي مطالعو۽ ڪم نه ٿيو آهي، جيترو ٿيڻ گهرجي، انڪري ، هماليه جو جابلو سلسلو ماهرن جي لاءِ blank spot بڻيل آهي.

انڊيا جي ماحوليات جي منتري جئرام رميش تي تنقيد ٿي رهي آهي ڇو جو هو چئي رهيو آهي ته ماحوليات جي تبديلي هماليه جي ڪنهن گليشئر کي نٿي ڳاري ، منتري صاحب ڀارت جي ئي هڪ جيالاجسٽ وجي ڪمار رينا جي ڳالهه ئي نقل ڪندي عوام کي اها ڳالهه ٻڌائي ته climate change جي ڪري برفاني ڇپون ڪونه ٿيون ڳرن ۽ ڀارت ۾ منتري صاحب تي ان حوالي سان ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي.

نيپال جي ICIMOD يعني International Center for Integrated Mountain Development چيو آهي ته هماليه تي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، ته جيئن اندازو ڪري سگهجي ته ماحوليات جي تبديليءَ جو اثر ان علائقي تي ڪهڙو ۽ ڪيترو ۽ ڪيئن پوند. ماهر چون پيا ته ٽمپريچر ۾ تيزيءَ سان تبديلون اچي رهيون آهين ۽ اهڙيون تبديليون سطح کان مٿي يعني Altitude تي محسوس ڪيون ويون آهن.

آءِ سي آءِ ايم او ڊي اها وارننگ به ڏني آهي ته برفاني ڇپن جو ڳرڻ، ان شيءِ جو پيش خيمو آهي ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ ايشيا جي وڏين ندين گنگا، سنڌو ۽ Yellow Riversجي وهڪرن ۾گهڻي حد تائين لاٿ ايندي. اهو به چيو ويو آهي ته ممڪن آهي، پاڻيءِ جي وهڪرن ۾ واڌ اچي ۽ اهو سلسلو گهڻن ڏهاڪن تائين هلندو رهي متان ماڻهن کي سڀڪجهه نارمل نظر اچي ۽ ايستائين جو پاڻي جي گهڻي مقدار جي ڪري ٺوٺ زمينون به سايون ٿي وڃن، پر اهو به ياد رهي ته جي سوڪهڙو ايندو ته اوچتو ايندو، ان وقت ڇا حالت هوندي ڪجهه چئي نٿو سگهجي، تنهنڪري، اڳواٽ اپاءَ وٺڻ انتهائي ضروري ٿي پيو آهي.

پاڪستان، ڀارت، چائنا۽ افغانستان کي ان حوالي سان گڏيل جدوجهد ڪرڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ وقت تي وڌ ۾ وڌ ماڻهن کي نقصان کان بچائي سگهجي ۽ جڏهن ٻوڏون اچن ٿيون، يا سوڪهڙا ٿين ٿا ته، نه رڳو ملڪن جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ٿو پر افرادي قوت به برباد ٿئي تي ۽ ملڪ پينو فقير بڻجي وڃن ٿا، پورو انتظامي ڍانچو ۽ بنيادي بهيڪ برباد ٿي وڃن ٿا.

مان نٿو سمجهان ته 2010 واري وڏي ٻوڏ کي سنڌڪڏهن وساري سگهندي، ايڏو نقصان ته ٻوڏ ڪونه ڏنو جيتريون وڏيون بيماريون وڌيون، جيتري ڪرپشن ٿي. ڇا نه ٿيو، ظلم مٿان ظلم ٿيا، اڃا تائين سنڌي ماڻهو جيڪي سنڌو دريا جي ساڄي ڪپ تي رهندڙ آهن انهن جا زخم تازا آهن. ٻوڏ کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي ڇا حالت هئي، ڪيمپون ائين پئي لڳو ڄڻ جانار رهندا هجن، ان ٻوڏ ۾ به وڏيرا ڪمائي ويا، امير امير ٿي ويا، ايستائين جو شهداد ڪوٽ، وارهه، قمبر ۽ بين علائقن ۾ جيڪي شيون غريب ماڻهن کي ملڻيون هيون ، اهي هتي وڪامجن پيون، ماڻهن ڏي گهر ويٺي اٽن جون ٻوريون اچن پيون. مان پنهنجي زندگيءَ ۾ ايڏي خرد برد نه ڏٺي آهي، جيڪا 2010 جي ٻوڏ دوران ڏٺي

حڪومت جا ڏنل وطن ڪارڊ ڪنهن کان نه وسرندا، اهي سڀ شيون حڪومت جي ڳچيءَ ۾ ئي پونديون آهن، ۽ سٺي حڪمراني ڪڏهن پاڻ تي اهڙي قسم جو داغ هڻڻ نه ڏيندي آهي، ڇو ته هن کي وري به حڪومت ڪرڻي هوندي آهي، پر پاڻ وٽ ته الٽي گنگا وهندي آهي، خبر ناهي، هاڻ اڳتي ڇا ٿيندو، همالو وهي ڇڙهندو يا دريائن کي به سڪائي ٺوٺ ڪنندو پر خدشا ٻنهي پاسن کان اهي ئي آهن ته غريب ويچارو لوڙهيندو، انڪري، حڪومت کي اڳ ئي اهڙن خطرن سان منهن ڏيڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ وقت جي چئلينجز سان مهاڏو اٽڪائي سگهجي!

memonhisam@yahoo.co.uk


No comments:

Post a Comment