Wednesday, February 29, 2012

Mercenary and International Mercenary Armies

حسام ميمڻ

1 مارچ 2012

ڪرائي جا قاتل ۽ ڪرائي جون قاتل بين الااقوامي فوجون

لفظ ڪرائي جو قاتل ڪنهن نه ٻڌو آهي، اسان وٽ اهو لفظ غنڊاگرديءَ، شوداگريءَ يا ڀوتارڪي، سمگلرس يا هيٺين دنيا (Under world) جي حوالي سان ڄاتو ۽ سڄاتو ويندو آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته پئسا ڏئي ڪنهن کي ان ڪري مارائجي جيئن پنهنجو برو ڪم جاري رکيو وڃي ۽ راهه ۾ اٽڪيل روڙي کي ڌڪي ڌاري ڪجي، جيئن ڪو ڪڇي ئي نه سگهي، ۽ شوداگريءَ جي دنيا شاد ۽ آباد رهي ۽ داٻي ۽ دڙڪي جي دنيا جو شان ۽ دٻدٻو برقرار رهي. اسان واري سماج ۾ اهو فيڪٽر وڏي پئماني تي موجود آهي، پر ميڊيا جي ترقيءَ جي باوجود، ان حوالي سان، اسان وٽ ڪو جامع ڪتاب يا ڪا رپورٽ نه آئي آهي. ڪرائي جي قاتل کي انگريزيءَ ۾ Mercenary چيو ويندو آهي. اهو لفظ 14 صديءَ جي پڇاڙڪي سالن کان استعمال ۾ آهي، جيڪو لاطيني لفظ Mercenarious مان ورتل آهي، جنهن جو مطلب آهي، “جيڪو پئسن/پگهار لاءِ ڪجهه به ڪري”

سياست جي دنيا ۾ انتقام به ٿيندا آهن، مخالفتون به ٿينديون آهن، فلمن ۾ اڪثر اهڙا ڪرائي جا قاتل نظر ايندا آهن، جيڪي ڪجهه ڏوڪڙن جي ڪري ڪنهن ٻئي جي سياسي مفادن جي ڪري نيڪ صفت انسانن کي ماريندا آهن ته جيئن پنهنجي اگري ڪم کي سولائيءَ سان اڳتي وڌائي سگهجي. هر سماج ۾ اهو فيڪٽر موجود آهي، ۽ ڏاڍو طاقتور ۽ پٺ وارو آهي، ان تي لکڻ، ان کي واضح ڪرڻ شايد صحافين لاءِ انڪري به ڏکيو آهي جو انهن جي جان خطري ۾ پئجي ويندي. اوهان اندازو لڳايو ته ڪيترا ماڻهو ٻاهرين دنيا ۾ هليا ويندا آهن، اهي ڌارين ملڪن ۾ political asylum يعني سياسي پناهه وٺندا آهن، ان حوالي سان به ڪا خاص رپورٽ يا ڪتاب اچي نه سگهيو آهي ته انهن ٻين ملڪن ۾ ڪهڙن سببن جي ڪري پناهه ورتي يا اهي ڪهڙيون حالتون هيون جو انهن کي ائين ڪرڻو پيو. ڪرائي جا قاتل ڪنهن به اثر رسوخ واري ماڻهوءَ وٽ ٿي سگهن ٿا، پئسي تي قتل ڪرائڻ ڪا نئين شيءِ ناهي، جيڪڏهن تاريخ کي ٿورڙو ڦلهوڙيو وڃي ته اهڙا ڪيترائي ڪردار سامهون ايندا. حسد، تعصب، ذاتي مفاد، سياسي مفاد ۽ ٻين ڪيترن ئي سببن جي ڪري، ماڻهن کي مارايو ويو، اتهاس اهڙن قتلن سان ڀريو پيو آهي.

ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو هڪ ڪتاب لکيو هيو “شڪارپور جي صحافتي تاريخ” مان پڙهڻ کان اڳ اهو سوچيو هيو ته شايد الله بخش سومرو جي شهادت جي حوالي سان ڪي ثبوت هجن، يا ڪو سراغ ملي سگهي، متان ڪنهن صحافيءَ دل کولي ان ڪيس کي قلمبند ڪيو هجي، ۽ اخبارن جي زينت بڻيو هجي، پر ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مونکي ڪانگريس جا ورهاڱي کان اڳ جا ڪيترائي حوالا مليا، خلافت تحريڪ تي به ڪجهه مواد مليو، پرشهيد الله بخش سومرو جي حوالي سان مونکي ڪا اهڙي شيءِ نظر نه آئي، نه ئي وري پيپلز پارٽيءَ جي سرگرم رهنما مولوي سعدالله ميمڻ جي قتل جي حوالي سان، ڪا اهڙي شيءِ نظر نه آئي، جو چئجي ته فلاڻي قتل ڪيو يا فلاڻي. اتر سنڌ جا ايترا ڪيترا ماڻهو ماريا ويا، يا سنڌ صوبي ۾ ڪنهن، ڪنهن کي ڪيئن ۽ ڇو مارايو، ڪجهه چئي نٿو سگهجي..... بس، قتل ٿيندا ويا، تاريخ ۾ رقم ٿيندا ويا ۽ راز لڪندا رهيا آهن. اهڙي طرح ڪرائي جي قاتلن جو چلتو هلندو رهيوآهي.

پنهنجي سماج ۾ ته بي پناهه پاپ پلندا رهن ٿا، اخبارون روز ظلم جي داستانن سان ڀريون پيون آهن، ڪيتريون ئي مائون پنهنجي نوجوان ڌيئرن لاءِ روئنديون رهن ٿيون، پنهنجي جوڌن پٽن لاءِ والدين جون اکيون اشڪبار رهن ٿيون، خبرون اچن ٿيون ۽ خبرون وڃن ٿيون. قتل ته اسان جي سماج ۾ هڪ عام ريت بڻجي ويو آهي، پوءِ اهي سياسي قتل هجن، لساني قتل هجن، مذهبي قتل هجن، قبائلي قتل هجن، ڪاروڪاري هجي، پاڻيءَ جي واري تي قتل هجن يا ڪنهن ٻارڙي کي قتل ڪري، سسي ڌاري ڪري ۽ گند جي پيتيءَ ۾ پراڻي دشمنيءَ جي آڙ ۾ اڇلايو وڃي يا ڪنهن معصوم سان ريپ ڪري وري ان کي قتل ڪيو ويو هجي. اهي ته قصا ٿيا جاهليت جا، هڪ بند سماج جا، پر دنيا جي ترقي يافتا ملڪن ۾ ڪيتريون ئي فوجون به آهن جيڪي ڪرائي جون قاتل آهن ۽ اهي پروفيشنل ٽرينگس وٺي ڪري، ماڻهن کي مارن ٿيون ۽ پئسا ڪمائين ٿيون. انهن جو دين ڌرم ايترو آهي ته انهن کي پئسا گهرجن ۽ پئسن جي عيوض اهي “اخلاقيات” کان هٽيل ڪم ڪري وٺن ٿيون، انهن جو ڪنهن به مذهب، اخلاقيات يا فلسفي يا نظرئي سان واسطو ناهي، انهن کي ته بس پنهنجا پروفيشنل فرض پورا ڪرڻا آهن ڇو ته جنهن ڪم جا پئسا ورتا ويا آهن ته اهو ڪم ته پورو ڪرڻو آهي نه ته انهن جي پروفيشنل ازم کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو ۽ مارڪيٽ ۾ انهن جي عزت نه رهندي ۽ جي اهي رحم کائين ته پوءِ ڌنڌو ڪيئن هلي سگهندو.

پروفيشنل ڪرائي جي قاتل فوجن جو ذڪر ته ٿورو گهڻو ڪبو پر اها ڳالهه ڪرڻ به ضروري آهي ته اسان وٽ سنڌ جي تاريخ تي جيڪي ڪتاب آيا آهن، انهن جي چير ڦاڙ تي ڪو خاص ڪم نه ٿيو آهي، يعني اسان وٽ تاريخ جي حوالي سان تنقيد بنهه ڪونهي،مون تازوشيخ عزيز جو ڪتاب پڙهيو پئي، ڪتاب جو نالو آهي Notes on Sindh هن صاحب به پنهنجي مهاڳ ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي ته سنڌ جي تاريخ re-write ڪئي وڃي يعني ٻيهر لکي وڃي. پر ڪتاب ۾ اندر تاريخ جي حوالي سان ڪا اهڙي ڳالهه ناهي، جيڪا چئجي ته هيءَ نئين شيءِ آهي، ها ڌار ڌار مضمون آهن جيڪي هِتي هُتي ڇپيا ۽ انهن کي compile ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو آهي. جيئن ته اسان وٽ انگريزيءَ ۾ ڪتاب گهٽ آهن انڪري هن ڪتاب جي اسان وٽ بهرحال اهميت آهي ۽ شيخ عزيز صاحب هڪ ڏاهو ۽ سنڌ جي تاريخ تي گهري نظر رکندڙ ۽ برجستوصحافي آهي؛ پر منهنجي دل چوندي آهي ته اهڙي تنقيد اچي، جهڙي ڪوشش امر جليل پنهنجي تازي چپيل ڪتاب “سنڌنامون _ تاريخ جا نوان پراڻا ورق، اولڙا ۽ عڪس” ۾ ڪئي آهي، اهڙي ڪوشش شايد اسان وٽ پهريان به ڪنهن ڪئي هجي، پر منهنجي نظر مان نه گذري آهي، ڪتاب جا پويان يارنهن باب، جيڪي سنڌ نامي جي عنوان سان آهن، مان چاهيان ٿو ته هر سنڌي ماڻهو پڙهي ته جيئن انهن کي خبر پوي ته اسان جي تاريخ ڇا آهي ۽ ڪهڙا ڪهڙا دلچسپ ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، اسان واري حڪمرانن. امر جليل لکي ٿو:

“سنڌ نامي لاءِ پڪو پهه ڪيو هيم ته ڪالم ۾ سنڌ جي قديم ۽ جديد تاريخ جو نئين سر جائزو وٺندس. پنهنجي تاريخ جو ڇيد ڪندس. تاريخ جي هر دور ۾ ڌارين هٿان چيڀاٽجي وڃڻ واري عمل جي توهان سان ملي، گڏجي سڏجي ڇنڊڇاڻ ڪندس. اسين جيستائين، بيدرديءَ ۽ بيرحميءَ سان پنهنجي مسلسل زوال جي سببن جي جراحي، يعني آپريشن نه ڪنداسين، تيستائين آئينده لاءِ پنهنجي راهه متين ڪري نه سگهنداسين. ڀٽڪندا رهنداسين، اوندهه انڌوڪار ۾ ڌڪا کائينداسين. پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ اوپرا ٿي پونداسين. دز هٽائي جيڪڏهن آئيني ۾ پنهنجو منهن ڏٺوسين ته پاڻ کي سڃاڻي نه سگهنداسين!”

سوچيندو آهيان، جي انگريز برصغير جي تاريخ تي ڪم نه ڪن ها، ته اسان وٽ گهڻي ڀاڱي اونده هجي ها، پر ڪجهه ماڻهو قابلِ تعريف آهن، جن ڏينهن رات هڪ ڪري سنڌ جي تاريخ مرتب ڪئي، انهن کي سلام آهي، جنهن دور ۾ انٽرنيٽ نه هئي، ڪمپوٽر نه هيو، پر انهن سنڌ جي تاريخ تي شاندار ڪم ڪيو، جيئن محترم مولائي شيدائي، ڪاڪو ڀيرو مل، مرزا قليچ بيگ ۽ ڪجهه ٻيا ۽ ايم ايڇ پنهور صاحب جو نالو نه کڻڻ گناه برابر آهي. بهرحال، تاريخ وڏو دلچسپ ۽ اهم مضمون آهي، جنهن کي سائنسي بنيادن تي لکڻ انتهائي ضروري آهي. مان الائي ڪٿي پڄي ويس، پر ڪرائي جي قاتلن جي تاريخ خبر ناهي ڪير لکندو پر اها تاريخ انتهائي اهم هوندي، ڇو ته سبق آموز هوندي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ چيو ويندو آهي ته سياستدان تاريخ مان سکن ته سڀ ٺيڪ ٿي وڃي ها، پر ضروري ناهي ته اهي ڳالهيون رڳو سياستدان پڙهن، عوام کي به اهڙيون شيون پڙهڻ گهرجن. اسان ڳالهه پئي ڪئي ڪرائي جي قاتل فوجن جي ته ترقي يافتا ملڪن ۾ اهڙيون فوجون ڪمپنين وانگر تيار ٿين ٿيون ۽ اهي پنهجو پروفيشنل ڪم جاري رکن ٿيون. ايستائين جو جديد دنيا جا ملڪ پنهجون فوجون گهٽ استعمال ڪن ٿا ۽ ڪرائي جي فوجن کي پنهجا مفاد ماڻڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، آمريڪا تازو ئي عراق ۾ 50000 هزار پرائيوٽ فوجي موڪليا آهن، جيڪي آمريڪي مفادن لاءِ ڪم ڪرن پيا.اهڙيون ڪيتريون ئي ڪرائي جون قاتل فوجون آهن، جيڪي دنيا ۾ ڪم ڪرن پيون.

G4S هڪ اهڙي ئي پروفيشنل فوج آهي, جنهن جو ڇهه لک پنجويهه هزار اسٽاف آهي ۽ سڪيورٽيءَ جي حوالي سان اها هڪ وڏي بلا آهي، جيڪا روٽين ۾ بئنڪ، قيدخانن ۽ ايئر پورٽ جي حفاظت لاءِ ڪم ڪندي آهي پر Crisis Zones ۾ به اها پنهنجو چڱو خاصو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ايستائين جو G4Sبرطانيا واري Armogroup کي به ڳڙڪائي وئي، جنهن جي 9000 جوان گارڊز واري فوج عراق جي ٽين حصي واري غير فوجي ڪافلن جي حفاظت پئي ڪئي. G4S پنهنجي عياشيءَ وارين پارٽيز جي ڪري به مشهور آهي ۽ ان حوالي سان به ته ڪيترائي افغان لارڊس ان جي پي رولي تي آهن.۽ ان گڏيل سڪيورٽي گروپ جي موجودگي دنيا جي 125 ملڪن ۾ آهي، جن ۾ آفريڪا ۽ آمريڪا جا ڪجهه خطرناڪ علائقا به شامل آهن، جتي اها پنهنجون ڪيتريون ئي خدمتون آڇي رهي آهي، جن ۾ حڪومت ۽ پرائيوٽ ڪمپنين کي ڳرن هٿيارن سان حفاظت به مهيا ڪئي ٿي وڃي، لينڊ مائينز جي ڪليئرنس به ڏني ٿي وڃي، ملٽري انٽليجنس ۽ اهڙي قسم جون ٽرينگز به ڏنيو وڃن ٿيون.

اهڙي طرح وچ اوڀر، آفريڪا، آمريڪا ۽ ايشيا ۾ Unity Resource Group به ڪم ڪري رهيو آهي، دنيا ۾ ان جو 1200 کن اسٽاف آهي، ۽ اهو گروپ بنيادي طور آسٽريلا جو آهي، پر ان جي مينيجمنيٽ ۾ آسٽريليا، گڏيل آمريڪا ۽ برطانيا جي تجربي وارا ماڻهو شامل آهن. هي فوجي فرم گهڻو ڪري بغداد ۾ آسٽريليا جي ايمبيسيءَ جو محافظ آهي، جنهن 2010 ۾ چليءَ جي سولجرز کي مشين گن ۽ ٻين ڪمن لاءِ ٽرينگ ڏني. يونٽي ريسورس گروپ جي ماڻهن کي عراق ۾ ٿيل موٽرڪارن مٿان ٿيل ٻن متضاد واقعن لاءِ به ذميوار ڄاڻيو وڃي ٿو، جنهن ۾ آسٽرليا جو هڪ پروفيسر به ماريو ويو ۽ ٻيو واقعوجنهن ۾ ٻه عورتون به قتل ڪيون ويون. انکان علاوه هن فرم لبنان ۾ ٿيندڙ پارلياماني اليڪشن ۾به خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ان حوالي سان به مدد ڪئي ته بحرين مان تيل جي پرائويٽ ڪمپنين کي Crisis Zones مان ڪڍرايو. پرائيوٽ فوج جو هي فرم آفريڪا، آمريڪا، وچ ايشيا ۽ يورپ ۾ ڪم ڪري ٿو.

Erinys به هڪ اهڙي ئي فوج آهي، جنهن جو آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينت سان معاهدو ٿيل آهي ۽ هن جا 16000 گارڊز عراق ۾ 282 اهڙن هنڌن تي ڦهليل آهن، جتي تيل جي پائيپ لائين موجود آهي. هن فوجي ڪمپنيءَ جو آفريڪا ۾ به ڪم هلي ٿو ۽ ڪونگو لاءِ نئون معاهدو ڪيو ويو آهي

ايشيا سڪيورٽي گروپ به هڪ مضبوط افغان فورس آهي، جنهن جو تعلق حامد ڪرزئي سان آهي. پهريان هي فورس هشمت ڪرزئي جو هيو، جيڪو حامد ڪرزئي جو وڏو سوٽ آهي، هن جو اسٽاف 600 کن آهي، هن جو پرائيوٽ هيڊڪوارٽر ڪابل ۾ آهي، جنهن کي معاهدي طور آمريڪا پاران لکين ڊالر ڏنا ويا آهن. اهڙيون ڪيتريون ئي پرائيوٽ فوجون آهن جيڪي پئسن عيوض ڪم ڪرن ٿيون ۽ پنهنجي پروفيشنل ڪم جي ڪري، ڪيترن ئي ماڻهن کي مارن به ٿيون. اهڙين فوجن جا ڪجهه نالا هي آهن:

Dyncorp

Triple Canopy

Aegis Defense Services

Defion International

Academi جنهن جو اڳوڻو نالو Black Water آهي

هي داٻا، دڙڪا، دهمان، جديد ٽيڪنالوجيءَ جو استعمال ۽ اهڙيون ئي ٻيون ڪاروايون، سواءِ ملڪن جي ڦرلٽ جي ٻيو ڪجهه ناهي، دنيا ڪيڏانهن پئي ڪاهي، آخر هي سڀ ماڻهو ڇو پيا آدم بو آدم بو ڪن، ان جا ٻٽي سبب ئي آهن ، هڪ ته دنيا تي ڪنٽرول ڪرڻ جو خواب، جيئن آمريڪا ڪري ويٺي آهي، پهريان روس به ائين سوچيو هيو، پر جٽاءُ ڪري نه سگهيو، برطانيا، آسٽريليا ۽ دنيا جا ٻيا ڪيترائي ملڪ اهڙن ڌنڌن ۾ شامل آهن، ٻيو سبب خوف آهي، ته متان اسان کي ڪجهه ٿي پوي، ٽيون سبب آهي حرص ۽ لوڀ، انهن شين کان علاوه ٻيا به ڪيترائي سبب هوندا، پر پاڻ کي ائين پيو لڳي ته ڄڻ اسين پوري دنيا ۾ قاتلن جي وچ ۾ هجون، اهڙيون شيون سڌيءَ طرح اثرانداز نه پيون ٿين، پر انهن جا اثر آخرڪار غريب ملڪن تي ئي ٿيڻا آهن ۽ اسين سڀ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڀوڳي رهيا آهيون، هڪ پاسي کان سنڌ ۾ قبائليت ۽ لاقانونيت آهي، ٻئي پاسي ڏانهن ڪراچيءَ ۾ دهشتگردي، ٽيئن پاسي کان ملڪ ۾ خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن ۽ چوٿين پاسي کان ماڻهن جا ماڻهن سان ذاتي اختلاف، چار ئي پاسن کان اسين سڀ ڄڻ ڦاٿل آهيون. ان حالت ۾ عوام هر دفعي فيصلو ڪندو آهي ۽ اميدوارن کي چونڊيو ويندو ته متان هن دفعي اوچي مسند تي ويهي ڪو سندن ڀلو ڪري، پر اها ڳالهه هر دفعي ائين لڳنديآهي، جيئن چئبو آهي ته ڄڃ پرائي، احمق نچي. ايندڙ دور اڃا گهڻو للڪاريندڙ آهي، اهو وقت تي ڇڏجي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ عوام ڪنهن کي چونڊيندو ۽ ڇا اسان وٽ Good Governance وارو راڄ ايندو يا وري به اسين ووٽ ڏينداسين ۽ وري به اسان کي ائين لڳندو ته ڄڃ پرائي هئي ۽ اسين اجايو نچيا هياسين!

memonhisam@yahoo.co.uk

______________________________

This article was published in Daily Ibrat Hyderbad on 3rd March 2012 and following is the link:

http://www.dailyibrat.com/Article_Columns/saturday2.html

No comments:

Post a Comment