Sunday, February 26, 2012

My Sindh and Slapping of Waheeda Shah

حسام ميمڻ

26 فيبروري 2012

منهنجي سنڌ ۽ وحيده شاهه جي چماٽ........!

مونکي ياد آهي ته اهو 2011 جي شايد نومبر جو مهينو هيو، مان لطيف سائينءَ کان حاضري ڀريندو نوشهرو فيروز جي تنيا ۽ درٻيلو(هتي مان ظفر علي شاهه جن جي حويلي ٻاهران ويندي ڏٺي، جنهن جو ڏيک ڪنهن قلعي جهڙو هيو، بلڪل ڪچي ديوار، هن قلعي مونکي حيدرآباد جو ڪچو قلعو ۽ شڪارپور جو قافله سراءَ ياد ڏياري ڇڏيو) کان ٿيندو خانواهڻ پهتو هوس، خانواهڻ جيڪوسنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار نجم عباسيءَ جو ڳوٺ آهي، خانواهڻ جي شاعر غلام نبي ناشاد مونکي خانواهڻ جو ابياڻي قبرستان به گهمايو، جتي نجم عباسيءَ جي ڳاڙهي رنگ سان قبر آهي، جنهن تي نجم عباسيءَ جي وصيعيت ٿيل آهي ته جڏهن سنڌ آزاد ٿئي ته هن جي قبر تي به ڏيئو ٻاريو وڃي، چيو وڃي ٿو ته ڀٽائيءَ هتان به گذريو هيو، قبرستان ۾ نانگ گهڻا آهن، جن کي فقير سنگڙيون چون ٿا ۽ ياد رهي ته ابياڻي قبرستان هڪ عورت جي نالي پٺيان سڏجي ٿو.

خانواهڻ کان پوءِ مان ديهات ويو هوس، ديهات هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، ائين کڻي سمجهجي ته نوشهرو فيروز جي آخري حد، جتان ضلعو خيرپور جي حد به شروع ٿئي ٿي. ديهات ڳوٺ جي خوبي مونکي اها لڳي ته اهو تاريخي شهر آهي، ڪجهه پراڻيون بلڊنگس نظر آيون، لڳي ٿو ورهاڱي کان اڳ هتي به هندن جو عوج هيو. ديهات کان هڪ شاخ وهي ٿي، جنهنکي “نو لکي” شاخ چيو وڃي ٿو، شاخ جي هڪ ڀر تاريخي مدرسو آهي ۽ ٻي ڀر تي هڪ قبرستان آهي، جيڪو پڻ تاريخي قبرستان لڳو، ان قبرستان ۾ استاد منظور علي خان جو شاگرد استاد گلزار علي خان دفنايل آهي، ديهات ۾ مونکي تڪڙ تڪڙ ۾ 3 شيون نظر آيون، مذهب (مدرسو)، موسيقي(استاد گلزار علي خان ۽ قدرتي نظارا(نو لکي شاخ، پکي، ٻڪريون، مينهون وغيره)، ديهات جي قبرستان جهڙا قبرستان مونکي لڳو ته سنڌ ۾ گهٽ آهن، مان قبرستان ۾ جڏهن گهڙيس ته مونکي قبرستان جي زمين تي انگر ونگڙ کبڙ ۽ ديويون نظر نه آيون، جيڪي اتر سنڌ جي اڪثر قبرستانن ۾ هوندا آهن، پر ائين لڳو ته ڪارپيٽ وڇايل هجي ۽ ان تي ننڍڙا اڇڙا گل اڪريل هجن، اڇي رنگ جا اهڙا ننڍڙا گل، جن کي مان پنهنجي انداز ۾ “ڦلڙيون” پئي چيو، مونکي ڪڏهن ڪنهن قبرستان ۾ نظر نه آيا آهن.

ديهات کان ٿيندي مان ڄامشورو آيو هوس، رات اتي ترسي پوءِ ٽنڊي محمد خان کان گذري، بدين ويو هوس، ٽنڊو محمد خان به سنڌ جي، انهن سڀني ڳوٺن ۽ علائقن جهڙو ئي لڳو، جيڪا سنڌ ورهاڱي کان پوءِ اسانجو ورثو آهي. سنڌ جا ٻه ٽي شهر ڇڏي، (ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو) باقي لڳندو اٿم، ڄڻ سموري سنڌ هڪ ئي هجي، مونکي اها سنڌ پرينءَ جي پاڇي جهڙي گهٽ لڳندي آهي، ڪنهن شاعر اگر ائين چيو ته ان ۾ منهنجو ڏوهه ناهي. هونئن ته لاشن جو لابارو، زيادتي، ڦر، سينازوري، قبضاخوري، ڪرپشن، چوري، ڏاڍائي، فراڊ، سنڌ جي انهن شهرن ۾ به ٿئي ٿو، جيڪي چار شهر مان مٿي لکيا آهن، پر سموري سنڌ ۽ انهن چار شهرن ۾ ٿورو گهڻو جيڪو فرق آهي، اهو شهري آباديءَ جو فرق آهي، تنهنڪري، زيادتين ۽ ڏاڍين ۾ به اهو ئي بنيادي فرق آهي، جيڪو ٻاهراڙي يا شهري سماجن جي وچ ۾ هوندو آهي. ٽن حصن ۾ ورهايل سنڌ ( سرو، وچولو ۽ لاڙ) سڙي رهي آهي، هڪ پاسي کان شهري ظلمن جي انتها آهي ۽ ٻئي طرف ڳوٺاڻي نظام واري وڏيرڪي لاڙي، سنڌ جي ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ ڪيو آهي. تازو واقعو جيڪو ڪالهه ٽنڊو محمد خان ۾ ٿيو آهي، جن به ماڻهن اهو اردو چئنل تي ڏٺو آهي، اهي حيران، مايوس ۽ ڪاوڙيل آهن، انهن کي ان ڳالهه تي اچرج آهي ته پيپلزپارٽيءَ جا ماڻهو سنڌ ۾ ڇا ڪرن پيا ۽ انهن جو عام ماڻهو ته ڇڏيو پر اليڪشن اسٽاف سان ڪهڙو رويو آهي، اهو ڪالهه سڀني ڏٺو. ٽنڊو محمد خان جي پي ايس 53 جي تڪ تي ٿيندڙ by polls ۾ وحيدهه شاهه، جيڪا ان ساڳي تڪ تي صبوبائي سيٽ لاءِ اميدوار هئي، ان اليڪشن اسٽاف کي ڪيئن منهن ۾ چماٽون هيون، اهو سموري سنڌ ڏٺو آهي، سموري سنڌ ان رويي تي ڏکائتي آهي، سموري سنڌ ۾ هر روز اهڙا هزارين واقعا ٿين ٿا، پر اهي ميڊيا تي نٿا اچن ۽ زيادتيون ڪندڙ بچي وڃن ٿا، پر ڪالهه وحيدهه شاهه ميڊيا ۾ ڪيپچر ٿيڻ کان بچي نه سگهي، پي پي جي اميدوار کي اسٽاف تي اجايو شڪ ٿيو ته هو ڌانڌلي ڪري رهيا آهن ۽ مون اکين سان ڏٺو ته پوليس جي ورديءَ ۾ شايد انسپيڪٽر هيو، اهو به هن وحيدهه شاهه سان گڏ بيٺو هيو، پر محترمه ايترو ڪاوڙ ۾ هئي، جو نوجوان عورت، جيڪا ڊيوٽي ڪري رهي هئي، ان کي چماٽن جو وسڪارو ڪيو، مونکي ته ان وقت حيرانگي ٿي،جڏهن مون محترمه اميدوار کي هڪ عورت جي منهن ۾ رانڀوٽا پائيندي ڏٺو. ٿوري ڪاوڙ ۾ جيڪڏهن، اميدوار ائين ڪن ته پوءِ اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي ته هو ڪاوڙ ۾ ڇا ڪندا هوندا؛ اهو ڪم به ڪنهن عام ماڻهوءِ سان نه پر اليڪشن جي عملي سان، نوجوان نينگر کي سڀني جي سامهون چماٽون هڻڻ ڪهڙي قسم جي اخلاقيات آهي، ڇا اها وڏيرڪي ناهي، ڇا اهو ظلم ناهي، ته اوهان ڪڏهن به ڪنهنجي به ڪٿي به لپري لاهيو، فقط انڪري ته اوهان کي ٿورڙو شڪ ٿئي، ۽ سمورو قانون اوهان پنهنجي هٿن ۾ کڻو، پاڻ وڪيل ٿي، وڃو پاڻ ئي جج ۽ پاڻ ئي پوليس ته اها Anarchy ناهي ته ٻيو ڇا آهي. اها چماٽ، رڳو هڪ چماٽ نه پر پورو ڪلچر آهي، وڏيرڪي نفسيات جو، جنهن تحت سنڌ جا ماڻهو دٻيل آهن.ايامن کان سنڌ سان ظلم ٿئي پيو، ڇا اهو ماڻهن وساري ڇڏيو ته مهن جي دڙي تي آرين ڪاهه ڪئي هئي، ۽ پر امن شهرين کي ماران ڏئي، موچڙا هڻي، ماريو به هيائون ۽ غلام به بڻايون هيائون ته کين “اڻ آريا” جو لقب به ڏنو هيائون. هن وقت موهن جو دڙو، هڪ عاليشان قسم جي شهر جو کنڊر آهي، سواءِ پراڻي اتهاس جي ڪجهه نه بچيو آهي، پر تاريخ اهو فيصل ضرورو ڏنو آهي، ته اصلي ماڻهن سان ظلم ڪيو ويو هيو، تاريخ ڪنهن کي نٿي بخشي.

هن وقت سنڌ جي سياسي ۽ سماجي صورتحال کان سنڌ جا ماڻهو چڱيءَ ريت واقف آهن، انهن ماڻهن کي موجوده حڪومت پاران ڇا مليو آهي، اهو ڪنهن کان ڳجهو آهي ڇا. سڀني کي ياد هوندو ته ملڪ جو صدر محترم آصف علي زرداري جڏهن بيمار ٿيو، دبئي هليو ويو ته پنجابي لابي يا اهي سڀ ماڻهو جيڪي سندس ۽ سندس حڪومت جي خلاف آهن انهن اهو ڍنڍور پئي ڏنو ته صدر ڀڄي ويو ۽ هاڻي هو پاڪستان نه ايندو، پرصدر صاحب نه فقط ملڪ آيو پر حامد مير کي انٽرويو به ڏنائين، ان حوالي سان نجم سيٺيءَ جهڙا دانشور ته ضرور شرمندا ٿيا هوندا، جيڪي هوڪرا ڏين پيا، الٽيون ڪن پيا ته هو ملڪ مان ڀڄي ويو، پر حامد مير سان جيڪي ڳالهيون صدر صاحب ڪيون اهي وسرڻ جون ڪينهن، حامد مير صدر صاحب کان پڇيو هيو ته رولنگ پارٽيءَ جا ڪهڙا Achievements آهن چار سالن ۾ ته صدر اهو چيو هيو ته بي نظير انڪم سپورت ڏنو ويو آهي، اهو ڪم ڪري پيو، مهيني ۾ هڪ ٻه هزار غريب ماڻهن کي ملي پيو، اها ڳالهه ٻڌي حامد ته حيران ٿيو هوندو پر مان به ٿيو هوس، ته ڇا ملڪ جو صدر فقط BISP تي ڳالهائي ٿو ۽ بس................. ۽ مٿان ئي صدر صاحب اهو به حامد کي چيو هيو ته اوهان صحافي آهيو ۽ اوهان پنهنجي اکين سان ٿا ڏسو، اسان جي اکين سان ڏسو ته ڪم ٿيو آهي يا نه......!!؟

مجموعي طور تي ڏٺو وڃي ته پي پي جو اهو ئي Stand آهي ته اسان جي اکين سان ڏٺو وڃي ته هر شيءِ ٺيڪ آهي، باقي سڀ ڪوڙ، اهو رويو جيستائين تبديل نه ٿيندو، تيستائين ڪجهه ڪين ورندو، هاڻي ته سڀن کي پتو آهي اليڪشن آڪٽوبر ۾ ڪرايا ويندا، ٻيو ٽرم ڪنهن کي ملندو، اهو ته وقت ٻڌائيندو پر، ماڻهو اهو ڪم ڪري، جيڪو آئيندي ڪم اچي، ۽ اسين ماڻهو ويسرا آهيون، اسان تاريخ پڙهندا آهيون، قصا ٻڌندا آهيون، هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيندا آهيون، اسان ماڻهن کي تيستائين پتو نه پوندو آهي جيستائين پاڻي مٿي کان نه گذري.

اسان مڃيوسين ته وحيدهه شاهه پنهنجي ڪئي ته پڇتايو هوندو، هن معذرت ڪندي چيو آهي ته هن اهو سڀ ڪاوڙ ۾ ڪيو آهي، پر اهڙا واقعا ڏسي مونکي الائي ڇو ارباب رحيم ياد اچي ويو، جنهن کي شڪارپور ڄائي جاويد منهن ۾ پادر وهائي ڪڍيو هيو، الائي ڇو مونکي ڪرنل ڪذافي ياد اچي ٿو، جنهن 40 سال حڪومت ڪئي ۽ هن جو انت اهو ٿيو جو هن جي لاش جي اها تصوير مونکان نٿي وسري، جو هن جو لاش گٽر لائين جي ڀرسان پيل هيو، هن جي عورت باڊي گارڊس جو حال ڇا ٿيو، اهو به دنيا ڏٺو.

لکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، پُرامن سنڌ جو سڀني اعليٰ، بالا ماڻهن، اميدوارن، ڪامورن ۽ واڳ ڌڻين کي عرض آهي ته اهو ڪجهه ڪيو، جيڪو آئيندهه وقت سر ڪم اچي سگهي، نه ته تاريخ اڄ يا سڀاڻي شيون وائکيون ڪندي پوءِ پاڻي ڌار ڇوها ڌار!

memonhisam@yahoo.co.uk

No comments:

Post a Comment