Monday, February 20, 2012

Critical Appreciation of Saeed Soomro's Ghazal


حسام ميمڻ

21 فيبروري 2012

سعيد سومرو جي غزل کي سمجهڻ جي ڪوشش

سعيد سائين مونکي ڪو گهڻو علم ناهي، پر سٺي شيءِ وڻندي آهي ۽ اگري شيءِ عجيب لڳندي آهي، اوهان جيڪو غزل اڄ فيس بوڪ جي مون واري ڀت تي ٽنگيو آهي، ان جي ڊزائين وڻي، جي اوهان ڊزائين ڪري، پنهنجي شاعري دوستن سان ونڊڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ان ئي ڊزائين کي مستقل بڻايو، اها فيس بوڪي شاعرن لاءِ هڪ نئين روايت ثابت ٿيندي، پر دل جي ڳالهه اها آهي ته مونکي سنڌي ٽيڪسٽ/متن وڌيڪ وڻندو آهي، جي سادي طرح شاعري هجي ته اها وڌيڪ خوبصورت لڳندي آهي.

خير، اها منهنجي راءِ آهي، شاعري، اڄڪلهه ايتري ٿئي ٿي، جو اهو چئي سگهجي ٿو ته کنبيون به موسم آڌار ڦٽن ٿيون، مونکي ته ائين ٿو لڳي ته اسان وٽ فقط شاعري ئي ٿي رهي آهي، ان گهڻي شاعريءَ جي ڪري قافيا، رنگ، استعارا، لفظ، تشبيحون به جهڙوڪ هڪجهڙا لڳڻ لڳا اٿم.

ٻي ڳالهه اها به عجب جهڙي آهي ته معروضي حالتون ڪهڙيون آهن ۽ اسانجي شاعري ڪيڏانهن پئي وڃي، جڏهن شيون سماج جي معروضي حالتن کان ڪٽيل نظر اچن يا رومانس جي اچرپچر ۾ ورتل، يا هر هر ورجاءُ پڙهڻ لاءِ ملي ته پوءِ سمجهڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي؛ مان هيءَ ڳالهه عام طور جيڪا ٿئي پئي، ان لاءِ ڪيان ٿو.

اوهان جي غزل جي عروض تي مان ڪون ڳالهائيندس، پر منهنجي دل چوي ٿي ته ڄاڻو دوست ان تي ڳالهائين ته جيئن اسان وڌيڪ سکي سگهون، پر فڪر ۽ پيشڪش جي حوالي سان، مان اوهان جي هر بند تي ڳالهائڻ چاهيان ٿو، جيئن ته مان اڳ ئي چئي آيو آهيان ته علم ايترو وسيع ناهي، ۽ سکڻ جي هر وقت گنجائش رکندو آهيان، انڪري، جي ڪا ڪوتاهي هجي ته دل کولي ٻڌائجو، ان ۾ ڪنجوسي سٺي شيءِ ناهي.

1. وقت ويو، پير جن جا ڪپي، ناچڻي!

تن کي تحفي ۾ پايل نه ڏي، ناچڻي!

وضاحت: غزل جي پهرين مصرح ، جنهنکي مطلع چيو ويندو آهي، تمام سٺو آهي، معنيٰ ۽ اندازِ بيان جي حوالي سان به وڻندڙ آهي، وقت کي personify ڪيو ويو آهي، ائين ٿو لڳي وقت زنده آهي، ساهه کڻي ٿو، جهڙوڪ ماڻهو هجي، مان سمجهان ٿو، اها personification آهي ۽ ڳالهه ان انداز ۾ ڪئي وئي آهي، جهڙوڪ عالمگير سچ يعني universal truth هجي! جنهن جا پير وقت ڪپي وڃي، ناچڻي ان کي پايل نه ڏي، ٿي سگهي ٿو مان غلط هجان، پر هن مصرع ۾ ڪا مام آهي، ڪو راز آهي، شاعر ڇا ٿو سوچي ۽ ٻڌندڙن جي ذهن ۾ ڪهڙو خيال يا خاڪو ٿو جڙي، ان لاءِ ڪو معيار سماج ۾ ناهي، ڪو واضح paradigm ناهي، پر ان جي باوجود، اهو بهتر انداز ۾ شاعر ٻڌائي سگهي ٿو. مان سمجهان ٿو، اتي ڪو واضح Allusion يا حوالو ناهي، پر هڪ عام ڳالهه آهي، هڪ جنرل ڳالهه آهي. ٻي ڳالهه اها ته شاعر، ناچڻيءَ سان مخاطب آهي، ناچڻي ڪير آهي؟ ڇا ناچڻي، موهن جي دڙي جي کنڊرن (Remains) مان لڌل Dancing Girl آهي، جن جي آريا يا اڻ آريا پوڄا ڪندا هيا، يا اهو ڪو ان وقت جي روايتن جو عڪس آهي، يا هي نرت يا ناچ ڪنهن نظرئي ڏانهن اشارو ٿو ڪري، يا ڪو ازلي سچ آهي، ڪٿي هي ناچ ڪندڙ/نرتڪي ڪو عالمگير سچ ته ناهي. منهنجي ذهن ۾ هر هر اهو خيال ٿو اچي ته آخر اها ناچڻي ڪهڙي شيءِ آهي، شاعر ڪهڙي پس منظر ۾ ان کي استعمال ڪيو آهي، يا جديد شاعريءَ ۾ “ناچڻي” رڳو هڪ اشارو آهي، هڪ هستي آهي، ڪا معنيٰ آهي، يا بس هڪ بت آهي، ۽ ان ئي انداز ۾ هن مطلع ۾ لفظ ناچڻي استعال ڪيو ويو آهي، ڇو ته شاعر ڪجهه به تصور ڪري سگهي ٿو. يا سولي سنڌيءَ ۾ هن مطلع جي اها معنيٰ ڪڍون ته جيئن چئبو آهي “تر جي گٿي، سو چوٽون کائي” ۽ بس. شاعريءَ جي سينگار ۾، جنهن شيءِ سان مخاطب ٿبو آهي، ان کي Apostrophe چيو ويندو آهي؛ صنايع ۽ بدايع يعني Figures of speech جي حوالي سان اها ناچڻي هڪ Apostrophe آهي. پر مان ان ڪري به ان شيءِ تي حيران آهيان ته شاعر جي ذهن ۾ ڇا هيو، هن پايل ڪهڙي علامت (Symbol) طور استعمال ڪيو آهي، ناچڻي ڪير آهي ۽ تحفو ڀلا پايل ڇو، ٻيو ڪو تحفو ڇو نه، هاڻي سوچي سگهجي ٿو ته ناچڻي ته فقط پايل ئي ڏئي سگهجي ٿي، پر موهن جي دڙي جي کنڊرن مان لڌل جيڪا ناچڻي/نرتڪي يا Dancing Girl آهي، ڇا ان کي به پايل پاتل آهي، يا هر ناچڻي ضروري آهي ته پايل پائي، يا هيءَ ناچڻي ڪنهن مجري ۾ ۾ نچندڙ ناچڻي آهي، جيڪا پايل پائيندي آهي، اهڙي قسم جو ڳالهيون ٿي سگهي ٿو، شاعر کي ڪاوڙ ڏيارين، پر ذهن جو ڪو اتو پتو ناهي، اهو ته الائي ڇا ڇا سوچيندو آهي، انڪري، سوچ تي پهرو نه هئڻ گهرجي ۽ مان سچ ۾ اهو سمجهڻ چاهيان ٿو ته ڇا علامت پسنديءَ سان ٽمٽار شاعري عام تائين پهچي سگهي ٿي، ڇا هر ماڻهو شاعر جي ذهن تائين پهچي سگهي ٿو، مون وٽ ان جو جواب نه ۾ آهي، مان شاعر جي Approach تائين ناهيان پڳو، پر شاعريءَ ۾ علامت نگاري هڪ اهم رول ادا ڪري ٿي، مان اهو ته چئي سگهان ٿو ته مطلع سٺو آهي، ڀلو آهي، خوبصورت آهي، پر منهنجي دل جي ڳالهه اها آهي ته ناچڻيءَ واري علامت وڻندڙ آهي.

2. برف جهڙا کڻي پير ننگا نه اچ،

منهنجي ڀرڌرتتي ٿي نچي، ناچڻي!

وضاحت: هن مصرع ۾ لفظن جي چونڊ خوبصورت آهي، پر جي وري چئون ته علامت نگاري يعني Symbolism هن ۾ به ڪافي آهي ته مونکي ڳالهه ته وڻي ٿي، پر سمجهڻ لاءِ انومان ٿا پيدا ٿين، ذهن ۾ وسوسا ڪر کڻي ٿا اٿن ته آخر اهو ڪير آهي جيڪو اگهاڙين پيرين اچي ٿو ۽ هن جا پير برف جهڙا ٿڌا آهن، هن جا پير ٿڌا ۽ مون واري پاسي ڏي ڌرتتي آهي؛ هي گرم ۽ ٿڌي جا عڪس ڪهڙا مفهوم ٿا frame ڪن، اها سموري visualization ڇا جي آهي، اهي سڀ شيون ڪٿي ٿيون دنگ ڪن، ڪٿي ائين ته ڪونهي ته اها رڳو شاعراڻي imagery آهي، شاعر خيالي طور ڪي شيون محسوس ڪري ٿو، بلڪل جيئن هوش ۾ هوندي هر نارمل ماڻهو پنج حواس استعمال ڪندو آهي، اهڙيون شيون لاشعور ۾ به موجود هجن ٿيون، ڪٿي اها لاشعوري اپٽار ته ناهي، يا وري ان شيءِ جومقصد، جنس يعني sex جي موضوع سان آهي، برف بنيادي طور پاڻي ئي ته آهي ۽ ڌرتتي باهه، اهو ٿڌو گرم احساس ڇا ٿو سوچرائي، اهو Sexual Arousal آهي، يا سماج جي ان ڪڌي رسم ڏانهن اشارو آهي، جتي هر خوبصورت عورت، جڏهن پيار جو پرڻو ڪري ٿي، مرضيءَ سان شادي ڪري ٿي، ان جي لاءِ ڪات ڪهاڙا ڪڄن ٿا. بلڪل اهڙو ئيرومانوي وڻندڙ پر عجيب غزل ايم ڪمل جو به آهي، جنهن کي شڪارپور ڄائي گائڪ استاد غفور ڳايو آهي:

جسم ڀورو لباس ڪاري ۾

برفباري نه ڪر سياري ۾

مان ڪوشش ڪندو آهيان ته شين کي ان جي جوهر تائين سمجهجن پر اهو ضروري ناهي ته سڀ شيون آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچن ۽ اهو اهو ئي ته شايد فرق آهي ماڊرن ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾، ڪلاسيڪي شاعري نه رڳو وڻندڙ آهي پر سمجهه ۾ ايندڙ به.

3. راڳڻيءَ کان نه وسري وڃي ڀيروي،

ايئن ڍولڪ تي ٺمڪا نه ڏي، ناچڻي!

وضاحت: جنهن طرح غزل جي شروعات آهي، هي مصرع مان سمجهان ته ان مقصد کان بلڪل هٽيل آهي، ٿورڙو تبديل آهي، الڳ آهي، پر هن مصرع جو ڪارج ايترو ڀلوڙ ناهي، جيتري شروعات ۽ هيءَ فقط ناچڻيءَ کي ڀيٽا آهي، ٻيو ڪجهه به ناهي، جڏهن ناچڻي ٺمڪا هڻي ۽ راڳڻيءَ کان ڀيروي وسري وڃي، ڪيڏو دقيق خيال آهي، بلڪل مجهيل سٽ وانگر، پر آهي ڀيتا، سوا ڀيٽا جي ٻيو ڪجهه ناهي.

4. ماٺ موهن دڙي جي گهٽين تان لهي،

ٿورڙو رقص اهڙو کپي، ناچڻي!

وضاحت: غزل جو هي مصرع بلڪل مطلع جي مطابقت ۽ تسلسل ۾ آهي، هن ۾ هڪ زبردست پيغام آهي، هڪ عالمگير ڪوٺ (universal call) جهڙي ڳالهه آهي ته جيڪا خاموشي موهن دڙي جي شهر ۾ ڇانيل آهي، ان لاءِ شاعر ڄڻ سادي طرح، اهو چوندو هجي ته: “اي ناچڻي! اهڙو نچ جو خاموشي ٽٽي وڃي، وري هي شهر رونق ۽ وسونهن جو مرڪز ٿي پئي” . سولي طرح جي ائين چئجي ته هن مصرع ۾ status qou کي ٽوڙڻ جي ڳالهه آهي، ماٺار کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه آهي، Ice Breaking جي ڳالهه آهي، تم مان سمجهان ٿو ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. پر وري به سوچڻ جي ڳالهه ته هن مصرع ۾ به علامت نگاري آهي، ڀلا موهن جو دڙو ڇا جي نمائندگي ٿو ڪري، جو ان جي گهٽين تان ماٺ لهي، ۽ اها رقاصه ڪير آهي، مان سمجهان ٿو، شاعر ڪٿي ائين ته نه ڪيو آهي جو سموري سنڌ کي موهن جي دڙي جي علامت طور استعمال ڪيو آهي ۽ ناچڻي هڪ ليڊر طور، جي اها ڳالهه آهي ته زبردست، جي ٻي ڪا ڳالهه آهي ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان، لاشعور سمنڊ جيترو گهرو آهي، ۽ ان لاءِ ڪجهه چئي نٿو سگهجي ته شاعر جو sub conscious ڪٿي ٿو گهوتا کائي.

5. تنهنجي گهنگرو جو وڄتو ٻڌي واٽ تي،

ڪير ڪم ڪار بيٺو ڇڏي، ناچڻي!

وضاحت: هن مصرع لاءِ مان ايترو چوندس ته هيءُ بند واڌارو آهي، يا ائين کڻي چئجي ته هيءَ شيءِ سوا Enlargement of Ghazal جي ٻيو ڪجهه ناهي، هن ۾ مونکي ڪا خاص ندرت، غزل جي تسلسل يا اها شيءِ نظر نه آئي، جيڪا visualization پهريون مصرع يا چوٿون مصرع ڪري ٿو.

6. رات پونم جي رقصان آ محفل سڄي،

جهومندي ڌڙڪنون ٿي جهپي، ناچڻي!

وضاحت: هن مصرع لاءِ No comments

7. سعيد خانه بدوشي ته ويو ڀي هلي،

تنهنجي پايل ٿي ڪنهن کي سڏي، ناچڻي!

وضاحت: مقطع يعني غزل جي آخري مصرع ۾ لفظ خانه بدوشي، عجيب ٿو لڳي، پهرين سٽ کي شاعر جي ٿورڙو تبديل ڪري ۽ آخري سٽ جي ان پيغام جو هم آواز ۽ هم مفهوم ڪري ته “تنهنجي پايل ٿي ڪنهن کي سڏي، ناچڻي!” ته غزل پنهنجي تسلسل ۾ بهتر رهندو، ٻي ڳالهه ڏانهن به اشارو ڪندو هلان ته پنڪچوئيشن جو خاص خيال ڪيو ويو آهي، پر مقطع ۾ سعيد کان پوءِ mark of exclamation اچي ته بهتر.

Email: memonhisam@yahoo.co.uk

Cell# 0334 3675045
___________________

This article was published in Daily Ibrat Hyderarabd on 22nd Feb 2012. Following is the link:

No comments:

Post a Comment