Wednesday, February 8, 2012

Email to Saeen Idrees Rajput after reading his article on Coal of Sindh

Dear Saeen Idris Rajput!

Peace be unto you!

I have gone through your article in Daily Kawish (8th Feb 2012) right now about coal of Sindh, you have written very well, our youth, young generation, teachers, students, writers, common news papers readers, journalists and people from literary sphere need this type of information, you are delivering.

Those who pose to be nationalist/Sindh Monger or well wishers, do not know about the natural assets of the land so deeply. This deep knowledge is really very necessary to inseminate among the people of Sindh and you have been writing regarding the water issue very well and people are benefited a lot to read your certain write-ups.

I pray for you to live long and serve the nation, it is the best thing you are going to perform. The actual thing is this, if the article or write-up is merely emotional or based sentimentally, it does not serve the best; knowledge oriented and replete with data and information articles are the need of the day, so you are doing it with care and with hard work, you deserve adoration and honor for.

I congratulate you for certain writings, please carry on to inseminate knowledge among Sindhi people, who have been suffering for the centuries by the invaders and have always come under the fire that Sindhi people are lethargic, dull, remain homesick and so on.

Though the fact reflects another angle, every nation, tribe or clan haves the certain attitudes, instead this, Sindhi people are criticized, defamed, suppressed by certain attitudes, as Mr.Hanif Raame did in his notorious book "Punjab Ka Muqadmaa", he has ignored the capabilities of Sindhi people and have focused on negativity, which shows author’s narrow-mindedness, closed mentality and bias. Though English people have written the negative things and attitudes of Sindhi people in their diaries, books and reports, but they did not write being pre-occupied of bias, as Punjabi lobby did.

I went through the book of Saeen Amar Jalil recently, "Sindh Naamoon" (سنڌ نامون); he has tried to show the facts of the history, how Mir Dynasty was stingy, lecherous, mean, lethargic and opportunist. They were very much sensual and used to inclined to white skin, they were easily bent by the British personnel and being religious the Mirs, could not deliver rightly as they should have done with the public.

They always remained busy in sensual things, amrous-oggling, and in engaged indecent actions as history is replete with their mediocre pomp and show. One of the book “Miran jee Darbar” (ميرن جي درٻار) I had read some 8-9 years back, it was amazing book, I knew a lot of queer things done by Mirs at their heydays.

Even Kako Bheru Mal has written eye-opening events acted by Mirs in his famous book “ Sindh je Hindun jee tareedkh” (سنڌي جي هندن جي تاريخ _ 2 جلد). I really feel shy to read such strange things in the history of Sindh.

Sindh has not only been ruined, suppressed, ignored by invaders but Sindhi people were avoided, looked down up by their own rulers as well. We are, still, looked down up, suppressed, oppressed and under pressure in the present time as well; this is the very core issue of today’s Sindh and it is too common to be discussed regularly. The people have been wont of this attitude and not very much resilient to break the ice in this regard.

20th amendment in the constitution of Pakistan, would be the last nail in the chest of sindh; if passed; it would be easier to divide Sindh in forth-coming days, our intelligentsia is afraid of it.

The retired bureaucrats have done what with the institutes; it is not a hidden story, University of Sindh is the lively example of this cadre and many other institutes are preoccupied by such retired bureaucrats, even Mr. President against bureaucracy.

You and our other bold writers are writing for the assets and history of sindh with a great cause is really a wonderful and splendid job.

I would suggest you to compile two dictionaries, one for the water issue, and other for natural resources of sindh, our sindhi youth need this type of things, which are not available in the market.

You may define and explain every word with pretty good definition, which will enable our people to understand terms in historical perspective with a mature prospect. (Sindhi to English or English to Sindhi)

Apart from this, you should spare some time to define the key terms regarding water issue and natural resources or certain other subjects related to Sindh, just keep on recording and upload those on you tube, as to spread and to raise the voice of sindh.

In the end, I would put my request and wish before you, try to write your auto-biography, which will also be an amazing knowledge, learning and history for our people.

Regads

Hisam Memon

Karachi

0334 3675045

ٿر جو ڪارو سون ڪڏهن فائدو ڏيندو؟

محمد ادريس راجپوت

روزاني ڪاوش 8 فيبروري 2012

ننڍي هوندي جڏهن مان ميونسپل هاءِ اسڪول قمبر ۾ پڙهندو هوس ته علي خان وارو منهنجو ڪلاس فيلو پير تراب علي شاهه راشدي عرف سُهڻل شاهه مون کي ڪيميا جي علم بابت عجيب عجيب ڳالهيون ٻڌائيندو هو ته، ڪيئن الله وارن ماڻهن وٽ ڪيميا جو علم هوندو هو، جنهن ذريعي هو ٽامي ۽ پاري مان چاندي ۽ سون ٺاهي سگهندا هئا ۽ ان وقت به ڪِن بزرگن وٽ اهو علم هو. هُن جي چوڻ مطابق هُن جو هڪ بزرگ پاري مان چاندي ٺاهيندو هو. وري هُن هڪ ٻئي بزرگ جي ڳالهه ڪئي، جيڪو هُن جي ڏاڏي جي وقت ۾ قمبر آيو هو ۽ هُنن وٽ رهيو هو، جنهن جو نالو سيد احمد خالد شامي هو. هي هڪ صاحبِ ڪرامت بزرگ هو، جيڪو زندگي ۾ ڇڙو رهيو، هي بزرگ اڳڪٿين بابت مشهرو هو، جيڪو چوندو هو صحيح ٿيندو هو. پير پاڳاري مرحوم جي خليفي پير سيد نبي بخش شاهه راشدي عُرف نبن شاهه هِن بزرگ جي اڳڪٿين بابت هڪ ڪتاب به ڇپرايو آهي، جنهن ۾ سکر بيراج وٽ پاڻي نه پهچڻ بابت هڪ اڳڪٿي ڏنل آهي، جيڪا هُن ريت آهي.

”حضرت شامي عليه پير جو ڳوٺ جي سيد پريل شاهه جي دعوت تي آيا، انهيءَ کان علاوه منهنجي والد سيد هدايت الله شاهه راشدي (ڳوٺ سيد هادل شاهه) ۽ ڀنڀي جي زميندار شاهه نواز گهمري جي دعوت تي به آيا. انهيءَ زماني ۾ سکر بيراج جو وڏو تعميراتي ڪم هلي رهيو هو. سيد پريل شاهه جي عرض تي حضرت شامي پنهنجي عقيدتمندن سان سکر بيراج ڏسڻ تي راضي ٿي ويا. اٺن ۽ گهوڙن جو بندوبست ٿي ويو، پروجيڪٽ ڏسندي پاڻ فرمايائون، ته انهيءَ جي ڪري سنڌ ۾ تمام گهڻو فائدو ٿيندو، زراعت ۾ تمام گهڻو واڌارو ايندو، پر هڪڙو زمانو اهڙو به ايندو ته هتي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به نه ملندو.“ (هي ڪتاب پير ڳوٺ جي لائبريري ۾ موجود آهي.)

منهنجي ڪلاس فيلو ٻڌايو ته هڪ وقت مسلمانن جي انگريز مخالف تنظيم کي پئسي جي سخت ضرورت ٿي، ڪٿان بندوبست نه ٿي سگهيو. انهن جي سربراهن علي خان ۾ شامي بزرگ کي مدد لاءِ عرض ڪيو. بزرگ صاحب فرمايو ته هڪ لوهه جو گرڊر کڻي اچو ۽ اُن کي باهه ڏئي ايترو تپايو، جو اهو ڳاڙهو ٿي وڃي. جڏهن ائين ڪيو ويو ته گرڊر تپي ڳاڙهو ٿي ويو ته بزرگ صاحب هڪ دٻيءَ مان هڪ اڇو پائوڊر ڪڍي انهيءَ ڳاڙهي گرم ٿيل گرڊر تي وڌو. چون ٿا ته اِهو لوهي گرڊر سون ٿي پيو. بزرگ صاحب فرمايو ته انهيءَ کي رڳو انهيءَ مقصد لاءِ استعمال ڪيو، جنهن لاءِ توهان گهريو هو. ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون ڪيميا بابت ٻڌندا هئاسين، اچرج به ٿيندو هو، پر اعتبار ڪندا هئاسين. وري جڏهن انٽر سائنس ڪرڻ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ آياسين ۽ ڪيميسٽري ۾(Element) نج ڌاتو ۽ (Compound) پڙهياسين، ته خبر پئي ته هڪڙو Element ٻئيElement ۾ مٽجي نٿو سگهجي ۽ پاري يا ٽامي کي چاندي يا سون ۾ مٽائڻ هڪ گهٽ قيمت واريElement کي تمام وڌيڪ قيمت واري Element ۾ مٽائڻ هو، جيڪو ڪيميسٽري جي اصولن مطابق ممڪن نه هو، ته ڪيميا واري علم تي اعتبار ته ختم نه ٿيو، پر شڪ ضرور پيدا ٿيا. وري جڏهن انجنيئر ٿياسين ته ريڊر ڊائجسٽ جي هڪ پرچي ۾ پاري مان سون ٺاهڻ بابت هيٺين ڳالهه پڙهي سين:

پاري مان سون ٺاهڻ جو جديد طريقو:

”عام پاري ۾ 10.02 سيڪڙو پارو، جنهن جو ائٽمي وزن 197.9668 ٿئي ٿو، جنهن کي سائنسي ٻولي (Hg-198) چئجي ٿو، هُجي ٿو. ان کي Specto scope وسيلي عام پاري کان ڌار ڪري هِن کي گاما شعائن جا ٺڪاءُ ڏيو. جڏهن ان مان هڪڙو پروٽان نڪري وڃي ٿو ته نتيجي ۾ ان جو نيوڪلئس سون جي ائٽمي وزن 196.9666 جنهن کي سائنسي ٻولي (Au-196.9666) چئجي ٿو ۾ مٽجي وڃي ٿو، جيڪو نج 100 سيڪڙو سون ٿئي ٿو ۽ جيڪو سون جو تمام پڪو آئسوٽوپ ٿئي ٿو.“

مٿين فني ٻولي لکڻ جي معافي، ڪيميسٽري ڄاڻندڙ ماڻهو اِن کي چڱيءَ طرح سمجهي ويندا. تت اِهو نڪتو ته هڪ نج ڌاتو کي ٻئي ۾ مٽائڻ ممڪن آهي، ڀلي طريقو ڪهڙو به هجي، پوءِ ته اسان به سون ٺاهي شاهوڪار ٿي وڃون ۽ ڇو ٻين ملڪن ۽ ادارن کي ايلاز ڪري قرض وٺون. پر ڳالهه ايتري سولي ڪانهي، انهيءَ نموني سون ٺاهڻ تي خرچ سون جي قيمت کان تمام گهڻو اچي ٿو. سمجهو ته سون جو في تولو ملي ٿو پنجاهه هزار روپيا ۽ مٿين طريقي مطابق في تولو سون ٺاهڻ ۾ خرچ اچي ٿو پنج لک روپيا. پوءِ اهڙو سون ٺاهي ڇا ڪنداسين؟

مٿيون ٿلهه مون ٿر واري ڪاري سون کي ترقي وٺرائڻ جي پسمنظر لاءِ ٻڌو، جيڪو اڃان صحيح نموني ۾ ترقي نه وٺي سگهيو آهي ۽ اڃان اسان پيا تجربا ڪريون ٿا، يا صحيح قدم کڻڻ ۾ هٻڪايون ٿا. هن وقت تائين انهيءَ پوريل ڪاري سون کي استعمال ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن. هڪڙو آهي کڏ کوٽي ان کي ڪڍڻ ۽ پوءِ بجلي پيدا ڪرڻ ۾ استعمال ڪرڻ. ٻيو آهي زمين اندر ئي ڪوئلي کي ساڙي گئس ٺاهڻ ۽ پوءِ انهيءَ گئس مان بجلي پيدا ڪرڻ يا ٻئي ڪنهن ڪم ۾ استعمال ڪرڻ، ٻنهي نموني ڪم ڪرڻ ۾ ڪجهه مسئلا آهن، جيڪي هيٺ ٻڌائجن ٿا.

(1) کڏ کوٽي ڪوئلو ڪڍڻ:

ٿر جو ڪوئلو زمين کان اٽڪل 500 کان 650 فوٽ هيٺ آهي، جنهن جي ٿولهه هڪ هڪڪري ناهي. سراسري ٿولهه 50 فوٽ آهي، انهيءَ عُميق ۾ پاڻيءَ جا ٽي تهه آهن، جن کي انگريزيءَ ۾ Aquifers چئجي ٿو. پهريون 164 فوٽن تي، ٻيو 304 فوٽن تي ۽ ٽيون 652 فوٽن تي ۽ وري ڪٿي انهيءَ کان به هيٺ. ڪوئلو ڪڍڻ لاءِ اسان کي کڏ کوٽڻي آهي. اهڙي کڏ، جيڪا 650 فوٽ اونهي هجي ۽ ملڪ هجي وارياسو. جيئن کڏ کوٽبي ته پاسن کان واري هيٺ ڪرندي جنهن کي روڪڻ جو بندوبست ڪرڻو پوندو. وري ڪوئلي تائين پهچڻ کان اڳ پاڻي جو پهريون تهه اچي ٿو. اهو پاڻي کڏ ۾ ڪري انهيءَ کي ڀري ڇڏيندو، تنهن ڪري انهيءَ پاڻي کي پهريون ڪڍڻ جو بندوبست ڪرڻو پوندو. جڏهن ان جو بندوبست ٿي ويندو ته ڪوئلي واري تهه ۾ به پاڻي آهي، اِهو به ڪڍڻو پوندو. وري جڏهن ڪوئلو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪبي ته ٽئين تهه وارو پاڻي جيڪو هيٺ آهي ۽ دٻاءَ هيٺ آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ (Artesian) واري حالت چئبو آهي، اُهو مٿي اچي ڪوئلي واري کڏ کي ڀري ڇڏيندو، تنهن ڪري انهيءَ ٽئين تهه وارو پاڻي ايترو ڪڍڻو پوندو، ته اهو پاڻي دٻاءَ واري حالت ۾ نه رهي. وري اهو سوچبو ته 500 کان 650 فوٽ هيٺ کڏ ۾ پيل ڪوئلو مٿي زمين تي ڪيئن پهچائبو. انهيءَ ڪوئلي کي کوٽي ڪڍڻ ۽ مٿي زمين تي پهچائڻ لاءِ خاص وڏيون مشينون کپن جيڪي پاڪستان ۾ ڪونهن، اهي ٻاهرين ملڪن کان گهراڻيون پونديون. اتي به اهي تيار ڪو نه پيون آهن، آرڊر ملڻ تي اهي ٺاهيندا، جنهن ۾ ٻه ٽي سال لڳندا. اهي مشينون سامونڊي جهازن ذريعي ڪراچي پهچنديون، اهي مشينون ڪراچي کان اسلام ڪوٽ پهچاڻيون پونديون، جنهن جو مفاصلو 360 ڪلوميٽر آهي. انهن جي وڏي وزن ۽ سائيز لاءِ رستي کي مضبوط ۽ ويڪرو ڪرڻو پوندو. وري آهي مسئلو مٺي پاڻيءَ جو ۽ اُن جي استعمال کان پوءِ اُن کي ڪڍڻ جو، جنهن لاءِ مکي فرش لنڪ ڪئنال کي پڪو ٺاهي اٽڪل 50 ڪيوسڪ پاڻي في الحال ڏيڻ جو پي سي ون منظور ٿيل آهي. پر پيسا ڏيڻ بدران چيو ٿو وڃي ته نارا ڪئنال بدران پاڻي ايل بي او ڊي مان کنيو وڃي. استعمال ٿيل پاڻي ڪڍڻ لاءِ اي-اي-ڪنسلٽنٽ کان هڪ اسڪيم ٺهرائي وئي آهي، جنهن تي اڀياس ڪندڙن مطابق 375 ڪروڙ روپيا خرچ ايندو. انهيءَ کان علاوه براڊ گيج ريلوي لائين 1200 KVA ٽرانسميشن لائين ۽ ايئرپورٽ ٺهڻا آهن.

محمد يونس ڊاگا سيڪريٽري ڪول ۽ انرجي ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ مطابق بلاڪن ۾ مختلف ڪمپنين کي ترقي وٺرائڻ جو ڪم ڏنل آهي، پر اهي ابتدائي مرحلن ۾ آهن، ڇو جو جيستائين بنيادي ڍانچو Infra structure نٿو ٺهي، هو ڇا ڪندا ۽ بحث مباحثا ۽ ڳالهيون ٿينديون رهنديون.

(2) زير زمين ڪوئلي مان گئس ٺاهڻ:

انگريزي ۾ اِن کي (Underground coal gasification) يا UCG چئجي ٿو. اهو ڪم بلاڪ پنجين ۾ ائٽمي سائنسدان ثمر مبارڪ مند کي ڏنل آهي، جتي هو زمين ۾ اندر ئي اندر ڪوئلي کي ساڙي گئس پيدا ڪندو ۽ انهيءَ گئس وسيلي تجرباتي بنياد تي 100 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندو. هينئر تائين ڏنل ڄاڻ مطابق هُن آزمائشي طور تي پهريون (Test burn) ڪيو آهي. ڊاڪٽر ثمر جو چوڻ آهي ته جڏهن اسان ائٽم بم ٺاهي سگهون ٿا ته ڪوئلي کي زير زمين گئس ۾ مٽائي ڇو نه ٿا سگهون، جنهن لاءِ اسان کي پئسا کپن. انهيءَ لاءِ اسان کي 1.2 ارب ڊالر کپن ته جيئن اسان بجلي ٺاهڻ وارا 84 Gasifiers وٺي سگهون. جيڪڏهن بروقت پئسا ملن ته اسان ٽن سالن ۾ 100 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهون ٿا.

ٻئي پاسي پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر فريد جو چوڻ آهي ته UCG ٽئڪنالاجي رڳو اهڙن ننڍن (Pockets) ۾ ڪئي وئي هئي، جتي ڪوئلي کي کڏ کوٽي يا کاڻ ٺاهي کوٽڻ ممڪن نه هو. دنيا ۾ انهيءَ لاءِ تجربا ٿين پيا، پر ڪٿي به دنيا ۾ واپاري بنيادن تي اهو ڪم نٿو ڪيو وڃي. آسٽريليا ۾Cougar energy pilot plant انهيءَ لاءِ بند ڪيو ويو هو، جو اهو زير زمين پاڻيءَ کي خراب پيو ڪري. ٿر ۾ تمام گهڻو ڪوئلو موجود آهي ۽ انهيءَ کي تجربن جي ور نه چاڙهيو وڃي. انهيءَ لاءِ ثابت ٿيل ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي.

گادي واري هنڌ اسلام آباد کان لکندڙ صحافي ڊاڪٽر فرخ سليم 22 جنوري 2012ع جي دي نيوز اخبار ۾ ”ڪوڙيون اميدون“ جي عنوان هيٺ لکيل ڪالم ۾ چوي ٿو ته، UCG هڪ صرف تجرباتي طريقو آهي ۽ دنيا ۾ ڪٿي به واپاري بنيادن تي انهيءَ نموني بجلي پيدا نٿي ڪئي وڃي. هُن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ثمر انهيءَ جي لاءِ روز تاريخون پيو مٽائي. 16 جولاءِ 2009ع تي هُن چيو هو ته سال 2009ع جي پڇاڙيءَ ۾ انهيءَ طريقي سان 10 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندو، تنهن کان پوءِ اِها تاريخ مٽائي سال 2011ع جي پڇاڙي ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته هو 100 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندو. اها حقيقت آهي ته UCG جي ٽئڪنالاجي موجود آهي، پر واپاري بنيادن تي انهيءَ جو ٿي سگهڻ اهم سوال آهي. مان ٻڌايان ته ڪوئلي مان هيرو ٺاهڻ ممڪن آهي، پر ائين ڪرڻ سان ٺاهيل هيري جي قيمت بازار ۾ ملندڙ هيري جي قيمت کان تمام گهڻي آهي. معنيٰ ته واپاري بنيادن تي ائين ڪرڻ فائدي وارو ناهي. ائين ڪرڻ کان اڳ ۾ انهيءَ جو تفصيلي فني ورجاءُ ڪيو وڃي ۽ اڻ ڌريو مالي آڊٽ ڪيو وڃي ته جيئن عوام جي پيسي جو زيان نه ٿئي. بورڊ آف انويسٽمينٽ جو اڳوڻو سربراهه سيد محب الله شاهه ڊان اخبار ۾ 27 جنوري 2012ع تي ڇپيل هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته سنڌ جي چيف منسٽر کي کپي ته هو انهيءَ لاءِ ٻنهي خيالن وارن ماڻهن کان اڻ ڌرين ماهرن جي موجودگي ۾ مذاڪرو ڪرائي ۽ پوءِ مناسب فيصلو ڪري، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته ٿر ۾ توانائي ملڻ بدران هڪ ته پئسي جو زيان ٿيندو، ٻئي پاسي ڪيترا نوان مسئلا ڪر کڻندا.

مان ڪٿي ٻڌائي آيو آهيان ته ڪنهن زماني ۾ علم ڪيميا رڳو حڪيمن ۽ عالمن ڏانهن منسوب هو ۽ سائنسي ڄاڻ مطابق هڪ نج ڌاتو يا ڪنهن نج ڌاتو ۾ مٽجڻ ممڪن نه هو، تنهن ڪري ٽامي يا پاري مان سون ٺاهڻ ممڪن نه هو، پر تنهن کانپوءِ سائنسدانن ائٽم ٽوڙڻ جي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ ائٽمي ٻارڻن مان نڪرندڙ الفا، گاما شعائون لڌيون ويون. جن وسيلي ائٽمن کي بدلائڻ ممڪن ٿي سگهيو. انهن شعاعن معرفت هڪڙي ڌاتو کي ٻئي ۾ مٽائڻ ممڪن ٿيو ۽ پاري مان سون ٺاهڻ ممڪن ٿيو، پر رڳو تجرباتي بنيادن تي، واپاري بنيادن تي ٺاهڻ مان ڪو فائدو نه هو، جو بازار ۾ سون ليبارٽري ۾ ٺهيل سون کان سستو پيو ملي. ڪجهه اهڙي ئي صورتحال ڪوئلي مان گئس ٺاهي بجلي پيدا ڪرڻ جي آهي. تجرباتي بنيادن تي ائين ڪرڻ ممڪن آهي، پر جيڪڏهن انهيءَ نموني ٺاهيل بجلي عام طرح پيدا ٿيندڙ بجلي جي ڀيٽ ۾ تمام مهانگي پوي يا ماحولياتي اهڙا مسئلا پيدا ٿين، جو انهيءَ علائقي جي ماڻهن جو جيئڻ ڏکيو ٿي پوي ته اُهو سون ئي گهوريو، جيڪو ڪن ڇني. انهيءَ ڏس ۾ سياڻن جي ڳالهه تي عمل ڪرڻ کپي ته سنڌ جو چيف منسٽر ٻنهي پارٽين کان اڻ ڌرين سياڻن جي موجودگي ۾ Presentation وٺي ۽ پوءِ فيصلو ڪري ته انهيءَ نموني ۾ بجلي پيدا ڪجي يا عام رواجي طريقي يعني کڏ کوٽي ڪوئلو ڪڍي تنهن مان بجلي پيدا ڪجي؟ اهو فيصلو جلدي ڪرڻ کپي ته جيئن ٿر جو ڪارو سون ترقي وٺي ۽ سنڌ جي دبئي ٿيڻ وارو خواب پورو ٿي سگهي. انشاءَ الله!


idrisrajput@hotmail.com


No comments:

Post a Comment