Thursday, February 9, 2012

My unconscious: Interview of Bedil Masroor

لاشعور جو سفر: بيدل مسرور سائينءَ جو انٽرويو

(هي انٽرويو پهرين مئي 2011 تي سچل ڳوٺ ۾ ورتو ويو)

مونکي خبر ناهي ته شڪارپور سان ايترو پيار مونکي ڇو آهي، مان اهو سوچيندو آهيان ته مونکي ائين لڳند آهي ته شايد اهو منهنجو لاشعور آهي، جنهن جي گهرائيءَ کان مان واقف ناهيان، ان لاشعور ۾ سڄو شهر آهي، ان جا رستا، گهٽيون، چوڪ، عمارتون، ميلا، ملاکڙا، موسيقي، محبت، پيارا باغ، سنڌ واهه، بيگاري، شاهي باغ، مختلف پاڙا، اداسيون، مايوسيون، خوشيون، حيرانگيون، اچرج، کج کج ،کلڪار، للڪارون، ترقيون، تنزليون، روشينون، اونڌاهيون، ستارا، آسمان، زمينون، سندر چهرا، کلندڙ ٻار، وڻندڙ موسمون، ڪاڙها، وڏيو وڏيون شخصيتون، الائي ڇا ڇا سمايل آهي، الائي ته ڪهڙا ڪهڙا احسان آهن، ائين لڳندو اٿم محو خواب هجان، ۽ سڀ منظر سامهون هجن، جڏهن جاڳ ٿئي ته مزو نه اچي، هوش ۾ بيخودي الوپ ٿي وڃي، پوءِ رکي رکي پور پون، احسان جاڳن، پوءِ توائي ٿي ويندو آهيان، پنهنجو پاڻ تي پيوجڪ کائيندو آهيان، اتي ماڻهو، اهي منظر، اهي ڪومل احساس، اهو شهر، اهي شادمانا، اهي پيار جون پچارون، سڀ ڪاڏيو ويا، ڇا ورهاڱو ايترو زورآور هيو، جو هو اسانکان اسان جو سڀڪجهه کسي ويو،پوءِ پيو انهن احساسن جي اپٽار ڪندو آهيان ،مان ڪوشش ڪندو آهيان ته پنهنجي وت ۽ وس آهر انهن کي ڇڪي پنهنجي من مان ٻاهر ڪڍان، پر مان اڪيلو۽ هيڏو شهر، وسيلن جي کوٽ، هر ماڻهوءَ جا پنهجا پنهجا ڪم ۽ مصروفيتون، ڪنهن کي پئي آهي جو وقت ڪڍي اهڙا ڪم ڪري، جيڪو منهنجوپنهجو پاڳل من ڪرڻ ٿو گهري. الائي ڇو اهڙي حالت ۾ شيخ اياز جي ڪلام جون هي ٻه سٽون ذهن تي تري اينديون آهن:

آءُ اڪيلو سامهون سٿ

خنجر خنجر ڪيئي هٿ

بس، ائين ئي کڻي سمجهو ته بيدل مسرور بدوي به منهنجي لاشعور جو هڪ حصو آهي، مان سائين کان معرزت ڪيان ٿو ته مان اهو ڪجهه ڪري نه سگهيو آهيان، جيڪو مونکي ڪرڻ گهربو هيو، بس، سائينءَ جون ڳالهيون اوهان دوستن جي آڏو رکڻ ٿو چاهيان، مان سائين بيدل کان هڪ چڱو خاصو انٽرويو ڪرڻ پئي چاهيو، پر مان ڪري نه سگهيس، مان سائين کان وقت وٺي،سائينءَ ڏي وڃي نه سگهندو هوس، وري ويس ته مون وٽ ڪا وڏي ڪئميرا نه هئي، الائي ڇو ان ڏينهن من ۾ آنڌمانڌ هئي، الائي ڇو ان ڏينهن من ٻڏل هو، مان اهو ڪجه پڇي نه سگهيس، انهن شين جي اپٽار ڪري نه سگهيس، جيڪي ڳالهيون منهنجي من ۾ هيون، ائين ڇو ٿيو، ڇا لاءِ ٿيو، ان لاءِ سائينءَ کان معذرت ۽ پنهنجي سمورن دوستن کان به، مون ۾ اپار عيب هوندا، ڪوتاهيون هونديون، پر منهنجي، پنهنجي شهر جي انهن ماڻهن سان محبت آهي، ايترو اڻميو پيار آهي، جنهن کي مان هتي بيان ڪري نٿو سگهان، جن به منهنجي شهر ۾ تخليق، تخليقي سوچ ۽ تعمير جي اپٽارڪئي آهي، بيدل سائين انهن مان هڪ آهي.


مونکي ڏهه ڏهه منٽن جي ڪلپ ڪرڻي هئي، پر مان لاشعوري طور ڪٿي منجهيل هيس، هوش پئي آيو ته پندرنهن منٽ ڪراس، جڏهن ڏس ته پندرنهن منٽ ٽپيا پئي، هر هر اها شيءِ ٻيهر ڪرڻ نه پئي چاهي، مان سائين بيدل کي ٻڌائي نٿي سگهيس، ته منهنجي من ۾ ڇا جي بيچيني هئي، پر، اها بيچيني به گهٽ نه هئي ته مان پنهجي لاشعور جي اپٽار ڪيان، سائين بيدل جو انٽرويو ڪيان، سائينءَ جون اهي ڳالهيون اڳتي آڻيان، جيڪي نه رڳو اسانجي نوجوان کي ڪم اچن پر سڀني سنڌ واسين کي پتو پوي ته سائين بيدل ڇا ٿو سوچي، هوڇو ناول لکندو رهيو آهي، هن ڇو شاعري ڪئي، هن اداڪاري ڇو ۽ ڪنهن لاءِ ڪئي، هن جي من ۾ ڇا هيو، هن موسيقيءَ ۾ ايترو چاهه ڇو پئي ورتو، هن اياز جي نظم “ڏوهي هان! ڏوهي هان!” ۾ اها جذباتيت ڇو ڀري، جيڪا لونءَ لونءَ ڪانڊاري ٿي وجهي، آخر ڇا هيو، جو هن قيوم طراز جي ڪلام “ڳوڙها اگهه تون پنهجي ڳل تان” کي ڳائي دلين ۾ هڪ ازلي درد پيدا ڪيو. سچل ڳوٽ ۾، مان سائينءَ بيدل جي واتان،ڀرسان ويهي، سندس ئي ڪمري ۾، آمهون سامهون سڀ ڪلام ڇڏي، الائي ڇو رڳو ٻه ڪلام ئي ٻڌڻ پئي چاهيا، هڪڙي وائي، جيڪا سندس والد صاحب، سائين فقير مسرور جي آهي “يار!سهڻل جا سور، سرتيون مونکي سخت ستائن” ۽ ٻيو استاد بخاريءَ جو ڪلام

“نيڻ تنهجا شرابي شرابي،

گيت مهنجا گلابي گلابي

شوق شيشا کڻن

عشق اوتي پيئن

شهر ليکي شرابي شرابي”

Add Image

هاڻي جن به اهي ڪلام ٻڌا آهن، اهي ڪاٿو ڪري سگهن ٿا ته انهن جي ٻڌڻ مهل ماڻهوءَ جي ڇا حالت هوندي آهي، مونکي هڪ آرٽست، هڪ موسيقار، هڪ ڳائڻي، هڪ اداڪار، هڪ ناول نگار، هڪ پروڊيوسر، هڪ صوفي منش، شڪارپور جي بدوي خاندان جي فرد، هڪ صافي سٿري ماڻهوءَ، سائين مسرور فقير جي اولا، سائين مٺل ڀاءُ جو انٽرويو ڪرڻو هيو، مان کوئجي ويو هوس، مونکي خبر هئي، مان اهو ڪجهه نٿو ڪيان، جيڪو ڪرڻ گهرجي، اها رواني خبر ناهي، ڪٿي رڪجي وئي، هن جي نيڻن ۾ اتهاس هيو، هڪ سوچ هئي، هڪ معنيٰ خيز گهور هئي، هڪ هلچل هئي، مان اهو سڀ ڏسي، شانت ٿي ويس، هن جي گهرائيءِ کي ڏسي، مونکي اياز جي ئي ڪلام جون سٽون ٿيون ياد اچن ته:

تنهجو انت اٿاهه، مان ڇاڇر ۾ ڇيرون

مان بيهجي ويو هوس، مان بس ٻڌڻ پئي چاهيو، مان ڪنهن ڳولها ۾ هوس، خود گم ٿي ويو هوس، خود کوئجي ويس، هوش آيو ته محسوس ٿيو، شيون رهجي ويون، ڳالهيون ته ٿي ئي نه سگهيون، مان جنهن ڪم لاءِ آيس، اهو ته ڪري ئي نه سگهيس، بس، جيڪو آهي، جيترو آهي، کي غنيمت سمجهي ڳالهين کي ڳالهڙين ۾ تبديل ڪري، اسان ان شرط تي موڪلايو ته “سائين! ڪافي ڳالهيون ڪرڻيون هيون، رهجي ويون، انهن کي پورو ڪبو” بس، جيڪو آهي دوستن جي اڳيان رکان ٿو، اميد ته دوست پنهجي شهر جي هيرن جو قدر ڪندا، انهن جي پيار ۽ پاٻوهه واري قدمن جي پوئواري ڪندا، ان ۾ ئي اسان جي نجات آهي، مان مڃان ٿو، ته لاشعور ۾ جنگ به هوندي آهي، پر پاڻ امن جا متلاشي آهيون، پيار جا ڳولهائو آهيون، اسين پيار جي ان سفر کي اڳتي وڌائڻ ٿا گهرون ان اميد ته ته اسين وري پنهنجي لاشعور سان ڳنڍباساين ۽ وري ماڻڪ، موتي ۽ لعل لهي وٺينداسين، زندگي آهي ته اهي ڳولهايون هلنديون رهنديون!


انٽرويو جا چار حصا آهن ۽ اڃا انٽرويو رهيل آهي

1. http://www.youtube.com/watch?v=_I8JCF3Ho_g

2. http://www.youtube.com/watch?v=ght3jgHH_Xs

3. http://www.youtube.com/watch?v=xaPi-_q4koE

4. http://www.youtube.com/watch?v=xU_B-HJZGgc

_____________________________________

My Shikarpr on Face Book

1. https://www.facebook.com/groups/73795529124/ (My Shikarpur Group on Face book)

____________________________________________________________________________

2. (My Shikarpur Page on Face book

https://www.facebook.com/pages/My-Shikarpurs-Pictures-%D8%B4%DA%AA%D8%A7%D8%B1%D9%BE%D9%88%D8%B1-%D8%AC%D9%88%D9%86-%D8%AA%D8%B5%D9%88%D9%8A%D8%B1%D9%88%D9%86/276951593081

___________________________________________________________________

حسام ميمڻ

10 فيبرور 2012

ڪراچي

موبائيل: 0334 3675045

اي ميل: memonhisam@yahoo.co.uk

No comments:

Post a Comment