Thursday, January 26, 2012

My Poetry

حسام ميمڻ

جنوري 26، 2012

منهنجي شاعري

اوجاڳا اکين ۾ ڏس ته جذبو سرد ڪونهي ڪو

چوين ٿو تون اڃا مونکي ته ڪوئي درد ڪونهي ڪو

شهر جي ڪيئي ماڻهن ۾، هڪڙو عارضو ٿيو آ

تماشا ۽ رڳو تاڙيون، ڄڻ ڪو مرد ڪونهي ڪو

جيترو غزل ياد آيو، مان هتي لکيو آهي، هن جا ٻيا مصرع ياد نٿا اچن، هي غزل مون اڄ کان 10 سال اڳ شڪارپور ۾ رچيو هو. مان پنهنجي شاعريءَ کي گهٽ محفوظ ڪيو آهي، ۽ شايع به گهٽ ڪرائيندو آهيان، شڪارپور جو دوست نسيم شاهه اڃا تائين مونکي فون ڪري چوندو آهي ته مان کيس پنهنجي شاعري ڏيان، پر سستيءَ ۽ سڀ شيون وکريل هئڻ ڪري ، مان سائينءَ کي پنهنجي شاعري موڪلي نه سگهيو آهيان. اڄ کان 6 سال اڳ شڪارپور جي پسمنظر ۾ تڏهن بيت لکيا هيا، جڏهن مان شڪارپور ڇڏي ڪراچيءَ اچي مقيم ٿيس، ان سموري رجسٽر ۾ شڪارپور جي حوالي سان شاعري ڪئي هئي، اهو رجسٽر ڪوئي چورائي ويو، مونکي پتو ئي نه پيو.

ائين ئي اڄ کان 4 سال اڳ سائين عنايت الله ميمڻ، جيڪو شڪارپور ۾ ٽي وي ٺاهڻ جو نالي وارو ڪاريگر هيو، ان فون ڪئي ۽ چيو ته فلاڻو رجسٽر مون وٽ پيو آهي، مجاهد (سندس پٽ) ڀل ۾ مون وارو رجسٽر کڻي ويو هيو، جنهن ۾ ڊائري به لکيل آهي ۽ ڪجهه شاعري به آهي، پر سستيءَ جي ڪري، اڄ تائين هن کان وٺي نه سگهيو آهيان.

جن رسالن ۾، مان شاعري ڪئي، اهي ڪٿي آهن، ڪا خبر ناهي، ڪجهه شاعري، جڏهن مان حيدرآباد ۾ رهندو هوس، نعمت کهڙو،منهنجي شاعري ساڃاهه رسالي ۾ ڇپرائي هئي، هڪ نظم مونکي ياد آهي ته شيخ اياز جي مرتئي تي لکيو هيو.

ڪجهه شاعري، الله بخش راٺوڙ ورتي هئي، جيڪا هن سچ اخبار ۾ ڇپرائي هئي، جيڪا پڻ هن وقت مون وٽ ناهي، ڪجهه شاعري، مونکي ياد آهي، شڪارپور ۾ نسيم شاهه سمبارا اخبار لاءِ ورتي هئي، اهابه مون وٽ ناهي، ڪجهه شاعري ته ضرور مون وٽ آهي، ڪجهه شاعري مان، فيس بوڪ تي پنهنجي نوٽس ۾ محفوظ ڪئي، جيڪا شاعري ڪراچيءُ ۾ 2005 کان پوءِ ڪئي، پر ڪافي شاعري، لکي ويس رکندو، پوءِ اهو به ڏٺو ته ٻار ان جا جهاز ٺاهي پيا اڏارن، انهن کان ورتي ۽ پراڻين شين سان رکي ڇڏي، ڪجهه شاعري، مون وٽ آهي، ڪافي وڃائجي وئي. مونکي ياد آهي، جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ English ۾ ماسٽرس پئي ڪئي، تڏهن هڪ ڪافي گهڻا بيت لکيا هيا، ڪي يونورسٽيءَ جي پسمنظر ۾ هيا پر هڪ الڳ سر لکيو هيو، جنهن جو نالو مان “سر مارئي” رکيو هيو، اهي حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي دوستن کي ٻڌايا هيا ۽ انهن کي وڻيا هيا ۽ ان ۾ پهريون دفعو مون ٿورو گهڻو مزاح کان به ڪم ورتو هيو، هڪ بيت ياد آهي، سڄو سر، گم ٿي ويو ڪٿي، هن وقت بنهه ياد ناهي:

مارئيءَ جي گيٽ تي، بيٺو سپاهي

سوچي پيو ڀل نه ملي، ٽَڪو يا پائي

چڱو ٿيو آئي، ڊيوٽي منهنجي گيٽ تي

مونکي ياد اچي ٿو، شڪارپور جي ادبي سنگت ۾ پهريون پهريون سنگيت ناٽڪ “Opera” مان ئي پڙهيو هيو، ان کان اڳ ڪنهن به ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ سنگيت ناٽڪ نه پڙهيو هيو. جڏهن کان سنڌي ادبي سنگت شڪارپور ۾ هلي پئي، ممڪن آهي ته شيخ اياز سنگت شڪارپور ۾ سنگيت ناٽڪ پڙهيو هجي، پر لڳي نٿو، ڇو ته شيخ اياز ٽي سنگيت ناٽڪ لکيا آهن (دودي سومري جو موت، ڀڳت سنگهه کي ڦاسي ۽ رني ڪوٽ جا ڌاڙيل)، اها خبر سائين بيدل مسرور کي هوندي، ڇو ته هو ئي سنڌي ادبي سنگت شڪارپور کي، شڪارپور ۾ سرگرم ڪندڙ هيو ۽ هن ئي سنگت جو بنياد وڌو هيو. شيخ اياز کان پوءِ سنڌ ۾ جيتري مونکي ڄاڻ آهي ته اعجاز منگيءَ به هڪ سنگيت ناٽڪ لکيو هيو، هن اهو پنهنجي دور ۾ سنڌي ادبي سنگت ۾ پڙهيو هيو يا نه مونکي پتو ناهي، پر، مان پنهنجي دور جي ڳالهه ٿو ڪيان ته ڪنهن به اهڙي شيءَ مون واري دور ۾ نه لکي هئي. دوستن خوب ساراهيو هيو. مون وارو اهو سنگيت ناٽڪ نه رڳو، سنڌي ادبي سنگت شڪارپور وارن دوستن کي وڻيو هيو، پر ٻين به دوستن کي وڻيو هيو، ان کي نويد شيخ جرمنيءَ ۾ جڏهن پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هيو، ته هن پنهنجي آواز ۾ پڙهيو هيو، ائين کڻي چئجي ته نويد صداڪاري ڪئي هئي. پر اهو فائيل ڪمپوٽر جي هارڊ ڊسڪ سڙي وئي ته اها به هلي وئي، ۽ ان ئي سنگيت ناٽڪ کي ظهور سومرو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو هيو، ترجمي جا ڪجهه حصا هن فيس بوڪ تي شيئر به ڪيا هيا، ترجمو به دوستن کي وڻيو هيو، پر خبر ناهي، هن پورو ترجمو ڪيو الائي نه، پر هي يادگيريون دل چيو ته لکان ته جيئن منهنجي ڪجهه پيارن دوستن کي خبر پئي ته ڪنهن دور ۾ شاعري به ڪئي.

مونکي ياد آهي شڪارپور جي جيم خانه ۾ آغا سليم آيو هيو، سنڌي ادبي سنگت جا دوست به هيا، ۽ ٻيا به، سڀني شاعري پڙهي هئي، پر جڏهن دوستن چيو ته مان به ڪجهه پڙهان ته آغا سليم چيو هيو : “هي ته ڪالم لکندو آهي، شاعري به ڪندو آهي ڇا” مونکي کيس چيو هيو: “سائين، ڪڏهن ڪڏهن ڪندو آهيان”، پوءِ مون پنهنجو هڪ نظم پڙهيو هيو:

دل چوي ٿي ائين

مان به فاسٽس جيان

روح پنهجو اگر

ڪنهن حوالي ڪيان

يادِ رفته سڏيان

وقت موٽي اچي

ڪنهن گهٽيءَ ۾ وري

ناچڻي ڪا نچي

هي مهن جودڙو

سارو جاڳي پئي

سوم رس آهي ڇا

روح جهاڳي پئي

هيا ڀڪشو ڪئين

ڪيئن مهاتم هيو

گيان ۽ ڌيان ۾

ڪيئن گوتم هيو

ڊيلفيءَ ۾ وڃي

سوال هڪڙو ڪيان

ڪاٿي آهي خدا”

حال هڪڙو ڪيان

هت ته شيطان ڇا

ڪوئي انسان ڀي

وس ۾ ڪونه آ

ڪوئي نادان ڀي

روح پنهنجو پرين!

ڪنهن حوالي ڪيان

دل چوي ٿي ائين

مڌ ايڏي پيئان

(جامِ جَم ٿي وڃان)

سڀ وسري وڃي

ڪهڙو اسرار آه

موت ۽ زندگي

سوچ بيڪار آه

آغا سليم هي غزل ٻڌي پنهجي سيٽ تان اٿيو، مونڏي آيو، ڀاڪر پاتو ۽ چمي ڏني ۽ چيو: “حسام! تون ته ڪمال جو شاعر آهين”

جي پنهنجي شاعري سنڀاريان ها ته ٻٽي ڪتاب ٿي وڃن ها، شڪارپور جي ادبي سنگت ۾ جيڪا شاعري پڙهندو رهيس، تقريبن 1995 کان 2005 تائين، مان ان جو رڪارڊ به پاڻ وٽ مڪمل طور سنڀالي سگهيس ڪجهه شاعري، مون وٽ مختلف ڊائريز ۽ رجسٽرن ۾ موجود آهي، ڪجهه فيس بوڪ تي، ڪجهه ذهن ۾ آهي.

مونکي ياد آهي چڱيءَ طرح ، منهنجي هڪ وائي هئي، جيڪا رحمت ميرالي ۽ عبدالسلام منگيءَ ڳائي به هئي، اها وائي هن طرح هئي ته:

جنهن سان نينهن لڳي وڃي

پوءِ چاهيو، تنهنکي چاهي!

هي من ڀي الائي ڇاهي

اها وئي دوستن ۾ ڄڻ ته منهنجي سڃاڻپ ٿي وئي هئي، ۽ انور سومرو ٻڌائيندو هيو، ته هو جڏهن سنڌيءَ جو سبجيڪٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيندو آهي ته هو ان وائيءَ جا حوالا به شاگردن کي ڏيندو آهي

مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي، ته شڪارپور ۾ جڏهن مان پهريون دفعو گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو هوس ته هڪ غزل پڙهيو هيو:

ملي جي پئين تون امر ٿي وڃان

انڌيارن منجهان به سحر تي وچان

دوستن پهرين آمد کان وٺي ساراهيو هيو، پر مان به محبت ۽ محنت کي ملائي، سنگت ۾ وڃي شاعري پڙهندو هوس، پر هاڻي اهي ڏينهن ويا، حالتون تبديل ٿي ويون، نه مان اهو رهيو، نه ذهن اهو، نه دوست اهي، نه شهر اهو، بس، هڪ ياد آهي، جيڪا سنڀاري سگهجي ٿي!

مان شاعريءَ ۾ وزن ۽ بحر کان وڌيڪ مقصد تي ڌيان ڏيندو هوس، ميوزڪ جو خيال رکندو هوس ۽ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندو هوس، ڪا سوچ ڏيڻ چاهيندو هوس. توڙي جو مان هاڻي، شاعري ان رفتار کان سان شاعري نٿو ڪيان، هاڻي هڪ وڏو اسپيس آهي، اوليتون (priorities) مٽجي ويون آهن، پر پوءِ به، سٺي شاعري پڙهندو رهندو آهيان، شاعري پڙهڻ نه ڇڏي آهي، ۽ شاعريءَ لاءِ ڪيٽس جو هي جملو مونکي جهڙوڪ حقيقت لڳندو آهي:

A thing of beauty, joy for ever

ساراهه به ٻڌي، تنقيد به ٻڌي، پر پڙهڻ نه ڇڏيو، پڙهائي جهڙوڪ پالش آهي، جي پڙهبو نه ته پتو ڪيئن پوندو ، انڪري سٺي شاعر لاءِ مطالعو ائين آهي، جيئن بيمار کي دوا يا اڃايل کي پاڻي!

__________________________

No comments:

Post a Comment