Saturday, November 10, 2012

Khushwant Singh is my favorite writer


Khushwant Singh 

He is stingy, mean, malicious , straightforward, and bold writer, I love to read him, he can be met, conversed and contacted through his books and I like the way, this is!

This son of gun is adorable for me, I enjoy his writings, he says things straightforward without care, how one will take it, he says because he has to say

so what he is Sikh, so what he writes nasty and porno things, I think, it all happens in our society and he tries to depict the items.

being stingy, lecherous and mean, I love him and really love to read him because he don't entrap you in occult type of conversations, (which always prove unproductive) as per I think, he thinks more rationally and critically with depth and use words very timely, while presenting 

Hisam Memon 
10/11/2012

more about him:

خشونت سنگهه مونکي وڻندو آهي، ماڻهن کي وڻي يا نه وڻي، منهنجو ان سان سروڪار ناهي، پر هو هڪ زبردست ليکڪ ۽ کرو ليکڪ آهي، هو ڳالهين جو ڳهير آهي، سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته هو انگريزيءَ جو ليکڪ آهي، هن ڪيترائي ناول لکيا آهن، سکن جي تاريخ ۽ ڪهاڻيون وغيره.

هن پنهنجي آتم ڪٿا به لکي آهي، هو ڪيترائي سال  ڀارت جي سٺين اخبارن ۽ جو ايڊيٽر به رهيو آهي، هو عاليشان صحافي به آهي، هن وٽ لکڻ جو زبردست فن آهي، هو دنيا رليو آهي، وڏين ماڻهن سان مليو ۽ الائي ڪنهنجا ڪنهنجا انٽرويو ڪيا اٿس، پنهنجي ڪتاب اينڊ آف انڊيا جي آخر ۾ پنهنجو مذهب به ڏنو اٿائين، ان ئي ڪتاب ۾ هن سنڌين کي ساراهيو به آهي، هن تي به وڏن ليکڪن وانگر جنس زدگيءَ جو الزام لڳندو رهيو آهي، پر ان جي باوجود هي زبردست ليکڪ آهي.

اهو به ٻڌائيندو هلان ته هو هڪ سٺو مترجم به آهي، هن علامه اقبال جو شڪوه ۽ جواب شڪوه به اردوءَ کان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، اهو يوٽيوب تي به آهي، جيڪڏهن ڪير ڏسڻ چاهي. هو گهڻنن نام ڪٺين ليکڪن کان بهتر آهي، 2005 ۾ هن جو ڪتاب پيراڊائيز مونکي منهنجي دوست فاروق سومرو گفٽ ڪيو هيو، هو به هن ليکڪ جو شيدائي آهي، هو ته خشونت سنگهه سنگهه سان خطن واري لک پڙهه به ڪندو رهيو آهي

خشونت مذهبن جي مقابلي واري تعليم به پرائي آهي، انڪري هو دنيا جي مذهبن تي به چڱي نظر رکي ٿو . ملطلب ته هو وڏي آڙيڪاپ شيءِ آهي، هو رڳ ليکڪ ۽ صحافي نه پر سياست کان به چڱيءَ طرح واقف آهي، هن ڀارت ۾ منسٽر به رهي چڪو آهي.

 هن جي شخصيت جا سچ ته ڪيترائي پاسا آهن، مان هي ننڍڙو تعارف انڪري لکيو ته مان انگريزيءَ جي سيکڙاٽن سان هن جي ڪتاب پيراڊائيز مان هڪ ڪهاڻيءَ پيراڊائيز جا لفظ، جملا ۽ اصطلاح ونڊي رهيو آهيان، انگريزي لفظ ياد ته ماڻهو ڪري ويندو آهي، پر انهن جو استعمال ڪڏهن ڪڏهن منجهائيندو آهي. سکڻ ۽ سيکارڻ جا ڪيترائي طريقا هوندا آهن، هي به هڪ طريقو آهي

باقي جيڪي ماڻهو چوندا آهن ته ناول ۽ ڪهاڻيون پڙهڻ سان انگريزي نه سڌرندي آهي ته مونکي انهن جي ان راءِ تي افسوس آهي انهن ۾ شيخ اياز صاحب اچي ٿو وڃي، جيڪڏهن پڙهبو نه ته سکندو ڪيئن، اهو جواب ئي انهن لاءِ ڪافي آهي. خير، مان هيٺ خوشونت سنگهه جي ان ڪهاڻيءَ ۾ استعمال ٿيل ڪجهه لفظ، اصطلاح ۽ جملا هيٺ ڏيان ٿو، اهڙي ڪوشش اسان وٽ اڳ ڪڏهن نه ٿي آهي، اميد ته دوستن کي اها شيءِ فائدو ڏيندي ۽ انگريزيءَ جا نوان ۽ پراڻا لفظ به ملندا ۽ انهن جو استعمال به

حسام ميمڻ
8/11/2012
___________
لفظن جي لاءِ هيِ لنڪ آهي

http://memonhisam.blogspot.com/2012/11/glossary-of-paradise.html

No comments:

Post a Comment