Saturday, November 3, 2012

Phrases


اڌوري چوڻي -  Phrase

سجاد!

 مان سمجهان ٿو فقره جو مطلب آهي جملو، جيڪو پوري معنيٰ ڪڍي، پر phrase پوري معنيٰ نه ڪڍندو آهي،
  اهو بين لفظن کان سواءِ اڌورو هوندو آهي، اهو اڪثر اصطلاحي انداز ۾ استعمال ٿيندو آهي، ته پوءِ پاڻ ان کي اصطلاح چئون ته بهتر، يا اڌوري چوڻي“ چئون ته اڃا بهتر، پر پاڻ ان کي محاورو به چئي سگهون ٿا، پر مان ان شيءِ کي ترجيح ڏيندس ته اسين ان کي ”اڌوري چوڻي“ چئون، پهاڪو اڃا ٻي شيءِ آهي

About جيترو سولو نظر اچي ٿو، مونکي ايترو ئي ڏکيو به لڳندو آهي، ان جا گهڻا ئي رنگ ۽ ڍنگ آهين، اهو 

فعلي طور به استعمال ٿئي ٿو،
حرف جر واري انداز ۾ به 
ظرف واري انداز ۾ به
 ۽
صفت واري انداز ۾ به

About تي ڪڏهن لکبو، پر جيستائين لفظ جو تعلق آهي ته اوهان جڏهن به phrases هتي ونڊيو ته”اڌوري چوڻيون“لفظ استعمال ڪيو ته بهتر، اهو ضروري ته ناهي ته بازار ۾ جيڪي گرامر جا ڪتاب آهن، خاص طور تي اهي ڪتاب، جيڪي سنڌيءَ ۾ انگريزي سيکارن ٿا، سچ ته انهن اسان جي نسلن سان مذاقون پئي ڪيون آهن، اسين انهن جي لفظن کي ڇو ڀلا اڃا تائين طوق سمجهي پائي گهمندا وتون

انهن گرامر جي ڪتابن کي غور سان ڏسو، سچ ٿو چوان، انهن ڪڏهن گرامر لفظ جي معنيءِ به نه ڏني آهي ته گرامر چئبو ڇا کي آهي، سڀ ويٺا چوندا ته
اوهان کي گرامر ايندو آهي؟
 سائينءَ جو گرامر تمام سٺو آهي
 فلاڻو گرامر جو ماهر آهي
اهڙا جملا عام استعمال ٿيندا ، پر اهي گرامري استاد ڪڏهن به مان نه ڏٺو آهي ته گرامر جي باري ۾ ٻڌائن ته

بابا گرامر لفظ کي سنڌيءَ ۾ ”ويا ڪرڻ“ چئبو آهي

انڪري سجاد سائين

 اسين ڪوششون ڪيون، جيترو ٺيڪ ڪري سگهون، باقي جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي يا ته ڪو ڏاهو ٻڌائي اسانکي يا ته وري پوءِ لڪير جا فقير، جيستائين ڳالهه سمجهه ۾ اچي

3/11/2012

No comments:

Post a Comment