Sunday, November 11, 2012

Lokram Dodeja's birthday today (11/11/2012



شري لوڪرام ڏوڏيجا کي جنم مبارڪون
=========================

11 نومبر 1907 تي سائين لوڪرام ڏوڏيجا شڪارپور جي ڏوڏيجا آڪهه ۾ پيدا ٿيو، اڄ هن جو جنم ڏينهن آهي ۽ اسين هن لاءِ اڄ تائين ڪجهه ڪري نه سگهيا آهيون، سچ ته هو هڪ ماڻڪ، موتي ۽ لعل هيو، هن جيڪو ڪتاب لکيو

منهنجو وطن، منهنجا ماڻهو_وساريو نه وسرن

اهو نه رڳو هر هڪ شڪارپوريءَ پر سموري سنڌ جي ماڻهن کي پڙهڻ گهرجي، جنهن ۾ هن سنڌ جي ڪلچر ريتن رسمن، مسجدن، ٽڪاڻن، مندرن، خاص ڏڻن، ماڻهن، مشغلن، تاريخ، گهٽين ، بازارين ۽ڪيترن ئي موضوعن تي لکيو اٿائين

جيئن ته هي مانائتو ماڻهو شڪارپور جو هيو، انڪري، پنهنجي ڪتاب ۾ هن شڪارپور کي ٻين شهرن کان وڌيڪ جاءِ ڏني آهي، تنهنڪري، اهو ڪتاب نه رڳو عام ۽ خاص لاءِ اهم آهي، پر اهو هڪ ريفرنس ڪتاب به آهي، جيڪو تحقيق ڪندڙن کي به فائدو ڏئي ٿو

ڇا اها افسوس جي ڳالهه نه آهي ته اڄ لوڪ رام ڏوڏيجا جو جنم ڏينهن آهي ۽ نه ان کي شڪارپور جي ادبي سنگت ياد ڪندي، نه ئي وري ٻيون ڪي ڌريون

هي يا هن جهڙا ماڻهو، جن شڪارپور سان پيار ڪيو، انهن کي ياد ڪرڻ هڪ هاڪاري تاريخ، جذبي ۽ ان ثقافت کي ياد ڪرڻ آهي، جنهن تي نه رڳو شڪارپورين کي پر دنيا کي ناز آهي، تنهنڪري، پنهنجن اهڙان ماڻهن کي سارڻ انهن جي ڪم وارين ڳالهين کي ڦهلائڻ وقت جي ضرورت آهي

پنهنجي ماڻهن جو قدر ڪيو ، انهن کي ياد ڪيو، ۽ انهن جون سٺيون ڳالهيون پنهنجي نئين ۽ ايندڙ نسل سان ونڊيو ته جيئن اسان جي تاريخ هميشهه شاندار ڳالهين سان رقم ٿيندي رهي

حسام ميمڻ
11 نومبر 2012



No comments:

Post a Comment