Thursday, November 1, 2012

Sami an ignored poet


سامي هڪ نظر انداز ٿيل شاعر

مان هي خط ايوب گل ڏانهن لکيو هيو، جنهن ۾ ساميءَ تي به ڳالهايو هيو ته هن کي ڪيئن ۽ ڇو نظر انداز ڪيو ويو آهي؟
حسام ميمڻ
11 اپريل 2012
 _______________

 اهڙي طرح ساميءَ کي اوهان سڃاڻو  يا نالو ته ٻڌو هوندو اوهان، يا ٿورو ٿڪو ٿي سگهي ٿو پڙهيو به هجيوَ !توڙي جو هو، شاعري واري ٽمورتي Trinity ۾ شامل آهي، پر ساميءَ تي اهو ڪم نه ٿيو آهي، جيترو ٻين شاعرن تي، معاف ڪجو هن تي ڪم جو ذرو به نه ٿيو آهي،مثال جيترو اياز تي ٿيو آهي، اياز جا سمورا ڪتاب ثقافت کاتي نثر ۽ نظم ۾ سلسليوار ڇپايا آهن،
پر ساميءَ تي ڳولهي وٺو متان ڪجهه ڇپايو هجائون، (ڪلچر وارن) پر منهنجي نظر مان نه نڪتو آهي، مون وٽ ثقافت کاتي جي تازي ڪتابن واري ڪيٽالاگ به آهي، ڪٿي به ساميءَ جو ڏس نٿو ملي،

هو “شاهه ، سچل ۽ ساميءَ” واري ٽمورتيءَ ۾ شامل آهي، پراڻي دور ۾ جيڪو هن شاعر تي ڪم ٿيو ، سو ٿيو، باقي نه هن ڪلاسيڪي شاعر کي ڪير ڳائي ٿو، نه جهونگاري ٿو، نه وري هي ڪنهن کي ياد آهي، ها ، ڪنهن جو موڊ ٿي ويو، ته ساميءَ تي يا ساميءَ جي مڙهيءَ جي حوالي سان ڪم ڪري، مڙيوئي ڪم ٽپائيندا آهن ۽ ائين اسان وٽ سامي ياد ڪيو ويندو آهي.
 ساميءَ تي ته ايترو به ڪم نه ٿيو آهي (جي مان ڊاڙ نٿو هڻان ته) جيترو ڀڳت ڪبير تي ؛ مهينو ڏيڍ اڳ هڪ خفي سان ڪنڌ ڪوٽ ويو هوس، اتي منهنجي هندو دوست پتامبر ساميءَ جي ڀڳت ڪبير جي “ڪٽيه” گهمائي، بقول پتامبر جي، اها ڀڳت ڪبير جي سڄيءَ سنڌ م واحد ڪٽيه آهي، جتي ميلي تي سڄي سنڌ کان ماڻهو ايندا آهن،

 شيخ اياز تي به اديب ۽ شاعر وڃن ٿا، ڪراڙ تي به ميلو مچي ٿو، اديبن ۽ شاعر ن کي اتي به انعام ڏنا ويندا آهن ۽ ادبي ڪانفرنسون ٿينديون آهن، پر  ڪير ٻڌائي ته حڪومت يا اسان جا اديب ساميءَ جي حوالي سان اهڙو ڪو ڪم ڪرن ٿا، ڇا سامي ڪنهن کي ياد آهي، سنڌ ٽي وي آهي، آواز ٽي وي آهي، ڪي ٽي اين آهي (ڪي ٽي اين ساميءَ تي History ۾ هڪ پروگرام ڪيو هيو)، ڌرتي ٽي وي آهي،  ايف ايم هلي رهيا آهن، مختلف شهرن ۾ ، پر ڇا سنڌ جو ڪلاسيڪل شاعر، ٽمورٽيءَ ۾ شامل “سامي” ڪنهن کي ياد آهي،

 هن کي ڪير به نٿو ڳائي، جي پڇا ڪبي ته چوندا، ته شلوڪ نٿو ڳائي سگهجي، هاڻي، ڏيو منهن سائين! اڄ جي دور ۾ نثري نظم ڳائجن ٿا، پر سامي نٿو ڳائي سگهجي، بيدل سائينءَ نصير مرزا جو نثري نظم (جي مان ڀلجان نٿو ته اهو نثري نظم ئي آهي) “خوشبو جي سنگ سنگ، رولاڪ بادل جيان” ڳايو آهي ته پوءِ ساميءَ کي ڪير ڇو ڪونه ٿو ڳائي، بيدل مسرور صاحب به شڪارپور جو آهي،

ٺيڪ آهي، ساميءَ جا سلوڪ نٿا ڳائي سگهجن ، پر آغا سليم ساميءَ کي ڳائڻ جو هڪ فارمولو ٻڌايو هيو ته جيڪڏهن سلوڪ کي ابتو ڪبو ته وائي ٿي پوندي (ان سان سلوڪ جي فڪر ۽ فلسفي تي ڪو اثر نه ٿيندو)، پوءِ ڀلا ان کي ان انداز ۾ ئي ڳائجي، مطلب سنڌ جي ڪلاسڪ کي ڪو ته ڳائي، چئبو ته ڳالهه چٽي ٿي وئي، سامي هڪ نظر انداز ٿيل شاعر آهي، جنهن کي هن جي مذهبي عقيدي يا هن جي ٻوليءَ يا صنف جي ڪري نظر انداز ڪيو ويو آهي، ڪنهن به صورت ۾ کڻي وٺجي ته سامي اسان وٽ نظر انداز ٿيل آهي، حڪومت کان به ته اديبن ۽ شاعرن کان.

ايوب صاحب!

مان ساميءَ جي ڌرتيءَ تي پيدا ٿيل شخص آهيان، مون کي خبر آهي، ته ويدن ۾ سنڌ جي تاريخ آهي، ڀلي ڪاڪي ڀيرو مل جو “قديم سنڌ” پڙهي ڏسو، اوهان پڙهي ڏسو ته ڪيئن ته ويدن ۾ سنڌوءَ جي لهرن کي سهڻي ۽ مانائتي طرح ان دور جي رشين ۽ منين ڳايو آهي، اوهان به سنڌ وءَ تي لکندا آهيو، ان جي لهرن تي لکندا آهيو، بتيلن جو ذڪر اوهان جي شاعريءَ ۾ به آهي، ۽ اوهان شاعريءَ يا شاعراڻن خيالن جي ڪري، سنڌوءَ سان واڳيل آهي، يا سنڌي هئڻ ڪري، يا وري سنڌو، جيئن ته سنڌين جي جيئڻ جو وڏو سهارو آهي، ان حوالي سان، ڪهڙي به حوالي سان ، اوهان سنڌوءَ کي ڳايو ٿا، جڏهن سنڌوءَ کي ڳايو ٿا ته ائين لڳي ٿو اوهان لاشعوري طور ويدن واري سنڌوءَ سان جڙيل آهيو،

 ۽ سامي ويدن جو شاعر آهي هو ويدانتي آهي ۽ اسانجو شاعر سامي صاحب ، جنهن دور ۾ شڪارپور ۾ هيو، ان وقت تلسي پنٿي ۽ نانڪ پنٿي ٻه وڏا پنٿ هيا، شڪارپور ۾ تلسي پنٿيءَ جو ايترو زور نه هيو، جيترو نانڪ پنٿيءَ جو، ان جي وڏي ۾ وڏي شاهدي اها آهي ، شهر ۾ جيڪي درن تي يا گهرن ۾ ڪاٺ تي جيڪي اڪريل مورتيون آهن، انهن ۾ اوهان کي 90 سيڪڙو مورتيون گرو نانڪ جون ملنديون، هڪ پاسي کان ٻالهو اٿس ۽ ٻئي پاسي کان مردانو، اهي ٻيئي چيلا ساڄي ۽ کاٻي کان ويهاريل ڏيکاريل آهين، ائين وسهڻ جوڳو آهي ته ته ان دور ۾ سامي تلسي پنٿ جي ڪري دٻيل رهيو، ممڪن آهي، هن جيڪا شاعري مَٽَ ۾ لڪائي رکي ، ان جو وڏي ۾ وڏو سبب ٻن پنٿن جو فڪري ٽڪراءُ هجي.

ڪجهه به هجي، پر سامي اسان وٽ ساميءَ جي دور کان وٺي نظر انداز ٿيل آهي ، ويندي اڄ تائين، مان ان ساميءَ جي ڌرتيءَ جو آهيان، شڪارپور رزخير زمين آهي، مان به ان شهر جو پاڻي پيتو آهي، جتان اسانجي وڏن عالمن ، بزرگن ، ڪلاسيڪي شاعرن ۽ وڏن مترجمن پيتو پئي. ضرور زمين جي خوشبو مون جهڙن ماڻهن ۾ به هوندي، شڪارپور شهر علم ادب کان وٺي دنيا جي مختلف شعبن ۾ پاڻ مڃايو آهي، مان ننڍڙو ماڻهو آهيان، پر هڪ لگن آهي، هڪ شوق آهي، دل گهري ٿي، ته ترجما ڪجن، ٻيو تخليقي، تعميري ۽ تنقيدي ڪم پنهنجي جاءِ تي پر ترجمو ڪرڻ مونکي سٺو لڳندو آهي،

واڌاريل ڳالهيون:
ساميءَ کي ترجمو ڪرڻ وقت ذهن ۾ ائين ايندو آهي ته ڇا اسان جي ڪلاسيڪي يا جديد شاعرن کي ٻاهريان ماڻهو ائين پڙهن ٿا، جيئن هو شيڪسپيئر ، ملٽن، گوئٽي ، ڪيٽس ، شيلي، آڊن يا ٻين شاعرن کي پڙهن ٿا. مان ته سمجهان ٿو، هنن کي خبر ئي ناهي ته اسان وٽ ڇا ڇا ڳايو ويو آهي، ڪهڙي زوردار قسم جا شاعر آهن ۽ جن جو پر امن پيغام عالمِ انسانيت لاءِ ڪارگر آهي، مان سمجهان ٿو، ٻاهرين ماڻهن کي پتو ئي ناهي ته اسان وٽ ڇا آهي، جيئن اسان جي ماڻهن جو حال آهي، سڄو ڏينهن پنهنجي شاعريءَ سان ويٺا کيڏن ٿا، فيس بوڪ تي پوري توائي ڪڍي وڃي ٿي. پر، جيڪي ڏاها ماڻهو آهن، اهي يا ته خاموش آهن، يا ته لائيڪ بٽڻ تي زور اٿن، يا وري هنن صاحبن کي ڳالهه ئي مورڳو نه وڻندي.

ساميءَ کي لنوائڻ ۾ ڪافي شين جو سمجهڻ درڪار آهي، سڀ کان اهم شيءِ ان دور جي پنٿن کي سمجهڻ ، جن جو مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان، ڪيترائي هال هيا شڪارپور ۾ ، جتي گيتا پاٺ ڪئي ويندي هئي، پر جپ صاحب يعني سک مت وارو گرو گرنٿ صاحب شڪارپور ۾ سڀني ٻين ڌرمي پستڪن کان وڌيڪ پاٺ ڪيو وييندو هيو ۽ اڃا به صورتحال ساڳي آهي ۽ راجا رنجيت سنگهه به شڪارپور کي انڪري قبضي ۾ ڪرڻ پئي چاهيو ته شڪارپور ۾ گرو گنٿ جا پوئلڳ تمام گهڻا هيا، پر انگريزن کيس ڊيڄاريو ڀڀڪي ڏني، ته هڪ اک وارو يعني ڪاڻو رنجيت سنگهه مڙيو نه ته هو شڪارپور کي شايد سک پور ۾ تبديل ڪري ڇڏي ها. ڪاڻا خطرناڪ لڳندا آهن، ممڪن آهي ، بلڪه ضرور انهن ۾ معصوم به هوندا پر سنڌ کي ڪاڻن جا گهڻا ئي هٿ لڳل آهن. خير  منش نيم رکي ڪري مندرن ، ٽڪاڻن ۽ شوالن ڏانهن ويندا هيا ۽ جپ صاحب جو پاٺ به ڪندا هيا، هاڻي به اوهان شڪارپور جا مندر گهمي سگهو ٿا، اوهان کي ڪٽهڙي ۾ محفوظ تمام وڏي سائيز جا گرنٿ نظر ايندا، شنڪر ڀارتي آشرم ۾ ته ڪلاسيڪل گرنٿ پيل آهي.

مونکي شڪارپور ۾ مندرن ، مڙهين، ٽڪاڻن، لنگ صاحب، ٿان، شوالن، ۽ رامداس جهڙن حالن تمام گهڻو موهيو، عجيب رومانس هيو، انهن شين ڏانهن ڇڪجي ويندو هوس، مونکي ڪٿي به ڪنهن به مندر ۾ ويد نظر نه آيا، هڪ اڌ ماڻهو مليا، جن چيو ته انهن وٽ ويد آهن، پر ڪنهن به مونکي هن مهل تائين ويد نه ڏيکاريا، باقي، سکمني، گرنٿ صاحب، گيتا، رامائڻ  ۽ ڪجهه ٻيا پستڪ دوستن وٽ به نظر آيا ته مندرن ۾ به ، ويد جو ڪٿي نانءُ نشان به نظر نه آيو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان وٽ جيڪي هندو يا ڀائيبد هيا انهن جو ذهني لاڙو ڪهڙي پستڪن ڏانهن هيو ۽ هو ڪهڙي شين جو پاٺ ڪندا هيا.

سامي صاحب ويدانتي ماڻهو هيو، هن سنڌيءَ ويد ائين ئي اچي صحيح ڪيا، جيئن لطيف سائينءَ چيو هيو ته “سي آيتون آهن”. پر ويدن جو دور اسان وٽ پورو ٿي ويو هيو، ويدن جو شڪارپور ۾ اهو اثر ئي نه هيو جو انهن تي گهڻو ڌيان ڏنو وڃي ها، مان سمجهان ٿو هڪ وڏو فيڪٽر ساميءَ تي ڪم نه ٿيڻ جو اهو به آهي.
مان سمجهان ٿو، شڪارپور جي کٽ واري ڌرمشاله ۾ جيڪي نرگ ۽ سرگ جا چتر ٺاهيل آهن، يا دروپديءَ جا جيڪي چتر ديوارن تي نقش آهن، اهڙا چتر جيستائين منهنجو عقل ڪم ڪري ٿو ته سڄي سنڌ جي مندرن ۾ ٻيو ڪٿي نظر نه ايندا. اتي ئي هڪ خوبصورت در آهي، جنهن تي ڪاٺ جي اڪر جو جيڪو ڪم ٿيل آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي، ۽ ان ڪاٺ جي اڪر ۾ مونکي ٻه مورتيون نظر آيون، هڪ گرو نانڪ جي، جيڪا دروازي تي هڪ ئي وقت 6 يا 8 دفعا اڪريل هئي ۽ بي هڪڙي اڪر سائين شري ڪرشن جن جي هئي.

مان ان ڳالهه ۾ منجهيل رهيس ته هندن جي جيڪڏهن ابتدا ئي ويدن کان ٿئي ٿي ۽ ويد ئي هندومت يا سناتن ڌرم جو بنياد آهن ، جيڪي سنڌوءَ جي ڪنارن تي ان وقت جي مها رشين ۽ منين چيا پئي ۽ بعد ۾ اهي مرتب ڪيا ويا ته پوءِ اسان جي شهر شڪارپور ۾ ويدن جو ڪو نانءُ نشان ئي نٿو ملي، هڪڙو سامي صاحب نظر اچي ٿو، جنهن ويدن جي تعليم سلوڪن معرفت ڏني آهي ( ٿي سگهي ٿو سنڌ ۾ ، هن ڪلجڳ جو ڪو ڪاپڙي هجي، جنهن ويدن جي مهما سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هجي، پر مونکي پتو ناهي). ائين کڻي چئجي ته سامي اڪيلو هيو يا اهڙي فڪر جا ماڻهو گهٽ هيا، تڏهن سامي صاحب کي نظر انداز ڪيو ويو يا خودبخود زماني جي رنگ ڪري ٿي ويو.

ان کان پوءِ سامي صاحب جي ٻولي به مسئلو آهي، ڇو ته اها عام رواجي ٻولي ناهي،  انڪري به سامي صاحب کي ڪو نٿو پڙهي، مان ڏٺو آهي، کوڙ سارا ماڻهو پاڻ کي پستڪي ۽ وڏو پاٺڪ سمجهندا آهن، پر ساميءَ جا چار سلوڪ به کين ياد ناهن هوندا، اهڙا سطحي رويا به آهن، انڪري به سامي صاحب پوئتي آهي، هيئن چئجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو ته اسان وٽ ساميءَ کي پڙهيو ئي ناهي ويو، جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان پڙهيو وڃي ها ۽ شايد ائين نه ٿئي ها!

جيڪڏهن هن کي سنجيدگيءَ سان پڙهيو وڃي ها ته ظاهر آهي سمجهيو به وڃي ها ۽ شيون سمجهه ۾ اينديون ئي تڏهن آهن، جڏهن پڙهبيون آهن. اهو ائين ئي آهي، جيئن چيو ويندو آهي، “مونکي رياضي نه ايندي آهي” هاڻي، رياضي پڙهبي ۽ سمجهبي ئي نه ته پوءِ سمجهه ۾ ڪٿان ايندي، انڪري، ساميءَ صاحب کي پڙهڻ جي ضرورت آهي.

اها ڳالهه به ڪندو هلان ته شيخ اياز  پنهنجي ڪتاب “ڪپر ٿو ڪن ڪري” ۾ ساميءَ جا نوان سلوڪ لکيا ۽ ساميءَ جي مايا ۽ مايا ڄار واري خيالن تي ڀرپور تنقيد ڪئي ته ان به اديبن ۽ شاعرن تي اثر ڇڏيو، مان جيئن ته مٿي چيو آهي ته اڳ ئي ويد اسان جي ماڻهن  گهٽ پڙهيا آهن، اهڙي طرح شيخ اياز جي سلوڪن جو به شاعرن ۽ اديبن تي مان گهڻو ڏٺو. توڙي جو شيخ اياز ساميءَ جو وڏو پرستار آهي ۽ ساميءَ تي ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان لکندو ۽ ياد ڪندو رهيو آهي، پر “ساميءَ جا نوان سلوڪ” ۾ شيخ اياز ساميءَ سان کليو اختلاف به رکيو آهي
بهرحال، سامي هڪ ڪلاسيڪي، گهرو، ويدانتي ۽ سنڌي شاعر آهي، جنهن کي اهڙي طريقي سان لنوائڻ ڪو سٺو رويو ناهي.







No comments:

Post a Comment