Thursday, November 1, 2012

short story "untitled"


بنا عنوان ڪهاڻي
==========
 مان هن کي اڄ غور سان ڏٺو، هن جو وارن کان آجو مٿو چلڪي ۽ چمڪي رهيو هيو، وڏي عمر جي باوجود، هن جي ڳلن ۾ لالائي هئي، هو پهريان کان وڌيڪ خوبصورت لڳي رهيو هيو.

 هو انتهائي پر اعتماد هيو ۽ مرڪي ماڻهن سان مليو پئي، وڏا ٽهڪ ڏيڻ هن کان وسري ويا آهن، اها شيءِ هن لاءِ هاڻي ماضيءَ جي ڪٿا آهي، جوانيءَ جي لااٻالائي يا شايد جاهليت جي هڪ نمايان نشاني.

 انڪري، ٽهڪ ڏيڻ هن کان وسري ويا آهن. هو ذري ذري تي ڪپڙن کي هٿ لاهي دز صاف ڪري رهيو هيو، هن جي هٿ ۾ مان ٽشو به ڏٺو، مون کي ياد آيا، اهي ڏينهن، جڏهن هو بوڇڻ کي بوسڪيءَ کان وڌيڪ مهانگو ۽ مانائتو سمجهندو هيو، اهي به ڏينهن هيا!
سچ ته هو ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيو هيو، ائين پئي لڳو ڄڻ ڪو پلاسٽڪ جو سهڻو ۽ صاف سٿور گڏڙو هجي... !

مونکي ڏسندي ئي هن سڃاتو ۽ منهنجو اڌ نالو کڻي مرڪي چيائين :

جوسا تون هتي ڪيئن؟

اڪبر ٻڌايو اوهان اڄ هتي اچڻا آهيو، سال لنگهي ويا، اوهان کي نه ڏٺو هيو، دل کي سٽون پئي آيون، بس، اوهان جو ديدار ڪرڻ آيس، وري الائي ڪڏهن ملون الائي نه؟!“ يوسف کيس نماڻائيءَ مان جواب ڏنو

مون سان ٿورو گهڻو حالي احوالي ٿي ڪري، وري هن پنهنجي ڀر ۾ ويٺل هڪ همراه سان ڳالهائڻ جاري رکيو، هن کي اهو چئي رهيو هيو:

وقت مٽجي ويو آهي، هاڻي اهي دور ناهن رهيا، هاڻي سياست جي گندي ڳلين ۾ رلڻ جي ضرورت ناهي، خاڪروبي موڪلائي وئي، هي دور انٽرنيٽ جو دور آهي، سائنس جو دور آهي،جيئي جيئي گهڻي ٿي وئي، پاڻ جيڪو پليٽفارم ٺاهيو آهي، انساني ڀلائيءَ جو، ان لاءِ پئسا ڊونر ڏيندا، اسان کي سهولت هوندي اچ وڃ جي، مانيٽرنگ ڪرڻ جي، اهڙي طريقي سان به ڪم ڪري سگهجي ٿو ، ۽ اهو ڪم آسان به به آهي ۽ ڀلو به، پوءِ ڇور هروڀرو ويهي سياست جي گندين ڳلين ۾ رلجي......!“

سائين ڳالهائي ئي رهيو هيو، ته مون کائنس موڪلائڻ جي ڪئي، ڇو ته دير ٿي رهي هئي ۽ مونکي گهر به وڃڻو هيو ۽ فيڪٽريءَ کان سڌو هتي هليو آيس، ان ڪري دير ٿي رهي هئي، ٻارڙن جي لاءِ کير به وٺڻو هيو ۽ دير سان الائجي بس ملي يا نه....!

سائينءَ بس مون ڏانهن ڏٺو، مرڪيو ۽ ايترو چيائين؛ ”ٺيڪ آهي جوسا! تون ڀلي هل!“
_______________
حسام ميمڻ
 29/9/2012

No comments:

Post a Comment