Thursday, November 1, 2012

Illusion (poetic verse)


مايا جو موهه


عطا الله عيسيٰ خيلوي
 جڏهن “سڀ مايا هي”
ڪلام ڳائيندو آهي
ته مان گم ٿي ويندو آهيان،
 الوپ ٿي ويندو آهيان،
ڄڻ ويٺي ويٺي رٽن ڪندو هجان!
 خيال جي دنيا ۾ غرق،
محوِ خواب،
 دنيا ۽ مافيها کان ڪٽيل،
 هلڪڙو...
خبر ناهي،
اهو مايا جو موهه آهي،
 ٻولن ۾ شڪتي آهي
يا
 موسيقيءَ جي چاشني آهي،
 ڪجهه به آهي،
 مان فرحت محسوس ڪندو آهيان،
 پر هڪ درد جاڳندو آهي،
 جيڪو پنهنجي ڪوڙاڻ جي باوجود
 به مٺو لڳندو اٿم.
انهيءَ پل سوچيندو آهيان
ساميءَ ته مايا کي ايترو ننديوآهي،
شايد ئي دنيا جي ڪنهن شاعر
مايا تي اهڙو
ڳايو هجي
هن چيو آهي
هن جي سلوڪ
جي هڪ سٽ آهي:
“مايا ڏائنڻ ، ڏندري”
پر مايا کي آرٽسٽ
ڪيترو خوبصورت
ڪري پيش ڪيو آهي
جتي ڪٿي مايا
ٿي نظر اچي
سچ ته
سڀ مايا هي !
__________
حسام ميمڻ

12 اپريل 2012

No comments:

Post a Comment