Thursday, November 8, 2012

Glossary of Paradise


خشونت سنگهه جي ڪهاڻيءَ جا لفظ، اصطلاح ۽ جملا

خشونت سنگهه مونکي وڻندو آهي، ماڻهن کي وڻي يا نه وڻي، منهنجو ان سان سروڪار ناهي، پر هو هڪ زبردست ليکڪ ۽ کرو ليکڪ آهي، هو ڳالهين جو ڳهير آهي، سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته هو انگريزيءَ جو ليکڪ آهي، هن ڪيترائي ناول لکيا آهن، سکن جي تاريخ ۽ ڪهاڻيون وغيره.

هن پنهنجي آتم ڪٿا به لکي آهي، هو ڪيترائي سال  ڀارت جي سٺين اخبارن ۽ جو ايڊيٽر به رهيو آهي، هو عاليشان صحافي به آهي، هن وٽ لکڻ جو زبردست فن آهي، هو دنيا رليو آهي، وڏين ماڻهن سان مليو ۽ الائي ڪنهنجا ڪنهنجا انٽرويو ڪيا اٿس، پنهنجي ڪتاب End of India جي آخر ۾ پنهنجو مذهب به ڏنو اٿائين، ان ئي ڪتاب ۾ هن سنڌين کي ساراهيو به آهي، هن تي به وڏن ليکڪن وانگر جنس زدگيءَ جو الزام لڳندو رهيو آهي، پر ان جي باوجود هي زبردست ليکڪ آهي.

اهو به ٻڌائيندو هلان ته هو هڪ سٺو مترجم به آهي، هن علامه اقبال جو شڪوه ۽ جواب شڪوه به اردوءَ کان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، اهو يوٽيوب تي به آهي، جيڪڏهن ڪير ڏسڻ چاهي. هو گهڻنن نام ڪٺين ليکڪن کان بهتر آهي، 2005 ۾ هن جو ڪتاب paradise مونکي منهنجي دوست فاروق سومرو گفٽ ڪيو هيو، هو به هن ليکڪ جو شيدائي آهي، هو ته خشونت سنگهه سنگهه سان خطن واري لک پڙهه به ڪندو رهيو آهي

خشونت مذهبن جي مقابلي واري تعليم به پرائي آهي، انڪري هو دنيا جي مذهبن تي به چڱي نظر رکي ٿو . ملطلب ته هو وڏي آڙيڪاپ شيءِ آهي، هو رڳ ليکڪ ۽ صحافي نه پر سياست کان به چڱيءَ طرح واقف آهي، هن ڀارت ۾ منسٽر به رهي چڪو آهي.

 هن جي شخصيت جا سچ ته ڪيترائي پاسا آهن، مان هي ننڍڙو تعارف انڪري لکيو ته مان انگريزيءَ جي سيکڙاٽن سان هن جي ڪتاب paradise مان هڪ ڪهاڻيءَ paradise جا لفظ، جملا ۽ اصطلاح ونڊي رهيو آهيان، انگريزي لفظ ياد ته ماڻهو ڪري ويندو آهي، پر انهن جو استعمال ڪڏهن ڪڏهن منجهائيندو آهي. سکڻ ۽ سيکارڻ جا ڪيترائي طريقا هوندا آهن، هي به هڪ طريقو آهي

باقي جيڪي ماڻهو چوندا آهن ته ناول ۽ ڪهاڻيون پڙهڻ سان انگريزي نه سڌرندي آهي ته مونکي انهن جي ان راءِ تي افسوس آهي انهن ۾ شيخ اياز صاحب اچي ٿو وڃي، جيڪڏهن پڙهبو نه ته سکندو ڪيئن، اهو جواب ئي انهن لاءِ ڪافي آهي. خير، مان هيٺ خوشونت سنگهه جي ان ڪهاڻيءَ ۾ استعمال ٿيل ڪجهه لفظ، اصطلاح ۽ جملا هيٺ ڏيان ٿو، اهڙي ڪوشش اسان وٽ اڳ ڪڏهن نه ٿي آهي، اميد ته دوستن کي اها شيءِ فائدو ڏيندي ۽ انگريزيءَ جا نوان ۽ پراڻا لفظ به ملندا ۽ انهن جو استعمال به

حسام ميمڻ
8/11/2012


  1. 1.      A pencil stuck behind his ear
پينسل هن جي ڪن جي پويان لڳل هئي                            

  1. A prolonged A-U-M
معنيٰ اوم لفظ کي لانڍ سان پڙهڻ يا اوم لفظ کي ڇڪي پڙهڻ

  1. 3.      A road winding through the hills
پهاڙن منجهان لنگهندڙ روڊ تي هوا لڳي رهي هئي

  1. 4.      A strong gale picked up
تيز هوا جو جهوٽو لڳي پيو

  1. 5.      All dumped on the same plate
سڀ شيون هڪ ئي پليٽ ۾ سٿيل هيون

  1. 6.      All in all
with everything considered (and neglecting details)
سڀڪجهه،ڪنهن شيءِ کي حاصلات سمجهڻ

  1. 7.      American accent
A distinctive mode of pronunciation of a language, esp. one associated with a particular nation, locality, or social class
آمريڪي انگريزي لهجو يا تلفظ /اظهار جو خاص طريقو

  1. 8.      And an incense burner sending up spirals of fragrant smoke
۽ٻرندڙ لوبان مٿي خوشبودار دونهين جا ڇلا ٺاهي رهيو هيو

  1. 9.      Anticipate
توقع ڪرڻ، قياس ڪرن، اميد رکڻ، پهريان ئي ڄاڻڻ، پيش گوئي ڪرڻ، دور انديشيءَ مان ڪم ڪڍڻ

10.  Antiques
پراڻيون ۽ نادر شيون

11.  As they strode along the dusty road with their penises dangling between their thighs. I asked the man next to me on the bus who they were, ‘Nagas’, he replied, ‘naked sadhus’
جئين انهن مٽيءَ واري رستي تان ٻرانگهون ٿي کنيون  ته انهن جا جنسي ٽپڙ رانن جي وچ ۾ لڙڪي رهيا هيا.
 مان بس ۾ ويٺل ڀرسان واري همراه کان پڇيو ته اهي ڪير هيا، نانگا، هن چيو، اگهاڙا ساڌو

12.  At one secluded spot, I saw four or five ash-smeared sadhus sitting around a smouldering fire smoking chillums
نويڪلي جاءِ تي، مون ڏٺو چار يا پنج ڀڀوتي ساڌو دکندڙ باهه جي چوگرد ويٺا هيا ۽ چلم پي رهيا هيا

13.  Bales of cloth
ڪپڙي جا ٿان/ تاڪيا

14.  Big bust
معنيٰ وڏي يا ويڪري ڇاتي، جنسي طور وڏن ارهن واري عورت لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ

15.  Boobs to die for
اهڙا ارهه/ببا جيڪي زبردست سهڻا هجن، جن لاءِ ماڻهوءَ جو ساهه نڪتو وڃي، اهو لفظ اصطلاحي طور استعمال ڪيو ويندو آهي

16.  Bottom Pinches
معنيٰ پويان سيون ٽنبڻ، ويهڪ جي جاءِ تي يا چتڙن ۾ سيون ٽنبڻ، سٿر دٻائڻ، مروٽڻ
پويان سيون هڻڻ، پوئين حصي کي دٻائڻ ۽ مروٽڻ هڪ جنسي شرارت آهي، هڪ همراه دبئيءَ جي عورت سان ائين ڪيو ڪيو۽ ان کي جيل وڃڻو پيو، سزا آيل همراه جي حوالي سان هيءَ لنڪ به آهي
http://www.allvoices.com/contributed-news/12283778/image/92847515-street-of-dubai
هيءِ لنڪ ساڳي مسئلي تي آهي، ۽ هن کي به ڀوڳڻو پيو ته ڪنهن جي پرائيوٽ پارٽ سان کيڏڻ، مذاق ڪرڻ قانوني طور غلط آهي
http://www.facenfacts.com/NewsDetails/13562/this-pinch-is-going-to-hurt-him-a-lot.htm
ساڳي ڳالهه لاءِ پراڊائيز ڪهاڻي جو مک ڪردار ڪري پيو ته هوءَ پنهنجي پوئين حصي کي ڪوششن جي باوجود به بچائي نه سگهي

17.  Bust
معنيٰ وڏي يا ويڪري ڇاتي، جنسي طور وڏهن ارهن واري عورت لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ

18.  By the time I found the cab I was drenched to the skin shivering with cold
ان وقت مون ٽيڪسي هٿ ڪري ورتي ۽ مان چمڙيءَ تائين آلي ٿي وئي هيس (پورو آلو ٿيڻ) ۽ ڏڪي رهي هيس

19.  Call out
گهرائڻ/سڏ ڪرائڻ/وڙهڻ لاءِ للڪارڻ وغيره

20.  Capitol Hill in Washington
آمريڪا جي فنِ عمارت جو ڪمال آهي اها بلڊنگ، اڇو گنبذ هر ڪنهن ڏٺو هوندو

21.  Changed into fresh clothes
مون ٻيا صاف سترا ڪپڙا پهريا

22.  Checked in my valise and gave me a boarding pass
انهن منهنجي سفري ٿيلي کي جاچيو ۽ مونکي جهاز ۾ وڃڻ جي پاس ڏني

23.  Close-cropped hair
پيشانيءَ جي مٿان لڙڪندڙ پر ڪٽيل وار

24.  Creature comforts
Material comforts that contribute to physical ease and well-being, such as good food and accommodations
اهڙيون شيون جيڪي انسان کي سڪون بخشن يا سهولت مهيا ڪن، جهڙو ڪو کاڌو يا رهائش وغيره

25.  Crotch
The part of the human body between the legs where they join the torso
The part of a garment that passes between the legs
ماڻهوءَ جون ٻه ٽنگون جيڪي جنسي عضوي وٽ ملن ٿيون ۽ اهو حصو غليل وانگر ٻه ڇانگو ٿئي ٿو
يا ان هنڌ کي چَڏا به چئي سگهجي ٿو

26.  Dark cloud had spread across the sky
ڪارا ڪڪر پوري آسمان تي ڇانئجي ويا

27.  Dessert
The sweet course eaten at the end of a meal
ماني کانئڻ کانپوءِ مٺي شيءِ کائڻ

28.  Don’t be silly, I would reprimand her
بيوقوف نه ٿيءُ، مون هن کي دٻ ٿي ڏني

29.  Dormitory
A large bedroom for a number of people in a school or institution
A university or college hall of residence or hostel
آشرم جي گڏيل رهائشگاهه/خوابگاهه

30.  Dozed off
ننڊ جي جهوٽي ۾ يا پنڪيءَ ۾

31.  Earthly paradise 
زميني بهشت، ڌرتيءَ تي جنت

32.  Elevator
آمريڪي لفٽ کي ايلويٽر چوندا آهن ۽ انگريز ان کي لفٽ، جيڪا شيءِ مٿي کڻي وڃي

33.  Espresso
تيز ڪاري ڪافي، جيڪا ڪافيءَ جي داڻن کي جوش ڏئي تيار ڪئي ويندي آهي،
The espresso was more froth than coffee
ايسپريسو  ۾ ڪافيءَ کان وڌيڪ گج هئي

34.  Every now and then I saw trees ablaze with bright red flowers
مان هر پاسي ڏٺو وڻ صاف هلڪن ڳاڙهن گلن سان جهنجهيل هيا

35.  Eyes staggered into my room
اکين منهنجي ڪمري منجهه لڙکڙايو

36.  Fiercely competitive
شديد طور مقابلي وارو

37.  Fresh droppings of elephants
هاٿيءَ جا تازا ڦوسا يا لِنڊَ 
38.  Gayatri Mantra

39.  Genteel ancestry

مهذب نسل

40.  Get by
Cope: come to terms with
منهن ڏيڻ ، سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ

 41.  Get off
لهڻ (گاڏيءَ يا جهاز مان وغيره)، ڪپڙا لاهڻ وغيره

42.  Gideon Bible on beside table
ٽيبل جي ڀرسان گڊئن انجيل پيو هيو
گڊئن انٽرنيشنل هڪ تنظيم آهي، جيڪا عيسائين جي اوينجليڪل فرقي سان سلهاڙيل آهي، جنهن اهوطئه ڪيو ته اها 94 ٻولين ۾ انجيل کي 194 ملڪن ۾ سڄي دنيا ۾ مفت ورهائيندي، گهڻو ڪري اهڙا انجيل مشهور هوٽلن ۽ موٽيلس کي ڏنا ويندا. 2011 ۾ انجيل جون 79 ملين ڪاپيون دنيا ۾ ورهايون ويون ۽ 1908 کان لڳ ڀڳ 1.7 ملين ڪاپيون ورهايون ويون آهن، چئبو ته گڊئن انٽرنيشنل هر سيڪنڊ ۾ انجيل جون ٻه ڪاپيون ورهائي ٿي.  گڊئن جو هيڊ ڪوارٽر آمريڪا ۾ آهي. هيءَ معلومات مون وڪيپيڊيا تان ورتي آهي، جيئن دوستن کي معلوم ٿئي ته اهو لفظ ڇا آهي، جيڪو  خوشونت سنگهه پنهنجي ڪهاڻيءَ جي مک ڪردار مارگريٽ کان چورايو آهي

43.  Gorgeous
Beautiful; very attractive, very pleasant, dazzlingly beautiful
شوخ (لباس) ، زرق برق، انتهائي خوبصورت

44.  Have a dip in the Ganga
گنگا ۾ ٽٻي هڻڻ

45.  He came over to talk to me
هو مونڏي ڳالهائڻ لاءِ آيو

46.  He could speak a smattering of English
هي قليل انداز ۾انگريزي ڳالهائي ٿي سگهيو

47.  He dunked the bottle in a bucket of water beside him then pulled it out and neatly peeled off the label
هن بوتل کي پاڻيءَ جي ٿانو ۾ ٻوڙيو جيڪو هن جي ڀرسان پيل هيو،
 هن ليبل کي ڇڪيو ۽ صاف سٿري طريقي سان لاهي ورتائين

48.  He found other girls to take out
هو ٻين ڇوڪرين کي ٻاهر وٺي ٿي ويو

49.  He held out his erect penis at me
هو منهنجي اڳيان پنهجو سخت ٿيل مرداڻو جنسي عضوو جهلي بيٺو

50.  He said to me with sinister smile
هن مونکي شيطاني مرڪ سان چيو

51.  He sat ramrod straight
هو لٺ وانگر سڌو ويهي رهيو

52.  He set down in the lotus position
هو ڪنول آڌار آسڻ ۾ ويهي رهيو

53.  He spoke English with guttural
(Of a speech sound) Produced in the throat; harsh-sounding
هن نڙيءِ مان انگريزي ٿي ڳالهائي . گٽرل معنيٰ جيڪو آواز نڙيءَ مان ڪڍيو وڃي، جيڪو مزيدار نه هجي، کهرو آواز

54.  Headstand
The act of balancing on one's head and hands with the feet in the air 
مٿي ڀر (مٿو زمين تي ۽ ٽنگون هوا م مٿي) اسڪرٽ ۾ بيهڻ جي ڪوشش ڪرڻ

55.  His father was coarse man
هن جو پيءُ بڇڙو ماڻهو هيو

56.  His gaze drew me towards him
هن جي گهورَ مونکي هن ڏانهن ڇڪي وئي

57.  I asked the driver to pull up, if I don’t get a swig of whiskey or rum, I will get pneumonia
مان ڊرائيور کي بيهڻ لاءِ چيو ، جيڪڏهن مان شراب جو وڏو ڍڪ نه ڏوڪيو يا رم نه پيتو ته مونکي نمونيا ٿي ويندو

58.  I bade Putli good night
مان پتليءَ کي رات جو سلام ڪيو/موڪلايو

59.  I bolted my bed room door
مان پنهجو بيڊ روم جو در بند ڪري ڇڏيو

60.  I clung my book at his crotch and screamed
مان هن جي چَڏَن/ٽنگن جي وچ م ڪتاب تيزيءَ سان اڇليو ۽ رڙيون ڪيون

61.  I contemplated suicide
مون آپگهات لاءِ گهرائيءَ سان سوچيو

62.  I found it very soothing
اهو دل کي راحت ڏيندڙ هيو، اهو دل کي تراوت بخشيندڙ هيو

63.  I have taken a vow, never, to step out of the Ashram
مان قسم کنيو آهي ته ڪڏهن به آشرم کان قدم ٻاهر نه رکندس

64.  I heard chant in unison
مان هڪ منتر کي هم آهنگ آواز ۾ ٻڌو

65.  I heard the feet go pitter-patter along the verandah
مان هنن جي پيرن جو آواز ورانڊي لڳ ٻڌو جيڪو مينهن جي ڦڙڦڙ جهڙو هيو

66.  I inherited my mother golden brown hair
سون ورنا وار مونکي ماءُ کان ورثي ۾ مليل آهن

67.  I landed a well-paid job as secretary
مان بطور سيڪريٽري جي هڪ سٺي پگهار واري نوڪري ورتي يا ان تي ترسيس

68.  I learnt a few Hindi words and phrases to get by
مان ڪجهه هندي لفظ ۽ اصطلاح سکيا ته جيئن منهن ڏئي سگهجي

69.  I put him on his place
هن کي پنهنجي جاءِ تي رکيو (جيئن وڌيڪ ڊيگهه نه ڪري)

70.  I responded with smile and joined the palms of my hands
مان هنن کي مرڪي جواب ڏنو ۽ کين هٿ ٻڌا

71.  I set off on my own
مان پاڻ نڪري پيس/هلي پيس

72.  I stood up unsteady on my feet
مان پنهنجي پيرن تي تيزيءَ سان اٿي بيٺس

73.  I stroked her head and asked her to take it easy
مان هن جي مٿي کي ڌڪ هنيو ۽ کيس چيو ته پريشان نه ٿيءُ

I stuffed strip of toilet roll in my pocket

74.  I take after bother my parents
مان پائخاني واري ٽشو پيپر واري پٽي پنهنجي کيسي ۾ رکي

75.  I took a gulp and offered it to the Germans, ‘no thank you’, they said, ‘it is against the rules’, rules be damned, I said to myself, I don’t want to die of cold in a strange land
مان ڍڪ هنيو ۽ جرمن لوڪن کي به آڇيو، نه، مهرباني، هنن چيو، اها قائدن جي خلاف ورزي آهي،
 لعنت پئي اهڙن قائدن تي ، مان پنهنجو پاڻ کي چيو ته مان ٿڌ وگهي اجبني زمين تي مرڻ نٿي چاهيان

76.  I took a quick shower
مون تڪڙو تڙ ڪيو

77.  I wanted to loiter along the bazaars
مان بازارن ۾ ائين ئي گهمڻ ٿي چاهيو، مان بازارن ۾ بنا مقصد جي گهمڻ ٿي چاهيو

78.  I was clumsy
مان بي ڍنگي هيس/مان اڻڄاڻ هيس

79.  I was in first year of college when my parents married me off to the son of a rich Gujrati merchant
مان ڪاليج جي پهرين سال ۾ هيس ته منهنجي والدين مونکي گجرات جي هڪ ڪاروباري امير پٽ سان پرڻايو

80.  I was jostled on crowded pavements
رستن جي وچ تي جتي ماڻهن گهمند آهن، ماڻهن جي ڪٽڪن ۾ ٺوٺيون ۽ پاسا پئي لڳا

81.  I was perused by beggars wherever I went
مان جتي ويس پئي گداگرن منهنجو پيڇو ٿي ڪيو

82.  I will strangle you with my bare hands
مان پنهنجي سکڻن هٿن سان توکي گهٽو ڏيندس

83.  Incident convinced me that I should change my way of life or else I would go crazy
واقعي مونکي ان ڳالهه لاءِ آمادهه ڪيو ته مونکي پنهنجي زندگيءَ جو طريقو تبديل ڪرڻ گهرجي يا  نه ته مان پاڳل ٿي ويندس

84.  Indian I befriended
مان انڊيا واسين جي دوست ٿي ويس

85.  It was a sheer torture as I could not perform many of the posture
اها بلڪل هڪ ذهني ازيت هئي جو مان ڪيترائي آسڻ ڪري نه سگهيس

86.  It was exhilarating
اهو انتهائي خوشي ڏيندڙ هيو/اهو خوشيءَ مان آپي کان نڪرڻ هيو

87.  It was pelting
اهو سڀ تڪڙو ٿي رهيو هيو

88.  It was pitch dark
گهگهه اوندهه هئي

89.  It was Spartan existence which intrigued me
اهو هڪ سخت قانون جي پوئواري ڪندڙ وجود وارو قصو هيو، جنهن مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ٿي

90.  Jockstrap
مرداڻي عضوي کي ڍڪيندڙ ننڍي چڍڙي

91.  Joss stick
A thin stick consisting of a substance that burns slowly and with a fragrant smell, used as incense
اگر بتي

92.  Jostle
Push, elbow, or bump against (someone) roughly, typically in a crowd 
ٺوٺيون ۽ پاسا لڳڻ يا هڻڻ

93.  Killing animals was regarded sin
جانورن کي مارڻ گناهه سمجهيو ٿي ويو

94.  Kosher butcher
يهودي شريعت مطابق حلال يا پاڪ طعام /کاڌي خوراڪ وارو ڪاسائي

95.  Laps of coat
The part on each side of a coat or jacket immediately below the collar that is folded back
ڪوٽ جا اڳيان تهه، جيڪي ڪالر جهڙا هوندو آهن، ٻه حصا

96.  Leering smile
دغا باز مرڪ

97.  Mantelpiece
A structure of wood, marble, or stone above and around a fireplace
Mantelshelf
آتشدان جي مٿان ٺهيل ڪاٺ يا سنگر مرمر جو چونڪ يا فريم

98.  Measuring tape
درزي ان کي عام طور انچي ٽيپ چوندا آهن

99.Momentous
adj.Of utmost importance; of outstanding significance or consequence:
 a momentous occasion; a momentous decision
(Of a decision, event, or change) Of great importance or significance, esp. in its bearing on the future, a very great significance
يادگار لمحا

100.Mosquito repellent
A substance that dissuades particular insects or other pests from approaching or settling
مڇر مار دوا يا مادو

101.Mother’s womb
ماءُ جي گرڀ

102.Muster up courage
gather or bring together
همت ڪرڻ، همت ڪٺي ڪرڻ 
103.My enthusiasm for partying began to wane
پارٽين ۾ شرڪت وارو منهنجو جوش گهٽجي ويو

104.My father was making passes at her for long time
منهنجو پيءُ هن کي هڪ ڊگهي عرصي کان جنسي پاسا ڏئي رهيو هيو

105.My head went into a swirl
منهنجي مٿي کي چڪر اچي ويو

106. My indulgences
منهنجو مصروفيتون، يعني اهڙا عمل جن ۾ ماڻهو گم هجي يا مصرور هجي

107.My mother and I never got each other’s way
منهنجي ماءُ ۽ مان ڪڏهن به هڪٻئي جي وچ نه پياسين

108.Nasty things about immigration
پرائي ملڪ ۾ وڃڻ جي حوالي سان واهيات ڳالهيون يا شيون

109.No sooner had I got to my room than Putli came running in
مان جيئن ئي پنهنجي ڪمري ۾ پڳس ته پتلي ڊوڙندي اندر آئي

110.Ochre Robe
موافق نارنگي پيلي رنگ جي قبا /ڊگهو ڍلو چولو

111.Pavement
Any paved area or surface.
The hard surface of a road or street
ٻن رستن جو وچ، جتي ڇٻر ۽ گاهه هوندو آهي ۽ ماڻهو اتي ويهي به سهندا آهن


112.Philanderer
Womanizer: a man who likes many women and has short sexual relationships with them
زن مريد يعني اهڙو مرد جيڪو گهڻين عورتن سان جنسي تعلقات رکي ۽ اهي تعلقات وقتي هجن، اوهان هن کي هرجائي به چئي سگهو ٿا
پروين شاڪر جي هڪ غزل جو مشهور شعر آهي ته :

وہ جھان بھی گیا لوٹا تو میرے پاس آیا
بس یہی بات ہی اچھی میرے ہرجائی کی

113.Ponder over
to consider something deeply and thoroughly; meditate (often followed by over or upon)
غور ڪرڻ (ڪنهن مسئلي تي، ڳالهه تي وغيره)

114. Problems after problems
مسئلن پٺيان مسئلا

115. Pulled down his trousers
هن پنهجو ٽائوزر لاٿو

116. Putli would scrub my hair and wash the lather away with mugfuls of cold water
پتلي منهنجي مٿي کي رڳڙي ٿڌي پاڻيءَ جي ڀريل مڳن سان مٿي جي گج صاف ڪندي هئي

117. Queue
A line or sequence of people or vehicles awaiting their turn to be attended to or to proceed
ماڻهن ، گاڏين يا ڪنهن به شيءِ جي قطار، ڪِيو معنيٰ قطار
هن لفظ جي اڪثر انٽرويوز ۾ اسپيلنگ پڇي ويندي آهي ، انڪري، ان جي اسپيلنگ ياد ڪرڻ گهرجي نوجوانن کي

118. Rinse
Wash (something) with clean water to remove soap, detergent, dirt, or impurities
آگهارڻ (ٿانوَ وغيره)، پر منهن به ڌوئي سگهجي ٿو

119. Sadhus smeared in ash
ڀڀوتي (ساڌو)، ساڌن جو ملامتي پنٿ، جيڪي اگهاڙا هوندا آهن ۽ جسم کي رک ۽ مٽي هڻي ڀڀوت ڪري ڇڏيندا آهن

120. Scrape off the label (of Jin)
بوتل جو ليبل لاهه

121. She cupped her little hands over my breasts
هن پنهنجي ننڍن هٿن جا ٻڪ ٺاهي منهنجي ارهن کي پڪڙيو 
122. She drapped herself in a dry sari
هن پاڻ کي خشڪ ساڙهيءَ ڍڪي ڇڏيو

123. She got a hefty alimony
هن کي طلاق کان پوءِ وڏي رقم ملي، ان رقم کي نان ۽ نفقه به چيو ويندو آهي، جيڪا رقم عورت کي طلاق يا جدائيءَ کان پوءِ ڪورٽ معرفت ملندي آهي

 124. She replied with shrugging her shoulders
هن پنهنجي ڪلهن کي لوڏي جواب ٿي ڏنو

125. She slid into my bed and lay beside me
هوءَ منهنجي بستري ۾ سرڪي آئي ۽ ڀرسان سمهي پئي

126. She snuggled close, burying her face in my breasts
هوءَ وڌيڪ بغلگير ٿي، پنهنجو منهن منهنجي ارهن ۾ لڪائي ڇڏيو

127. Shops that cater to the needs of our Ashram
دڪان جيڪي اسان جي ضرورتن کي پورو ڪن ٿا

128. Slowly my joints began to ease up and I found I had mastered the padma asana
آهستي آهستي منهجا سنڌ سولائي محسوس ڪرڻ لڳا، مونکي لڳو ته مان پدم آسڻ تي ضابطو ڪري ورتو هيو

129. Spartan existence
اسپارٽا هڪ رياست هئي يونان جي، جتي جو نظام سخت هيو، ائين سمجهيو وڃڻ گهرجي ته اها رياست اهڙي رياست هئي، جتي رهندڙن کي رياست پاران جنگي ٽرينگ ڏني ويندي هئي، ۽ ان رياست ۾ ڪنهن به ڪمزور کي رهڻ جي اجازت نه هئي، اتي ڪنهن عورت کي اها خبر نه هوندي هئي ته هن جو جو مڙس ڪير آهي، عورتون صحتمند هيون، ڪنهن به نوجوان کي پنهنجي پيءُ جي خبر نه هوندي هئي ته فلاڻو منهنجو پيءُ آهي، ان رياست ۾ شاعرن کي رهڻ جي اجازت به نه هئي، ان ئي رياست کان متاثر ٿي افلاطون صاحب جمهوريت ڪتاب لکيو هيو.
اسپارٽن صفت آهي، يعني جيڪو اسپارٽا جو هجي، ۽ اسپارٽن ايڪزسٽنس معنيٰ سخت وجود رکندڙ يا سخت قانون جي پوئواري ڪندڙ

130. Squiggle
A short twisting line, an illegible scrawl
الجهيل/منجهيل (لڪير وغيره)

131. Stroll around
هيڏي هوڏي گهمڻ يا هواخوري ڪرڻ

132. Stuck by the hypnotic quality of his eyes
هن جي سحرانگيز اکين جي خاصيت کان متاثر ٿيس


133. Sulk
A period of gloomy and bad-tempered silence stemming from annoyance and resentment
منهن سجائڻ، نخرو ڪرڻ، ناراض ٿيڻ

134. Synagogue
The building where a Jewish assembly or congregation meets for religious observance and instruction
يهودين جي عبادتگاهه
  
135. Taboo
A custom prohibiting or restricting a particular practice or forbidding association with a particular person, place, or thing
Prohibited or restricted by custom.
Place under such prohibition
مختلف سماجن ۾ مختلف شين جي قانونن، مذهبي عقيدن،ريتن ۽ رواج مطابق منع ٿيل شيءِ، فعل يا ڪو اسم
مثال طور: اسان وٽ عورتون مني اسڪرٽ پائي نه ٿيون گهمي سگهن يورپ ۾ عام آهي، اها شيءِ اسان وٽ ممنوعه آهي، يا اسان وٽ سوئر بدترين جانور آهي، مغرب جي لاءِ مرغوب غذا به آهي ته پيارو جانور به، ائين ڪيتريون ئي شيون اسان وٽ ٽيبوز آهن، کلي عام جنسي فعل به اسان وٽ تيبوز آهن
سادن لفظن ۾ اسين ٽيبو جي معنيٰ شجرِ ممنوعه ڪڍون ته غلط نه ٿيندو

136. Take after
Be similar to relative
شڪل يا مهانڊن ۾ هڪجهڙو هجڻ

137. Take turn
(take turns) alternate: do something in turns
وارو وٺڻ يا واري وٽيءَ سان

138. The Arc de Triomphe in Paris
پئرس ۾ هڪ محراب ٺهيل آهي، اهڙو ئي محراب انڊيا ۾ به آهي، جنهن کي

139. The brain-fever bird
The Common Hawk-cuckoo Cuculus varius also popularly known as the Brainfever bird due to its call
هن کي پپيو به چيو ويندو آهي، هن پکيءَ کي ڪافي گانن ۾ به ڳايو ويو آهي پکيءَ کي سنڌيءَ ۾گهڻو ڪري تاڙو چيو ويندو آهي، ڇو ته تاڙي پکيءَ کي شاهه سائينءَ ڳايو آهي ۽ ان جي تنوار کي مينهن جي آمد سمجهيو ويندو آهي، ساڳي ڳالهه برين فيور برڊ جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ۽ خوشونت سنگهه به ساڳي ڳالهه ڪئي آهي ته ان پکيءَ جي تنوار مينهن جي آمد سمجهي ويندي آهي، ته پوءِ اهو تاڙو ئي ٿيو نه، جنهن لاءِ لطيف سائينءَ سر سارنگ ۾ هيئن چيو آهي:

اڄ پڻ اتر پارَ ڏي، تاڙي ڪئي تنوار
هارين هَرَ سنڀاليا، سرها ٿيا سنگهار
اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا

 ان پکيءَ جو ذڪر هنن گانن ۾ آهي:

سکھی رے سن بولے پپیہا اس پار
پیہو پیہو پپیہا بول
پپیہا رے میرے پیا سے کہیو
فریاد وہ دیکھو دیکھ رہا تھا پپیہا
http://www.yourepeat.com/g/search.php?q=Papiha&s=21

140. The cult of naga sadhus
نانگن ساڌن جو پنٿ

141. The driver kept blaring his horn
ڊرائيور پنهنجي هارن کي زور ئتي انداز ۾ وڄائيندو رهيو

142. The man hounded her
ماڻهو هن جو پيڇو ڪيو/ماڻهوءَ هن کي شڪار ڪرڻ چاهيو (جنسي طور)

143. The sky was beginning to turn grey
آسمان اڇو ٿيڻ شروع پئي ٿيو

144. The swanky Maharaja’s lounge
مهاراج جي صوفي نما ويهڻ جي شاندار۽ سهل پسندانه جڳهه

145. The temple filled with the tinkling of bells
مندر گهنڊن جي گنجار سان ڀرجي ويو


146. The umbilical cord
A flexible cordlike structure containing blood vessels and attaching a human or other mammalian fetus to the placenta during gestation
A flexible cable, pipe, or other line carrying essential services or supplies

اور وارو ناڙو

147. Then I heard brain-fever bird, which I was told was harbinger of the monsoon
پوءِ مون تاڙي پکي لاءِ ٻڌو، جنهن لاءِ ٻڌايو ويو ته اهو سانوڻ جو پيش خيمو آهي

148. Through the massive windows I got a panoramic view of the city
وڏين درين منجهان مون شهر جو ظاهري نظارو ڪيو

149. To cope with stress
نفسياتي دٻاءَ سان منهن ڏيڻ

150. To dismiss the fears
خوف کي نظر انداز ڪرڻ

151. To feel emptiness inside
اندر ۾ خاليپڻو محسوس ڪرڻ

152. To go into depression
نفسياتي دٻاءَ ۾ وڃڻ

153. To indulge in promiscuous sex
آواره جنسي فعلن ۾ داخل ٿيڻ، ڦاسڻ، آماده ٿيڻ، شامل ٿيڻ وغيره

154. To live in communes
برادرين ۾ رهڻ (آشرم ۾)
جيئن اڳوڻن ۽ قديم سماجن ۾ ماڻهو رهندا هيا

155. to look for loo
پائخاني جي جاءِ ڳولهڻ 
156. To make a pass at someone
هي اصطلاح طور استعمال ڪيو ويندو آهي،  معنيٰ ڪنهن کي جنسي طور پاسا ڏيڻ يا فلرٽ ڪرڻ وغيره

157. To pay for one’s keep
رهڻ لاءِ پئسن جي ادائگي ڪرڻ

158. To shake off
get rid of
جان ڇڏائڻ، آزادي ماڻڻ

159. To take a siesta
An afternoon rest or nap, esp. one taken during the hottest hours of the day in a hot climate 
ڪيلولو ڪرڻ، منجهند جو ننڊ يا آرام ڪرڻ، جهوٽو هڻي وٺڻ

160. To toss up the towel on the shoulder
ڪلهي تي بوڇن رکڻ

161. To touch the feet
پير ڇهڻ

162. To try doing a headstand in skirt
مٿي ڀر (مٿو زمين تي ۽ ٽنگون هوا م مٿي) اسڪرٽ ۾ بيهڻ جي ڪوشش ڪرڻ

163. To try down one’s worries
پنهنجون مشڪلن کي گهٽائڻ

164. To wash the utensils
ٿانوَ ڌوئڻ

165. Try out
Test: put to the test, as for its quality, or give experimental use to
آزمائڻ
166. Trying to get her out of her sulk
هن کي رسامي/ناراضگي/نخري مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ

167. Ultimate aim of existence
وجود جو حتمي مقصد

 168. Under a whirring ceiling fan
ڌيمو آواز ڪندڙ ڇت واري پکي جي هيٺان

169. Valise
A small traveling bag or suitcase
سفري ٿيلو يا بيگ

170. Water fowl
Anatidae is the biological family that includes ducks, geese and swans
اهڙو پکي جيڪو پاڻيءَ تي تري، کيڏي ۽ مزو وٺي جيئن بدڪ

171. We drove out of Delhi through nondescript, shabby towns
اسين دهليءَ مان نڪتاسي ته بغير منصبوبا بنديءَ ۽ خراب شڪل ۾ شهر نظر آيا

172. We had Sunday to shake off the effects of booz and drugs
اسان وٽ آچر جو ڏينهن هيو، جنهن تي شراب ۽ نشي جي اثرن مان جان ڇڏائي وٺندا هياسين

173. We’d shed our clothes and take turn having sex with different partners
اسين هڪٻئي جا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏييندا هياسين ۽ مختلف پارٽنرس سان واري تي جنسي مزو وٺندا هياسين

174. Weird people
Suggesting something supernatural; uncanny 
عجيب ۽ غريب ماڻهو

175. When I awoke
جڏهن مان ننڊ مان اٿيس

176. While I clung to my handbag, I couldn’t protect my bum and twice somebody felt up my bottom
جڏهن مان پنهنجي هينڊ بيگ کي حفاظت ڪارڻ سنڀاليو ته مان پنهنجو پويون حصو بچائي نه سگهيس اند ٻه دفعا مونکي محسوس ٿيو ته ڪو مون واري پوئين حصي سان شرارت ڪري ويو

_____________
حسام ميمڻ
9/11/2012

No comments:

Post a Comment