Sunday, November 4, 2012

In the gloaming


شام جو منظر

هيءُ شام جو منظر آهي، اوهان هن کي سانجهي به چئي سگهو ٿا، چوڻ وارا هن کي مغرب به چئي سگهن ٿا ته غروب به ۽ غروب آفتاب به، جنهن وقت سج لهندو آهي، رات پنهنجا پر آهستي آهستي ڦهلائڻ شروع ڪندي آهي

(توڙي جو سائنسي حوالي سان سج ڪڏهن به لهندو ناهي، پر زمين پنهنجو چڪر پورو ڪندي آهي، پر اسان وٽ سج لهڻ اصطلاحي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ هر ماڻهو سمجهندو آهي، انڪري سج لهڻ ئي بهتر آهي)

جنهن وقت سج لهندو آهي ته اسين هن کي سانجهيءَ جو وقت چوندا آهيون، ان شام جي لاءِ ، ان لهندڙ سج واري منظر لاءِ انگريزيءَ ۾ پهريان گهڻو ڪري gloaming لفظ استعال ٿيندو هيو، ۽ اصطلاحي ۽ شاعراڻي انداز ۾ ان کي In the gloaming استعمال ڪيو ويو آهي

هاڻي اهو لفظ گهٽ استعمال ٿيندو آهي، پر پوءِ به ڪرڻ وارا ڪرن ٿا، ان شام جي حوالي ، ان سانجهيءَ جي حوالي سان انگريزيءَ ۾ ڪيترائي، ان لفظ جا هم معنيٰ لفظ استعمال ٿين ٿا. جهڙوڪ:

Crepuscle
Crepuscule
Dusk
Evenfall
Fall
Twilight
وغيره

1997 ۾ in the gloaming جي سري هيٺ HBO تي فلم به پيش ٿيو هيو، جنهن جو ڊائريڪٽر Christopher Reeve هيو

In the gloaming جي ئي سري هيٺ Evelyn Tubb هڪ ڳانو به ڳايو آهي

هڪڙو بلاگ آهي، جيڪو هر آچر تي اسڪاٽلينڊ جي شام جون تصويرون هلائيندو آهي، ان جو مسقل عنوان آهي in the gloaming

هي مثال مان انڪري ڏيان پيو جو ڪيترائي ماڻهو چون ٿا ان لفظ جو ڪو دور هيو، پر مٿي مون تازا تازا مثال ڏنا آهن، مطلب اهو لفظ اڃا استعمال ۾ آهي

نوٽ:

Gloam اسم طور به استعمال ٿئي ٿو ته فعل طور به

لفظ جو استعمال:

I met her in the gloaming, he was looking beautiful
They left us in the lurch in the gloaming
There was no Gloam and dusk for you and me
 _________
حسام ميمڻ
4/11/2012




No comments:

Post a Comment