Thursday, November 22, 2012

Message for "Dunya Dil Waran Jee"



دنيا جي سڀ کان بڇڙي شيءِ جهيڙو آهي، مان جهٽ اڳ هڪ جهيڙو ڏٺو، ڪراچيءَ ۾، ٻن همراهن کي نظريه پاڪستان تحريڪ وارا ماڻهو بنا وقفي جي ماري رهيا هيا، ڪو ڪٿان پيو لٺ هڻينس، ڪو ڪٿان پيو ڌڪ هڻيس، ڪو گار پيو ڏيس، ڪو ٿڪ پيو هڻيس، مان هيٺ لهي ويس، پورو پاڙو ڪٺو ٿيو، مولانن هوائي فائرنگ پئي ڪئي، جڏهن مولانا هوائي فائرنگ ڪري پيو ته مان بلڊنگ کان اوچتو هيٺ ڏٺو ته هن جي پسٽل جو منهن مٿي هي، جتان مون ڏٺو پئي، پر قدرتي طور مون ڏٺو پئي، ننڍو هٿيار هيو، ڪاري رنگ جو پسٽل، روشنيءَ تي چمڪي رهيو هيو، مسلسل همرائن ڪري ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيائون، هيٺ لهي ويس، ته خبر پئي ٻه ڄڻا موٽر سائيڪل تي آيا هيا، هو شايد ڌميون ڏئي رهي هيا (اهو سڀ ٻڌڻ ۾ آيو، وڌيڪ خبر خدا کي) پر همرائن کي ماري ماري، پادر هڻي، ساڻو ڪري پنهنجي بلڊنگ ۾ کڻي ويا، پر هيو جهيڙو نوجوانن جو، هيو جهيڙو پارٽين جو ڪو تضاد (وڌيڪ خدا کي خبر)، پر سوين ماڻهو سياري جو رات جو محرم جي هنن ڏينهن ۾، مون ڏاڍو عجيب لڳو، اهو محسوس ٿيو ته ٿورڙي انا جي ڪري ماڻهو الائي ڇا کان ڇا ڪري رهيو آهي، ماڻهو چاهي ته پاڻ تي ضابطو آڻي سگهي ٿو، پر انا ماڻهوءَ جي اندر جي شيطانيت آهي، خودي کو بلند ڪرڻ وارو تصور هن انا کان مختلف آهي، دانشور ۽ سمجهو (هونئن به سڀ دانشور آهن، سياڻا آهن، سمجهي ويا هوندا ته اقبال واري خودي ۽ جهيڙي ۽ بغض واري خوديءَ ۾ فرق آهي)
 

مان دلي طور تي دعا ڪيان ٿو ته جن ماڻهن کي ماريو اٿائون، هاڻي اهو جهيڙو ٽري سگهي، ڇا ٿيندو خبر ناهي، پر جن وٽ طاقت گهڻي هوندي، فتح ان جي ٿيندي، مان هي سڀ هتي نه لکان ها، پر مون کي هن ئي گروپ تي وفا واري ٿيل پوسٽ تي جيڪي ڪمينٽس پڙهيا آهن، پهريان ته پوسٽ ئي بيڪار آهي، اها منهنجي ذاتي راءِ آهي، ۽ ان تي ڪمينٽس ان کان وڌيڪ بيڪار آهن، هن ئي گروپ تي پهريان به هڪ جهيڙو ٿيو هيو، مان ڏٺو هيو، دوستن کي منع ڪئي هئي، پر دوستن گٿا لفظ پئي ڳالهايا، مان گروپ انڪري ڇڏي ويس، جو اهڙيون شيون پاڻ وٽ ناهن، پر وري سجاد چيو مان وري اچي ويس، پر اهڙيون شيون ڏسي مونکي افسوس ٿيو ته هي دوست دل واري دنيا جي سري هيٺ ڇا ڪري رهيا آهن، ڇا انارڪي دل جي دنيا آهي، جي انارڪي دل جي دنيا آهي ته اها شيءِ پوري دنيا لاءِ بيڪار آهي

مان بس ايترو چوندس ته دوست اهڙو ڪم ڪيو، جيڪو واقعي سنجيده هجي، جيڪو ڪنهن جي ڪم اچي سگهي، پر پنهنجي به ڪم اچي، بيڪار قسم جي پوسٽن ۾ ڪهڙو فائدو ۽ ڪهڙو مزو.... اوهان ائين ڇو ٿا ڪيو، مان انڪري به چوندس ته مان هن گروپ تي ٻيهر گهرايو ويو آهيان، ته جوائن ڪيان، پر جيئن ته ميمبر آهيان، اوچتو ان پوسٽ جو مون وٽ به الرٽ آيو، پڙهيو ته دنگ رهجي ويس، ڪهڙي طريقي سان دوست ڳالهائين پيا ۽ ڇا پيا ڪن ۽ ڪهڙيون شيون پيا شيئر ڪن، جيڪڏهن اهڙيون پوسٽون اينديون ان انداز ۾ ڪم هليو ته دنيا ياد ڪندي پر ڪهڙي لقب سان، اهو ذهن ۾ هجي، ناماچاري ٿيندي پر ڪهڙي اها به سڀني سمجهدار دوستن کي خبر آهي، مان پنهجو فرض سمجهيو ۽ سچ ته مان بري طرح متاثر ٿيو آهيان ته اهڙيون شيون ڪنهن ڪم جون ناهن، ان بحث لاءِ ۽ پوسٽ لاءِ منهنجي درخواست آهي ته فورن ڊليٽ ڪئي وڃي، توڙي جو مانائتي سائين مٺل اها ڳالهه چئي آهي ته اها پوسٽ رکي وڃي ته جيئن دنيا ڏسي، ڪافي ماڻهن ڏٺو، گهڻي ٿي وئي، منهنجي درخواست آهي ته مهرباني ڪري ڪجهه خيال ڪيو، سياڻا ٿيو، اڄ منور انگريزي سکڻ واري پيج تي به اهڙي ئي حرڪت ڪئي هئي، پر مان درگذر ڪيو، هر پوسٽ تي جواب ڏنو، وڌيڪ لکيو، هن کي گروپ جو مقصد سمجهايو، توڙي جو هو بنيادي ميمبر آهي گروپ جو، پر پوءِ به هن اتي جيڪا حرڪت ڪئي، ان ڏک ڏنو، وري هتي هي جيڪو به ٿي رهيو آهي، ان جي ئي پوسٽ تي ٿي رهيو آهي

منهنجا مانائتا دوست آهن هن گروپ تي، جن ۾ مٺل صاحب، خود گروپ جو ماڊريٽر سجاد علي، امر گل، انعام شيخ ۽ نثار ٻانڀڻ، ۽ بيا به ڪيترائي، مون هن وقت نالا ذهن ۾ نٿا اچن، پر سڀني کي عرض آهي ته خدارا يا ته گروپن ۾ حصو وٺو، يا ته اهي گروپ ئي بند ڪيو، جتي ائين جهيڙا ٿين ۽ بنا وقفي جي تلخ ڪلام هلن، اهو سڀ ٺيڪ ناهي، سڀ مان وارا دوست آهن، مونکي پڪ آهي، ته منهنجو عرض اگهائبو، پر جيڪڏهن پوءِ به ان گروپ تي اهو ڪم ٿئي ته منهنجو نالو خارج ڪري ڇڏجو

منهنجي وينتي آهي ته ڪوئي به منهنجي ان راءِ تي رنجيده نه ٿئي، ڏک نه ڪري، ائينو هر شيءِ اڳيان آهي، ڪو اصلاحي ڪم ڪيو، ٽائيم پاس ڪرڻ جي ضرورت ناهي، ڪجهه سٺي ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر موڪلائڻ مهل اها ڳالهه ضرور ڪندس ته ماڊريٽر تي سڄي ڳالهه دارومدار رکي ٿي ته هو ڇا ٿو چاهي، جي نٿو چاهي ته پوءِ ماڊريٽ ڪيو وڃي شين کي، شين کي فلٽر ڪيو وڃي، ۽ ڪنهن سان به سمجهوتو نه ڪيو وڃي، گروپ جو ڪو ته مقصد هئڻ گهرجي، انارڪي ڦهلائڻ ٺيڪ ناهي

آخر ۾ سڀني لاءِ دعائون ته کير کنڊ ٿي سڀ گذارن، خوش رهن، آباد رهن!
__________________________________
حسام ميمڻ
22/11/2012
COMMENTS


No comments:

Post a Comment