Saturday, November 3, 2012

Bald man prepares to leave for Europ


ٺوڙهي جا يورپ لاءِ سانباها
================
 ڪالهه جڏهن مان پنهنجي ٺوڙهي دانشور دوست کان اهو پڇيو ته آخر ڇو هو يورپ وڃڻ جا سانباها ڪري رهيو آهي ، هو جهڙوڪ کي نيوڪليئر بم وانگر ڦاٽي پيو.

 چوڻ لڳو:

 اوهان ڪجهه ڪنهن کي نه چئي سگهو،
اوهان ڪجهه ڳالهائي نه سگهو
اهو به ڪو سماج آهي
جتي شاعرن کي پيءَ جي پراپرٽي سمجهي ڇڏجي
جتي آرٽسٽ والد مان اولاد ڪمائڻ جو سوچي
جتي سچ لکڻ کي عيب سمجهيو وڃي
اهو به ڪو سماج آهي
ڇا اهو به ڪو سماج آهي
جتي هرڪو فني خان ٿيو هلندو وتي
چار چڱيون ڳالهيون ڪيو ته اوهان گاريون کائو
اهو به ڪو سماج آهي
جتي غنڊا شهپر وٽي گهمندا وتن
۽ بيغيرت ماڻهوءَ جي عزت هجي
پاڻ ٻڌايو ته مان يورپ ڇو نه وڃان
ڇا رکيو آهي هن سماج ۾
امن ڪونهي
شانتي ڪونهي
طالبنائزيشن حد ڪري ڇڏي آهي
ڪراچي ڪجهه غندن جي ور چڙهيل آهي
اتر سنڌ ڌاڙيلن ۽ بدمعاسن جي ور چڙهيل
معصوم جانيون ماري جنهن سماج ۾ ماڻهو
فخر محسوس ڪن
مان اتي نه رهندس
ڀلا ڇو رهان
ڪهڙي پئي آهي
جو ڪنهن شاهينگ جو کاڄ ٿيان
جان هر ڪنهن کي پياري آهي
ڊانس ڪيو ته خراب
باقي پاڻ ويٺا مجرا ڪن
شراب ڏوڪين
نه هتي فن جو قدر آهي
نه انسان جو!

منهنجي دانشور ٺوڙهي دوست انتهائي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، هو سچ ته ڪاوڙ ۾ هيو، ڇو ته هو مسلسل ماڻهن جي اجائي قهر جو شڪار ٿئي ٿو، هو ٺوڙهو آهي، قدرتي ٺوڙهو ٿيو آهي، هن کي ماڻهن ٺوڙهو ٺوڙهو چئي هن جو نڪ ۾ دم ڪيو اٿائون. جڏهن ماڻهوءَ جي تذليل ٿئي ته اهو ڪيئن رهندو، ڪيترو رهندو، سچ ته کيس وڃڻ گهرجي، مان نٿو چاهيان ته مهنجو دوست آفتن ۾ هجي، اسين هتي ڪافي آهيون، جيڪي آفتن جا عادي ٿي ويا آهن

چڱو اي منهنجا پيارا دانشور دوست، ائين نه سمجهجانءِ ته مان توکي وساري سگهندس، مان جيستائين جيئرو آهيان، تنهنجا گيت ڳائيندو رهندس
چڱو ۽ منهنجا پيارا دوست
_______________
حسام ميمڻ
4/11/2012

No comments:

Post a Comment