Wednesday, November 14, 2012

What is winter blues


Bright light therapy 
or  
Light box therapy
Winter Blues 
  ڇا آهي 
===========
موسمون چار آهن ۽ سياري جي موسم کي انگريزيءَ ۾ winter چئبو آهي ۽ blue لفط جي معنيٰ آهي آسماني رنگ، عام طور تي اها ئي خبر آهي ته blue معنيٰ آسمان رنگ پر ان جي ٻي به هڪ خاص معنيٰ آهي، معنيٰ اداس، غمگين، افسرده يا ياس ۾ ورتل.

Winter blues جي معنيٰ آهي، سياري جي موسم ۾ ڪجهه ماڻهن کي winter blues ٿي پوندي آهي، يعني ڪجهه ماڻهن تي سياري جي موسم ڪي خاص اثر ڇڏيندي آهي، انهن خاص اثرن کي اوهان winter blues چئي سگهو ٿا، پر اسان وٽ ان تي گهٽ ڌيان ڏنو ويندو آهي ته اها شيءِ ڪا winter blues آهي.

رڳو winter blues  نه پر Summer Blues به ٿئي ٿي يعني اونهاري/گرميءَ جي موسم جا به ڪي اثر ٿين ٿا ۽ انهن ٻنهي کي گڏي ڪري SAD يعني Seasonal Affective Disorder چيو ويندو آهي.

ياد رهي ته ان عارضي يعني Disorder کي 1984 ۾ SAD جو نالو ڏنو ويو

SAD جون ڪجهه علامتون:

ننڊ مان اتڻ لاءِ دل جو بي چين ٿيڻ
Difficult to wake up

ننڊ مان اٿڻ تي الٽين جو اچڻ
Morning sickness

حد کان وڌيڪ ننڊ ڪرڻ يا کائڻ
Tendency to oversleep, over eat

خاص طور تي ڪاربوهائڊريٽ واپرائڻ جي خواهش جاڳڻ، جنهن سان وزن به وڌي ٿو
Especially a carving for carbohydrates which leads to weight gain


طاقت جو گهٽجڻ
Lack of energy

ڪنهن شيءِ تي ڌيان نه ڏئي سگهڻ يا ڏنل ڪم کي پورو نه ڪري سگهڻ
Difficulty concentrating on completing tasks

دوستن ، ڪٽنب ۽ سما جي سرگرمين کان بيزاري محسوس ڪرڻ
Withdrawal from friends, family and social activities

جنسي خواهش جو گهٽجڻ
Decreasing of sex drive

بي خوابي
Insomania

اهي سڀ علامتون مايوسي، ياسيت، افسردگيءَ ۽ غمگينيءَ ڏانهن وٺي وينديون آهن، ايستائين جو ماڻهو خودڪشيءَ جو به سوچيندو آهي. اهو winter blues جي ڪري ٿيندو آهي، يعني موسمون ماڻهوءَ جي من تي اثر وجهن ٿيون، ماڻهوءَ جو موڊ موسم آڌار تبديل ٿيندو آهي. اهڙي مايوس ڪن winter blues کان بچڻ لاءِ ڪي علاج Therapies به ايجاد ڪيا ويا آهن،

ڪجهه علاجن جا هي نالا آهن

روشنيءَ معرفت علاج  (سورج جي روشني يا ٻي ڪا هلڪي پر روشن روشني)
Light therapy

ذهني دٻاءَ کي گهٽائڻ جي دوا
Antidepressant medication

وقوف رويي کي سمجهڻ معرفت علاج
Cognitive-behavioral Therapy

۽ ڪجهه ٻيا به علاج متعارف ڪيا ويا آهن ته ماڻهو جيئين سياري ۽ اونهاري جي موسمن جي اثرن مان جان ڇٽي سگهي

پر ان موسمي عارضي کان بچاءَ جا ڪجهه هي طريقا به آهن، جيڪي صحت ۽ موڊ کي بهتر رکڻ لاءِ مناسب ۽ بهتر آهن:

روزاني ورزش ڪرڻ

صحتمند غذا کائڻ

حد کان وڌيڪ پيئڻ (شراب وغيره) يا عياشي يا شاهه خرچيءَ کان پاسو ڪرڻ ان کي اوهان to avoid binge drinking به چئي سگهو ٿا

پاڻ سان پنهنجو ورتاءُ سٺو رکو، ٻاهر گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرو، نيون شيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو، پاڻ کي سٺن ڪمن  ۾ مصروف رکو، جيئن اوهان کي مزو ۽ لطف اچي سگهي

جيڪڏهن اوهان گهڻا مصروف آهيو، ته پاڻ کي ٿورو آرام به ڏيو

ڀلي ٿڌ آهي، پر ان کان لڪڻ به گهڻو سست ڪندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ٿڌ جي موسم جو به مزو وٺڻ جي ڪوشش ڪيو
پنهنجي دوستن کي وقت ڏيو، جيڪي اوهان جي ويجهو آهن، جيڪي اوهان کي پيارا آهن، انهن کان نه ڀڄو، اهي اوهان جي موڊ کي بهتر به بڻائي سگهن ٿا
____________________
 To beat the winter blues
سياري جي موس جي اثرن کي شڪست ڏيڻ، مارڻ، علاج ڪرڻ
____________________
نوٽ:
انگريزي سکڻ ته ضروري آهي، پر ان سان گڏوگڏ معلومات به هجي ته اڃا وڌيڪ بهتر آهي

حسام ميمڻ
15/11/2012



No comments:

Post a Comment