Sunday, November 4, 2012

Our Folk Wisdom


اسان جي لوڪ ڏاهپ
================
 يونان تمام وڏا ڏاها پيدا ڪيا، اصل وڏي ليول جا ۽ يوناني ڏاهن کي پڙهڻ جي لست به هر پڙهندڙ کي رهي آهي، هو ماڻهو به اهڙا هيا، انهن جون ڳالهيون، انهن جا گفتا، انهن جو ڳوڙهو فلسفو، انهن جون ڇڏيل روايتون،  مطلب ته دنيا کي ان تي ناز رهندو آهي ته يونان اهڙا ڏاها پيدا ڪيا

 پر مان سوچيندو آهيان ته جيڪا اسان وٽ سنڌ ۾ لوڪ ڏاهپ آهي، جيڪا عام ڏاهپ آهي ته وڏن هيئن چيو، وڏن هونئن چيو، انهن جيڪو به چيو آهي، مونکي ته الائي ڇو لڳي ٿو انهن جي هر ڳالهه خاص طور تي اسان ماڻهن لاءِ سچ ئي ثابت ٿي آهي، سچ ته يونان جو فلسفو اسان وٽ ايترو پريڪٽيڪل ناهي، جيتريون ڳالهيون اسان جي وڏن جون اسان جي سماج ۾ اثر رکن ٿيون يا حقيقتن کي ڇهن ٿيون.

مان مسلسل وڏن جي ڳالهين تي سوچيندو رهان ٿو ته مونکي انهن جون ڳالهيون ڏاڍو اثر ڇڏيندڙ ۽ عملي لڳي رهيون آهن، يونان اسان وٽ پڙهڻ، بحث مباحثي ۽  مطالعي جي لست کان سوا ٻيو ڪٿي نظر نه آيو آهي مونکي، اهو منهنجو خيال آهي، ضروري ناهي ته ڪير مونسان متفق ٿئي.

مثال رڳو هڪڙي وتائي فقير جو وٺون ته هن وٽ ڪمال جا ۽ ڏاهپ ڀريا گفتا آهن، ڳالهيون آهن ۽ اهي سڀ ڳالهيون اهڙيون ئي آهن جن کي وتايوز فيبلز چئجي ته غلط نه ٿيندو، جيئن يونان جو ايسپ هيو، جنهن جي نالي پٺيان ايسپس فيبلز مشهور آهن.

فيبل ڪهاڻيءَ يا آکاڻيءَ جو اهڙو قسم آهي، جنهن ۾ هر ڪهاڻي ڪو نه ڪو اخلاقي سبق ڏيندي آهي، جنهن کي پڙهي ماڻهو سچ ۽ ڪوڙ، انصاف ۽ بي انصافيءَ ۾ فرق ڪندو آهي ۽ حق تائين پهچڻ ۾ اهڙيون ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون نفس جي پوتر ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجنديون آهن، يعني اهڙيون ڪهاڻيون طنز ۽ مزاح واري انداز يا بلڪل معصومانه انداز ۾ ماڻهوءَ جو ڪئٿارسز ڪنديون آهن.

وتايو سچ ته ڏاهپ جو نالو آهي، جيڪو طنز ۽ مزاح ۾ وڏيون سبق آموز آکاڻيون ٻڌائيدو رهيو آهي، اسان جي لوڪ ڏاهپ رڳو وتائي تائين محدود ناهي، پر ڪيتريون ئي ٻيون شيون به آهن، ڪيترائي ٻيا به ڏاها آهن، جيڪي ڏاهپ جا موتي اسان جي تاريخ ۾ اڇلي الائي ڪهڙي سمنڊ ۾ گهت هنيائون، جو اڄ تائين انهن جو ڏس پتو ناهي ته هو ڪٿي رهندا هيا، ڇا ڪندا هيا، بس ڏاهپ جا گس ۽ ڏس ٿي ڏنائون، ۽ اسان جو پالهو پاند پر ڪري گم ٿي ويا، تاريخ جي عميق سمنڊ ۾ گم ٿي ويا، پر انهن جو ڳالهيون رهجي ويون.

ڪي پهاڪا، ڪي چوڻيون، ڪي ڏٺ، ڪي پيروليون ۽  ڳجهارتون اسان جي لوڪ ادب جو حصو ٿي ويون، سچ ته اهو اڻميو خزانو آهي، سچ ته اها ڏات تحفو آهي، اسان کي ان جي سنڀار ڪرڻ گهرجي، ان شيءِ کي هينئين سان هنڊائڻ گهرجي. اسان کي گهرجي ته اسين پنهنجي ايندڙ نسلن تائين اهڙو شاندار، معصومانه ۽ ڏاهپ ڀريو پيغام پهچايون

اسان جي پنهنجي ڏاهپ ڏاڍي شاندار آهي، ضرور ٻين کي به پڙهڻ گهرجي، پرجهڻ گهرجي ته ٻيا ڇا چئي ويا آهن يا چون پيا، پر پنهنجن ڏاهن کي پٺي ڇو ڏيون بس رڳو انهن کي چمڪائڻ جي ضرورت آهي، ان ادب کي سنڀالڻ جي ضرورت آهي، اهڙي ادب کي سهڻي طريقي سان ڇپائي گهر گهر جنگي بنيادن تي پهچائڻ جي ضرورت آهي

ڪجهه ادارن ماضيءَ ۾ ان حوالي سان ٿورو گهڻو ڪم ڪيو، پر موجوده حالت ان حوالي سان ڪسمپرسيءَ واري آهي، ان تي سوچڻ جي ضرورت آهي ته اسان جون ضرورتون ڪهڙيون به هجن، پر لوڪ ڏاهپ کي لنوائڻ نه گهرجي ۽ ائين لڳي رهيو آهي ته اسان جا ادارا  اهڙن ماڻهن کي اهڙي ڏاهپ کي لنوائي رهي آهن، رڳو ڪجهه نالا آهن، جيڪي هيڏي هوڏي گردش ڪندي ۽ ڇپجندي نظر اچن ٿا، گهڻن تي گهڻو ڪم ٿيو آهي، سٺو ڪم ٿيو آهي، پر لوڪ ڏاهپ جيڪا اسان جي ثقافت ميراث آهي ان کي پاسي ڪيو ويو آهي، ان کي اها اهيمت نه ملي رهي آهي، جيڪا سندس ملڻ گهرجي.
ڳالهيون ته گهڻيون ئي آهن جي واري ڦيري سان  پيون ڪبيون، پر هن وقت مونکي هڪ سنڌي پهاڪو ياد ٿو اچي، جيڪو هن مهل تائين پنهنجي سچائيءَ کي برقرار رکيون پيو اچي

جيڪو چلهه، تي سو دل تي
____________________________
نوٽ
هن ليک ۾ جيڪي انگريزي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن
Catharsis
Aesop’s Fables
Watayo’s Fables
Fable
______
حسام ميمڻ
4/11/2012

No comments:

Post a Comment