Thursday, November 22, 2012

Chetomal social activist of Shikarpur died in 1928


سماجي اڳواڻ سيٺ سوڀراج جو ديهانت
========================

اڄ 20 نومبر 2012 آهي، اڄوڪي ڏينهن ته شڪارپور سان تعلق رکندڙ هڪ سماجي اڳواڻ سيٺ سوڀراج چيتومل 20 نومبر 1928 تي پرلوڪ پڌاريو هيو، ان شخصيت جي حوالي جيڪڏهن ڪنهن به دوست کي وڌيڪ معلومات هجي ته هن گروپ تي ونڊ ڪري.

شڪارپور اهو واحد شهر آهي، جتي جا سيٺيون شهر کي ٺاهڻ لاءِ پنهنجي هڙان وڙان ڏئي ڪري به هڪ ته شهر کي ٺاهيندا هيا ۽ ٻيو اهڙا ادارا قائم ڪندا هيا، جيڪي نه رڳو شڪارپورين کي ڪم ايندا هيا پر بلوچستان جا ماڻهو، لاڙڪاڻي جا ماڻهو، ڄامشوري جا رهاڪو، ميهڙ ۽ سکر، مطلب ته الائي ڪٿان ڪٿان ماڻهو اچي فائدا وٺندا هيا، ان جو هڪ ثبوت اڄ به اسان جي اکين اڳيان آهي، جنهن کي سر هينري هالينڊ جي نالي پٺيان سڏيو وڃي ٿو، جڏهن ته سر هينري هالينڊ فراڊ ڪري سيٺ هيرانند جي پرلوڪ پڌارڻ (گذاري وڃڻ) کانپوءِ ان اکين جي اسپتال، جيڪا پهريان ”هيرانند اکين جي اسپتال“ هوندي هئي انکي ”هينري هالينڊ“ بڻايو ويو.

سيٺ هيرانند پئسن جون ٻوريون ڀري ڊاڪٽر هينري هالينڊ کي ڏنيون هيون، پر هينري ان شخص جا احسان وساري ڇڏيا ۽ هيرانند کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ پئي چاهيو، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڊاڪٽر هينري ڪيترن ئي ماڻهن جي اکين جو علاج ڪيو، اهي نه رڳو بلوچستان کان اتي ايندا هيا پر ٻين علائقن ۽ شهرن مان به، پر جنهن ماڻهوءَ هينريءَ کي ايترا پئسا ڏنا، جيءَ ۾ جايون ڏنيون، ان جو نالو ختم ڪرڻ کيس سونهين نه پيو.

اڄوڪي ڏينهن تي شڪارپور جو هڪ ٻيو سيٺ سوڀراج لاڏاڻو ڪري ويو، جيڪو تاريخ ۾ سماجي اڳواڻ جي نالي سان مشهور آهي، مون کي ان باري ۾ گهڻي معلومات ناهي، پر جيڪڏهن ڪنهن دوست کي ڪا به خبر هجي ته هتي شيئر ڪري
__________
حسام ميمڻ
20 نومبر 2012
Comments
  • Khalid Mirza سائين حسام ، سيٺ سوڀراج چيتومل نہ بلڪہ چيٽومل ھيو ،سمجھان ٿو تہ ٽائپنگ جي ڀُل ٿي آھي. خير سندس جي حوالي سان 1930ع ۾ سکر شھر ۾ معصو م شآھ مناري جي سامهون زنانه ميونسپل اسپتال جي لڳ سيٺ سوڀراج چيٽومل جي خرچ سان ويم گهر تعمير ٿيو، جنهن کي ھاڻ بہ ليڊي گراھم ريڊ ڪراس ويم گهر سڏيو ويندو آھي.
  • Hisam Memon سائين خالد مهرباني، اها واقعي لکڻ جي غلطي آهي، لک لائق اوهان معلومات ۾ اضافو ڪيو

No comments:

Post a Comment