Thursday, November 22, 2012

تنهنجي نانوَ تان صدقي وڃان


هڪڙي ڪلام جي وچ مان ٻول ٿا ياد اچن، جيڪو لاشاري صاحب ڳايو آهي، پر لاشاري صاحب جو نالو به هن وقت وسريو ٿو وڃي:

منهنجو آهين، منهنجو ٿيندين
منهنجو آهين، منهنجو ٿيندين
ڇا ڌڪاريندين ڌڪاريندين اڃا!؟
تنهنجي نانوَ تان صدقي وڃان

ڏينهن ڪهڙي تون الائي
ڏينهن ڪهڙي
هاءِ هاءِ
ڏينهن ڪهڙي
تون الائي واڳَ واريندين اڃا؟!
تنهنجي نانوَ تان صدقي وڃان
نانوَ تان صدقي وڃان!

اچ تون هاڻي دلربا ڇا ڏک ڏيکاريندين اڃا
تنهنجي نانوَ تان صدقي وڃان
نانوَ تان صدقي وڃان!

توکي پارتَ نورَ جي آ
نورَ کان نابين جي
نورَ کان نابين جي
روئندي روئندي سال ٿيا
روئندي روئندي سال ٿيا
ڇا تون روئاريندين اڃا
تنهنجي نانوَ تان صدقي وڃان
نانوَ تان صدقي وڃان!

هي اهو ڪلام آهي، جڏهن اها ڪيسٽ آئي هئي ته اهو ئي ڪلام بار بار شڪارپور ۾ ٻڌندو هيس، ننڍو ڪمرو هوندو هيو، اهو ڪمرو ايترو هيو، جنهن ۾ بس منهنجو پي سي پيو هوندو هيو ٽيبلي تي، هڪ ڪرسي، هڪ ڊيڪ، ڪجهه ڪتاب ۽ هيٺ وڇايل بسترو، اها هندڪي جاءِ هئي، اهو ڪمرو ڪنهن وقت پنهنجي گهاڙيٽي مان لڳو پئي ته عبادت خانو هيو، جتي ڪي مورتيون هونديون هيون ۽ هندو ورهاڱي کان اڳ اتي عبادت ڪندا هيا، پرهڪ ڪمري ۾، ان ننڍي ڪمري ۾ پنج دريون هيو، ساڳ جون، ڇت انتهائي ڊگهي، ٿڌو ڪمرو، ياد ايندو آهي، ته ڳچ ڳري پوندا آهن، اسان جي ان جاءَ ۾ ڪل ملائي 44 رڳو دريون هيون، دالي جي چوگري ڪاٺ جي گيلري به مونکان نه وسري آهي.
اهي به ڏينهن هيا، سڀ ڪجهه بدلجي ويو، هر شيءِ تبديل ٿي ٿي وڃي، خبر ئي نٿي پوي. بقول شيخ اياز جي:

هيءَ عمر وڏي قاتل آهي،
هن ڇا ڇا گهورَ نه گھائي!
_______________
حسام ميمڻ
23/11/2012

No comments:

Post a Comment