Wednesday, October 31, 2012

What is Halloween?


Halloween ڇا آهي؟

ڪالهه رات عيسائين جي catholic فرقي پاران هر سال وانگر 31 آڪٽوبر تي Halloween واري رات ملهائي وئي. منهنجي فيس بوڪ تي هڪ فلپائني دوست آهي، جيڪا منهنجي انگريزي ليکن جي مداح آهي، هن مون ڏي هالو وين جون مبارڪون موڪليون ۽ اها تصوير به ٽيگ ڪئي.

پر رات مان سمهي پيس، 3 بجي کن اٿيس (رات جو)، فريش تي فيس بوڪ تي آيس ته ڪجهه ٽيگ هيا، جن ۾ هڪ ٽيگ هالو وين جو به هيو

مون کائنس پڇيو : ”اوهان هي هالو وين ڇو ملهائيندا آهيو؟“

هن جيڪو جواب ڏنو، مان هيٺ لکان ٿو:
”حسام! جيستائين منهنجو تجربو آهي ته 31 آڪٽوبر جي رات جو گذاري ويل ماڻهن جا روح جاڳي پوندا آهن ۽ ان رات جو ماڻهو ڏائڻين ۽ جنن جهڙا لباس ۽ ڪپڙا پائي اهو ڏڻ ملهائيندا آهن، ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته جيڪي اسان جا پيارا گذاري ويا هوندا آهن، اسين انهن کي ياد ڪندا آهيون، پر اهو اسان وٽ (يعني فلپائين ۾) پهرين ۽ ٻي نومبر تائين ملهايو ويندو آهي.
مان وڌيڪ بيان ڪري نٿي سگهان، ته اهو سڀ ڪيئن شروع ٿيو پر اسين ان کي رويت طور هر سال ملهائيند آهيون ۽ اسانکي ان ڏڻ کي ملهائڻ جي ضرورت به هوندي آهي. اميد ته تون واري بيان ڪيل وصف کي پسند ڪيو هوندو!“
مان هن کي چيو: ” زبردست ، واه جي وضاحت ڪئي اٿي، ان کان وڌيڪ خوبصورت وضاحت جي ضرورت به ناهي، تمام سٺو“

هوءَ خوش ٿي وئي، وري مون کائنس ٻيو سوال ڪيو:
”ڇا تون ڪرستاني آهين (عيسائڻ) ؟“

هن سادو جواب ڏنو:
”مان ڪيئٿولڪ آهيان”

منهنجو تجسس وڌي ويو، وري مون کائنس پڇيو:
”ڇا توکي خبر آهي ته ڪيئٿولڪ ۽ عيسائيت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“



هن جواب ڏنو:
”ڪيئٿولڪ امڙ مريم (Mama Mary) ۾ يقين رکندا آهن، جيڪا حضرت عيسيٰ جي امڙ آهي ۽ هو اسان جو بچائيندڙ (savior) آهي... پر... ڪرستاني... امڙ مريم کي ناهن مڃيندا، مان ايترو ئي ڄاڻان ٿي“

مون کيس جواب ڏنو:
”عيسائيت ته هڪڙو ئي مذهب آهي، پر ان جا ڪيترائي فرقا آهن، جهڙوڪ ڪئٿولڪ، پروٽسٽنٽ ۽ ٻيا وغيره“

هن چيو:
”ڪا ڳالهه ناهي، ٿي سگهي ٿو ائين هجي، پر اهو بهتر آهي ته هڪ عقيدو هجي، جنهن کي ماڻهو مڃي، اهو منهنجو خيال آهي“

اهي سڀ ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ مون کيس چيو مهرباني ۽ مون ڏانهنس هڪ لنڪ موڪلي، جيڪا هالو وين جي حوالي سان آهي،
اها هتي به رکان ٿو، جيڪڏهن ڪير ڏسڻ چاهي.
ان لنڪ لاءِ هن به موٽ ۾ مهرباني ڪئي.

اختتام:
يعني ڪيترائي عيسائي اهڙا به آهن، جن کي اها به خبر ناهي ته هو عيسائي آهن پر پنهنجي فرقي کي ئي هو مذهب سمجهن ٿا.

حسام ميمڻ
31 آڪٽوبر 2012
 ____________________________________
هن ڏڻ جو اصل نالو All Hollow’s Eve آهي ۽ لنڪ هيءَ آهي:

No comments:

Post a Comment